سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب: -

صفحو :9

 

 

قصو شاهه بهرام گور ۽ حسن بانو جو*

چيل شيخ ابراهيم جو*

 

1-      وڏائي تنهن واحد کي، جو الله اڪبر،
        خالق رازق ڪل خلائق، پاڪ والي پرور،
        مڃيان محمّد مصطفيٰ، جو امت جو آڌر،
        صحي شفاعت سيّد ڪنبدو، عاصين سرور،
        سو لڪ لنگهائيندو لڪيون، اڀي راهه مٿي رهبر،
        ابابڪر، عمر، شاهه عثمان، ۽ علي چوان.

 

2-     واحد لاشريڪ لہ، خالق سڀ خلق،
        اپائيندڙ عالَمِبن، ماڻهو، ديو مَلڪ،
        ارڙن ڪروڙيون عالمَين، زمينون ۽ فلڪ،
        تان به لِکَ نه پيئي لکَ، قادر جي قدرت جي.

 

3-     قادر جي قدرت جي، وڏي وڏائي،
        هئي هميشه لاعيوب، جنهن جي بلند بادشاهي،
        آهي، هوندو، سو ڌڻي، ٻيا سڀ تو در طماعي،
        ٿو مڱي مدامي، مدعا منصب مَن جا.

 

4-     هڪ فائق فارس شهر جو، هو عادل مرد امير،
        سو عقل ادب انصاف سين، وڌ گهڻو هئو زير،
        حيا، علم، حشمت ساڻ حسين، هئو سو صورت سونهن ڪثير،
        تنهن ٿي ڪيو تواضع تدبير، جيئن ماڻهو سڀ مشتاق هوا.

 

5-      سو شهزادو شهزور، هئو عادل عدالت اڳرو،
        قصو تنهن جو ٿو ڪريان، جو ’بانڪو بهرام گور‘،
هيئان لٿن هور، پَسي تنهن بادشاهه کي.

 

6-     جهڙي هيس سونهن سرس، تهڙو هئو تنظيم ۾،
مهت محاسبي ماڻهن سان، وڏا ڪندو هو وس،
تهن وٽ عالم آزو بند هئا، هر جاءِ ۽ هر گس،
جن جهڙائي جَس، تن تعريفون تهڙيون.

 

7-     سو ڏٺو جن جوان، تن نه ويو وسري،
تهن جو شوق شڪار سين، هئو شير شجاع سلطان،
سو غازي گورزن جو، ڄڻ موت هئو مستان،
تهن شهزادي جو شآن، ٻولڻ کؤن ٻَهُون چوان.

 

8-     هڪ ڏينهن ٿيڙس شوق شڪار، وڌ سير ذوق وريام کي،
تهن ڪامل ڪوٺايا ڪيترا، چوطرفان چوڌار،
سن تنين جو ستن کؤن، سترسين ڄائي هو ڄمار،
سي مڙيئي ٿين سوار، هيڪاندا گهرجن هِمَتين.

 

9-     تڏ ٿيا سڀئي ترت تيار، ليکو لشڪر ناهه ڪو،
هٿ ڪمانون، چيلهه تپاچا، هو سڀڪو ئي سوار،
سنج سونهري، خلعت سڀڪنهن، جوڙ چڱيءَ جنسار،
چڙهيو شهزادو شڪار لئي، ڪري گويا اي گفتار،
چئي: سو صحي ٿيندو سنگسار، جنهن کؤن ويندو نسنگ مِرو نڪري.

 

10-    تيڏي ڪيائون ڪاهه، جيڏي بڇڪر شاهه بهرام ڪئي،
رڻ رفتار رئي ڪيو، ساڻن رند سپاهه،
سؤ فرسنگ سلطان چيو، ويڙهه ڪريجا واهه،
جنهن پر ڪهيو شاهه، تهن پر آيا ويڙهه وري ڪري.
واري وريامن، مِرُو آڻي مُچ ڪيا:
اهو، گوڪن، گورخر، ڳانجهه نه ڳاڻيٽرن،
شهه سي وحشي ويڙهه ۾، جهليا جوان مردن،
اُڀا روجهه رڙن، اچي مرن ۾ ماتام ٿيو.

