سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :29

 



 

142-  خبر پيئي خان، پنڌن پير پٿون ڪيا،
واٽ آيس ويجهڙي، اڳيان آگي جي احسان،
پُريو تنهن پار ڏي، وٺي رند روانَ،
سامهان تنهن سلطان، وڻ ڏٺا ڪي ويجهڙا.

 

143-  وڃي چڙهيو وڻ تي، سنڀالي سائين،
لعل وٺيو لامن کي، ڪل جا ڪيائين،
صُفو تنهين سڃ ۾، ڏوران ڏٺائين،
هليو اوڏانهين، پُريو تنهن پار ڏي.

 

144-  جان سيفل صُفِي کي، وڃي ويجهو ٿيو تنهن وير،
شينهن ڏٺائين در تي، دهشت ساڻ دلير،
نه ڪو پاڻي مينهن جو، نه ڪِي پکيءَ پير،
فهميدي فڪر ڪيو، ته ڪيئن بر ۾ بيهي شير،
تڏهن کنو کڻي کَنير، ماري ڪُنيل ماد ڪيو.

 

145-   پوءِ ڪڙو قوت سان ڀڃي، گهڙي ويو منجهه گهر،
ته چڱا صفا چار هئا، ڪنهن اڏيا ڪاريگر،
تخت تنهين جو، هو جڙيو ساڻ جوهر،
تنهن سِر سُتو آدمي، پاڪيزو ڪو پر،
پاند کڻي جان پَسي، حريري چادر،
عين هئي آپڇر، منڌ نه ماڙهن جهڙي.

 

146-  چُري پري ڪينڪي، نڪي ڳالهائي،
عجب ٿيو عاقل کي، اِن پر اُٿلائي،
جاري پاس جوان جان وري واجهائي،
تان سونين آکرين ڦرهِي، تنهن لائي لڪائي،
جان دانَہ آڻي در تي، چمي چَت لائي،
تڏهن ڪامل ڪَرَ ساهِي، نازڪ اُٿي ننڊ مان.

 

147-  پر ڦيرائي ڦرهِي، الدر جان آڻي،
ته ستي راڻي سيج تي، ٻڌي ڪنهن ٻاڻِي،
هن صورت مورت سا ڪڍي، سالڪ سڃاڻي،
تان مقابل محبوب جي، هيءُ ٽڙي نه ٽاڻِي،
انهيءَ اهڃاڻي، ڦرهي تنهن ڦٽي ڪئي.

 

148-  پانَوَ پردي پوءِ، ننڊ ٻڌي ڪنهن نار جي،
پڇيائينس پير ڀري، ته هيءُ هنڌ ڪنهن جو هوءِ؟
ت0هن پاڻ تنهين پتشاهه کي، جارون چيو جوءِ:
ته ميان! ديوَن جي دوار ۾ ڪاڏهن اچي نه ڪوءِ،
نَر، ڪيهو نالوء، ڪيڏهن اچين، ڪير تون؟

 

149-  تڏهن منجهان نِرت نياز، چيو شهزادي شعوروند،
ته حالت منهنجي حال جي، قصو دور دراز،
سگهو ڪيو نه ٿئي، منجهان روءِ رياض،
پر راڻِي، چؤتون راز، ڪامل آهين ڪير تون؟

 

150-   تان چئي: ميان! نالي سرانديب، منهنجو شهر گلستان،
بيٽي هيس تنهن جي، جو بادشاهه نجيب،
وهنجڻ ويونسين باغ ڏي، ڪري زينت زيب،
ته پيو واچوڙو وچ ۾، لهي رند رقيب،
تنهن ڪري فڪر فريب، هت آندائين مون کي.

 

151-   تان چئي: آندءِ هن هنڌ ڪيئن، واچوڙي تنهن واء؟
ڪي شڪر جِنّ سَٽ ڏني، ڪِي ديوَ نيو داناء؟
توکي تنهن هنڌاءُ، آيو ڪيئن اُٺاءِ؟
ساري سڌ سڻاءِ، نالو پڻ سلينم تون.

 

152-   چئي: ملڪان منهنجو نان، ماءُ پيءُ مون کي ڪوٺيو،
هت اچي هن ماڳ تي، اکيون پٽيم جان،
تان هئو هيءُ پاتشاهه، لکن ديون سان،
تن مڙني مجرو ڪيو، اڳيان اُسري مان،
طرح نهاري تان، موڪل گهريائون ديوَ کان.

 

153-   سڀيئي ديوَ سڏائي، ڏنائين موڪل،
مون تي مهربان ٿيو، موٽي تنهن مهل،
چئي: مٿئي عاشق آهيان، هي ماڳ سندءِ مومل،
خوش رک خاطر پنهنجي، تون جل مَ جهوريءَ جل،
 ماڻهين پڻهين ڏور ٿيا، توکان هن ٿَل،
هت پکيءَ جي ڀَل، ڪاڏهن اچي ڪو آدمي؟

 

154-   تڏهن شهزادي ملڪان کي اُتو، سچ چؤ سياڻي!
ڪيئن وڃي شوق شڪار جي، ڪيئن اچي ڏينهاڻي،
ڪيئن پياري پاڻي، ڪيئن کارائي کاڄ تو؟

 

155-   ميان! کلي کاڄ ڏئي، اچي اُٿاري ننڊ مان،
جڏهن ڏينهن ٿئي، تڏهن وڃي سيل شڪار جي.

 

156-   چئي: سُتي توکي سيج تي، مدت ڪا ويئي،
تو ليکي ڏينهن گذريو، پر ٻي رات لنگهي ويئي،
هنن ڳالهين ڪنديئي، ويو مهينو گذري.

 

157-   چئي: پڇان ٿي تومان شاهه! ته چؤ پنهنجي چِت جي،
ته ڪير آهين، ڪاڏهن اچين، ڪهڙي سانگ صلاح،
سل ڳالهه ڳجهاندر ڳاهه، ته معلوم ڪو مذڪور ٿئي.

