سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :7

 

 

حضرت سليمان ۽ بيبي بلقيس *

 

چون ٿا ته جڏهن حضرت سليمان بن دائود عليہ السلام، بيت المقدس کي جوڙائي تيار ڪيو تڏهن ارادو ڪيائين ته بيت الله شريف جي زيارت ڪجي. انهيءَ وقت ۾ بيت الله ۾ بت پرستي ٿيندي هئي ۽ حضرت سليمان کي بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم هو. تڏهن به الله تعاليٰ جي حڪم موجب بيت الله جي شرف ۽ ڀلائي کي خيال ۾ رکي زيارت جو قصد ڪيائين ۽ جنّ، انسان، پريون، ديو، پکي، جانور جيڪي سندس تابع هئا سي پاڻ سان ڪري نهايت شاهاڻي دٻدٻي سان سنڀريو. سڀ تياري مڪمل ڪري هوا کي حڪم ڪيائين، جنهن جي سڄي مانڊاڻ کي حضرت سليمان جي تخت سميت کڻي اچي مڪي معظم ۾ پهچايو.

حضرت سليمان ڪيترائي ڏينهن مڪي شريف ۾ رهيو جتي روزانو پنج هزار اٺن جا پنج هزار ڏاندن جا ۽ ويهه هزار ٻڪرين جا خيرات ڪندو هو. مڪي جا معزز ماڻهو ۽ قبيلن جا چڱا مڙس حضرت سليمان وٽ وقت بوقت ڪچهريون ڪرڻ ايندا هئا. انهن ماڻهن کي حضرت سليمان ٻڌائيندو هو ته هن شهر ۾ آخر زماني جو نبي پيدا ٿيندو، حضرت ابراهيم جي دين وارو ساڳيو سندس دين هوندو. ان جي هيبت هڪ مهيني جي پنڌ جيتري ماڻهو جي دلين تي هوندي. ان کان پوءِ ٻيو ڪوبه نبي نه ايندو. جڏهن مجلس جا ماڻهو حضرت سليمان کان پڇندا هئا ته اهو نبي ڪڏهن ايندو، تڏهن هو کين ٻڌائيندا هو ته اهو نبي هڪ هزار ورهين بعد ايندو.

مڪي شريف ۾ ڳچ وقت رهڻ کان پوءِ حضرت سليمان يمن ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي ’صفا‘ جي شهر جي زمين تمام گهڻي پسند آيس، تنهنڪري ڏينهن جو باقي حصو اتي رهي پيو. حضرت سليمان جو دستور هو ته پاڻ سان هميشه ’هد هد‘ پکي کڻندو هو، ڇاڪاڻ ته هد هد کي زمين ڪائي وانگر نطر ايندي هئي ۽ هو اهو سهي ڪري وٺندو هو ته زمين ۾ پاڻي ڪهڙي قسم جو آهي ۽ ويجهو يا پري آهي. جيڪڏهن ڪٿي به پاڻيءَ جي ضرورت ٿيندي هئي ته هد هد هڪدم اهڙي خبر آڻي حضرت سليمان کي ٻڌائيندو هو، ۽ پوءِ جنّ ۽ ديو جهٽ پٽ زمين کوٽي پاڻي ڪڍي وٺندا هئا.

جنهن وقت حضرت سليمان صفا جي ڳوٺ ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن هد هد پکي خيال ڪيو ته جيسين ڪم ڪار وارا سامان وغيره کي هڪ طرفو ڪري وٺن، تيسين آءٌ هن ملڪ جو ديدار ته ڪري وٺان. اهو خيال ڪري وٺي مٿي اڏاڻو ۽ جڏهن گهڻو پري نڪري ويو تڏهن وري ٻيو هڪ نئون شهر نظر آيس. هن شهر ۾ هڪ تمام سهڻو باغ نظر آيس جو بيبي بلقيس جو هو. هن باغ جا عجائبات ۽ ٺاهه ٺوهه ڏسي هي پکي حيران ٿي ويو ۽ ڪجهه وقت جي ديدار لاءِ هن باغ ۾ لهي پيو.، انهيءَ باغ ۾ کيس هڪ ٻيو هد هد مليو، جنهن کانئس پڇيو ته: تون ڪهڙي ملڪ کان ٿو اچين؟ هن جواب ڏنس ته: آءٌ شام ملڪ کان ٿو اچان ۽ حضرت سليمان جي لشڪر سان گڏ آهيان. تنهن تي بيبي بلقس جي ملڪ واري هد هد پڇيس ته: اهو سليمان ڪير آهي؟ هن وراڻيس ته: اهو جنّن، ديون، ۽ پکين جو وڏو بادشاهه آهي. هاڻي بيبي بلقيس جي ملڪ واري هد هد پکي پنهنجو احوال هن طرح ڏنو ته: آءٌ هن ملڪ جو رهاڪو آهيان. اسان جي ملڪ جي حڪمران هڪ راڻي آهي، جنهن جو نالو بلقيس آهي. اسان جي راڻي جو ملڪ تنهنجي بادشاهه جي ملڪ کان گهڻو گهٽ آهي، تڏهن به چار سئو وڏا شهر سندس هٿ هيٺ آهن. سڀڪنهن شهر کي هڪڙو مضبوط ڪوٽ آهي ۽ سڀڪنهن ڪوٽ ۾ چار هزار لشڪر حفاظت لاءِ رهي ٿو. بيبي بلقيس کي ئي سؤ وزير ۽ ٻارهن هزار ’پاشا‘ آهن. هرهڪ پاشا جي هٿ هيٺ هڪ هزار لشڪر رهي ٿو. اهڙيءَ طرح هن جي لشڪر جو ڪل تعداد ٻارهن ڪروڙ ٿيو. هاڻي جيڪي ٻڌائڻ جهڙيون ڳالهيون هيون سي توکي ٻڌايم، باقي ملڪ، سو هل ته توکي ڏيکاريان. اتي حضرت سليمان واري هد هد چيو ته: يار! گهڻوئي چڱو، پر مون کي پوئتي جو به الڪو لڳو پيو آهي؛ جيڪڏهن اسان جي بادشاهه کي پاڻيءَ جي گهرج ٿي پئي ته پوءِ ڏاڍي تڪليف ٿيندي. تنهن تي بيبي بلقيس جي ملڪ واري هد هد چيس ته: ميان! اول تون هي ملڪ گهمي ڏس، پوءِ جيڪڏهن تنهنجو بادشاهه ڪاوڙيو ته هتان جون ٻه ٽي ڳالهيون ٻڌائجانس ته خوش ٿي ويندو. هيءَ تجويز هن کي به پسند آئي ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي بيبي بلقيس جو ملڪ گهمڻ ويا.

