سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :30

 


 

285-  تڏهن منهن تان لاهي ڪپڙو، اُتو پرياڻيءَ پوءِ،
ته اي بيگانا آدمي! وڏو مون سُنهن وڌوءِ،
چئو حقيقت حال جي، ڪيهو ڪم سندوءِ؟
متان هٿان پرياڻيءَ پوءِ، سندءِ پنڌ پري پوي.

 

286-  تان سڻ حقيقت حال جي، ڪري گوش گيان،
صدا ڪريان ٿو سِر جي، دلبر توکان دان،
آهي اُن کي سٿري، اها سڀ آسان،
ٿيءَ مون تي مهربان، صاحب ڪارڻ سپرين!

 

287-  چئي: اوهين آهيو آدمي، ٿا تانگهيو نينهن نياڻ،
مقابل محبوبن سان، ٿا حيلا ڪريو هاڻ،
جڏهن لهيوَ ڪاڻ، تڏهن ويندي وفا نه ڪريو.

 

288-  چئي: جانسين جيئندوس، هوندم ساهه سرير ۾،
تانسين مجلس محبوبن جي، مور نه مٽيندوس،
ڪندس نه بس ”بهار“ چوي، راهه وٺي رڙهندوس،
هي سِر توتان صدقو، گهوريو گهوريندوس،
وڏيون تو وٽ وينتيون، ڪوڙين آءٌ ڪندوس،
تباهي نيندوس، سنگت تنهنجي ساٿ جي.

 

289-  چئي: سيفل ڳالهه سندياءِ سڻي رهيس سڀڪا،
حيلا ٿو اهڻي ڪرين، وسري پوءِ ويندياءِ،
ياد نه پوندءِ جوش کان، ڀَلائي ڀُلندياءِ،
ڪير اِئين چوندياء، ته تو پت نه پاري پانهنجي.

 

290-  چئي: سيفل! ڳالهه سندياء، جيئن پاڻيءَ تي چِت،
ويساهي ويندين وري، وجهي وِرهه ورٽ،
اهو داغ منهنجي دل تان، ڪين لهندو ڪرٽ،
تون تان هڏهين نه مٽ، ونءُ مانجهي ماٺ ڪري.

 

291-  تڏهن عاشق آهه ڪري، منجهان سوز سڙي پيو،
ڪڍي ڪٽارو چيلهه مان، مٿي ڌڙ ڌري،
تنهنجو منهنجيءَ ڳالهه تي، پِتو تان نه پَري،
هي مَرُ جان هٿ مري، مقابل محبوب جي.

 

292-  تڏهن پياڻيءَ پرچي ڪيو، نرتان هيءَ نظير،
چئي: سچي سيفل تو هئي، توڙان تاري تير،
کسيو خنجر خان کان، ٿي نيڻين اُگهي نير،
ته آءٌ توتان صدقو، تون دوس مَ ٿيءُ دلگير،
هيءَ ري زرخريد ظهير، ڳنهي ڳڻن سان ڪيئي.

 

293-  ڳنهي ڳڻن سان ڪيئي، هيءَ باندين جي باندي،
جيئن پوي رند رُپِي کي، چوڪس ٿئي چاندي،
تيئن نباهي آندي، تو جهڙي ڪونه ڪري.

 

294-  تڏهن عهد ٻڌي اقرار، دست ڪيائون دوستي،
من جا واقف منهنجا پرين، حياتيءَ جا هار!
تون ريءَ دوس نه دوستي، يار نه تو ريءَ يار،
هيءَ ڀوري ٻئي ڀتار، پاس نه ڏيندي پلنگ تي.

 

495-  تڏهن ٻُڌي دلاسو دوست جو، خوش ٿيو سو خان،
سرها چمن گلڙا، سرهو جڳ جهان،
سرهو سڀ جههان، سرها سڀيئي ٿيا.

 

496-  هنن اوريندي پاڻ ۾، اچي چِڙين چانگاريو،
محبتين موڪل جو، جهجهو جر هاريو،
شال مَ پون ڏينهڙا، اچن، اُجاريو،
پاڙو ڏور پرينءَ کان، قادر مَ ڪاريو،
جانسين جياريو، ته هجون هيڪاندا هوت سان
(1).

 

297-  جان وڃي واجهائي، گَنُو ڀري گام،
جيئن سونهين ساهه سرير ۾، تيئن لڏيو لڏي لام،
اُتو پرياڻيءَ پتشاهه کي، سندي ناز نظام،
ته متان منهنجي تون سلين، ملڪان ماڻس مام،
مرد مون آڻين ته مٿي، منجهان نينهن نجام،
هن ڀي ڀري هام، ته ڪنهن پر سلينديس ڪينڪي.

 

298-  پوءِ ملڪان ۽ ماڻس، اچي ويٺيون ويجهڙيون،
تن ساري ڳالهه سيفل جي، سچي ڪئي ساڻس،
جاڏي جاءِ جوان جي، تاڏي هن تاڻيس،
پوءِ اهو سخن سيباڻس، تڏهن اُٿي هلي اُن سان.

 

299-  چئي: هي نه مٽ مائٽ مان، نه مون ڄاڻ سڃاڻ،
        ڪيئن ڳالهايان تنهن سان وڃي بيگاني ساڻ،
        پڇان خبر خير جي، ٻڌيءَ پهه پرياڻ،
        وڏو ٿيو مون آهي، اوهان سندو ارمان،
        چئي: مر مهت لهي مهماڻ، آيو جو آس ڪري.

 

300-  تڏهن وڃي ڏنائون، مبارڪون مير کي،
خاطر مراد خوشيءَ جي، جوڀن جو ٽيائون،
زيور،. زريون، هار، هس، پُويون پاتائيون،
ٽي راتيون ٽي ڏينهڙا لٽڪا لٽيائون،
ايهين اُتائون، ته عمر سڀ افراد هئي.

 

301-  تن جوڙي چڱي جاءِ ٻيهر ڀي ٻول ڪيا،
اُتو پيراڻيءَ پتشاهه کي، هاڻ فڪر مَ ڪو فرماءِ،
حالت پنهنجي حال جي، پڦيءَ کي پهچاءِ،
سروبانو نانءُ جنهن جو، سگهڙ سرت سڻاءِ،
ڪندو ڪم خداءِ، پر هوءَ ڀي ڀلي همراهه هئي.

 

302-  تڏهن خوبان پسي ڪم، دل ک ان تنهين دانهن ڪِي،
نه ويچاريءَ جو وس، اهو در تنهن تي دم،
هاڻي هن غريب کان، ٻيو ڪار مَ ڪم،
ڪر قادر لڳ ڪرم، ته عاشق اوباهو ٿئي.

 

303-  تڏهن اُت افريدان کي، جا بيٺي هيس ڀر ۾،
ته ڙي! پهچائج پڦيءَ کي، نازڪ ڪل بر ۾،
پر منهنجيءَ مام منجهه، پُر جهائج پَر ۾،
ته جو ڪانڌ لکيو ڪَر ۾، تنهن سڃاڻج سلطان کي.

 

304-  جيئن گهرون موڪل، تيئن منهنجو ساهه مُسي هِنيون،
من موهن منهنجا پرين! جي توکي پاين پل،
شل موٽي ڪا مهل، پهر اهڙيائي مَ ٿئي.

 

305-  وڃڻ جي وائي، متان ڪا مون سين ڪريو،
آءٌ اڳئي آهيان، ڪن ڏکڻ ڏسائي،
لالن ليلائي، متان تو ريءَ مري وڃان.

 

306-  چئي: جانڪون مون لائي محبت، جانب تنهنجي جيءَ سان،
تن ۾ طلب تڏهانڪون، وسهج اِيءَ وحدت،
تون جي ورهه وڏي ڪِي، هينئڙي سين حالت،
موٽ، مَ لاءِ مدت، متان هت مري رهان.

 

307-  چئي: البت آءٌ ايندوس، پرين توڏي پاڻهين،
آيس ڏورئين ڏيهه تان، سا محبت نه مٽيندوس،
پائي پاند ڳچيءَ ۾، پيرين آءٌ پوندوس،
نباهي نيندوس، سنگت تنهنجي ساٿ سان.

