سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :6

 

يوسف ذليخا (منظوم) قصو

چيل شيخ محمود*

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب سبحاني،
مئو محمّد مصطفيٰ، جنهن جو مٽ نڪو ثاني،
آهي دنيا دم گذر، ٿيندو جڳ سڄو فاني،
حضرت يعقوب جو يوسف هو جيءَ سندو جاني،
رکي دغا دل ۾، ڪئي ڀائرن بي ايماني،
کڻي وڌائونس کوهه ۾، جتي ڪا ڪنڌي ڪانهي،
ماري ويا معصوم کي، مرون مرواني،
مائٽ کي اولاد جي، لڳي حيرت حيراني،
حيوان گهرايائين حڪم سان، جن تي مايا مستاني،
يوسف جي جُثي جي، ڪل اسان کي ڪانهي،
ويساهه ڪر وينجهار تون نبي نُوراني!
آيو سوداگر ساٿ سان، جنهن وٽ هئي دنيا ديواني،
طلب ٿيس طعام جي، وڃي پاڪ آڻيو پاڻي،
واريائون ٻوڪو ٻاجهه سان، ڪئي مالڪ مهرباني،
تنهن تي چڙهي مرد مٿي ٿيو، سورهيه سلطاني،
پسي سوداگر سرهو ٿيو، پڌري پيشاني،
مهر منگي ”محمود“ ٿو، اِها ظاهر زباني،
جڏهين هن جي ايندي جوڀن جواني، تڏهن مشهور ٿيندو ملڪ ۾.

 

سنڀالي ساٿ سان، هليو ڪنهن قبلي تي ڪاهي،
سوداگر سنگين سان، ڳهڻو ڳالهائي،
چئي: رزاق ربّ راضي ٿئي، ته ڪين متيون منجهائي،
ڇٽيهه لکڻو ڇوڪرو، اسان وٽ آهي،
هي سوغات سهڻي، ڏجي ڪنهن ڏاهي،
جڏهن ٻڌائين ڳالهڙي، تڏهين کاڄ نڪو لائي،
يوسف شهر مصر لاءِ ويٺو واجهائي،
هو پنڌ ٿو پڇائي، سهي سوداگر شام جا.

 

ڪاهي ڪاهي قافلو اچي ثابت رسيو شام،
سوداگر سوغات جا جتي هئا جام،
ڇٽيهه لکڻو ڇوڪرو ويا کڻي وريام،
ناڻو تنهن نينگر جو جوڙي وٺو جام،
اها ٻڌائين ڳالهڙي، تڏهن طلب نه ڪري طعام،
مهر منگي ”محمود“ چئي، آهيان صاحب! تنهنجي سام،
منهنجا صحي نِيئي سلام، ڏجو مصر جي ماڻهن کي،

 

يوسف شهر شام ۾ وڃي وڪاڻو،
قيمت تنهن ڪامل جي، ارڙهن درهم ناڻو،
نڪو واقف ملڪ جو، وتي ويڳاڻو،
سوداگر سرهو ٿيو، جنهن جو ملهه اگهاڻو،
پوءِ موٽيو پوئتي، سالم سياڻو،
تنهن سان ٻه ٽي پير طري، سو ٿيو اماڻو،
جنهن جا پارکو پري ٿيا، سو ٿيو پارس پراڻو،
ملڪ ري ”محمود“ چئي، ٿيو ناحق نماڻو،
پورهيو پرائو ڪري، اچي سالم ساماڻو،
اهڙو موچارو ماڻهو، پيو سيبائي سڀڪنهن کي.

 

ڊوڙي زليخا کي وڃي ٻانهيءَ ٻڌايو،
اهڙو سهڻو شام ۾، نڪي سالم سامايو،
هل اُٿي حب رکي، سيگهه ڪري سعيو،
اچي بيٺي آدب ۾، تنهن ڳهڻيءَ ڳالهايو،
اِهو ماڻهو شهر مصر ۾، آهي اسان لاءِ آيو،
تنهنجي مرد ملڻ جو هو منهنجي روح اندر رايو،
ٿئي سودو سجايو، ويهه مالڪ تي هن ملڪ جو.