انهيءَ وچ ۾ حضرت سليمان جي لشڪر کي پاڻيءَ جي ضرورت ٿي ۽ هد هد پکيءَ جي پڇا ٿيڻ لڳي. ڪيترن ئي جنن ۽ ديون آسپاس ۾ ڳولا ڪئي پر هد هد پکيءَ جي ڪٿان به خبر نه پئي. آخر ڪار جڏهن حضرت سليمان کي معلوم ٿيو ته هد هد گم ٿي ويو آهي، تڏهن ڪاوڙجي چيائين ته: آءٌ انهيءَ هد هد کي سخت سزا ڏيندس؛ سندس کنڀ پٽي کيس اُس جي ٽاوڙيءَ ۾ اڇليندس ۽ پوءِ کيس ڪهي ڇڏيندس. پر جيڪڏهن پنهنجي غير حاضري جو پورو دليل ڏنائين ته پوءِ کيس معاف ڪندس.

ان کان پوءِ حضرت سليمان پکين جي سردار هماءَ پکيءَ* کي گهرايو ۽ کيس هد هد جي خاطر ڪرڻ جو حڪم ڪيائين. هماء حضرت سليمان جي حڪم سان وٺي اڏاڻو ۽ ايترو ته مٿي ويو جو ساري دنيا پئي نظر آيس. پوءِ چوطرف نطر ڦيرائي ڏٺائين ته هد هد يمن ولايت ۾ نظر آيس. هي هڪدم هد هد کي اک ۾ رکي وٺي ڏاڍي زور سان اڏاڻو ۽ کن پل ۾ وڃي کيس رسيو. هد هد جو پنهنجي سردار هماء کي پريان هڪڙي ڪست مان ايندي ڏٺو، سو سمجهي ويو ته اهو منهنجي لاءِ پيو اچي. پوءِ ڏاڍي نيزاريءَ مان چيائينس ته: اي هماء! توکي قسم آهي انهيءَ الله جو، جنهن توکي سڀني پکين جي سرداري ڏني آهي، تون مون کي معاف ڪر. تنهن تي هماء چيس ته: اي بدبخت! توتي حضرت سليمان ڏاڍو ڪاوڙيو آهي ۽ توکي عذاب ڏيڻ جو قسم کنيو اٿس. هيءَ خبر ٻڌي هد هد ڏاڍو غمگين ٿيو ۽ چيائين ته: ڌڻي ڪارساز آهي، اهو ئي پنهنجو فضل ڪندو.

تنهن کان پوءِ هماء ۽ هد هد ٻئي اتان روانا ٿيا ۽ جلد ئي اچي حضرت سليمان جي لشڪر ۾ پهتا. اتي سڀني پکين هد هد کي ڏسي چيو ته: اي بدنصيب! توتي حضرت سليمان ڏاڍو ڏمريو آهي ۽ توکي سخت عذاب ڏئي مارڻ جو ارادو ڪيو اٿس؛ پر چيو اٿس ته جيڪڏهن هد هد پنهنجي غير حاضريءَ جو پورو دليل ڏنو ته کيس معاف ڪيو ويندو. تنهن تي هن جواب ڏنو ته: مون وٽ پنهنجي غير حاضريءَ جو سٺو دليل آهي، خدا ڪندو ته سڀ خير ٿيندو. پوءِ پکين کان ٿيندو هو هماء سان گڏ اچي حضرت سليمان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.