 

308-  جڏهن آيو ۾ اوطاق، تڏهن سعد پڇيو سيفل کان:
ته اڄ ڪاٿي هُئين قبلا! نور ڀريا نزاڪ؟
تڏهن کلي خان خوش ٿي، حالت ڏنو هوشناڪ،
پوءِ مانجهيءَ کي مشتاق، ڏنيون مير مبارڪون.


 

309-  تڏهن سرهو سعد ٿيو، ٻيو سرهو سلطان،
سرها چمن ڦلڙا، وڻ ٽڻ سرها ويران،
سرها پکي باغ جا، ٻيو سرهو سڀ جهان،
جو ايڏيءَ سڪ سجان، سوشل ڪامل قرري ٿئي.

 

310-  تڏهن صبح تي وييون، ملڪان ماڻس منڌ ڏي،
سيفل جو سخن وٺي، پدمڻيون پييون،
دانَہ توڙي در ڪنهين سڀئي سييون،
جيڏين سان جييون، ڪيون پارج پانهنجون.

 

311-   تڏهن روئي راوت رت، موڪل مڙني کان مڱي،
سعد سونپيائين تن کي، سو مَر هجي هت،
اها اُڏاڻي آفريدان، کڻي خان تخت،
اڳيان ٽڪر، ٽولاڪا، ٽڪريون، پهڻ وڏا پربت،
ڀولا، ڀَٽيون ڀِڪُن ۾، ٻيا هاٿي سان هيبت،
تنهنڪري ستونو ست، لحظي منجهه لنگهائيو.

 

312-  اچي شهزادي سهر ۾، جان اکيون اُپٽيائين،
وڻ محل اشينين جا، ڏوران ڏٺائين،
تن کي ريهو روپِي سون جو، هو ڪهگل ڪوڏائين،
بنيو فرش بلور جو، ٻي يعقوتي جائين،
پڇا ڪيائين، ته ڪا آهي سروبانو سراءِ ۾؟

 

313-  جڏهن منجهه ڪچهريءَ ڪؤنر، وير وڃي ٿيو ويجهڙو،
ته پيرا آهن پرين جا، ٻيو دهشت جهڙو دور،
حريريءَ چادر سان، ٿو منڌ تي ڍري چؤنر،
جتي: عام نه وڃي اور، تتي نيئي آفريدان اوڏو ڪيو.

 

314-  تڏهن نرتئون تنهين نار، صحي سيفل کي چيو،
ٻه ٻهڳڻ ٻٽيهه لکڻا! ٿو دونڪين منجهه دوار،
متان وڃي ٻئي پار، پوين پَرين جي پڙلاوَ ۾.

 

315-   تڏهن صورتوند سلام، عاشق اُنهين ڪيو،
پڇيو پرياڻيءَ پتشاهه کان ته آهين ڪير ڪدام؟
ڪَهه ڪهڙو اٿئي ڪام؟ نه ته اڄ ماريندءِ هن مهل ۾.

 

316-  مهل تنهين مشتاق، ڏنو خط حضور ۾،
تنهن روئي رت لکايو، تختي اندر طاق،
سروبانو سوز کان، گڏجي ٿي غمناڪ،
پرياڻيءَ پڙهي ڪري، چَت چُري پيس چاڪ،
اُن سونهري سيفل کي، آڻي پهرائي پوشاڪ،
پاڻ اڳيان اوطاق، وير ڏٺائين ويجهڙي.

 

317-  صبح تي سعيو، تن ساجهر سيفل جو ڪيو،
اُتائين آفريدان کي، اصل جنهن سين آيو،
ته حوض گلابيءَ هنڌ ۾، نيئي پانَو پهچايو،
اوهين سگهو سڌايو، اسين ڀي اينديون سين ايڏهين.

 

318-  تڏهن آفريد اُڏاڻي، ساڻ وٺي سيفل کي،
تنهن حوض گلابيءَ هنڌ تي، ڄاڻ چڱو ڄاڻي،
اکيون جان پٽي تان پَٽ هو، ٻيو پوشيدو پاڻي،
تتي طرحين تماشا ڪيا سروبانوءَ ساڻي،
ته هيءَ نه هئي نماڻي، پر تنهنجي مام مطيع ڪِي.

 

319-  گل هئا گلسار، ٻيو جايون جنّت جهڙيون،
درسن ڪارڻ دوس جي، کٿورين خنڪار،
گلم، غاليچا، گل رنگي، چمن چڱا چوڌاري،
ميوا اُت موچار، ٻيون موڪ مٺايون مصريون.

 

320-  مهندان تنهين مير، لنگهي آفريدان اوڏهين،
هيءُ ڌري سر سُمِهي پيو، ڪا جا گُهِلي هير،
تان اچي ديوَ اوچتي، پڇي سڌ سڌير،
چائي ويس چنبن ۾، سڻي ويڌن وير،
سو لحظي منجهه لنگهي ويو، ڪئين نديون نير،
سندو حال حمير، نيئي ڌريو مهندان مير جي.

 

321-  تڏهن هاشم ائين اُتو، ته کڻي هي قابو ڪريو،
هن سان ڀي اهڙي ڪريو، جيئن هن جو ڀاءُ ٿيو،
پر چڱيءَ پين چَت ۾، جڏهن چڱي هينئن چيو،
ته ماريو ڪِيمَ ملوڪ کي، هو تان مون ويو،
مرجان هوءِ پيو، کڻي ويجهو ڪنهن کوهه ۾.

 

322-  تڏهن ٻڌي وجهي منجهه کوهه، تن لنبي لائي ڇڏيو،
اچي پاڻيءَ اَنّ جي، هئا لهندا سار صبوح،
صحبت سڪ پريان جي، ٿيو راهه مونجهارو روح،
اُتهين لنگهيندي لوهه، ٿيس چار مهينا چاهه ۾.

 

323-  تڏهن ڪليو شاهه اڳيان شهوال، منڌ وڃي مذڪور،
جنهن آندي اُچائي ديوَ کان، ملڪان سيتي مال،
تعجب شاهه تمام ٿيو، عرض سڻي احوال،
وَنءُ وڃو وٺي اچو، جتي هجي حاضر حال،
هن جا دشمن ديوَ دجال، متان آزارين اصيل کي.

 

324-  جان وڃن تان ناهه، انهيءَ حوض گلابي هنڌ تي،
سي وڃي پڇي موٽيا، ترت سپاهي تاءِ،
قلزم چيو ڪاهه، ديوَن نيو درياءَ تي.

 

325-  لڇي پڇي شاهه، چئي: ڪَرَ ڪريو ڪا جوان جي،
ڪارڻ ڪرهه قوي ٿيو، ٿو سڏائي سپاهه،
بديعل پيئي بيمار ٿي، ته محب ملايو ماهه،
دانهون ڪيو دوس، روز پڇائي راهه،
سختين ويڙهيس ساهه، نينهن نهوڙي ناهه ڪي.

 

326-  جڏهن ٿي سروبانوءَ سڌ، بديعل جي بيمار جي،
تنهن پَرِي پُرجهايو پتشاهه کي، اها ٻُنڌائي ٻڌ،
ته پرڀونءِ جا پتشاهه! سي طعنا ڏيندا تو هنڌ،
تتي جوڙ نه ٿيندءِ جُڌ، جو ناٺي نيائون ڳوٺ ۾.

 

327-  تڏهن ڪري دانهن دلير! ٽپو ڏيئي اُٿيو،
نقيبن نعرا ڪيا، فوجن ٻڌا ڦير،
چڙهي خان کَنبير، ويٺو ديمين سان درياءَ تي.

 

328-  ديرو ڏيئي درياءَ تي، ويٺو نَر نِسنگ،
پرين ديوَن کي هڻي، ڪيو ترارين سين تنگ،
سبب ٿيو ڪنهن سنگ، هاشم وٺتائين هٿن سان.