 

يوسف زليخا کي ڏنو جواب هيءَ جوڙي، ’قسمت قيد ڪيو، مون کي مصر کان موڙي،
ننڍي هوندي نڪتو هوس، ٿيم ورهيه وڇوڙي،
هوندو جيڪي حق ۾، لِکيو سو لوڙي،
ڪڏهين پيادو پنڌ ۾، ڪڏهين گهوٽ مٿي گهوڙي،
هي والد ويهي رهيو، واهڻ سڀ رَوڙي،
ڪڍي منجهان ڪوڙي، جنهن پهر ڪيئن پري ڪيو.‘

 

ڪامڻ لائي ڪن سان، سڄي ڳالهه سئي،
محبت سان ”محمود“ چئي، وڌائين ڪاتيءَ ري ڪهي،
’تنهنجي مرد ملڻ جو مونکي حب هميشه هئي،
هنئينئي هوند هئي، واليءَ آندو ولهو.‘

 

’نڪو وارث ولايت ۾، نڪو سکر سڃاڻي،
قسمت قيد ڪيو هئم، اُتائين آڻي،
مونکي سڪ ساڻيهه جو ٿو ڄاڻيندڙ ڄاڻي،
توکي مايا آهي مال جي، ۽ نشو آ ناڻي،
مُنڌ! اهو ماڻي، منهنجي مدد ڪي ٿئي.‘

 

تنهنجو سودو سڻائيو ٿيو هاڻي وڻج واپار،
ميان! منهنجي مال جو تون مالڪ آهين مختار،
مرد بنا مِهريءَ جو، سرهو نه سينگار،
ٿيءُ مون ڀوريءَ جو ڀتار، ته سونهان سرتين وچ ۾.

 

صاحبزادي صبوح جو ڪيو سويرو سعيو،
ڏهه ورهيه انهيءَ ڏيهه ۾، هو ڪميءَ ڪمايو،
جنهن ناڻو ڏئي نوڪر ڪيو، تنهن کان مرد موڪلائيو،
محبت سان ”محمود“ چئي، هنئين پير وڌي پايو،
جوسف کي انهيءَ جوءِ ۾، رهڻ نه آيو،
ٿيو سودو سجايو، وڃي طالب چڙهيو تخت تي.

 

راجا ٿيو روم جو، سڏجي ٿو بادشاهه،
قيمت ڪمي ڪانه هئي، ٿيو بانڪو بيپرواهه،
مالڪ انهيءَ مال جو، نه ڪنهن سان اهنج ڪري ايذاءُ،
صاحبزادو شهر جو، ٿو وٺي سڌ سماءُ،
محبت سان ”محمود“ چئي، وريو آهي واءُ،
وِکون ڀري ويجهڙو ٿيو، اچي ڀيڙو ڀاءُ،
ڏيو سوداگر! سماءُ، آئيو ڪهڙي ڪم سان؟

 

ميان! اسان جي ملڪ ۾، پيو ڏولائو ڏڪار،
آهيون طالب اَنّ جا، اهو ٿا ڪريون وڻج واپار،
بيٺا آهيون بازار ۾، من ڪو ڏسون مرد مڻيادار،
آهين عاقل عقلدار، ڪو مٺو مودي منهن لائين.

 

مودي اسان جي ملڪ جا اٿئي ايماني،
سانجهي رهي راتڙي، کائو منهنجي مهماني،
سڀاڻي ساٿ ڀري، ٿيو راهب رواني،
اڻ گهريو انهن کي، ڏنائين قرب قرباني،
هيءَ جبو اٿو جاني! ڏجو والد کي وجهڻ لاءِ.

 

ويهي رهيا ويچار ۾، لاهي بودن مٿان بار،
راجا ڌڻي روم جو، الائي ڪهڙا پڇندو پار،
اچي اتي اوطاقي ٿيا، جتي هئا هنڌ هزار،
تن سان مرد اچي ”محمود“ چئي، کلي ڪئي کيڪار،
آهيون ماڻهو شهر مصر جا، حضرت يعقوب سندا پار،
سڀئي سهڻا ٿو ڀانئيان، وِٿي نه آهي وار،
متان مرد ميار، ڪا عاشق اتانئين ڪري.