حضرت سليمان ان وقت ڪرسيءَ تي ويٺو هو. هد هد ادب کان پنهنجا کنڀ هيٺ لاڙي، ڳچي زمين ۾ هڻي، پيٽ ڀر رڙهندو اچي حضرت سليمان جي پيرن وٽ پهتو. اتي حضرت سليمان کيس ڳچيءَ مان جهلي مٿي کڻي چيو ته: ٻڌاءِ تون ڪٿي هئين ۽ منهنجي موڪل کان سواءِ ڪيڏانهن ويو هئين؟ تنهن تي هد هد عرض ڪيو ته: اي نبي سڳورا! قيامت جي ڏينهن کي ياد ڪر، جو توکي ان ڏينهن الله جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي. حضرت سليمان هد هد جي واتان اهي لفظ ٻڌي ڪجهه وقت خاموش ٿي ويو، ۽ پوءِ نهايت نرميءَ سان چيائين ته: هاڻي ٻڌاءِ ته هيترو وقت ڪٿي هئين؟

هد هد جواب ڏنو ته: اي نبي! اڄ مون ان ملڪ جو سير ڪيو آهي،. جنهن کي تو اڄ تائين ڏٺو به ڪونهي ۽ مون توهان لاءِ ان ملڪ جي هڪ اهڙي سچي خبر  آندي آهي، جنهن جي توکي ڪا پروڙ ڪانهي. حضرت سليمان پڇيس ته: اها ڪهڙي خبر آهي؟ هد هد وراڻيو ته: مون هڪ صاحبِ جمال ۽ ڪمال عورت ڏٺي آهي، جنهن جو ملڪ تمام وڏو آهي. ان وٽ ٽي سئو وزير ۽ ٻارهن ڪروڙ لشڪر موجود آهي، دنيا جي هر شيءِ هن وٽ گهڻي انداز ۾ ڏسجي ٿي. ان جو نالو بلقيس آهي ۽ شراجيل جي ڌيءَ آهي. ان جو تخت توهان جي تخت کان زياده شاندار آهي. هوءَ پاڻ ۽ سندس رعيت سج کي پوڄين ٿا. سندس تخت ڊيگهه، ويڪر ۽ اُچائيءَ ۾ اسي نريون آهي ۽ سڄو سون رپي مان ٺهيل آهي. ان تخت جا پايا سائي ۽ ڳاڙهي يا قوت مان ٺهيل آهن. مٿس ست تمام سهڻا قبا آهن ۽ هرهڪ قبو سون جو ٺهيل ۽ هيرن ۽ جواهرن سان سينگاريل آهي. بلقيس جو پيءُ شاهه شراجيل پنهنجي وقت جو هڪ وڏو بادشاهه هو ۽ شڪار جو شوقين هو. هڪ ڏينهن هو ڪنهن جنگ ۾ شڪار ڪرڻ پئي ويو ته واٽ تي ٻن نانگن کي وڙهندو ڏٺائين، جن مان هڪڙو ڪارو ۽ هڪڙو اڇو هو. ڪاري نانگ اچي نانگ کي تمام گهڻو پئي ماريو. تنهن تي شاهه شراجيل کي قياس اچي ويو ۽ ڪاري نانگ کي تير هڻي ماري وڌائين. جڏهن شڪار کان فارغ ٿي پنهنجي محلات تي پهتو، تڏهن هڪ خوبصورت نوجوان اوچتو ظاهر ٿي اچي شراجيل جي اڳيان بيٺو،  چوڻ لڳو ته: آءٌ اهو ساڳيو اڇو نانگ آهيان جنهن کي تو جهنگ ۾ جيئندان ڏنو هو. اهو ڪارو نانگ منهنجو ڀڄي ويل غلام هو. جنهن کي مون ڳولي هٿ ڪيو هو ۽ هن خوف وچان مون کي ماريو پئي. آءٌ جنن جو امير آهيان ۽ تنهنجي احسان جي عيوض ۾ تمام گهڻو خزانو کڻي آيو آهيان، جو قبول ڪر. بادشاهه شراجيل چيس ته: خزاني ۽ مال جي مون کي ڪابه ضرورت ڪانهي. آءٌ پاڻ هن يمن ملڪ جو بادشاهه آهيان. پر جيڪڏهن تون پنهنجي ڌيءَ جو سڱ مون کي ڏيندين ته آءٌ ڏاڍو خوش ٿيندس. جنن جي امير اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ شاهه شراجيل جي شادي انهيءَ امير جي وڏي ڌيءَ ريحان سان ٿي، جنهن مان بلقيس ڄائي. پوءِ جيئن ته شاهه شراجيل کي ٻيو ڪوبه اولاد ڪونه هو، تنهن ڪري کانئس پوءِ حڪومت جي واڳ سندس ڌيءَ بلقيس کي ملي.

جڏهن حضرت سليمان هد هد کي بيبي بلقيس جي حڪومت جو سڄو احوال ٻڌو، تڏهن چيائين ته: آءٌ تنهنجي انهيءَ ڳالهه جي پوري تحقيقات پوءِ ٿو ڪريان ۽ ڏسان ته تون سچو آهين يا ڪوڙو، پر پهريئين وڃي جنن ۽ ديون کي پاڻيءَ وارو هنڌ ڏيکار ته هو اتان پاڻي ڀري اچن، جو سڀئي ماڻهو ۽ حيوان اُڃارا آهن. پوءِ هد هد حضرت سليمان وٽان آزاد ٿي اٿيو ۽ پاڻي ڪڍڻ لاءِ وڃي زمين ڏيکاريائين. جنن جهٽ پٽ زمين کوٽي پاڻي ڪڍيو.