 

329-  تڏهن وينگس اچي وٽ، چيو شاهه اڳيان شهوال جي.
ته هي ڏياري مُنجو سعد ڏي، ڄولي ڄاڻي ڄٽ،
ته ڀاءُ برابر ڀاءُ جي، مر ماري ڪريس مَٽ،
ساهه نه پيو سرٽ، هن ماريندي ملوڪ کي.

 

330-  تڏهن ٿيو هاشم تنهين هنڌ، عرض ڪري عاجز،
ته جيئرو آهي جوان سو، پانَو پَرئين پنڌ،
راءُ چڙهيو تنهن رند، خبر لهڻ اُن کوهه جي.

 

331-  تڏهن ٿيا ٻهڳڻ ٻئي گڏ، شامل شاهه شتاب،
سڏيائون سيفل کي، ڏنائين سؤ حيلن سان سڏ،
جو رڃ اندر هو رڏ، سو چنڊ نڪتو چاهه مان.

 

332-  تڏهن ٿيو شڪستو شهوال، شڪل ڏسي شاهه جي،
پنهنجو انت ڏيو احوال، ته ڪيئن خان گذاريئي کوهه ۾؟

 

333-  تڏهن ڪِي جو ڳالهايو، سو سيباڻو سڀن کي،
عشق کي آگاس کان ويو ورايو،
سڏ نه ڪري سعيو، هيءُ پلئي لڳو پار وڌو.

 

334-  پلئي لڳو پار وڏو، جان عاجز کي اوٽي،
شاهه مبارڪ شيردل، جڏهن ملڪ ڏي موٽي،
ڇڏيو ڇوڙي کڻي، هاشم هن هوٽِي،
سيفلو سهيٽي، تو شابس مير نه ماريو.

 

335-  ٻُنڌي بيداديون، تنهن ملڪ تان معافي ڪيون،
شڪرانا سيفل جا، ٿيون سرهايون شاديون،
ان کان علاوه حديون، وٺي خيراتون خان ڪيون.

 

336-  ڪيون شاهه اُتي شهوال، خيراتون خان تان،
سرهي سروبانو ٿي، سرهي بديع الجمال،
سيفل جي سنڀال، ٿي پليل پڦيءَ کان پڇي.

 

337-  پلپل پڦيءَ کان پڇي، ته محب ملايو ماءِ،
جاني آيو جاءِ، ته مر منهنجو ئي مهمان ٿئي.

 

338-  ٿي ساهيڙيون سڏاءِ پڦيءَ کان موڪل وٺي،
ته اديون! آيم سپرين، سڄڻ هن سراءِ،
پهريون ملڪ مال مان، ٻيو حيلو حال هلاءِ،
ڪي ڪريان ٻي ڪاءِ، مهماني محبوب کي.

 

339-  آور ڪريندي اوءِ، تن رات منجهانرا ڏينهن ڪيو،
سڏائي سيفل کي، تنهن رنگ مٽائي روءِ،
سنجهي تيئن صبوح، تن رڱي رَتا رت ۾.

 

341-  ڏارا وڃن ڏلي، هي سچ سيفل پاريو،
هاڻي هي جڏو جياريو، جنهن کي آڌر آهه آنهجي.

 

342-  ڪِي سروبانوءَ سورَ، ويهي انهي ڳالهه جي،
تنهنجي فرزند ڪاڻ فراق جا، گها پيا ٿي گهور،
هاڻي دولت ڀريا دور، رضا ڏي راضي ٿي.

 

343-  تڏهن رضا ڏيئي راضي ٿيو، ورتي هيءَ وايا،
شهر گلستان ايرم جا، سڀ اَڪابر آيا،
سيفل جا سعيا، مڙني ڪيا مصلحات جا.

 

344-  مڙني جي مصلحات جو، ورتو هيءُ وايو،
بازارين بناؤ ٿيا، چندن چڪايو،
حريري جا حاشين تي، جوهر جڙايو،
ڪلٽهڙا ڪافور سان، ڪهگل ڪرايو،
آتش بازيون اُٿيون، جهڳ مڳ جهڙ لايو،
تن ڇڏيون جوڙايو، جايون جنّت جهڙيون.

 

345-  راڄن مڙيا راڄ، سرسلا سامان ٿيا،
کيا سڀ خمار ۾، منگتا ۽ محتاج،
پرڻائي سيفل کي، ڏيهه ڏنائون ڏاج،
ڪوڙين پڄايا ڪاج، آگي آسائن جا.

 

346-  ڪوڙين سيفل ڪم، پُنا سڀ پريت مان،
مبارڪون مير کي اچي ڏنيون عالم،
شابس شير شرم، تو جيڏي ڪونه ڪري!

 

347-  سيفل ڪيو سلام، جڏهن وڃي شاهه جو،
تنهين ويل تخت تي، ٿي ويهاريس وريام،
خوشيون خوش ڪلام، ٿو اَلائي عاقل سان.

 

348-  رنگ ڪري روءِ نه سو ويهي شاهه وهم ڪيو،
سيفل تون ساڙيهه، ڇا کي وڃي ڇو نه؟
توڙي طلب وطن جي تو نه، ته ڀي اُٿي ونءُ اوڏهين.

 

349-  چئي: نه ڄاڻان ساڙيهه، ته قبلا! اوُ ڪاڏي ٿيو،
اوهين منهنجو ماءُ پيءُ، نيئي ڏيکاريو ڏيهه،
اهو نباهي نيہ، نيندس تنهنجي نانوَ جو.

 

350-  تڏهن اُتو فهميدي، آڻايو آفريد کي،
ته هن دم حال في الحال، نيئي ملڪ مصر رساڻيو.

 

351-   ڪيائون مصلحت من، مصر ڏي موٽڻ جي،
موتي خرارين ميا، ٻيو پاند نه پوشاڪن،
جڙيا تخت جواهر سان، ترت کڻي سي تن،
سونيون ڇٽيون ڇانوَ ٿي، سڳورين سر سونهن،
دونون دلبر ديس ڏي، چڙهيا ائين چون،
جيئن اسين محبتي مليا، تيئن شل ٻيا پڻ ملن،
سي آفريد کڻي آندن، ساري سرانديب ۾.

 

352-  جڏهن آيو ڪؤنر کڻي ڪامل، معلوم ٿيو ملڪان کي،
بديعل آئي باغ ۾، تنهن سان سيفل ٻيو شامل،
هو عقل جو عامل، وڃي مليو محبوبن کي.

 

353-  ٿيون شاديون شادمانا، سرهايون سرانديب ۾،
ڀَرينِ ڀريا سر سهاڳ جا، طرحين طولانا،
تنهن ڪري بادشاهي بانا، آندا ڪامل ڪوٽ ۾.

 

354-  منجهه سرانديب سجان، رهيا ٻاٽِي ڏينهڙا،
بديعل ڪيا ملڪان سان، پانوَ سر بيان،
سا پرڻايون سعد کي، ڏيئي جس جوان،
چڙهيا چارئي ڄڻا، توزڪ سامان طولان،
آفريد ساڻ اَمان، موٽي مصر رساڻيا.

 

355-  ٿي هاشم کي آگاهه، ته آيا مير مصر جا،
گم ڪيائين غم کي، منهن جو تجلو ماهه،
خزانا خيرات ڪيا، در تائين درگاهه،
سڀ ڀت سرهايون ٿيون، مليو سيفل ماهه،
آندا پرين الله، وڇوڙيا جي ورهن جا.

 

356-  صبح تي سلطان، اُٿي ڪڍي ڪچهري پاتشاهه،
ڇڏي رائر رعيت کي، ٿي ورنئين ڏينهن دان،
ڪلمون ساڻ زبان، پڙهو مڙيئي مومنا!

 

357-  عشق جي اُڪاس هئي، سيفل سعد کي،
ڪڍي ڪشالا ڪيترا، پيا پريان جي پاس،
پهرين ملڪان سان مليا، پوءِ بديعل پيئي باس،
تنهن پوءِ بشر جي، وڌس منجهه وماس،
عشق چاڙهي آنگاس، بديعل سيفل ميڙيو.