 

12-    سو دولهه درميان، ٿي سير ڪندو سلطان ويو،
هوس نگاهه نخچير ۾، ڪامل دست ڪمان،
تان تهن کي ناگهه نظر آيو، ڪو گور وچئون گردان،
سفيد سارو سهڻو، عجب هوس انهڃاڻ،
قسمن قسمن ڪيترا هو، خط خال نقش نيشان،
ڪو جڙيو هو جواهرن سين، مالهه موتي مرجان،
چئني قدمن قيمتي، هوس زريون زيور گِردان،
اڃا چوڻ کان چؤڻا هئا، تهن جا سونهن مقابل بيان،
سو سامهون کي سلطان، اچي اُبِيٺو اوڏڙو.

 

13-    ڏسندي عاشق ٿيو امراء، ڪو رنگ الاهي راهه ڏٺو،
جان تهن کي وڌو ويجهڙو، پاڻ ٿيو بادشاهه،
تان چري قطرو ڪينڪي، مرو تهن ماڳا،
عجب ٿيو عاقل کي، تهن جي پَسِي شِڪلا،
جان لائق لايس هٿڙا، تهن کي ڊپ نڪوئي ڊراهه،
اُنهن ”ابراهيم“ چئي، وير واري ڪيو ويساهه،
تهن کي ڪمند پائي ڪنڌ ۾، هليو راوت راجا راهه،
ڪامل قابل وچ ڪٽڪ جي، آيس سنگهر پائي شاهه،
مڙي آدسين انبوهه ڪيو، عالمگير اڳيا،
مير، وزير، مُتصدي، توڻي سڀ سپاهه،
چون: سفيد پَسي شڪلا، مڙني چيو حمد حڪيم کي.

 

14-    ميان قادر قدرت تنهنجي، تون ٿو جوڙين جوڙ جبار،
جي سمنڊ سارو کير ڪرين، ته به پهچين پهچڻهار،
جي ڏونگر سارو سون ڪرين، توجي برڪت بيشمار،
جي سُڪا وڻ ساوا ڪرين، ته ٿين باغ بهار،
”يُخرج الحَيّ مِنَ المَيّت وَ يُخرجُ المَيّت مِنَالحيّ“ ايڏي سگهه ستار،
اُت جي هئا حاضر سؤ هزار، تن سڀني مِروُ مشاهدو ٿيو.

 

15-    اُتو شهزادي ايئن، ته: ان تي آئي رکو سنج سونو صُفرو،
۽ زرهون زينتدار، هن کي ترت ڍڪيو تيئن،
وات لغامون، پٺ پلاڻي، هاڻي هيڪا گهرجن هيئن،
ايهن ڪريو تصوّر تعظيم تهن کي، خوب ٿئي خوش جيئن،
تان جيئن موسم وسن مينهن، تيئن اچي پاڻٺين پاليٽ ڪئي.

 

16-    پر مشڪ عطر عنبير سين، مليائونس مضبوط،
ٿيو ساڻ سنجن ثابوت، هاڻي ڪا گهٽ گهرجي ڪانه ڪا،

 

17-    تڏهين راوت قدم رِڪاب ٿي، سوار مٿس سلطان ٿيو،
ڏنيس ماڻهن مبارڪون، بيحد بيحساب،
ته ٿيو ربّ راضي راڄيو، جنهن ڏنئي اسپ جهڙو آفتاب،
تان جي هجن تازي تڪڙا، ته به هن جي اچي ڪونه اعراب،
انهن شاهه شاديءَ جا شڪر پڙهي، ڏنو جوان جواب:
ته ڏاتيؤن ڏاتار اوڏڙو، هٿ صاحب جي سباب،
(1)
تنهنڪري شوقئون شوق شتاب، غازي گور هلائيو.