ان بعد حضرت سليمان عليہ السلام بيبي بلقيس ڏانهن هڪڙو خط لکيو، جنهن کي کٿوري خوشبوءِ مليائين ۽ مهر هڻي اهو خط هد هد کي ڏنائين ۽ چيائينس ته: هي منهنجو خط کڻي وڃ، بيبي بلقيس جي آڏو پيش ڪر.

پوءِ هد هد اهو خط پنهنجي چهنب ۾ کڻي وٺي اڏاڻو ۽ وڃي بيبي بلقيس جي هنج ۾ وڌائين. بيبي بلقيس پاڻ صاحب علم هئي، تنهن خط کڻي کوليو ۽ جڏهن خط ۾ اندر حضرت سليمان جي مهر لڳل ڏٺائين ته ڏڪي وئي، ڇالاء ته ان مهر منجهه وڏي حڪمت هئي جو حضرت سليمان جي سلطنت رعب ۽ دبدبو انهيءَ مهر تي ٻڌل هو. بيبي بلقيس کي بلڪل يقين ٿيو ته هيءَ ڪاغذ جنهن ماڻهوءَ جو موڪليل آهي، سو ڪو تمام وڏو بادشاهه آهي، جو ان جي فقط مهر ڏسڻ سان منهنجو سڄو بت ڏڪي ويو آهي. پوءِ بيبي بلقيس خط پڙهيو ۽ هد هد وڃي پري هڪڙيءَ ڀت تي ويهي رهيو.

خط پڙهڻ بعد بيبي بلقيس پنهنجن سڀني وزيرن ۽ اميرن کي ڪوٺايو ۽ جڏهن سڀئي وزير ۽ امير اچي اڳيان حاضر ٿيا، تڏهن بيبي بلقيس چيو ته: مون کي هڪڙو خط هد هد پکيءَ اڇلائي ڏنو آهي، جو حضرت سليمان جي طرفان مون ڏانهن لکيل آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته ”ساڻ نالي الله تعاليٰ تعاليٰ، جو الله رحمان رحيم آهي. اوهين وڏائي ۽ تڪبر نه ڪريو. آءٌ نبي آهيان. مون وٽ اچو ۽ ايمان آڻيو.“ هاڻي اوهان جي ان ۾ ڪهڙي مصلحت آهي؟ تڏهن سڀني اميرن ۽ وزيرن جواب ڏنو ته: اسين وڏا پهلوان ۽ جنگي جوڌا آهيون ۽ پاڻ وٽ لشڪر به گهڻو آهي، جنهنڪري اسان کي ڪنهن به بادشاهه جي جنگ جو خوف نه آهي. اوهين جيڪو حڪم ڪريو، ان جا فرمانبردار آهيون. تڏهن بيبي بلقيس جواب ڏنو ته: مون کي جنگ ڪرڻ جي مصلحت هرگز نٿي اچي، ڇالا ته جڏهن بادشاهه جنگ ڪندا آهن، تڏهن ملڪ کي خراب ۽ ويران ڪري ڇڏيندا آهن ۽ اشرافن ۽ اميرن غريبن کي خوار خراب ۽ ذليل ڪندا آهن. تنهنڪري منهنجي مصلحت آهي ته آءٌ حضرت سليمان ڏانهن تحفا موڪليان، پوءِ ڏسجي ته قاصد ڪهڙي خبر ٿا آڻين.

بيبي بلقيس تمام عقلمند، ڏاهي ۽ تجربيڪار هئي؛ تنهنڪري سڀني اميرن وزيرن ان جي ڳالهه کي پسند ڪيو. پوءِ حضرت سليمان واسطي پنج سئو سهڻين ٻانهين جا، پنج سئو غلمانن جا ۽ هزار گهوڙا تيار ڪرايائين. گهوڙن جا هنا جواهرن ۽ ياقوتن سان جڙايائين ۽ ذربفت ۽ ريشم سان مڙهايائين. جيڪي غلمان هئا تن کي عورتن جا ڪپڙا پهرايائين، ۽ انهن کي سونا زيور وڌائين. جيڪي ٻانهيون هيون، انهن کي مڙسن جا ڪپڙا پهرايائين. عورتن کي سمجهايائين ته، اوهين مردن وانگي گفتگو ڪجو ۽ همت سان هلجو؛ ۽ مردن کي چيائين ته، جڏهن مون توهان کي زنانو لباس ۽ زيور پهرايا آهن، تڏهن توهين پنهنجي سڄي هلت چلت ۽ گفتگو زناني ڪجو. انهن کان سواءِ ٻيون سونيون روپيون سرون تحفي طور روانيون ڪيائين، ۽ هڪڙو سونو ڇٽ، جو موتين ۽ جواهرن هيرن ۽ ياقوتن سان جڙيل هو، سو تحفو ڪري موڪليائين. ان سان گڏ مشڪ به موڪليائين. هڪڙو دٻلو تيار ڪرايائين جنهن ۾ هڪڙو بي بها موتي رکيائين، جنهن جي قيمت ڪري نه سگهجي ۽ جنهن ۾ ڪوبه سوراخ نه هو. ٻي هڪڙي عجيب غريب ڪوڏي ان ۾ وڌائين جنهن ۾ سوراخ اهڙن ورن وڪڙن تي هو جو ان ۾ ڌاڳو وجهڻ محال هو. هڪڙو خط حضرت سليمان ڏي لکيائين، جنهن ۾ سڀني شين جو تفصيل ڏنائين، ۽ لکيائين ته جيڪڏهن تون نبي آهين ته خبر ڏي ته جيڪي مون ٻانها ۽ ٻانهيون موڪليا آهن انهن کي سڃاڻ ته ڪهڙا مرد آهن ۽ ڪهڙيون عورتون آهن، ٻيو ته هن ڪوڏيءَ ۾ بنا ڪنهن آواز وغيره جي ڌاڳو وجهي ڏي، ۽ هن موتيءَ ۾ وچان ئي وچان سوراخ ڪڍي ڏي.