 

158-   چئي: ساراهيان سو ڌڻي، جو صاحب ڀونءِ سماءُ،
سيفل نالو منهنجو، پڇي رکيو پيءُ ماءُ،
ٻَڏي ٻارو تن ۾، سوگهو ڪيائون ساهه،
پُري پرين لئي ٿيس، طالبو توڙاءُ،
آءٌ پڻ عاشق ٿي هليس، جوڙي جهازاءُ،
ڇوليءَ سي ڇني وڌا، ڦِٽائي ڦرها،
اُڀريو گرد غبار ٿي، منجهه ڪري موڙهاءُ،
جت ڏاڍو سنڌ سمونڊ جو، تک گهڻيرو تاءُ،
ساڻم، ست امير هئا، جن کي ڪلنگيون ڪاپاراءِ،
تن ۾ جو وزير مون هو، سو هڏيئي همراهه،
جيڪا رضا ربّ جي، سا مڃي سون موراءُ،
پنڌ ڪري پيدا ٿيس هاڻي هن هنڌاءُ،
تان چئي: ويهه ته ڪريون ڳالهڙيون، اَن ڀيڻ، تون ڀاءُ،
راڻا! تو سين راهه، ڪونه ڳرهيندو ڪو ٻيو.

 

159-   ته ڏنئي جيءَ کي ڪيئن جفا؟ موٽي ملڪان پڇيو،
سا ڪري مون ڳالهه سڻاء، حال سڄو ئي پانهجو.

 

160-  تڏهن روئي راڻِي حال معلوم ڪيو منڌ کي،
ته هئو پاتشاهه مصر جو، هاشم قرب ڪمال،
هيءُ فائق فرزند تنهن جو، سيفل صورت سال،
هئا تنهين جي حڪم ۾ خزانا ۽ مال،
عشق پيو اوچتو، باني بديع الجمال،
هاڻي واحد ڪيو وصال، اوهان سان آڻي ڪري.

 

161-   هيءُ قصو، هيءَ ڪم، جڏهن سُڻائين اُن جو،
راڻيءَ رت رنو، ٿيو ويتر وينگس وهم،
ته ادا! هيءَ جي هئي تتهين، جتي ڄائو ڄام،
ته هوند تنهنجي سور سهم، ڪو دارون ڪيم تنهن ديس ۾.

 

162-  دارون ڪيم تنهن ديس ۾، جي هيس ويجهي وريڻ،
گڏ ڄاوا، گڏ اُپنا، گڏ کاڌاسون کيڻُ،
اها بديع الجمال جا چيئي، سا سڳي منهنجي ڀيڻ،
حورن کان به حسين گهڻو، نازڪ سندس نيڻ،
سڌر تنهن جا سيڻ، پر هيءُ ڪٺڻ جهڙو ڪم ٿيو.

 

163-  چئي: ملڪان خاتون! هاڻ چئو جا اٿيئي ڳالهڙي،
ڪِي چَٽ ڏِيو، چٽ ساڻ، ٿي دل ڌتارين مون سندي.

 

164-  تڏهن ڪامل قسم ڪري، سيفل اڳيان سچ اُتو،
ته جي ملان پيءُ ماءُ کي، ته مونهان سڀ سري،
پر ملڪ وطن پانهنجو، ٿيو اڄ پري،
هوند ڪريان باتيون بديعل سين، لڳي، اُن ڳري،
پر معلوم ناهه مري، ڪِي جيئري آهي جڳ ۾.

 

165-   چئي: تڏهن هزارين هزار، شڪرانا در ڌڻيءَ جي،
چمن ۾ چانڊاڻ ٿي، جيئن سو گل بهار،
تيئن هينئڙو خوش هاڻي ٿيو، لٿا غم غبار،
هيءَ وٽ وڻندي، پيئي پريان جي پار،
پئو الاهي تهار، مانَ ملنئون سپرين!

 

166-  چي: توکي ڇڏي نه ويندوس، جو تون يار جي پار جي،
ملڪان خاتون، مرندوس، يا ماريندس ملعون کي.

 

167-  تڏهن ڪري صلاح پهيائون، ته ڪنهن پر وڙهون هن سان،
دل کي دلگير ڪري، وِڪر وڌائون،
ٻهڳڻ ٿيا ٻائُون، ڪري انديشو پاڻ ۾.

 

168-  ڏکن پٺيءَ سکڙا، چڱن چيو آهه،
هيڪر پڇي ڏينم، ديوَ کان، اها بات بتاء،
ته آهي ڪهڙيءَ جاءِ، ساهه تنهنجو سانڍيو.

 

169-  چئي: هڪ ڏينهن پڇيم ديوَ کان، اِيءُ ڪري ارمان،
ته ساهه تنهنجو سپرين! آهي ڪهڙِ منجهه مڪان؟
من جِي تون مهربان، سڌ سلينم ڳالهڙي.

 

170-  تڏهن هڪل هيبت ساڻ، دليئون اُٿي ديوَ ڪئي،
ته توکي انهيءَ ڳالهه جو، ڪنهن ڄاڻايو ڄاڻ؟
مون اُتيئي ماٺ ڪئي، اهو ڪري ارمان،
ته تون ٿو نين پاڻ، مون هت ڇڏين ٿو هيڪلي.

 

171-   تڏهن مون تي مهر ڪري، دلداري ديو ڏني:
ته ساهه منهنجو سپرين! تو هان ناهه پري،
سخت پاس جزيري، ڀر درياءَ تري،
سو گهو آهه صندوق ۾، ويجهو وٽ وري،
مُنڊيءَ ساڻ مري، جنهن کي هجي سليمان جي.

 

172-  تڏهن گهڻو خوش ٿي خان، ورتو هٿ وينگس جو،
ته مُنڊي آهي مون وٽ، سندي سليمان،
تون اُٿي لاهه آرمان، جو وريو بخت ”بهار“ چوي.

 

173-  پوءِ دانَہ هليا تنهن پار ڏي، جا ڏي اُهو جر،
مُنڊي سليمان جي، ڏيل اُنهيءَ هو ڏر،
سٽيائين صندوق مان، ڪڍي ڪبوتر،
اُڀريو گرد غبار ڪري، هن دؤڙي پوريو در،
ته ٽُڪر ٿيو ٽَڪر، رت وهي ريلو ڪيو.

 

174-  دانَہ ماريو ديوَ کي، ايڏو ٿيس اقبال،
ڀڄي کنيائون پاڻ سان، ماڻڪ موتي مال،
وجهي ترهو تار ۾، نِگيا ڪري نيڪال،
تن کي پاڻيءَ ۾ ٿيا، مهينا پنج محال،
ملوڪن مڇيءَ مان، ٿي ڪيو قوت ڪمال،
اهڙو وٺي حال، اچي ٻئي ڪنهن لٿا ٻيٽ تي.