 

لا الہ الاالله محمد رسول الله

 

 

روايت [3]

 

چيل محمود شيخ*

 

1-      ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن پيدا ڪيا پير،
        مالڪ جوڙيا ملڪ ۾، واحد لک وزير،
        ٻيٽو هاشم شاهه جو، جنهن کي اندر منجهه اُڪير،
        ٻيٽو هاشم شاهه جو، جنهن کي اندر منجهه اُڪير،
        سُجهي شهر ولايت ۾، پري بديعل مير،
        هلي هن پار ڏي، ڪيون ساڌ وزير
(1)،
        جوڙيو جنگ جهاز ۾، ڪوڏ هٽايو ڪيِر،
        لڳي اُتر هير، سيفل سفر سنبهيو.

 

2-     سيفل سفر سنهبو، رسيو مٿي راهه،
رکي محبت من ۾، ڪئي ڪست منجهارؤن ڪاهه،
دُرس پئي دس ديوَ جي، مٿي نيڪ نگاهه،
امر ٿيس الله، ڦَرهو ڦُٽي وڃي هڪ رهيو.

 

3-     ڦرهو ڦٽي هڪ رهيو، جنهن ۾ رهيو جوانن جوڙو،
        تنهن وچؤن ڪرٽ وهي ويو، گهاتو ڪيو گهوڙو،
        پوءِ وجهي وينگس وڇوڙو، ساڌ لڙهي ويو سير ۾.

 

4-     ترهي تري تڙ ڪيو، سيفل ورتي سُڪ،
نڪا اُڃ عجهيب کي، نڪا بانڪي بُک،
سڄڻ ساريو ”شيخ“ چوي، لڙيو بونس لڙڪ،
ڏولارا ۽ ڏک، ٿيا ڪامل سامهان ڪيترا.

 

5-      سڀئي سُر سامهيان ڪري، هليو دانهه دل لائي،
ڪو وڻ اُڀريو برپٽ ۾، آمر سان آهي،
جنهن ۾ حاڪم وڌا هٿڙا، چڱا چتائي،
اُڀو ورنهه واجهائي، ڪو صُفو ڏٺائين سُڃ ۾.

 

6-     صُفو ڏٺائين سُڃ ۾، جنهن تي آيو وِير وري،
گهٽي نه ٿيس گهڙن جي، ٿيس ڳالهه ڳري،
منڊي هئي ملوڪ وٽ، نازڪ نَوَ گهري،
جنهن جي دهشت ساڻ دري، ڪامل ڪئي هئي ڪوٽ کي.

 

7-     ڪامل ڪئي هئي ڪوٽ کي، آيو دل جهلي داناء،
سهڻي پري سڦلي، پئي سالم کڻي ساهه،
لاٿائين ڪپڙو منهن تؤن، ٿي ويس سرس شعاع،
مورت هئي ملوڪ سان، تنهن جو ڪيائين تر ڀاءُ،
صورت گهڻي سڦري، هيڏانهن تر گهڻو تجلاءُ،
پوءِ ڄاڻي هڪ الله، جا پرِي ڏٺائين پَٽ ۾.

 

8-     پري ڏٺائين پَٽ ۾، هيءَ ڪيئن جاڳي جوءِ،
سوني اکر ڦرهي مٿان، حاڪم ڏٺي هوءِ،
تنهن جا سالڪ سبق پڙهي ويو، عاقل اُٿلايوءِ،
سا ننڊ مون جاڳي ڪامڻي، رت ورنا روءِ،
پنهنجو نالو ڏس ڪوءِ، منهنجو نالو اٿئي ملڪان پرِي.

 

9-     نالي ۽ ذات جي، توکي ڪهڙي سُڌ سڻايان،
ڀائٽي تاج الملوڪ جي، آءٌ سڳي آهيان،
سوٽ بديع الجمال تو، پلؤ ڏيئي پرتايان،
ميندي پاڻ هٿن سين، تو لاڳ هلي لايان،
هلي بديعل ڏيکاريان، ڪيان روح مقابل ڳالهڙيون.

 

10-    پنج سئو پرين جا، تڙ ٿي ڪيائون،
تنهن کي بيٺي ڏٺائون، وچؤن واچوڙو آيو.

 

11-    پئي هيس پناري پليت جي، مُٺي منهنڪاري،
سيفل توکي سڌي آهيان، تون مڙد وجهين ماري،
اڳيؤن سير سمونڊ جي، آگو اُڪاري،
پوءِ بديعل ڏيکاري، ڪيان روح مقابل ڳالهڙي.

 

12-    وٺي پڪ پري کؤن، وڃي ٿيو جوان جاءِ بجاءِ،
آيو ديوُ دريءَ مؤن، ٿيو پلڪ ۾ پيدا،
ننڊ ۾ سُتي ڪامڻي، تنهن جو مان رکيو موليٰ،
ڪري سچي ساهه جي، ديو لنگهيو درياءَ،
مرد چيو ملڪان کي، ڪو ورتئي سُڌ سماءُ،
چئي سليماني ڪپڙو، توسان ڀيڙو هجي ڀاءُ!
ڪر داخل منجهه درياءُ، سو کڻي وڃ خوشيءَ مؤن.

 

13-    ماري وڌائون ملعون کي، اُت ديو ڪري دانهون،
ملڪان چيو مرد کي، تنهنجي مِلڪ آهيان آءٌ،
من مرادون پير پڄايون، جيڪي هيون روح ۾ رٿائون،
موٽ پرين پاهون، هلون دلبر تنهنجي دِس ڏي.

 

14-    ملڪان توکي ٿو چوان، مون کي وِنگا آڇ مَ ويڻ،
هلي تنهنجا اوڏهين، سڌر ٿيندا سيڻ،
مون ڏي نياڻي کڻ نه نيڻ، ميريءَ دل ”محمود“ چوي.

 

15-    سيفل توکي سمڌي آهيان، پنهنجو اچي پاڻ،
آهين وينگس ڪنهن ولايت جو، سوڍا سرت سڄاڻ،
پوءِ هت ماڻهو اٿئي مهماڻ، ٻڌ جئين ترهو تار جو.

 

16-    ٻڌي ترهو تار جو، ات سيفل سينگاري،
تنهن تي چڙهي منڌ ملڪان، وينگس ويچاري،
پوءِ ويٺا کائڻ مڇي ”محمود“ چئي، ري پڪل ڪاري،
مالڪ کي ”محمود“ چئي، هئي سڌ خبر ساري،
ڪئي پرور پوئواري، وڃي پهتا ڪنهن ٻئي ٻيٽ تي.

 

 

 

 

 

 

 

 

روايت [4]

 

چيل منو چانڊيو*

 

1-      ساراهيان سو ڌڻي، خالق پاڻ خدا،
وڏائي تنهن واحد کي، ٻئي کي ڪِيم جُڳاءِ،
پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو، هادي هاشم شاهه،
پُٽ تنهن کي هڪڙي، ورنهه وِير وياءُ،
سو پڙهڻ وهاريئين پنهنجو، رکي سرت سماءُ،
پڙهي سو پختو ٿيو، دل لائي داناءُ،
ٿيس معلوم ”منو چانڊيو“ چئي، ڏٺائين صورت جو سڀاءُ،
ڪو جو وريس واءُ، ٿو ڳهلو ڳالهائي ڪينڪي.

 

2-     وهلو ڳالهائي ڪيندي، مُور نه کائي مان،ي
هن جا مِٽ ”منو“ چئي، ٿيا هيڪر حيراني،
سونُ توتان صدقي ڪيون، ٻي دنيا ديواني،
هل ته پرڻايونء پدمڻي، جيڪا صورت سبحاني،
جا تو پسي پيشاني، سا ڪانهي منڌ مرِي ويئي.

 

3-     انهيءَ منڌ مرڻ جو، ڪو ٿا ڪوڙ ڪهو،
پري مون کي پاڻ کان، ساعت نٿا سهو،
ويندس، رهندس ڪينڪي، متان مون کي جهليو،
سنگتي منهنجو سو، جيڪو ساڻي ٿيندو سور ۾.