اهو ڪاغذ منذر پٽ عمرو کي ڏنائين جو تمام داناءُ، هوشيار ۽ آزمودگار هو ۽ سندس عزيز هو. ان سان گڏ ٻيا ڪيترا امير، وزير به موڪيلائين. کيس هي به سمجهائي ڇڏيائين ته جيڪڏهن حضرت سليمان جي منهن ۾ خوشي ۽ خوشروئي ڏسين ته پوءِ پڪ ڄاڻج ته هو نبي آهي ۽ اهو مون تي غالب ٿيندو. پر جيڪڏهن سندس منهن ۾ غضب ۽ ڪاوڙ نظر اچي ته يقين ڪج ته هو نبي نه پر هڪ بادشاهه آهي ۽ پوءِ آءٌ ضرور مٿس غالب ٿينديس ۽ هو منهنجو تابع ٿي رهندو.

قاصد اهي سڀ شيون ۽ پيغام کڻي روانو ٿيو، پر جيسين حضرت سليمان تائين پهچي ئي پهچي تيسين هد هد پکي اهي سڀ خبرون اچي حضرت سليمان کي ٻڌايون. حضرت سليمان هي خبر ٻڌي جنّن ۽ ديون کي حڪم ڪيو ته: هن ميدان ۾ هڪ تمام سهڻو محلات تيار ڪريو، جنهن جي ٻاهران هڪ تمام وڏو ڪوٺ ٻڌو، جنهن جا ڪنگرا سون ۽ رپي جا هجن محلات جي ڪمرن خواهه صفن ۾ قيمتي پٿر ۽ سون رپي جي سرن جو فرش لڳل هجي. تابعدار ۽ جنّن حڪم ٻڌنديئي جهٽ پٽ ۾ اهڙو هڪ محلات تيار ڪري ورتو. پوءِ انهي محلات جي اڳ واري ميدان ۾ چار هزار سونيون ۽ روپيون ڪرسيون رکائڻ جو حڪم ڏنائين. هن سڄي ڪم کان فارغ ٿي پوءِ سڀني آبي جانورن کي گهرائي ڪوٽ جي ديوار سان گڏ قطارن ۾ بيهڻ جو حڪم ڏنائين، سڀني ديون ۽ جنّن کي چوطرف صفن ۾ بيهڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ پاڻ نهايت شاهاڻي ٺاٺ سان پنهنجي جڙادار ڪرسي تي ويٺو.

انهيِءَ وقت بيبي بلقيس جا ماڻهو به اچي اتي پهتا ۽ سونين سرن جو فرش ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. دل ۾ چيائون ته اسين سونيون سرون حضرت سليمان لاءِ تحفي طور کڻي آيا آهيون، پر هتي ته اهڙين سرن جو فرش ٻڌو پيو آهي. تنهن کان پوءِ ڪوٽ جي ديوار لڳ عجيب عجيب سامونڊي جانور ڏسي ويتر حيرت ۾ پئجي ويا. اڃان ٿورو اڳڀرو هليا ته ڏٺائون ته انهي سوني فرش ۾ ڪن جاين تي سرون لڳل نه آهن. هي ڏسي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته جيڪڏهن هي سونيون سرون کڻي اڳتي هلنداسون ته شاهي نوڪر اسان کي چور سمجهي کڻي گرفتار ڪندا تنهن ڪري بهتر آهي ته اهي سرون هتي هنن خالي جاين تي ڇڏي ڇڏيون. اهو ارادو ڪري سڀئي آندل سرون انهن جاين ۾ لڳائي اڳتي هلڻ لڳا. ويجهو وڃڻ تي ڏسن ته مار! اڻ ڳڻيا ديو ۽ ِجّن صفون ٻڌيو بيٺا آهن. هنن هيبتناڪ ديون کي ڏسي في الحال ته ويچارا ڊڄي ويا، پر ساڳين ديون کين سمجهايو ته: اسين حضرت سليمان جا ماڻهو آهيون، ۽ ان جي حڪم کان سواءِ توهان کي ڪجهه به نه چونداسون. اهڙيءَ طرح هي عجائبات ڏسندا هلندا اچي حضرت سليمان جي خذمت ۾ حاضر ٿيا، ۽ سڀني نئڙي سلام ۽ نياز ڪيو.