 

175-   اُت ميوا پسي موڪ، هن مهينو مهلت ڪِي،
نڪا وسئُن ويجهڙي، نڪا جهنگل جهوڪ،
جت ٿي ڦٽايا ٻيڙا ڦُوڪَ، تت هاديءَ رکيو هن کي.

 

176-  ڪُنن ڪشالن ۾، وَڪنا ٿي اواهي،
سيفل ان سمهي پيو، منڌ ڪشي ڪاهي،
واڳو وات وجهي ڪري، رمي ٿيو راهي،
ملڪان خاتونءَ مام سان، ڪِي قاعل آگاهي،
ته همت، هٿ همراهي، اُٿي گهر الله کان.

 

177-  تڏهن سيفل اُٿي سنڀريو، تاءُ ڏيئي کي تن،
ڇِڪي ڇڏائي ڇوهه مان، واڳوءَ کان ساوَن،
شهزادي شمشِر سان، بدو ڪيو ٻَه کَن،
پريان ڦردي پن، وڃي ترهو ترندو.

 

178-  وڃي ترهو ترندو، ڪيو خير خداءِ،
هن کي ڪل ڪانه پوي، موران سندي ماءِ،
اڳيان آين اوڏڙي، ڪا جزيري جاءِ،
منڌ تتي موٽاء، رهيا مهيني راتڙيون.

 

179-  تڏهن ميوا ميڙڻ ڪاڻ، سيفل ويو سنڀري،
عاقل کي آواز ڪن پيو، آدم جي اُهڃاڻ،
تن کان پڇيائين پير ڀري، منهن مقابل پاڻ،
اوهان ڏٺي مون ڏينهن ٿيا، اڄ مهر ٿي مان ساڻ،
توهين ڪڄاڙي ڪاڻ، هت گهمو ٿا هيڪلا؟

 

180-  چئي: هڪ شهزادي شان سين، ملڪان نانءُ ويتر،

سا ڀائٽي تاج الملوڪ جي، سونهن قراري سر،
اُها ويئي، ووڙيندا وتون، نهارندا نينگر،
ماڻس پڻس وڃي پيا وڏي وهم وڪر،
آڙهه ٻجهي ٿو ايڏهن، اُتهون زور آپر،
هاڻ گهمي وڃون ٿا گهر، اُهو ڪيئن لڌوسون آدمي.

 

181-   تڏهن مانجهيءَ مبارڪ مير، اچي ملڪان کي ڏني،
ته شڪر ملياسين سپرين، ڏانهن ساڙيهه سڌير،
پرسن پتيجا ڏنا، نياپا ساڻ نظير،
اها هجيئي کير، جو اڄ ڏٺاسون آدمي.

 

182-  تڏهن ملڪان اُتو، سچ، ادا! آهي ملڪ اسان جو،
هاڻي ڏک لٿا سک ٿيا، ڳالهه ڀانئي ٿي ڳچ،
تون ڀي سنڀري اچ، ته اٿي هلون اِن سان.

 

183-  اُتان ٻيئي اُٿيا، دانَہ تنهين دم،
سمجهايو سلطان کي، ڪامل چئي ڪم،
رکيا شاهه شرم، هاديءَ هتي هن جا.

 

184-  جڏهن هليا هوءِ، موٽي پنهنجي ملڪ ڏي،
تنهين ساڻ تيار ٿيا، دانَہ ڄڻا دوءِ،
ڏسڻ منجهه فقير هئا، پڇيا ڪنهين نه پوءِ،
وڃي لٿا لوءِ، ٿوري گهڻين ڏينهڙي.

 

185-   تڏهن ملڪان ويهاري، هليو شاهه شهر ڏي،
تان اڳيؤن چڙهيو شير شڪار تي، جان نرمل نهاري،
هي ويهي رهيو وات تي ته هو مَرُ مِروُن اچي ماري،
پوءِ دانَہ وڃيو در اُتي، ٿو عاريضو ڪاري،
نه وڃڻ ويچاري، ڪونه اندر ڇڏي اُن کي.

 

186-  تڏهن لکي مڪائين، هن پر عريضو شاهه ڏي،
ته درد ڀريو ڪنهن ديس کان، آيو ڪبوتر ڪائين،
وڃي ماڙيءَ هيٺان موٽيو، چوڻو چڳيائين،
صبحاڻي سائين! متاڻ ڪو خيال خاطر تي ڪري.

 

187-  خاص لکي تنهن خط، کڻي هلايو حضور ۾،
سو آڻي ڏنو شاهه کي، ڪنهن سنڀالي ستت،
پڙهِي پُرجهي تنهن جو، اُن پروڙيو اَت،
ته مهلت ڪريو مت، او آڻيو وٺي آدمي.

 

188-  تڏهن سيفل ڪيو سلام، اچي اُت آزي ڪري،
جا پَرِ پتشاهن جي، سا تنهن ڪِي تِت تمام،
قابل پڇيس ڪلام، ته ڪاڏهن اچين، ڪير تون؟

 

189-  تڏهن شهزادي شعوروَند، ڪيو اڳيان هيءُ آلاءُ،
ته ڄائس ملڪ مصر ۾، اُتي اٿم پيءُ ماءُ،
مون کي ڏينهن ڇڏي ٿيا، ڪارنهن ورهه سڄاءُ،
ڪُر، ڪشالا ڪيترا، لُڙ، لهريون ۽ واءُ،
هاڻي دلگير دور ٿي، سکن پيو سماءُ،
آيس تو اڳيانءُ، آگي جي احسان سان.

 

190-  اڳيان تاج الملوڪ جي، ويٺو هو وزير،
پڇيائين پانَوَ کان، نرتئون هيءَ نظير،
ته مصر جي ملڪ جو، تون ڪو آهين امير،
ڪِي فراقي ٿئين فقير، ڪِي پيوند آئي پنڌ جو.

 

191-   چئي: آهيان آءٌ امير، يار! مصر جي ملڪ جو،
ٿيس فراقان فقير، درد هڻي درويش ڪيو.

 

192-  حالت پنهنجي حال جي، تڏهن چيائين،
سندي سيفل ڳالهڙي، جڏهن ٻڌائين،
اتي تاج الملوڪ جو، ميڙو ڏٺائين،
وري پڇيائين، درد پنهنجي دل جو.