 

18-    جان غازيءَ گور هلائيو، سگهه ڀرئي سردار،
تان شيرين حرڪات هلڻو، راهه چڱو رفتار،
مڙيئي موچارا تِهن جا، پنڌ قدم ڪردار،
هي به عاشق اٿيئي ٿيو، پَسي تهن جا پار،
چيو وير وجود ۾ ته: هيڪر اٿاريانس الگار،
تان ڪري اُڌَڪ اڏاڻو آغاز ۾، نه ٿئي وير جهلڻ وار،
سو کڻي خان روان ٿيو، ڏس الاهي اسرار،
سي مڙيئي ماڻهو متفڪر ٿيا، جي هئا حاضرات هزار،
ٿا ڪن هئي هئي هوءِ هونگار، ته ڏسو ڪيڏو ڪَزيِهو ٿيو.
(1)

 

19-    اچي ٿيو غوغا گوڙ تمام، عالم ۾ اندوهه ٿيو،
حرمن هُوءِ گهڻي، ٿئي محلن ۾ ماتام،
ڪيو برهه بي آرام، ٿيو ملڪ ماندو مالڪ ري،

 

20-    چاليهه حرم هئاس، جن ٿي ماڻيا سک سهاڳ جا،
سي سڀ گوندر گڏيا، ويڙهي سور وياس،
هئي هئي ڪيو هڻن هٿڙا، ڪڙهن ٿا ڪيڻاس:
ته آڻي والي ورائين، ميان محلن پاس،
اڳيان ربّ ڪرين تون را، ولها وارين بخير.
(2)

 

21-    روئڻ مقابل راؤ، جي موٽي محلن ۾،
ته سؤ ورهين صدقي ڪريان، ڳوڙها ڳلن ٿا،
پرس پرين ويا پرڏيهڙي، سُر چکائي ساهه،
کُهه کاڄ کنڊون، ٻن لذتون، کير ڀايان کارا،
کُهه کٽون، ٻن پٿراڻيون، تڪيا تن ڌارا،
اي مون پرين پيارا! وارج وير وصال جي.

 

22-    اچي ماڳ تهن مصلحت، ڪا جا ڪيائون پاڻ ۾:
ته هن ملڪ والي ناهه ڪو، جو هلائي حُڪمت،
ڏسو مالڪ ٻاجهؤن ملڪ ۾، ڪان هلي قدرت،
آهي مامون وزير شاهه جو، خاص خوبي خصلت،
اُهو هر ڪم ڪامراني، ڪندو عادل عدالت،
سو جڏهن ويهندو جاءِ تي، ڪندو مالڪ مملڪت،
تڏهن شهر موٽي شاهه جو، فيض ڪندو فرحت،
عالم، علماء، شرفاء، ٻيا فاضل فضيلت،
تن ويهي واهه ملوڪن ڪئي، ناهي اها نروَت،
جاسين سڌ پوي، سلطان جي، تاسين ڪريو قبوليت،
تن وٺي سر تخت، ويهاريو وزير کي،

 

23-    پر ڏسو تان پنڌ ڪشالا پُر، جي گورغازي کي ڪرائيا،
اچي ڦوڙائي فراق جا، تيس سٽاڻا سور،
وڇوڙي وڏا ڪيا، دُک دليان دهدور،
ربّ رکين تون راڄيا! ڪنان اهڙي زور ضرور،
دست گردن گور جي، وڌائين وهلور،
مَت چڪ ٿيان چن چور، ڪِري ذرا ذرا زمين تي.

 

24-    [سور سورن] سيئن، مَ ڏي ڦوڙائي فراق جا،(1)
چڙهيس شوق شڪار جي، هڏ نه ڀائم هيئن،
چڙهيس شوق شڪار جي، هڏ نه ڀانم هيئن،
تو بنا ربّ ڪارڻي، ٻئي در قادر وڃان ڪيئن،
اوکيون تون سوکيون ڪرين، اڙين آڌر ڏيئن،
ٿي ڪيائين خدا خدا جيئن، تيئن ٿي مٿس موليٰ مهربان ٿيو.