حضرت سليمان انهن کي ڏاڍي خوشي ۽ خنده پيشاني سان گڏيو، ۽ خوشروئي سان انهن کي مرحبا چيائين. پوءِ منذر پٽ عمرو، حضرت سليمان کي بي بي بلقيس جو خط ڏنو. حضرت سليمان اهو خط پڙهي مطلب پروڙي چيو ته: ڌٻلي ڏيو ته آءٌ توهان کي ان جي ماهيت ٻڌايان. پوءِ منذر پٽ عمرو اهو ڏٻلو آڻي حاضر ڪيو. اُن وقت ملڪ جبرائيل حضرت سليمان وٽ حاضر ٿيو ۽ کيس مخفي طور خبر ڏنائين ته: انهي دٻلي ۾ هڪڙو بي بها موتي بنا سوراخ جي ۽ هڪڙي ڪوڏي آهي، جنهن جو سوراخ ورن وڪڙن تي آهي، اها سموري حقيقت حضرت سليمان بيبي بلقيس جي اميرن ۽ وزيرن کي ٻڌائي. هو اهو ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا ۽ يقين سان چيائون ته: تحقيق هي نبي آهي، ۽ بادشاهه نه آهي. پوءِ وري منذر پٽ عمرو، حضرت سليمان کي چيو ته: جيڪڏهن تون سچو نبي آهين ته هن موتيءَ ۾ بنا ڪنهن اوزار جي سوراخ ڪڍي ڏي ۽ هن ڪوڏيءَ ۾ ڌاڳو وجهي ڏي. حضرت سليمان هڪڙي سنهڙي جيت کي حڪم ڪيو ته هن موتيءَ کي سوراخ ڪري ڏي، جو موتيءَ کي هڪري طرف کان کائي سڌو اچي ٻئي پاسي نڪتو. جنهنڪري انهي موتيءَ ۾ بنا ڪنهن اوزار جي سوراخ ٿي پيو. وري ٻئي هڪڙي جيت کي حڪم ڪيائين ته هن ڪوڏيءَ ۾ ڌاڳو وجهه. جيت ڌاڳي جو هڪ ڇيڙو وات ۾ جهلي ان ڪوڏيءَ ۾ گهڙي ويو ۽ اچي ڌاٻي سميت ٻئي طرف کان نڪتو، جنهنڪري اهو ڌاڳو ڪوٽيءَ ۾ پئجي ويو. تنهن کان پوءِ حضرت سليمان بيبي بلقيس جي ٻانهن ۽ ٻانهين کي حڪم ڪيو ته توهين سڀئي اٿي هن پاڻيءَ جي تلاءَ مان هٿ منهن ڌوئو. پوءِ جيڪي عورتون هيون تن هڪڙي هٿ سان تلاءَ مان پاڻي کنيو ٻئي هٿ ۾ وجهيو منهن پئي ڌوتو ۽ جيڪي مرد هئا تن ٻنهي هٿن سان پاڻي کڻي منهن پئي ڌوتو. وري جيڪي عورتون هيون تن ٻانهن جي اڳ واري پاسي تي پاڻي ٿي پلٽايو، تنهنڪري حضرت سليمان سمجهيو ته هي عورتون آهن ۽ هو مرد آهن. پوءِ بيبي بلقيس جي اميرن ۽ وزيرن کي چيائين ته: اوهان جن کي مردانو لباس پهرايو آهي سي عورتون آهن، ۽ جن کي عورتن وارو لباس آهي سي مرد آهن. تنهن کان پوءِ حضرت سليمان منذر پٽ عمرو کي چيو ته: هي تحفا جيڪي اوهان آندا آهن سي سمورا شهزاديءَ کي موٽائي وڃي ڏيو، جو مون کي دنيا جو احتياج نه آهي، مون کي الله تعالي جيڪي ڏنو آهي سو تمام گهڻو آهي. توهين اهڙن هَدين ۽ دنيا جي اسبابن سان خوش ٿيندا آهيو. منهنجي هنن دنيائي اسبابن سان محبت نه آهي ۽ نڪو مون کي گهرج آهي. مون کي الله تعاليٰ ايترو مال، طاقت ۽ لشڪر ڏنو آهي، جو ڪنهن به مخلوق کي نه ڏنو اٿس. مون کي الله تعاليٰ دين جي دولت ۽ نبّوت ساڻ نوازيو آهي. جيڪڏهن اوهان منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ اسلام قبول ڪندا ته اوهان سان صلح آهي، ٻيءَ حالت ۾ اوهان تي ايترو لشڪر موڪليندس جو ان جي مقابلي ڪرڻ جي اوهان کي طاقت نه ٿيندي.

پوءِ منذر پٽ عمرو جو سڀئي ٻانها ٻانهيون ۽ ٻيا به جيڪي تحفا آندا هئائين سي کڻائي واپس وريو ۽ جڏهن بيبي بلقيس وٽ پهتو ته حضرت سليمان جي شان ۽ شوڪت، دٻدٻو ۽ سلطنت جو سڄو احوال کيس ٻڌايائين. بيبي بلقيس اهو احوال ٻڌي حيرت ۾ پئجي وئي. چيائين ته: هاڻي مون کي يقين ٿيو آهي ته اهو نبي آهي ۽ بادشاهه نه آهي، ۽ اهو ضرور اسان تي غالب ٿيندو.