 

193-  ته يار! ڏٺئي ڀائٽي منهنجي، ملڪان سندس نانءُ،
وئي تنهن کي وير، ٻرهن ورهيه ٿيا،
تون گهمين جوان جهان، آءٌ اِئين ڀانئيا،
اُها ڪٿاهين ڪا، ڏٺئي اِن قريني ڪامڻي؟

 

194-  تان چئي: سڻ مون کان پاتشاهه! سنيها ساري،
آءٌ آيس تو مَڻِي، سڀ اِها اختياري،
دٻائي آديم ديوَ کان، منڊيءَ سان ماري،
سا ٻاهر ويهاري، هُت ڇڏي مون هيڪلي.

 

195-   تڏهن ڏنا نياپا نار جا، اتي ڪامل چڱيءَ ڪار،
تنهن مان تهان پوءِ ڪيا، سهج وڏا سرڪار،
پاڻ پيادو پاتشاهه، پُريو تنهين جي پار،
چاچِي ڀائٽيءَ پاڻ ۾، ناز وڏي سان نار،
ڪري ڪوڏ ڪنوار، منڌ آڻدائون محلات ۾.

 

196-  منڌ آندائون محلات ۾، پردي ساڻ پناهه،
قصو سڀ ڪري ويئي، پٽي آڳيؤن پتشاهه،
ته پاسي پري مَ ڪِجا، ري سيفل ماندو ساهه،
آڻيو لڳ الله، متان هوئي هِت هيڪلو.

 

197-  هُو هوندو هِت هيڪلو، ورنہ ويچارو،
سو پانَوَ پيءَ کان اڳرو، ڪنان ڀائن ڀلارو،
چئي ڇئبو ڪيترو، سڀ قصو سارو،
تڏهن سيفل سونهارو، اندر آندو اُن وٺي.

 

198-  سيفل صورت سونهڻو، آپر آوڙيونِ،
ملڪان خاتون مام سان، پَر ۾ پرجهايونِ،
وڏو وهم ٿيونِ، موٽي تنهن ملوڪ جو.

 

199-  تڏهن پيتائون شراب، ٽي راتيون ٽي ڏينهڙا،
سوين ساز سرود ٿيا، رانديون رنگ رباب،
پسي خصلت خان جي، حرمن ڪيا نه حجاب،
چون ’ادا، ادي‘ پاڻ ۾، منجهه آهين اِنهين آب،
اِنهيءَ شرط شتاب، سوار مڪائون سرنديپ ڏي.

 

200-  هَت وڃي هسوار، ڪِي معلوم ملڪان کي سڏي،
شاديون ٿيون سرنديپ ۾، هزارين هزار،
پاڻ پيادو پاتشاهه، پُريو تنهين جي پار،
ملڪان رنو ماءُ پيءُ سان، آپر ڪڍي پار،
شهزادي کي شاهه ڪِي خوشيءَ سان کينڪار،
آءُ مٿان تو گهوريو، سؤ لِڱا، سئو وار،
ساري سڀ ڄمار، تنهنجي ٿوري پڄان نه هڪڙي.

 

201-  لڳي دمامين چوٽ، ملڪان وٺي موٽيا،
سرپايون سيفل کي، ڪامل بخشيا ڪوٽ،
تون پٽ، آءٌ پيءُ، تنهنجي آڌر اوٽ،
هي گهوڙا، ٻيلي، گهوٽ! پنهنجي هٿ هلاءِ تون.

 

202-  ڪيائون سرهو سيفل کي، ڏيئي دلداري،
موٽي ملڪان ڏي ويو، عاقل اعتباري،
تنهن حالت ساري، پڇي ڌتاري ڌيءُ کان.

 

203-  حالت ملڪان هيءَ، اڳيان پَرٽي، پيءُ جي،
ته هن جيڏي ڪونه ڪري، جفا مٿي جيءَ،
اِن مون کي ائين ڏٺو، جيئن ماءٌ کي ڌيءَ،
سُڻي جهليس سيءَ، سندي سيفل ڳالهڙي.

 

204-  موٽي وٽ ملوڪ، وري وهلو جان ويو،
مون سان تنهنجو ملڪان، قصو سڀ ڪيو،
ڊڄ نه ڪنهن جي ڊاوَ ڀئِي، تنهنجي وار نه وهم ٿيو،
ائين ڀانء پيو، ته اٿم پاتشاهي پانهنجي.

 

205-  تڏهن ڪُرمش تِت ڪري، چيو شهزادي شاهه کي،
ته قبلا! اسان کي اوهان ڏنهن، ڪونهي زيان ذري،
سهسين ڀَتين سک ٿيا، ويا پاپ پري،
جنهن لئي جفا جيءَ ڪئي، تنهن کي پسان پير ڀري،
تنهن جي وٽ وري، سُڌ ڪريو سلطان ڪا.

 

206-  چئي: اڄ پڄاڻان پوءِ، هت ايندا ڏهين ڏينهڙي،
ملڪان، ماڻس تنهنجو، حال چونديون هوءِ،
پهڻ ڀِي پگهربا، سڻي سيفل سور سندوءِ،
ديکان ديکي دوءِ، محبتي مانَ ڪري.

 

207-  تڏهن اهڙيئي آچار، ويٺي ڏٺو وير ٿي،
وڃي بيهي واٽ تي، پيو ڏسي اڻ پار،
ڏک ڪاٽي ڏينهن لنگهيا، باقي رهيا پنج چار،
چڙهيو شاهه شڪار، سيفل کي ساڻ ڪري.

 

208-  ويندي لنگهيا وير کي، ڏينهن ست ڪِي اَٺ،
ڏٺائين ٻاريندو ڪاٺيون، بيٺو مٿي بَٺ،
هيڪر اُتي هٽ، سيفل سڃاتو سعد کي.

 

209-  سڃاتائين سعد کي، سهي ڪري سعد،
دوس گڏيس دل جو، جو هوس يقينا ياد،
هڏ نه ٿيو هيڪاندِ، سيفل اڳيان شاهه جي.

 

210-  سڃاتائين سعد کي، سونهاري سردار،
ڪوٺي اُتائين ڪَنَ ۾، خاصي خذمتدار،
هيجان حالت پانهنجي، پهچ پري پردار،
جانسين موٽان ڏنهن شڪار، تانسين هو هن تي.