 

25-    جڏهين ٿيو ربّ راضي رحمان، تڏهين تهن ڪيو موٽي ميل زمين تي،
ڌرتي تهن کي دور هئي، اوڏڌو هئو آسمان،
سو لهندو لمندو آئيو، قُوّت گور گران،
تهن آڻي ڌَر اوپر راوت رکيو، پاڻ ٿيو پنهان،
تڏهن سرهو ٿيو سلطان، تهن جو طالع يار تيار ٿيو.

 

26-    اکيون جان اُپٽيون، سونهاري سردار،
تان وڻ ساوا سبز گهڻو، بَهُوت ميوا سڀ موچار،
بهر بَدايون نارنگيون، اکروٽ اپار،
توت، صوف، زردالو، شفاتالو، ليمان لذتدار،
پساء ڪهڙا قيمتي، انب، انجير، انگور، ات انار،
پٻڻيون، پٽاهڙيون، ٻيا زنبق زينتدار،
سوسن، سوپل، ٻيا نايَر نخلندار،
ڪانز، بانز، ڪبوتر، ڪوئلون، ڪڏيو ڪن ڪوڪار،
ساريون ريليون، ڍرڪن ڍيلون، چَرتن جي چانگهار،
مور قمري ماڳ تنهن، ڪن لات چڱي للڪار،
هو به اُبيٺو اوڏڙو، ويجهو وڻ چَنار،
اوچ اتم اعليٰ گهڻو، بهوت بيشمار،
تهن پاسي ڪيترا هئا، گل ڦل ۽ گلذار،
گل لالا، گل سورجا، گل ريحاني رنگدار،
ٻيا گل چڱا پاس چنار جي، گل چوطرفان چوڌار،
جاءِ ته جنت جهڙي، ٻي کٿوري خنڪار،
تخت ڪيائين ديد اتاهين، حيرت ٿيس هيڪار،
طِلا سُرصَّع موتي مٿس، مالهه جهڙي مروار،
عاج، آبنوس اتهن، پاسي تخت رکيا تڪرار،
اهڙي رونق رنگ هُوءِ، جي رنگ رنگي رنگدار،
سؤ هزار لَک ليکجي، ويهي ڪر ويچار،
خاصا خاصا خوب خونچار، جن ليکو ناهه شمار،
پَسي پيالا بَهُوت بلوري، جمرودي جنسار،
سونا روپا طبق تِهن، طرحين طرحين طعام تيار،
تَريا ڀُڳيا ماس مِرُن جا، جشن جال اپار،
ٻي ڪمي ڪبابن ڪانه هئي، ماس پکين موچار،
ڌريا هئا دُنگ دارون جا، رکيا سي رهوار،
جي هئا غم غمي غمدار، سي پسي خان خيال پيو.

 

27-    پَسي خان خيال پيو، ٿيس سؤنچو منجهه سرير،
غم غازي کي آيو، دل ٿيس دلگير،
ته ڪاڏي ملڪ مالڪي، ڪاڏي تخت وزير،
ڪٿي حڪم حاڪمي، هت ٿيم دل حقير،
موٽي چيو وير وجود ۾، سالڪ مت سڌير:
الله عالمن جو ڌڻي، ڏيندڙ رازق رزق ڪثير،
ته مان تي مهربان اڄ ڪيو، قادر ڪرم قدير،
پَسي طرح تماشا تڪيا، ٿيو مشاهدو مير،
رنگ پَسي ريڌو گهڻو، آرام ٿيو امير،
وڃي ويٺو تخت اتي، قدرت ساڻ قدير،
تان ڪا گهٽ ڪيڏان ڪانه هئي، قسمن قسم ڪثير،
عجب جي اسرار هئا، سي ويهي ڏٺا وير،
ويهي دسترخانا دست، اُپٽيا ساڻ اڪير،
اتي بسم الله بهرام پڙهي، شهزادي سڌير،
ڪامل ڪباب نعمتون، آيا کيڻ سندا کير،
کائي خان خوشحال ٿيو، ماڳ تِهن من ڏير،
تهن آهر عالمگير، ٻيا ويهي پيتا شام شراب جا.
(1)

 

28-    هي بي جهجها جام، ڏٺام جشن جهانن جا،
قادر ڪرم ڪيام، ويا گوندر گذري.