حضرت سليمان ڏانهن هڪڙو قاصد موڪليائين ته آءٌ پنهنجن اميرن ۽ وزيرن سميت اوهان ڏانهن اچان ٿي، باقي دين اسلام بابت روبرو گفتگو ڪبي.

ان بعد بيبي بلقيس تياري شروع ڪئي ۽ اول اول پنهنجو تخت جو بيبيءَ کي تمام وڻندڙ هو ۽ سڄي سلطنت ۾ بي بها هو، تنهن کي محفوظ ڪرايائين، هن طرح جو تخت کي هڪ جڳهه ۾ رکايائين جنهن کي چوڌاري ٻيا ست ڪمرا اڏيل هئا، جن کي جيڪي دروازا هئا سي سڀ بند ڪري شاهي ڪرف ڏئي مضبوط ڪيائين. ان جڳهه جي چوڌاري پهري وارا چوڪيدار ويهاري ڇڏيائين. ان بعد هڪڙو امير به پنهنجي طرفان سلطنت جي هلائڻ لاءِ مقرر ڪيائين، جنهن کي حڪومت جي ڪمن ڪارين کي سهڻي نموني هلائڻ جو تاڪيد ڪيائين. تنهن کان پوءِ بيبي بلقيس پنهنجن ٻارهن هزار اميرن ۽ انهن جي هٿ هيٺ جيڪي سپاهي هئا، تن کي حضرت سليمان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو سانباهو شروع ڪري ڏنو. سڀني جي وات ۾ حضرت سليمان جو نالو هو. جڏهن سڄو لشڪر تيار ٿي ويو تڏهن بيبي بلقيس پنهنجي ساٿ سميت حضرت سليمان ڏانهن رواني ٿي.

اڃا بيبي بلقيس حضرت سليمان جي منزل کان ٽن ميلن تي هئي ته حضرت سليمان پنهنجي لشڪر کي چيو ته: اوهان ۾ اهڙو ڪو آهي جو بلقيس جو تخت سندس اچڻ کان اڳ هت کڻي اچي. تڏهن لشڪر مان هڪڙي جنّ اُٿي عرض ڪيو ته: هائو سائين! آءٌ اهو ڪم ڪري سگهان ٿو. اهو جّن برابر پهلوان هو ۽ اهڙي ڪم جي لائق هو، سندس هڪ هڪ وک ٽن ڪوهن جي هوندي هئي، پر جڏهن اندازو لڳايو ويو تڏهن خبر پئي ته هي جّن بيبي بلقيس جي پهچڻ کان ڪجهه وقت پوءِ پهچي سگهندو. تڏهن حضرت سليمان چيو ته: اسان کي اهو تخت هر حال ۾ بلقيس جي اچڻ کان اڳ گهرجي. اتي آصف چيو ته: سائين! آءٌ اهو تخت اک ڇنب ۾ آڻي حاضر ڪندس. آصف، حضرت سليمان جو وڏو وزير هو. هو وڏو عالم هو ۽ علم جي روشنيءَ ۾ سندس واسطي سڀڪجهه آسان هو. انهيءَ ڪري آصف تخت آڻڻ جي هام ڀري.

حضرت سليمان آصف کي چيو ته: چڱو، جيڪڏهن تون ائين ڪري سگهين ٿو ته پوءِ دير نه ڪر. آصف اتان دربار مان اٿي پنهنجي جاءِ تي آيو ۽ ڌڻي تعاليٰ جي بارگاهه ۾ سجدو ڪري ڪجهه آيتون ۽ اسم اعظم پڙهڻ لڳو. قدرت الله جي ۽ برڪت اسم اعظم جي سان بيبي بلقيس وارو ساڳيو تخت حضرت سليمان جي اڳيان ازخود اچي حاضر ٿيو. حضرت سليمان اهو تخت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ديون کي حڪم ڪيائين ته هن تخت جا ڳاڙها ياقوت ڪڍي ساون جي جاءِ تي هڻو ۽ ساوا ياقوت ڳاڙهن جي جاءِ تي جَڙيو. هن تخت کي هتي گهرائڻ مان حضرت سليمان جي مراد هئي ته بيبي بلقيس پنهنجي تخت کي هتي ڏسي، حضرت سليمان جي طاقت ۽ سندس نبوّت ۾ يقين آڻي. تخت جي خاطري ڏيکاءَ ۾ ڦيرگير بيبي بلقيس جي عقل ۽ فهم پرکڻ خاطر ڪئي وئي.

جڏهن بيبي بلقيس اتي پهتي تڏهن حضرت سليمان کانئس پڇيو ته: هي تخت تنهنجو آهي؟ بيبي بلقيس وراڻيو ته: منهنجو تخت به انهيءَ تخت جهڙو آهي. هن جواب مان حضرت سليمان کي بيبي بلقيس جي ڏاهپ ۽ فراست جو پورو يقين ٿي ويو. تنهن کان پوءِ بيبي بلقيس چيو ته: هن معجزي کان اڳ ۾ ئي مون کي يقين هو ته تون الله جو نبي آهين. پوءِ بيبي بلقيس پنهنجي سڄي لشڪر، اميرن ۽ وزيرن سميت اسلام قبول ڪيو. ۽ حضرت سليمان جي امت ۾ داخل ٿي. حضرت سليمان کيس سج جي پوڄا کان منع ڪري الله تعاليٰ جي عبادت جي تلقين ڪئي. پوءِ بيبي بلقيس رات ڏينهن عبادت خداوندي ۾ مشغول رهندي هئي.