 

4-     سنگتي سڀئي، يار رکن ياري،
پوئتي پوڻ جي، وجهندا ڪا مق گهاري،
مڃ منٿ مائٽن جي، ڪري عاقل اعتباري،
ڪري ترت تياري، توکي ويهاريون سيج تي.

 

5-      انهيءَ سيج ويهڻ کان، مون کي بنهين آهي بس،
بنگلا وڏي بناوت سان، منهنجو روح انهيءَ رس،
گهوٽ لائي گس، ڪو ڏجو سونهون ساٿ جو.

 

6-     ڪونهي سونهون ساٿ جو، هڪ راتيون ٻيا رُخ،
ڪوسي واءُ وڻڪار جي، لَهرون ڏئي ٿي لُک،
سفيل وڃين ٿو سڃ ۾، ساڳيان ساريندين سُک،
تار وَهي ٿي تِک، اڳيان ٻجهي سير سمونڊ جي.

 

7-     ٻُجهي سير سمونڊ جي، جنهن ۾ ڊپ نڪو ڊاءُ،
درياءُءَ پيو دور ڪري، سو وير! ڀانيان واهه،ساريو روز سڪي ٿو، اندر سو ارواح،
بنا بديعل جي، منهنجو سک نه ويهندو ساهه،
ڀيڙو ٿيندم ڀاءُ، ڪو ساڌو پهرئين سڏ سان.

 

8-     سُڻي سڏ سيفل جا، ساڌ ڪيو سعيو،
ڪريو تيل ڦليل تڙ تان، ٿي اُتانهين آيو،
ڪامل ڪچهري وچ ۾، اچي ٻاوَن ٻولايو:
ڀڄي ماڻهو پري ٿيو، ڪهڙو اَٿو ميڙو مچايو؟
يار پڇي ٿو يار کان، منهن منهن سان لايو،
ڏي حقيقت حال جي، تو ڪيئن سک ڦٽايو،
ڪي محبت لڳئي ”منو“ چئي، ڪٿي ٿو پيچ پرين پايو،
تو وير ويهاريو، نه ته ڪو ساٿ سڄو ئي سُر جو.

 

9-     ساٿ ٻه ٽي سورن جا، آيم خريدار کڻي،
هڪڙا هلايم هٽن تي، ٻي ڪيم گهور گهڻي،
ڀانءِ ته منهنجي ڀاڳ ۾، مُڪا پاڻ ڌڻي،
ماري پنهنجي من کي، آءٌ ڪندس پاڻ پڻِي،
هتان خان کڻي، هل ادا! ايرم شهر ڏي.

 

10-    انهيءَ ايرم شهر ڏي، توکي هلندس وِير وٺي،
متان مرد ماندو ٿئين، تنهنجي ڀريندو پير پٺي،
هوش رک هوشاڪ ٿي، اٿئي سيفل ڳالهه سٺي،
اسر مهل اُٿي، تون پيءُ پرچاءِ پنهنجو.

 

11-    ڪيئن پيءُ پرچائي پنهنجو، جنهن کي اندر نه آرام،
ڦاڙيو ڪپڙا ڦٽا ڪري، سو مير ٿيو مستان،
سڀني ۾ سرڪردو هو، اچي سيفل ڪيو ملام،
پيءُ سڃاڻي پٽ جو، مٿي ڪيو هو مان،
ورندي تنهن والد کي، ٻي ڪامل ڏني ڪانه،
ٻڌ ته ٻڌايان توکي، آءُءٌ بادشاهه، بيان،
سيفل کي آهي سڪ کنيو، سو اڳي کؤن نادان،
هن ڦٽو ڪيو طعام، اوڏو ناهي آنّ کي.

 

12-    اوڏو ناهي آَنّ کي، سو کاڄڃ نٿو کائي،
تنهن کي آءٌ ڇا ڪيان، منهنجو وس ناهي،
ڪٿي ملڪ پرين جو، ڪٿي ويندو ڪاهي،
آسابند آهي، ڪو سيفل منهنجي ساهه جو.

 

13-    ساهه برابر سپرين، مون کي پرين آهي پيارو،
روئي رت اکين مان، ڏينهن سڄو سارو،
سمهي نه سک ڪيو، جنهن جي اندر ڪيو آرو،
موڪل ڏينس ”منو“ چئي، تون نر هڻي نعرو،
سيفل سوڀارو، تو وٽ ايندو سلامت سپرين.

 

14-    جيسين ايندو سلامت سپرين، مون وٽ وير وري،
تيسين تڳندس ڪينڪي، ويندس ماڳ مري،
ساڌ تو سيفل جي، ڪئي آهي چوريءَ دل چري،
موڪل ڏين ”منو“ چئي، مون کي ٿي ڳالهه ڳري،
پرڻائي پري، تون سگهيو موٽج سڄڻا!

 

15-    ملي موڪل مير کي، ٿو ٻاوَن ٻولائي،
ڪاريگر تنهن ڪُم جا، وٺو سگها سڏائي،
جهاز پنهنجو جوانن کان، بيٺو جَودئون جوڙائي،
چِٽ گل رکوس ٺاهوڪا، ٻيا ٺاهه به ڪئين ٺاهي،
هاڻي لاڳاپا لاهي، آهي سيفل سفر سنڀيو.

 

16-    سيفل سفر سنڀيو، سنڀالي ستار،
مٺو محمّد مصطفيٰ، آهي آڙين جو آڌار،
ڪلمون منڍ قرآن جي، آگي ڪيو اظهار،
سي پڙهندا ويا پاڻ ۾، گويا سا گفتار،
ٻه ٽي منزلون پنڌ جون، ڪيائيون پاڻيءَ ۾ پاتار،
اڄ ته اتر پار کان، ٿيو ڪڪر ڪارونڀار،
جهُڙ اوڏاهين جهوئيو، ٿي مٿان مينگهه ملهار،
جهَڪون جهولا ڪيترا، ٿيا اوڏانهين اَنڌڪار،
هن جا ديوَ دوفان ڪيا، دوست سڀئي دلدار،
هئن مال ”منو“ چئي، هڪ هيرو ٻيو جنهوار،
هڪ جيڏا سنگتي هن کان، ڌڻيءَ چني ڪيا ڌار،
سمونڊ سِجهائي ڇڏيا، ويا پاڻيءَ ۾ پاتار،
ٻه ڄڻا ٻِٽ يار، هڪ سيفل ٻيو ساڌ رهيا.

 

17-    سيفل ۽ ساڌ رهيا، تن جو تَرهو ٿو تري،
عهب رنگ الله جا، ٿو ڪهڙا ڪم ڪري!
جهاز پنهنجو جوانن سان، هليو ٿو ڀڙ ڀري،
سمونڊ سِجهائي ڇڏيا، ڪونڌر ڪيئن ڪري،
ظاهر منجهه ذري، هن جو ڦَرهو ٻه ڦڃاڪون ٿيو.

 

18-    ڦرهو ٻه ڦاڪون ٿيو، جاني ٿيا جدا،
سڏ ڪيائون سڪ مان، اوري آءٌ ادا!
قلم وس ڪريم جي، هئا واحد انگ وڌا،
ڏٺائين وڇوڙو ورهين جي، ويا لهوارا لڙهندا،
ملڻ لاءِ ”منو“ ئي،م ڪيئو سائينءَ کي صدا،
ساٿين ڳولي سِير مان، وڃي لاهوتي لڌا،
سي راوت ويا رئندا، ڪندا عرض الله کي.