 

211-   تنهن منجهان ڏمر ڏاهه، وڃي ويچارو وٺتو،
سگهو سو سمجهي ويو، ٿو ڪري آزيون آهه،
ته ڪهڙي ڪاڻ گناهه، ٿو ميان مون کي جهلئين؟

 

212-  وير اُنهيءَ روئي، هن حال وڃايو پانهنجو،
جَنيل تنهن جوان کان، پَٽ ڪري پيئي،
هٿ ٻنڌي ٻيئي، وٺي نيائينس پاڻ سان.

 

213-  هن چيو چوايو، تان ٻانهِي ٻاهر نه ڇڏيو،
تان شهزادو شڪار ڏنهن، موٽي جان آيو،
تنهين ويل طلب ڪري، فائق فرمايو،
ته اُهو آڻايو، جو مون ڏٺو آدمي.

 

214-  تڏهن وَهندو وٺائي، آندائون عاقل کي،
سيفل، سعد وزير سان ٿو ڳُوڙهو ڳالهائي،
ٿو اُتي آلائِي، پر سگهي ڪين سهم کان.

 

215-   تڏهن دل وٺي دلگير، ويهاريائينس وٽ ۾،
کارائيانس کاڄ، مهندان پنهنجي مير،
ڊڄ نه ڪنهن جي ڊاوَ ڀِي، سرهو ٿيءُ سڌير،
سڀ سل مون ڳالهڙي، جيڪا ويڌن ويِر،
تڏهن تنهن فقير، اُکيڙيا ڦٽ آهه ڪري.

 

216-  ته بُلبل سندا باغ، ڪڏهن هئا گل گل چاهه چمن جا،
سي اڄ ويندا رهيا، تن جي دانهن زماني زاغ،
متان دل جا سڻي داغ، ڪو صاحب کي سوز ٿئي.

 

217-  چئي: ڀولو هڏ مَ ڀانءِ، دقت ٿيندي ڪانڪا،
ثابت ڳالهه سڻاءِ، ته سندءِٰ سوز سهي ڪريان.

 

218-  چئي: هاشم نانءِ امير، جو مصر جي ملڪ جو،
پٽ اڳيان تنهن پاتشاهه، هوس آءٌ وزير،
گڏ ڄاوا گڏ اُپنا، گڏ پيتوسون کير،
ٿيو عاشق اوچتو، مٿي مورت مير،
ڪيو مسافر ماڳ تنهين، کڻي سڪ سڌير،
سو جدا جهازن مان، ٿيو تختن مان تا غير،
قسمت ڏاڍو ڪِيرُ، جنهن آڻي وڏو هن ڏيهه ۾.

 

219-  تان چئي: هاشم پٽ امير سين، ڪا هُيئي ريجهه رهاڻ،
گهڻا ملڪ گهمي ڪري، آئين هت تون هاڻ،
اُنهين جي اُهڃاڻ، ڪو ٻيو ڏٺئي آدمي؟

 

220-  ووءِ ووءِ ڪندو وت، تنهين ڪاڻ جهان ۾،
چئو ڪا جنس جوان جي، ڪهڙي قد قامت؟
اسم ڏس اُن جو، ڀيري ڀليءَ ڀت،
ڏي سندي اُن سُرت، ته تنهنجو سور سهي ڪريان.

 

221-  چئي: طرح طبيعت تو، تنهن سڪان سلابت کي،
نانوَ پڇين جنهن نر جو، سيفل سندس هو،
سعد ڀي تنهن جي سوز ۾، سڙيو وتي سو،
اهو ته ڄاڻان ڪيئن ٿيو، بر بحر خشڪيءَ ۾.

 

222-  ٻيڙا علحدا عاج جا، ۽ سونا تخت صندوق،
سٺ اُمرائن اهڙي، جي مڙيئي محبت ملوڪ،
سٽيا جت سمونڊ ٿي، تتي ڪل نه پيئي ڪوڪ،
هي اچي هيڏي پيو، سنديءَ قسمت روڪ،
مير مري ويا موڪ، بر بحر خشڪيءَ ۾.

 

223-  تڏهن نالو ٻنڌي پانهنجو، ڪيائين سعد سهي،
تخت تنهين تعظيم تان، پيو لڄاوند لهي،
سرهائيءَ سک مان، ويو وِير وَهي،
تنهن ثابت سعد سڃاتو، منجهان سڪ صحي،
راجا راز رهي، پيو اُجهامي اُتهين.

 

224-  تڏهن ائين اُتائون، ته هي ويري آهي وير جو،
مُٺين، لَٺين مار سان، ڪُٽي ڪڍيائون،
منجهه عقل آندائون، کَنُو کي آب گلاب سان.

 

225-  جڏهن سُڌ ۾ ٿيو سلطان، تڏهن پڇي بردارن کي،
ڪاڏي ڪيو، ڪيڏانهن ويو، هو جو هٿ جوان؟
اُٿي آڻيو سو وٺي، منهنجو ساهه سندو سامان،
ڪهڙو ڪري گمان، اوهان ڪوهه ڪڍي ڇڏيو؟

 

226-  تڏهن ڊوڙيا جاءِ بجاءِ، ڃولهڻ ڪاڻ فقير جي،
پڙهو ڦيرايو پاتشاهه، موتين ٿالهه ڀراءِ،
ته ڪو پيسن وٽ پيدا ڪري، لهي نانءَ خداءِ،
تيتر روئِي راوت لاءِ، حال وڃايائين پانهنجو.

 

227-  تڏهن ڪِي زادي، ڪِي زر، شهزادي شعور ڪيو،
ڦولهڻ ڪاڻ فقير جي، پيٺا درون در،
هي ڏورين، هُو لڪي گهڻو ويچارو، ويتر،
ڪنهين ماڳ مڪر، هن حيلن سان هٿ ڪيو.

 

228-  تڏهن سهجي سلام، ڪيا اچي سعد حضور ۾،
چئي، ادا! اوري آءٌ تون، لاهه ملاحظو مام،
آڳي سڀ اگهائيا، قادر سڀ ڪلام،
آگي سڀ اگهائيا، قادر سڀ ڪلام،
ڪوپ پيتاسون جام، سورن جا سنسار ۾.

 

229-  تڏهن سعد ڀي سڃاتو، سچ هيءُ سيفل آهه،
تنهن روئي ريهون ڪري، ڀڙ ڀاڪر پاتو،
ڪري ويٺا پاڻ ۾، اندر اوراتو،
ڄاڻندڙن ڄاتو، هڪٻئي جو حال ڏسي.