هاڻي حضرت سليمان جي تابعدار جنّن کي اچي خوف ٿيو ته، جيڪڏهن حضرت سليمان، بيبي بلقيس سان شادي ڪئي ۽ کيس جنّن جي مطيع ڪرڻ جون واٽون سمجهايون ته پوءِ بيبي بلقيس ۽ ان جو اولاد، جيڪو حضرت سليمان مان ٿيندو، اسان کي پشت به پشت تابع ڪري پيو ڪمارائيندو؛ تنهنڪري رٿ ڪيائون ته ڇو نه اڳ ۾ ئي حضرت سليمان جي ذهن تي بيبي بلقيس بابت ڪي شڪايتون وجهن. اهو خيال ڪري حضرت سليمان کي چيائون ته: بيبي بلقيس جي ماءُ جنياڻي هئي، تنهنڪري سندس پير گڏهه جي پيرن جهڙا آهن.

حضرت سليمان هيءَ ڳالهه ٻڌي ديون کي حڪم ڪيو ته: بلوري شيشي جي هڪ ماڙي تيار ڪريو. هن ماڙيءَ جي هيٺان پاڻيءَ جو هڪ تلاءُ هجي جنهن ۾ مڇيون ۽ ڏيڏر به هجن. ماڙيءَ واري شيشي جو رنگ به هوبهو پاڻيءَ جهڙو هجي. تابعدار ديو حڪم جي تعميل ۾ لڳي ويا ۽ ٿوري وقت ۾ اهڙي هڪ ماڙي ٺاهي تيار ڪيائون. پوءِ حضرت سليمان ان ماڙيءَ جي وچ ۾ ڪرسي وجهي ويهي رهيو ۽ بيبي بلقيس کي اتي اچڻ جو پيغام موڪليائين. بيبي بلقيس جڏهن هن ماڙيءَ جي ويجهو آئي، تڏهن ڀانيائين ته هي سڀ پاڻي آهي. جنهن جي وچ ۾ حضرت سليمان ويٺو آهي. پوءِ پيرن مان جُتي لاهي سوار مٿڀري کنجي اڳتي هلڻ لاءِ تيار ٿي. حضرت سليمان ان وقت بيبي بلقيس جا پير ڏسي ورتا، جي تمام سهڻا ۽ انسانن جهڙا هئا. تنهن تي سمجهيائين ته هيءَ چُرچ سڄي جنّن جي آهي. پوءِ بيبي بلقيس کي چيائين ته: هي پاڻي نه پر بلوري شيشي جو فرش آهي. تڏهن بيبي بلقيس پنهنجا پير ڍڪيا ۽ ڪپڙا درست ڪري اڳتي وڌي اچي سليمان جي خدمت ۾ حاضر ٿي. اتي حضرت سليمان کيس شاديءَ جو پيغام ڏنو جو بيبي بلقيس خوشيءَ سان قبول ڪيو.

پوءِ شادي جي تياري ٿي ۽ حضرت سليمان جي حڪم سان ڏهن ڪوهن ۾ بورچيخانا تيار ٿي ويا، جن ۾ مسڪينن ۽ محتاجن کي هر وقت کاڌو تيار ملندو هو. بيبي بلقيس ۽ حضرت سليمان جي تابعدارن کي ريشمي پوشاڪون مليون. چوطرف عطر ۽ مشڪ جي ڇٽڪار ٿي وئي. شاديءَ جي تياري اهڙيءَ ڌام ڌوم، سان ٿي جو هرڪو جاندار هن جشن کي ڏسيو واهواهه پيو ڪندو هو. مقرر تاريخ ۽ وقت تي ٻنهي جو نڪاح پڙهيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح بيبي بلقيس کي حضرت سليمان جو وصال حاصل ٿيو.

 شاديءَ کان پوءِ حضرت سليمان جي حڪم سان ’يمن‘ ۽ ’مارب‘ ولايتن ۾ ٽي عاليشان قلعا ملحين، عمدان، ۽ بيستون تيار ٿيا. اهي ٽيئي قلعا بيبي بلقيس جي حوالي هوندا هئا. حضرت سليمان هر مهيني هڪ دفعو هنن ٽنهي قلعن مان ڪنهن به هڪ ۾ بيبي بلقيس وٽ ايندو هو ۽ ٽي راتيون رهي پوءِ موٽي شام ۾ ايندو هو. چون ٿا ته حضرت سليمان کي بيبي بلقيس مان هڪ پٽ ڄائو جنهن ٽيونجاهه ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي.


* هن روايت جو مدار حاجي دين محمّد خلف مرحوم فقير خير محمّد جي مرتب ڪيل قصي تي آهي جو پوڪرداس تاجر ڪتب شڪارپور، لاهور جي ليٿو پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو.

 * ڪن روايتن ۾ عق

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org