 

19-    ڪندا عرض الله کي، سي وٺيو سير،
ڪئين ڏهاڙا ڪيترا، پئي کاڌئون کنڊون کير،
ملڻ لاءِ ”منو“ چوي، ٿي پوڄئون پير فقير،
ڪيو ساهه سُڌير، پيا لڏڻ لهرن وچ ۾،

 

20-    سيفل چڙهيو سُڪ تي، ڪو حڪمت ساڻ هلي،
صفو ڏٺائين سير ۾، جنهن کي ڪانهي ڪا ڳلي،
ساري محمّد مصطفيٰ، هن ياد ڪيو علي،
مُنڊي مهتر سليمان جي، هُن لاهي هٿ جهلي،
آمر ساڻ الله جي، دري پئي کُلي،
گهوٽ گهڙي ويو گهر ۾، جنهن جي ساعت هئي سولي،
سُتل ڏٺائين ننڊ ۾، اُت نازڪ نار ڀلي،
مورت تنهن صورت سان، هن روبروءِ رَلي،
هڪ تر نه هو نار کي، ٻي آئي سڀ ملي،
وِڪر ويٺو ولهو، هن پنهنجي دل پَلِي،
ته ننڊ انهيءَ نار جي، آهي ڪا آولي،
سوني اکرين ڦرهي، هئي سالڪ ڪنهن سَلي،
مٿان کٽ کلي، سا ننڊئون جاڳي ناز ڪڙي.

 

21-    ننڊئون جاڳي ناز ڪڙي، ڀليو ڏٺائين ڀير،
خبر پڇي ٿي خان کان، تون ڪامل آهين ڪير،
بَدُو ڏاڍو بڇڙو، آهي ديو دلير،
جيڪو ماري ماڻهن کي، اٿس واٽهڙن سان وير،
ڪامل! هن ڪوٽ ۾، ناهي پکيءَ جو پير،
سوا اٿئي ڊؤت ڏڦير، تون پاسو ڪر پليت کان.

 

22-    پاسو تنهن پليت کان، ڪريان ڪهڙيءَ پر؟
نڪا وَسئون ويجهڙي، نڪو ناڻو زر،
بچائج بدُوءَ کان، آيس گهڙي تنهنجي گهر،
حال به سارو ڪر، بديعل جي باغ جو.

 

23-    بديعل جي باغ جو، تون بانڪا! ٻُڌ بيان،
’سيفل‘ آيو ئي سڪ مان، ڪو ساڻ کڻيو سامان،
هن جا سمونڊ سِجهائي ڇڏيا، ديوق ڪيا دوفان،
ماري هن ملعون کي، هجي مهتر سليمان،
ٻي طاقت ڪنهن کي ڪانڪا، توڙي جُنگ هوءِ جوان،
آهين تون انسان، ڪيئن پليندين پليت کي؟

 

24-    پليندس پليت کي، اتي نيٺ آءٌ،
آهيان پوٽو مهتر سليمان جو، سيفل منهنجو نانءُ،
وڙهيو هئم، وچ تي، ڪو ڌائڻ ڪري ڏانءُ،
منڍي تنهن مردار جي، وڍيان جيرا جگر هانءُ،
مرون کائيندا مانهه، ان ماڙيءَ ۾ مردار جو.

 

25-    مرونءَ جي مارڻ جو، تون ست ٿو سارين،
رهي اڄوڪي راتڙي، ڪا گهڙِ هت گهارين،
بديعل جي باب ۾، سڀ عاشق اُجارين،
مُنڊيءَ سان مارين، جي هجئي مهتر سليمان جي.

 

26-    مُنڊي مهتر سليمان جي، مون سان هئي هميشہ گڏ،
ساڌ لڙهي ويم سير ۾، هو ته منهنجو هڏ،
ٿين رضا ربّ ڪريم جي، مٿان سائينءَ سڏ،
مون کي ميل ”منوهل“ چئي، ڪو مدعي ساڳو سڳ،
هڻي دشمن ڌڪ، آءٌ وٺان وير وقوف سان.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

روايت [5]

چيل قاسم

 

1-      حمد هزارين هاديءَ جا، جو آهي حقّ حقّاني،
        ڪُل قدرت ڪامل قادر جي، رازق ربّ رحماني،
        شان ڪري ڇا بيان بشر، آ شان شرف لاثاني،
ديو، پري، انسان، ملائڪ، حوران ڪل حيراني،
”ڪنّ فيڪون“ خالق خلفي، ڪل مخلوق زماني،
عرش ڪُرش ۽ لوح قلم، محفوظ آ دُرّ معافي،
لکيو لوڙي روز ازل جو، فرد ڪري فرماني،
هندو، مسلم، سک، يهودي، ڇا ناسخ نصيراني،
ڪافر مطق مشرف ملحق، کائن رزق رباني،
ٻي ڀي جوڙ خداوند جوڙي، شغل رکي شاهاني،
ڏاند ڏبي جي شاخِ تي ڌرتي، لرزي منجهه لرزاني،
نيلي ڇت ڀي ڇانوَ ڪري ٿي، رنگ رکي آسماني،
راتيون جاڳن تارا ڪتيون، نوبت چنڊ نشاني،
شوقون شمس نه شرمائي، ڪري ري ناغي نگراني،
جهڙ بادل، برساتون بوندون، آبر وسي باراني،
کنوڻ کنوي ٿي، کيج ڪري ٿي، گوڙ رهي گهمساني،
ٿر بر ٽوڀا تارئين ۽ بحر ڪري طغياني،
رند پروڙن رمز اها ٿا، درس پڙهن دل جاني،
”قاسم“ ٿيو قربان هميشہ، حمد پڙهي سبحاني،
عاصي آ آرماني، ڪر غور غريب گدا جو.

 

2-     بعد خدا جي ڪل مخلوقون، اَفضل نور رباني،
نور هُديٰ منظور خدا، آ عربي نور نشاني،
’طٰہٰ‘ ۽ ’يٰسين‘، ’مزّمل‘ جنهن جي پاڪ پيشاني،
ڪل نبين تي قدم مبارڪ، صاف رکي سلطاني،
عيسيٰ، موسيٰ، نوح نبي کان شان رکي شاياني،
وڌ صورت ۾ سهڻو صاحب، توڙي ماه ڪنعاني،
منهؤن ڪلام خدا جو ٻولي، گوهر گل افشاني،
قمر ٿئي ٻه ٽڪرا موجب فائق جي فرماني،
ري تخمي خرمي مان پيدا نخل ٿئي لاثاني،
عيسيٰ جهڙو رتبو تن جو، جي هن در درباني،
نالائق آ لام لڳو، ڪر مرسل مهر يگاني،
منجهه سڪ ات قبر محشر جي، عربي ڪر آساني،
ويل حشر حساب ڪتابؤن، ڏي نجات نوراني،
سج نيزي جي پاند برابر شور ڪري شآهاني،
’نفسي نفسي‘ نبي پڪارين، جي تاب رکن تاباني،
آسري تنهنجي اُمت عربي! ڪر اُتي احساني،
اسان نِڪارن بد بڇڙن جي، عيب نه ڏس عصياني،
عيب ڏسي لاريب اندر ٿي آهي گهڻي ارماني،
ڪر شفاعت شافع، آهي عين ڪئي عرياني،
فرض، ڪفايه، سنّت، واجب ڇا ظاهر ڇا پنهاني،
اصل ادا اسان کان ناهي، شوق رکون شيطاني،
دنيا، دار آ ڌوڙ جون ڌڻيون، فاني آهي فاني،
دل رکي جو دائم ان تي، سو مردار آهي مرواني،
هڪ ڪلمي جي نشاني، جا ڇڏائيندي ڇولين کان.