 

230-  راوَ روئڻ جي راز ۾، ٻهڳڻ پيا ٻيئي،
سڌ سرانديبي شاهه کي خبر جا پيئي،
سو اُٿي آيو اُن ڏي، پڇي سڀيئي،
تنهن دلداري ڏيئي، وٺي ويهاريا وَٽ ۾.

 

231-  جڏهن ڪوسا ٿيا حمام، وهنجڻ ڪاڻ وريام جي،
لاهي گنديون گودڙيون، پَٽ پهرايس ڄام،
فرشين فرش پيا، طرحين پڪا طعام،
هزارين حاضر ٿيا، اچي گولا ۽ غلام،
ويهاري وريام، تنهن کان خان پڇيون ٿي خبرون.

 

232-  تڏهن سعد سخن ڪيو ايءُ، جڏهن رضا ٿي ربّ جي،
هڪڙي دڙ ٻڙدونس درياء جي، ٻيو دهشت جهڙو ديو،
تختا سب تالان ٿيا، رهيو هڪ تختي تي هيءُ،
جت نه هو ملاح نه مِيُ، لهرن تت لپيٽيو.

 

233-  ڇهين مهني جر مان، هي لهرن لنگهائيو،
تان جزيري جي جاءِ کي، جڏهن اوڏڙو آيو،
تڏهن سنبهي ڪيم سعيو، ڪارڻ پنهنجي قوت جي.

 

234-  هو جزيرو خشڪيءَ ۾، ميوا تت مهين،
سنجهن جي داڻن ري، ٻيو هڏ هئو ڪين،
سو مون آب امين، الله آهر اختياريو.

 

235-  ڪنهن ٻئي مهيني ٻيٽ، اچي وير! ٿيس ويجهڙو،
اُن باداميون بسيار هيون، ٻيا ميوا مٺي ميٺ،
ڪارڻ هڪڙي پيٽ، کڻي کڻبا ڪيترا.

 

236-  اُتم ٿي ارواح کي، ته ڏينهن ٻه ٽي گهاريو،
ته زوريءَ زنگين ورتو، ڪم قضا ڪاريو،
ڪي چون ڪَهو کڻي، ڪي چون مَ ماريو،
نيئي گهر بيهاريو، هي ٿيندو ٿلهو ٿوري ڏينهڙي.

 

237-  تڏهن ڳاروپايو ڳَر، وٺيو وتنم پاڻ سان،
ڀڄيو مغز بادام جا، ٿا گَونٽ کارائين گهر،
ائين اتي اُن پر، ٿيس ٿلهو ٿوري ڏينهڙي.

 

238-  تان ويهي ڪيائون ولهه، پِٽين مجلس پاڻ ۾،
هي پهرُو نيو پاڻ سان، پنهنجي ڏنہ پتشاهه،
اڳيان آين اوڏڙي، ڪا ڀَري نئن نگاهه،
پيارو ٿين ساهه، تري نه ڄاڻن تار ۾.

 

239-  ههڙيءَ ويل ورِي، ڪڏهن لهندس ڪانڪا،
ڇڪي ڇڏائي تن کان، ويس پاڻي تار تري،
اُها جُوءِ مون کي آئڙي، منجهان خيال کري،
ويندس ماڳ مري، ته به هنڌ نه پڄندس ههڙي.

 

240-  اتي لڳ آساس، رهيس راتيون ڏينهڙا،
پڙ پيس تنهن قوم جي، جنهن جو نانءُ نجاس،
هڪ اڳئي عشق اُداس، ٻيو پڄي پاتائون پڃري.

 

241-  سي سائو گاهه سوير، پائي ڏيندا هئا پڃري،
گاهه نه کائي آدمي، هي ٿا هيرائينِ هير،
سُورن لايا سير، دهشت کان دانهون ڪريان.

 

242-  دهشت کان دانهون ڪريان، هو ٿا لوڏين لام،
ڳالهين ٻولِن پاڻ ۾، ڪُپَر ڪن ڪلام،
خوش ٿي کلن خام، ته هيءُ لَنوين ۽ لاتيون ڪري.

 

243-  هيڪر پڃرو پَٽ تي، ڇوهان پين ڇڻي،
مون ڀي ميوا کارڪون، کاڌيون اُت کڻي،
تڏهن مون کي واهه وڻي، کارائن ٿا کارڪون.

 

244-  ڪنهن ڏس ڏنن ڏاهِي، ته هيءَ پکي لائق پاتشاهه،
سي چڙهيا سائر سامهون، سڙهه اولا ساهي،
ڪشتين کي ڪاهي، نيئي واءُ وڌو ٻدءَ واٽ تي.

 

245-  واوَ وڌو ٻيءَ واٽ تي، جت ملڪ ئي مسلمان،
نڪتو ڪٽڪ ڪوٽ مان، جريدو جوان،
بدو بي ايمان، اچي ماريائون مهت سان.

 

246-  ڪشتيون مال متاع، وٺي آيا شهر عمان ۾،
سعد ڀي تنهين سين ٿي ڪيو، ڪاٺيون، پاڻي، گاهه،
اهڙو ئي الله، جيئن مولِي پرين ميڙيا،

 

247-  تڏهن پڇيس شهزادي، ته ادا! اهي هئا ڪهڙا آدمي؟
جن پاتئي ۾ پڃري، سي سل ته سڻيان ڳالهڙي.

 

248-  چئي: هٿ منهن ماڻهن جهڙا، اُٺن جهڙا پير،
پُڇ دُنبي جهڙا، هئا حيوانن جِي هير،
کين ڏونگهيو، کارڪون، پاڻوواڻا ٻير،
سائو گاهه سوير، پائِي ڏينم پڃري.

 

249-  جڏهن ويو ڪري سب قصو، سعد حقيقت حال جو،
پڇيائين پانَوَ کان، تڏهن تنهان پوءِ،
جنهن لئي جفا جيءَ ڪيئي، پَرَبُونءِ پنڌ پيوءِ،
ڪنهن ڏيهه ۾ ڏس ٿيوءِ، قريبن جو ڪٿهين؟

 

250-  چئي: اڃ صبح ايندام، دلبر هن دوار ۾،
منهنجي ڪارڻ مِنِٿُون، ملڪان جن ٿيندام،
ڏسڻ سان ڏيندام، ماڻهو شال مبارڪون.