 

حاڪم ڏئي هنڌ تن کي وٺي ويهاريو،
سالڪ پنهنجي سنگ سان، نگاهه کڻي نهاريو،
تن جي مِيٽن
(1) کي ”محمود“ چئي، چندن هئاين چاريون،
قسمت جا ڏينهن ڪيترا، هن پڇئي گوندر منجهه گهاريو،
اهو پاڻ ڏڻي پاريو، جيڪو مون ويهي ڪيو واعدو.

 

پنجين ڏينهن پوئتي وريا، اَنّ سان اُٺ ڀري،
جهڙي جَتن جاڙ ڪئي، تهڙي ڪونه ڪري،
ڀلي وڃن موٽي شهر مصر  ڏي، اٿن پنڌ پري،
موچاري ”محمود“ چئي، ساعت پئي سري،
جيڪو محبت منجهه مري، تنهنجو سانگ سدائين سرهو.

 

ڪاهي ڪاهي قافِلو آئيو مصر ۾ موٽِي:
بابا! توکي بات ڏَسِيُون، خبر هِيءَ ڇوٽِي،
وڃي ڏٺِسوُن هُن ڏيهه ۾، پڌري پالوٽِي،
راجا ڌڻي روم جو، ڏئي ٿو رهائيو روٽِي،
خالي ڇڏي ٿو ڪونه ڪو، جيڪو اچي سو اوٺِي،
جُبو لاهي جان جو، ڏنائين لِيڙ به لانگوٽِي،
قرب جي ڪوِي، اٿيئي تنهن مرد جي مَنهين.

 

ڪامل کڻي ڪپڙو، پاند ڳچيءَ پائي،
هِي جُبو جُوسف جوان جو، اَنگ سندو آهي،
هن ۾ بُوءِ بدن جي، منهنجي ساهه کي سيبائي،
جيڪو وطن کان وڇڙي ويو، سو من مالڪ ملائي،
اڄ تنهن ۾ آسرو ٿيو الله لڳ آهي،
سو ٿو کِليو ڳالهائي، نڌر نُور نوازيو ٿيو.

 

کولي کولي ڏيو خبرون، اوهان ڪٿي ڏورِي ڏيهه ڏِٺو،
هي جُبو جوسف جان جو، جو منهنجو مُحب مِٺو،
نِڌُر نُور نئون ٿيو، چوڏهِين ورهين چِٽو،
اوهان جو ڀُليا! ڀاڳ ڦٽو، آئيو ڇڏي ڇو غريب کي.

 

راجا ٿيو روم جو، ويٺو آهي وير،
ٿو عاقل عدالت ڪري، ملڪ انهيءَ ۾ مِير،
هن بَٺيون چڙهيون بنگلي تي، داناءُ نه ٿئي دلگير،
هڪڙي موچاري ماني هلي، ٻيو کِليو پياري کير،
محبت جي ”محمود“ چئي، ويٺو وٽ ونڊي وزير،
اهڙو مڙس امير، ڪونه ڏٺوسون ڏيهه ۾.

 

يعقوب يارن کي سَڏيو سمجهائي،
هلو ته هلون روم ۾، هتي پنهنجو ڇا آهي،
هڪڙو سهڻو سونهن ڀريو، ٻيو عقلمند آهي،
موتي ڏند ملوڪ جا، کليو ڳالهائي،
مال مڏيون ”محمود“ چئي، ڪالهه هليا ڪاهي،
لاڳاپا لاهي، ويا ميان! شهر مصر جا.

 

رهيو راجا روم ۾، ڀاڳ ٿين ڀيڙو،
جايون اڏايائون جُود مان، ويهڻ لاءِ ويڙهو،
محبت سان ”محمود“ چئي، ٿيو مردن جو ميڙو،
حَضرت جوسف جهڙو، جوڙيائين هِن جُوءِ ۾.

 

جوسف جوءِ ڏِسڻ جي، ٿي گهڻي ڳالهه ڳري،
آيو موٽي شهر مصر ۾، ويِهين سال وري،
هئي زليخا جوش ۾، جنهن جي ساعت ڪانه سَري،
ٻارهين ورهين ٻار ڀلو ٿئي، جنهن ۾ زور ذريِ،
محبت جو ”محمود“ چئي، وڄي ٽِڪلو ڪين ٽَري،
ٿي پچري ڳالهه پَري، جيڪو لکيو لوح قلم ۾.