 

3-     موسم سرد ۽ خشڪ هوا، ٻيو سيءَ شروع ٿيو پارو،
ڏند کڙڪڻ، ٿڙڪڻ ڏڪڻي، ڪنبڻي ڪيو ڏسڪارو،
پيو پچاني پارو اڳ هو، اڄ اُتر جو وارو،
سردي سخٽ ستايو سڀ کي، ڏيهه پيو ڏهڪارو،
حرف زباني تي ايندي سان پئي ٿڙڪي، ويو ويچارو،
بُنڊ پئي ڀَڪيا، باهه ٻري ٿي، متو مچ متارو،
چُلهه جي ڀر ۾ لُوئي ٽپڙ تي، عاشق ڪيو اوتارو،
سيڪيس سيڪ، جان تَتُس، پوءِ آيس عجيب اونگهارو،
اک وچڙي، آرام ڏنس، ٿيس ننڊ ۾ نور نظارو،
حضرت پير حمايت ٿيس، سو سيّد صاف سوڀارو،
دستگير اڄ دست ڏنس، جو ڀاڳ ورايس وارو،
سائي سبز پوساڪ پرين کي، سونهين سونهن سونهارو،
هٿ ۾ هاسو
(1) خاص خلاصو، مهدي هو موچارو،
رمز رکي تنهن رهبر آڻي، عاشق کي اُٿاريو،
حڪم ڪيو تنهن هادي، آهي ازلئون اهو اشارو،
”سيفل“ جوڙ سنڌيءَ ۾ سالم، صاف زباني سارو،
عشق اُٿاري آڳ اندر ۾، نينهن هنيو اُت نعرو،
برهه لڳائي باهه بدن ۾، ورهه ڪيو وسڪارو،
تاب انهيءَ بيتاب ڪيو، هو جلوي جو جنسارو،
جو دئون جاڳي جوش منجهؤن، مون يار کنيو يڪتارو،
حرف زبان تي آيو جيڪو، اوڀارو لهوارو،
مان ڀي چيو سو چاهه منجهان، جيئن عاشق جو هو آرو،
ڪوڙو ڪوڙ جهان آجملي، ڪوڙو ڪوڙ پسارو،
پر عشق مدامي، دائم ازلئون، باب انهيءَ جو بارو،
عاشق شان شهيدن جهڙو، وڻج رکن واڌارو،
هو ٿا کائن کاڄ خدا کان، ملهه وارو موچارو،
هي درس ديدار جي خاطر رڄيا، کاڄ نه کائن کارو،
مرجان موت قبولين، پر نه محبت جو ڪن مارو،
سيفل عاشق صادق هو، جنهن رکيو قلب قرارو،
مان ڀي بيت پڙهان بديعل جا، جنهن حسن رکيو هاڪارو،
مانَ طفل تن جي مون ۾، عشق ڪري اوڀارو،
عشق عميق سمنڊ اڙانگو، سوز کڻان ساندارو،
جي قرب ڪري ڪوهيارو، ته پهچان پار پرين جي.

 

4-     عاصم شاهه شهنشاهن جو، ملڪ مصر جو والي،
ٻارهن ملڪ جنهين جي تابع، شان شرف کان عالي،
فوج درياء جي موج وانگو، جيئن رکي واڳ سنڀالي،
لشڪر لک اٺارهن جنهن جي، پڪڙي هلي دوالي،
ڪڪرن جي قطار جيئن، تيئن هاٿي رکن همبالي،
گرڙ ڪرن، گجگوڙ رکن، ڪن رعد سندي رکپالي،
مير امير ٿيا تابع تنهن جي، شاهه رکي شهپالي،
پابندِ حڪم هزار رهن، آ معاف نه تن مشڪالي،
تابع منجهه فرمان فدا، ٿا پيش ٿين پائمالي،
هر هڪ حڪم ته محڪم ماهر، فوراً منجهه في الحالي،
ملڪ مليرون برتر افضل، هردم سبزه سالي،
ڏيهه ڏڪار ڏسي نه ڏورئون، خوشتر منجهه خوشحالي،
صالح صفا ثابت سئو سالي، جُلهه نه ڪئي ڪنهن جالي،
جنگ جهيڙي جي ڪڏهن انهن وٽ، ڪانهي قيل مقالي،
سڀڪو صاف حساب ڪتابؤن، قرضؤن مرضؤن خالي،
فسق فجور نه تن جو سونهون، بري تنهون بدحالي،
بيشڪ بڇڙائي نه اوڏا، بِر کان بد افعالي،
هن حشمت جي هوندي عاصم، رکي مونجهه ملالي،
کلندي خوش ٿيندي نه ڏٺي، ان جي جنس جمالي،
ظاهر ذرو نه ٻاهر تنهن جو، جذبو جوش جلالي،
مير منجهيا منجهه مام انهيءَ ڪن بيشڪ نمڪ حلالي،
عاصم شاهه جو صالح سان هو ڪافي قرب ڪمالي،
عرض ڪيائون ان کي، پڇ تون حال اهو في الحالي،
ته ڪهڙي سئون شاهه ڏني سک راحت کي نيڪالي،
صالح ويو خذمت ۾، جت هي هلي قيل مقالي،
چئي: قبلا! ڪهڙي خيال کان، تو آڀال نه اڄ تائين ڀالي،
غم وهم جي ڪهڙي آهي، نازڪ ڳالهه نرالي،
ڏک جي باهه بٺي ٿي ٻاري، ڪاڙهي منجهه ڪٺالي،
ڄام شرابي عام اوهان لئي، لاهيو مونجهه ملالي،
دل ڪر دردئون دور هميشه، مست رهي متوالي،
جي آ وسواس خيالي، ته ختم ڪريوس خير سان،

 

5-      مونجهه ملال نه مٽجڻ جي، ائين شاهه عاصم فرمايو،
خوش تدبير وزير اوهان جو، جهٽ جهٽ پڇڻ اجايو،
آ تقدير انهيءَ تي قادر، جو آدم جو ڄايو،
لکيو روز ازل نه مِٽي، منجهه قرآن سمايو،
ڀاڱي ڀاڳ اسان جي پلئه، جو ڪجهه قسمت پايو،
ڪري قبول مڃڄي تقديران، چشمن تي مون چايو،
ڏوهه ٻين تي ڏيڻ آ ڪوڙو، ڪونهي بخت ڀڙايو،
بخت، تخت ۽ تاج عبث آ، اوڙڪ مال پرايو،
هليو هماء جي پٺيان آيو، بيشڪ يوم جو سايو،
ري اولادي آدم ائين، جيئن بي پاڙيءَ جو پايو،
ڦَل ٻاجهون بي فيض شجر، جيئن مان ۽ شان وڃايو،
ٽِڪ ٻاجهون جيئن منڊيءَ هو سليمان خاڪ رلايو،
ديمي درس خزانو ڄاتم، نظري مال پرايو،
ملڪ وسيع، املاڪ عجائب، ڪنهن جي ڪم نه آيو،
بي پسري پيءُ ماءُ جهان مان، ڪهڙو ڪاڄ ڪمايو،
فڪر رهي اولاد جو هردم، جنهن هيءَ حال بڻايو،
آ اولاد دنيا جي زينت، خود خالق فرمايو،
ٻيو سڀ لوڪ سهايو، هڪ بڻي باب بندي جي.

 

6-     صالح صاف تسلي ڏني، قبلا! نه گهٻرايو،
مُلڪ خدا جو موڪرو آهي، عرشئون آس نه لاهيو،
علم جعفر جو جائز جنهن ۾، سارو حال سمايو،
نظر نجومي جيڪو اچي، تنهن کي ترت گهرايو،
رمز رمل جو رهبر ڪوئي، اَڏوتي آڻايو،
فڪر ڪري جو فال ڏسي، سو فائق پير پڇايو،
جوڳي جُڳ جا جام اچن، ڪي منترباز ميڙايو،
حال پڇون احوال اهو، فرمان اهڙو فرمايو،
شاهه عاصم هر شهر اندر، هڪ دانهوڙي دوڙايو،
ڪل فقير ڪٺا ٿيا، ميرن ميڙ تي مچ مچايو،
ڍارا ڍار پيا هڪ پاسي، فال وارن ڦِرڙايو،
نحس سعد ستارا ڳڻي، نقش نجومين ٺاهيو،
زهره زحل جي زاويي تي، اچي منگل کي به ملايو،
ٿي پڪ زبان بيان ڏنائون، هر ڪنهن گوش اڙايو،
چئي: عاصم شاهه! مبارڪ، تنهنجو موليٰ وهڻ وسايو،
آس اميد ٿئي ٿي پوري، ائين ڪتاب ڏَسايو.
ٿي تقدير ڪري تدبيرون، موليٰ ڀاڳ ڀڙايو،
دختر شاهه قحطان جي رکي حسن سندو سرمايو،
ثاني تنهن دل جاني جي نه ٻيو ڄمندو نه ڄايو.
خوف خصائل حور شمائل، صفتون شان سوايو،
نورئون نور اطوار اطهر کان شمس وڃي شرمايو،
قمر ڪري قربان انهيءَ تان، قرب سمان ڪنڌ ڪپايو،
جهرمر جوت جهڪي تارن جي، پوري جي تن تي سايو،
مست شرابي چشم خماريا، تاب انهيءَ جڳ تايو،
ملڪ وتن مشتاق انهيءَ جي، شوق ۾ سيس نوايو،
شهزادا ٿي افتادا ڪن وصل وصال جو سعيو،
تنهن پريءَ پيڪر سان، پنهنجو پاند پلئه اٽڪايو،
بطن مبارڪ تنهن ملڪہ جي، گهر گنج سمايو،
شاهه کي ٿي شادماني فرحت ۾ پنهنجي روح پسايو،
حڪم ڪيائين هر ڪارن کي، در دولت جا لاهيو،
هر غريب غني درلت جو، حضو اچي ورهايو،
دان وٺي شادان ٿيا، جنهن جو مڱيو سو پايو،
ڪل وزير امير کي دعوت ڏئي درٻار آڻايو،
سڀني کي شاهه عاصم اطلس، ململ، مخمل پهرايو،
ڇا دشمن ڇا همسايو، وٺي خير خيراتون خوش ٿيو.