 

251-   تڏهن گهڻو سرهو ٿي سعد، شڪرانا شروع ڪيا،
ته ملندا پرين، مُهت ٿيو، ڌڻيءَ ڪيو سڀ داد،
پخششون، ”بهار“ چوي، مڱندن سليون معتاد،
لٿو فلڪ فساد، غم ۽ غير غبار جو.

 

252-  پنڌ ڪشالا محنتون، سڀي ساب پيام،
ڏس پريان جي ڏيهه جا، ڏاتر ڏياريام،
قادر ڪم ڪيام، شل جانب ايندا جُوءِ ۾!

 

253-  چيو سيفل سعد کي، منجهان دل دماغ،
هل ته ڳرهيون ڳالهڙيون، باتيون اندر باغ،
ميٽيون من جا داغ، پي پيالا پاڻ ۾.

 

254-  خيما خوشيءَ مان هڻي، پيتائون شراب،
نازن، سازن سُر ٿيا، رانديون رنگ رباب،
ته سامهون ٿيو سوجهرو، مشعلي مهتاب،
پڇيو مير وزير کان، تنهين جاءِ جواب،
ته ڪهڙي اڄ حساب، باهه ٻري ٿي باغ ۾.

 

255-  چيو وزير وراءِٰ، اڳيؤن شهزادي شاهه کي،
ته وڄ مَ انهيءَ پار ڏي، پري پير مَ پاءِ،
سلطان سرانديب جي، جشن ڪيو اِن جاءِ،
هن کي خبر نه ڪاءِ،
ته ڪو دوس آيو منجهه دائري.

 

256-  ساراهيان سچو ڌڻي، جو قادر جوڙي ڪم،
ڏئي ڏاڻ وڏاندرا، لاهي غصا گوندر، غم،
گلستان جون گُجريون، آيو کان ايرم،
جن جون بيٺڪون باغن ۾، اوتارا اُتم،
انهيءَ واس وهم، اچي هوءِ ڪيائون هنڌڙا.

 

257-  هوءِ ڪيائون هنڌڙا، عطر ساڻ عنبير،
گل ڦل سڀ گلزار ٿيا، سونا فرض سرير،
چمن کٿوريون چڪيون، حوض گلاب حرير،
ايڏيءَ ساڻ اُڪير، اچي مليون سي ملڪان کي
(1).

 

258-  مليون سي ملڪان کي، ۽ ملڪان ملي تن(2)،
خوبان کان خبرون، ٿيون پَرياڻيون پڇن:
ادي! تنهنجو اُلڪو، هو جيڪي آبي جن،
مڪا هئاسون مُلڪن تي، جارون جاسوسَن،
خبر پيئي ڪانه ته ڪا دغا ڪِي ديون،
توکي آندو ڪن، بربحر خشڪيءَ مان وٺي؟

 

259-  اُتائينس احوال، ته چوندي سانءِ چٽو ڪري،
ٿيندو نه ٿورڙي ۾، سڀ قصو سرحال،
آن سين ڪنديون سين پاڻهي، هيڪڙو هي حال،
ڀري جام جمال، پِيون پيالا پاڻ ۾.

 

260-  وٽيون وراهين ٿيون صراحين ساقي،
حورئون ناز حسين ڪيا، سربانو باقي،
تاڙيائون طاقِي، غم غصي غيرت جي.

 

261-  عطر، مشڪ، عنبير جي، ٿي کيڏ کڙي خوشبوءِ،
هيڏانهن به مهتاب ملوڪ ڪيو، روشن روءِ بروءِ،
تڏهن پرياڻين پاڻ پڇو، خاطر منجهان خوءِ،
ته هن جريديءَ جُوءِ آهي سرتيون ڪهڙو سوجهرو؟

 

262-  تڏهن ملڪان جي ماءُ، اُتو اڳيان هي اُهڃاڻ،
ته جنهن ماريو ديو مٿانگرو، تانگهِي نير نياڻ،
تنهن آندي امانت ڪري، شامل صورت ساڻ،
اُهو اسانهجي باغ ۾، ماڳ آهي مهماڻ،
ٿو پرچائي پاڻ، هن گلزاري گلن ۾.

 

263-  تان چئي: سکر سٻوجهوِ سپرين، اَڪابر آهي،
جنهن دٻايو ديوَ کي، لپيٽي لاهي،
ڏسڻ پيو ڏاهي، اُٿو ته هلون اُن پار ڏي
(1).

 

264-  گل ٽڙيا گلزاري، چوڌاري چمن جي،
هڪڙو اوش انگن جو، ٻي سلابت ساري،
ٽي صورت سونهاري، ٿي چمڪي چوڏهين چنڊ گهاءِ.

 

265-  دان دلوچا دلمچا، تن سر سٽيا سيئي،
پريون پرياڻيون پد مڻيون
(2)، ٽپ اُٿيون ٽيئي،
کرد ڪيائون گلڙا، ڏيکاري ڏيئي،
ڪا جا نَگہ نَرتي، وڃي پرياڻيءَ پيئي،
تنهن کي سار سنڌان ويئي، پسي حسن حيران ٿي.

 

266-  نار نهوڙِي نُور، ۽ نُور نهوڙيو نار کان،
پسي ملوڪ مصر جو، ٿي حيراني کي حور،
تير لڳس تقدير جو، گهائي اندر گهور،
سڪ سيفل جي سور، چوٽيءَ تائين چُور ڪِي.

 

267-  چوٽيءَ تائين چُور ٿي، سگهي ڪين چُري،
جيئن هڻجي بندوق هرڻ کي، ڏيئي طرح تري،
کڻي پير نه پرتي، پوي ڪاريهر ڪِري،
اندر ناوڪ نينهن جي، گهايس منجهه گهڙي،
متيون وييون منڌ کان، ويل تنهين وسري،
ڏيئي ڳاٽ ڳري، هيءَ بيٺي حيران ٿي.

 

268-  ڪنهن ڇِڪائِي ڇِڪ، متيون وييون منڌ جون،
چوريءَ چمن مان ٿي وجهي لياڪا لڪ،
سنديءَ سيفل سڪ، جهوريءَ جهڻڪ جهني ڪئي.

 

269-  پاڻ هلون ٻيئي، ملڪان اُنس مام ۾،
پسون زيب جوان جو، وٽ تنهين ويهي،
پرياڻيءَ پاڻ چيو، دهلجي ديهي،
ته اسان آدم ذات سان، آهه قرابت ڪيهي،
سرتيون سڀيئي، موٽو ته وڃون ماڳ تي.