 

راجا ڌڻي روم جو، آيو اڪيلو،
ٻيٽو حضرت يعقوب جو، هو چلولو چيلو،
محبت جو ”محمود“ چئي، ٿيو وير ڀلو ويلو،
لکيو لهندو ئي ڪين، توڻي جهنگ هجي ٻيلو،
 زليخا ۽ يوسف جو، موليٰ ڪيو سيلو،
جنهن جي روح ڏنو ريلو، تن جو ساٿ اچي سولو ٿيو.

 

پَرڻجي پوئتي وريو، راجا مٿي روم،
حاڪم جي حڪومت ۾، هئي ڪامل گهڻي قوم،
عاشق امانت جا، مرد ڌڻي مخدوم،
موذي ته مري ويا، ٿوري کائي ٿوم،
سخي ۽ شُوم، خاوند سڀئي خلقيا.

 

سخي سخاوت کان نه رهي، غازي هليا گنج،
وحي پاڻِيئون پري پيا، جتي واجهه نه رسي ونجهه،
نڪا چاڙهي چڙهڻ جي، نڪو سوجو
[1] سنج،
محبت جو ”محمود“ چئي، نه ڪنهن مرد ڏنو هو منجهه،
هيس اندر اهنج، ته به ڪڙو ڳالهائي ڪينڪي.

 

ڪڙو ڳالهائي ڪينڪي، مِٺو ٻولائي مُک،
محبت سان ”محمود“ چئي، سُر ڪيائين سُکَ
دُعا پنيائين درگاهه مان، کڻي ٻاجهارا ٻُڪَ،
جنهن کي سائين ڏنا سُکَ، تنهن کان گُوندر پيو گوشو ڪري.

 

سُکن سان ڏکن جي، لڳي لڙائي،
زليخا يوسف جي اڱڻ تي آئي،
وينگي ويٺي وچ ۾، ٿي ٻانهي ٻائي،
سا اچي حضرت يعقوب وٽ، سرتين سهائي،
اها اچي لاس لڱن لائي، جيڪا هئي حاڪمزادي حبيب جي.

 

رکڻ حُب حبيب ڏي، هميشان هوءِ،
هتان هرڪو هلندو، لالڻ سنديءَ لوءِ،
محبت جي ”محمود“ چئي، اها پُڇا ٿيندي پوءِ،
ٻيلي! ٻِيهر پُهچاءِ، اهو واعظ تنهن وريام جو.

 

واعظ تنهن وريام جو، ڪئوڙو نه ڪَهيِج،
مهڻا طعنا لوڪ جا، سِر تي سڀ سَهِيج،
هجي جيڪا حق جي، وٺي واٽ وَهِيج،
محبت سان ”محمود“ چئي، راز منجهه رَهيج،
پوءِ لعلون لک لَهِيج، ماڻڪ موتي مهراڻ جا.

 

ماڻڪ سندي مُلهه جي، قيمت ڪنهن وٽ ڪان،
هتان حاڪم هليا ويا، صوبا ۽ سلطان،
ڪيميا ڪمائي ويا، دَهر تي ديوان،
محبت جا ”محمود“ چئي، ڪيا اڳين ارمان،
آهي سوداگر سُجان، جن وکر وهائي رکيو.

 

جي سچا سوداگر هئا، سي وهلو ويا وهي،
ماڻڪ سندي ملهه جو، سودو ڪيائون سهي،
تيرهينءَ ۾ تار ٿيا، ويا چوڏهينءَ جو چئي،
محبت وارا ”محمود“ چئي، ٿيا ڪين ٻئي،
کپت خرابي خلق ۾، پسو جا پئي،
لڄ شرم لوڪ مان، وئرٿ سڀ وئي،
محبت جو ”محمود“ چئي، حورن ٻڌا هار،
مدد ٿيندو مصطفيٰ، عليءَ جي آڌار،
ڪيو ڪلمي جي پچار، ته ٻيڙو لنگهي ٻاجهه سان.

لا اِلٰہ اِلا لله محمّد رسول الله


* *هيءَ مننطوم قصو اُتر (تعلقي سنجهوري) مان ميوي خان ”موج“ کان مليو.

 سوانح عمري ڏسو حاشيہ ص 39.

 1)    ميٽن = اُٺن.

[1]  سوجو – سولو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org