 

7-     شاهه فرمايو صالح کي، ڪر تڪڙي ترت تياري،
ڏهه هزار سوار سنڀاري، ڪيو صباح سواري،
اُٺ اطلس جا جام ڀري، ٻيو هاٿي ساڻ هنباري،
تحفا ملڪ مشهوري جا، کڻ جوڙ رکي جنساري،
سونا پيالا جن تي هجي چٽيل نقش نگاري،
هيرا لعل هزارين هجن، جن جي ٿئي نه شماري،
ٻانها ٻانهيون ملڪ مصر جا، خاص ڪري خريداري،
ناڻي ناهه نهايت ڪا، ني خريزينون خرواري،
دولت دمي ديڳين ۾، کڻ واڌو واڌ واڌاري،
سونا روپا برتن جن تي، چٽ چمڪن چوڌاري،
پوءِ طبل وڄائي بگل کڻي ڇڏ بازباد ۾ بحري،
پيادا بي پسته، تن جي ڇڏ دعويٰ ۽ درڪاري،
ڏيک ڏٺي جيئن ڏڪي وڃي، ڇا ترڪي ڇا تاتاري،
ڏيل سندن ڏهڪاءُ ڏئي، جيئن فيل وتن فرماري،
ڇري، ڌار ترار تکي، گز، نيزو، ڪان، ڪٽاري،
شاهه قحطان جي خدمت ۾، هوش رکي هوشياري،
ڏي سلام پيام اسان جا، داءُ رکي درٻاري،
فڪر فهم ۽ رمز عقل سان، البت رک عياري،
راض رکي ناراض نه ٿئي، جيئن تاب نه ڏئي تڪراري،
هر حالت ۾ هائو ڪري، نه ڪين ڪري ناڪاري،
مقصد محض مراد ملي، طالب کي مطلب واري،
دهشت دائم ڪر تون قائم، دم هجي دهڪاري،
عجز هجي، پر اهڙو نه، جيئن نر سمجهي ناداري،
ائين نه سمجهي عادت اُنهنجي عيب رکي ٿئي عاري،
حاصل مطلب طاهر ٿئي، هر ڳالهه مان خوس اطواري،
عاصم جي فرمان تي صقالح، صدق ٿئي سؤواري،
اوڙڪ هليا ملڪ ارم ڏي، بار ڀريندي باري،
پهتو ساٿ يمن ۾، هو منجهه صالح جي سرداري،
طنبو هڻي طولان رهيا، منجهه خان خيال خماري،
شاهه قحطان جي ميرن وزيرن، ويهي ڳالهه ويچاري،
ته عزم رکي ڪو روز جي خاطر، آيو آ تڪراري،
قاصد ويا قحطان جا جودئون، صالح رمز سنڀاري،
چئي: جيڪر لڳي لڙائي، ٿيندي ناحق خاص خواري،
ٽپڙ ٻڌي ٿيو راتِي راهِي، بار ٻڌي برداري،
ملڪ مصر جي ماڻهن جي آ سڀڪنهن بازي هاري،
ٻار ٻچا ڪيئن روليون رڻ ۾، توبہ تي ٻي زاري،
صالح صاف لباس گهرايو، مڙهيل ميناڪاري،
هڪ سؤ چونڊ امير هليا، منجهه صالح جي سالاري،
پهتو شاهه قحطان جي خذمت، ناز ڪري نرواري،
دست ٻڌي درٻاري، ڪن صاف سلام سڀن جو.

 

8-     صالح، شاهه قحطان جي خذمت، پيش ڪري نذرانا،
هيرا، لعل، جواهر، زمرد، توتي دُر يگانا،
مشڪ، عطر، کستوري جي تعريف ڪرن بيگانا،
اطلس، ابريشم ايراني، شان رکن شاهانا،
شمع ڪافوري تي هرگز، پر نه هڻن پروانا،
جام شراب مصفّا ڏٺي، اڻ پيتا مستانا،
شيشا صاف بلوري بيحد، مينا ۽ پيمانا،
رنگ برنگي سوغاتن تي، عاقل ٿين ديوانا،
طلسم هوشربا جي ڏٺي، هوش ڇڏين فرزانا،
تحفا تزڪ منجهان جي آيا، تن جا ڪئين افسانا،
فخر رکي شايانا، ڪري پيش پرين پادشاهه جي.

 

9-     شاد ٿيو شاهه بيشڪ، پر هن رمز رکي شاهاڻي،
صالح ساڻ سلوڪ رواجي رکيس ڄاڻي واڻي،
رسم رکي شاهه حشم منجهان، بخشي خلعت بهراڻي،

صالح ٿيو مايوس، مگر هن صبر رکي سمجهاڻي،
رات لنگهي فڪرات ۾، صالح وات نه آندي واڻي،
موڳي کي مايوسي ۾، منهن لڳي اَنُّ نه پاڻي،
صالح صاف نه سمجهيو، هن هئي مام نه اهڙي ماڻي،
لڇي ڦٿڪي پلڪ پٽيائين، آخر ويل وهاڻي،
رات روئي موڪلايو، جيئن ٿئي هرهڪ جي موڪلاڻي،
دعا گهري تنهن دل سان، جنهن جي دل هئي دردن هاڻي،
مالڪ ڪئي مقبول مهر مان، وڃي آس اگهائي،
صالح سنڀري نڪتو، پر هيس دل دردن جي گهاڻي،
مُنهؤن ملول ٿيو ٿي معلوم، مام هيءَ مير پڇاڻي،
ٿي خوش، پڇي خير جون خبرون، رکي شان شاهاڻي،
صدق منجهان تنهن صالح کي، مرحات ڏني من ڀاڻي،
تخت جي ڀر ۾، وقت انهيءَ، تنهن پٿراڻي پٿراڻي،
صالح جي دل ۾ ڀي هاڻي سالم سرت ساماڻي،
شاد ٿيو ارشاد ٿيس، ڪر پنهنجي بيان ڪهاڻي،
صاد بيان ڪئي تنهن صالح، عاصم جي آکاڻي،
هاڻي صلح جي ڳالهه سيباڻي، جو پرچي ويٺا پاڻ ۾.


(1)    غلام نبيءَ جي روايت موجب: ته هجان هيڪاندي هوت سان.

[3]    هيءَ روايت وچولي (تعلقي سانگهڙ) مان علي اڪبر لغاري کان ملي.

*    سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 39

(1)    يعني ’سعد‘

[4]    هيءَ روايت خود شاعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي.

*    منو چانڊيو، ويٺل لڳ شهمير راهو، تعلقو سڪرنڊ، اٽڪل ويهارو سال اڳ وفات ڪيائين.

[5]    هيءَ روايت اُتر (تعلقي اُٻاوڙي) مان فاضل قائمي ڏهر ڪائي کان ملي

(1)    عصا، لٺ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org