 

270-  تڏهن خوبان ساڻ خيال، موٽي اُتو مير کي،
تڏهن چنچل چنگ هٿ ڪري، طرح وڃايو تال،
ته من موهي مست ڪيو، بانِي بديع الجمال،
پرين جو پتشاهه، هوءَ ڌيءَ تنهين شهوال،
ماڻهو ڏيندم ميهڻا، جانڪي ساهه سنڀال،
ڀلو ڪندم ڀال، ايندا شال ايرم کان.

 

271-  تڏهن پيهي پڇيائين، ته هن ڪهڙو بيت بيان ڪيو،
ملڪ اسان جو، ماءُ پيءُ، ڪاٿي ڏٺائين،
ڪا ڪل ڏيو ڪائين، ته هي آهي ڪهڙو آدمي؟

 

272-  ملڪان ساڻس ماءُ، اچي ويٺيون ويجهڙيون،
حالت هن جي حال جي، اُتائونس اڳيانءُ،
ته پاتشاهه جو مصر جو، هيءُ ورنَہ تنهن وياءُ،
سليماني ڪپڙو، هن جارون ڏٺو جاءِ،
تو تنهين ۾ ڏسي، ٿيو طالبو توڙاءُ،
سک ڇڏيائين سيج سين، سُر چڱيائين ساءُ،
هيڪر هلي مقابلي، سندس لهه سماءُ،
تنهن عاقل ڏانهن الله، شل اُبتڙ مَ ٿئي.

 

273-  اڳ هيس هيڻي، دل ۾ دونس درد جي،
ويتر باهه برهه جي، ٻاريس هن ٻيڻي،
لُڇي ڪُڇي ڪينڪي، جهوريءَ ڪئي جهيڻي،
هئي وات نه وهيڻي، پر هٿان ٿئي نه هن جي.

 

274-  سمهي اُٿي منجهه سُر، سلي ڳالهه نه ڳجهه جي،
ٻيون سڀ سمهي رهيون، بيدرديون غم دور،
نيو عشق اليل جي، پرياڻيءَ کي پور،
ڇڏي تڪيا ۽ تُور، پار مڻيائين پِر جو.

 

275-  پار مڻيائين پِر جو، اوٽ عشق جي آر،
پڇئين باغين بلبلين، ته پِرين ڪهڙي پار؟
ڏسي چمن چنبيليون، نينهن نهوڙي نار،
پهه ڪندي، پڇندي وتي، جوش تنهين جي جار،
دردن جي درياءَ ۾، گهڙي تارون تار،
منجهان کيپ خمار، پيئي چمن ۾ چانڊاڻ ٿي.

 

276-  چمن ۾ چانڊاڻ ٿي، سو چوڏهينءَ جو چنڊ،
سيفل ستو هو سيج تي، تنهن جي نينهن ٻڌي هئي ننڊ،
اُٿاريائين عاشق کي، پڙهي محبت منڊ،
جيئن کير، مصري، کنڊ، تيئن گلزاري ۾ گڏ ٿيا.

 

277-  گلزاريءَ ۾ گڏ ٿي، پڇيو جوان جواب،
ته ڪِي سج، ڪِي چنڊ تون، ڪِي منهنجو ئي مهتاب،
ڪي ثابت پسان سپرين، ڪي خاطر لهان خواب،
صورت مورت سان ملي، ڪيائين تسليٰ تاب،
انهيءَ شرط شتاب، کڻي حبيب هنج ڪيو.

 

278-  کڻي حبيب هنج ڪري، ههڙي چيس حال:
ته جانڪون جانب مون ڏٺي، تنهنجي جوت جمال،
تانڪون سڪ تنهنجي سپرين، هوم خاطر منجهه خيال،
ٿيس تڏ هانڪو طالبو، ٿِي ووڙيم لڳ وصال،
هاڻي ڀلِي ڪيو ڀال، تَنهن جي ڀال ڀلو ٿيو.

 

279-  پنهنجي ڀال ڀلو ٿيو، ڪِي پلِي ڀلائي،
جنهن کي سڪيو ٿي ڄندڙو، ڄماندر ڄائِي،
سي صاحب ميڙيم سپرين، انور عطائي،
ٿي پنهنجي پتشاهي، ڇانئين اڄ ڇٽ ڪري.

 

280-  ڇانيائين ڇٽ سين، ٿيو مون مٿيئي ڇٽ،
پرينءَ پاڻ هٿن سان، پُر پياريو پَٽ،
اڄ عاشق تي اُڀريو، نوري نيڪ نکٽ،
پسي جڳ جڳٽ، محبتي معمور ٿيا.

 

281-  محبتي معمور ٿيا، ساجن جي صلاح،
عاشق جي افسوس جي، آگِي ٻڌي آهه،
جن جو رند نه راهه، لوچي تن لعل لڌو،

 

282-  هيم جنهن سان هاج، لوچي لعل لڌم سو،
مٿي مون مهرون ٿيون، ڪوڙين پنا ڪاج،
ڏاتر ڏنا ڏاج، قادر پنهنجي ڪرم سان.

 

283-  بديعل ٿي بيزار، آيس بوءِ بشر جي،
منهن تي ڏيئي ڪپڙو، اهو ڪيائين تار،
آهين وڏو ڪو آدمي، آءُ ڪر تون اظهار،
نه تو آرائينءَ پڇيو، ڇو ڀِيلين باغ بهار؟
وڏيءَ گستاخيءَ سين، ڇنئي موتين هار،
گنج پسيو گلزار، ٿو چوريءَ چونڊين گلڙا!

 

284-  تڏهن سخن سڻي سلطان، دل منجهارا دانهن ڪي،
هن حياتيءَ حال جي، آڌر تون ايمان،
بئنت پِير بشر جو، اٿئي سُنهن سندو سبحان،
منهن تان لاهه ڪپڙو، اهو اَٿَو احسان،
ڏيئي گوش گيان، عرض سڻ عاشق جو.


(1)    غلام نبيءَ جي روايت موجب.

(2)    غلام نبيءَ جي روايت موجب.

(1)    غلام نبيءَ جي روايت موجب: هلو ته هلون ويجهڙي.

(2)    غلام نبيءَ جي روايت موجب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org