 

29-    جيڪي ڏاتار ڏئين ڏينهن سي نه ڏي ڪو ٻيو،
اهکيون سهکايون ڪرين، اڙين آڌار ڏيئن،
قلم قادر هٿ ۾، ڪاتب ڪندا ڪيئن،
پاڻ وهيڻو بادشاهه، ريس ڪانِهن ربّ سينء،
تان ناگہ ديو نگاهه ۾، تهن کي اچي ابيٺو جيئن،
ڪر شير نهيب سهڻو، صورت جهڙس شينهن،
جيئن شڪل هوس شڪار ڏينهن، ساري طرح تيئن،
زر زيور هوس زينتي، مرصع مينا سيئن،
خدا خال نقش نيشان، هئا عجيب جواهر جيئن،
سونيون سنگهرون سي تان گهڻيون، اکرن لکيو ايئن،
تن کي ڏاتر ڏاتيون ڏيئن، جن تي راضي هو من راڄيا،

 

30-    اچي تهن ڏنو سلام، ديو اڳيان داناءَ جي،
نائي سر سجود ۾، تهن صحي ڪيا سلام،
خاڪ چمي خذمت ۾، هي ڪهيا ديو ڪلام:
ته اي آدمزادا آدمي، شاهه بهادر بهرام،
جڏهن ڪيو ٿي شوق شڪار جو، تو مشغولي مدام،
توکي پَسي پاتشاهه، ٿيس عاشق دل انجام،
اچي وڏا ڪندو هوس وس، تو پسڻ خاطر تمام،
هي گستاخي گهڻي ڪري توکي آندم، هاڻي عالق ڪر آرام،
باغ باغيچا خان خوشحالي، ڏس جنّت جهڙا جام،
پس تان جڙيا جواهرن سين، توسڪ سڀ تمام،
ڏس خاصا خاصا خوب خونچا، طرح طرح تيار طعام،
اهي سڀ عيش آرام، محب موافق سپرين،

 

31-    پر وڏي ادب استقبال، وڏي ٿيس ويجهڙو،
تهن عزت شرف شعور سين، خان ڪيو خوشحال،
غل لٿا، گوندر گيا، واحد ڪيا وصال،
ٿيو راضي راڄيو، شهزادو سريال،
هاڻي نه رهي عذر احمال، ويٺا جانب جاءِ نشين ٿي.

 

32-    راوَت ويٺو رمزون ڪري، پاڻ ڪري پرمل،
لِکئي منجهئون لِک نه لهي، ڪهن جو ناهه وار وصل،
کڻي سرمداڻي ديو سفيد، آيو مرد مهائين مل،
چئي: ڪامل پاءِ ڪجل، هي سرمون حضرت سليمان جو.

 

33-    جو آندو اُڪير ۾، سو ڪجل ڪڍيائين،
اکين ۾ آڻي ان کي، واري وڌائين،
ساڄي پاسي شاهه، جان کڻي نظر نهاريائين،
هيون جي جواب جهڙيون، سي ڏهه سئو ڏٺائين،
سي سڀ هيون سهائين، هئي گهٽ ڪهن ۾ ڪانه ڪا.

 

34-    ڏهه هزار ٻئي طرفان، ڏائي ٿا ڏسجن،
سي به هوا آفريدي اهڙا، جهڙا جابر جات پسن،
پسي سونهن سندين، عجب عاقل کي ٿيو.

 

35-    سي سڀ مهنان مير، اچي خذمت منجهه کڙا ٿيا،
نائي سر سجود ۾، اڀا ساڻ اڪير،
پسي تن کي بادشاهه، ٿيو سرهو منجهه سرير،
موٽي اشارو امير، ڪيو ديو پرين کي دوس ڏانہ.

 

36-    ديو پرين کي دوس ڏانہ، ڪيو اشارو امراءَ،
تان ان شهزادي کي شاهه، ٻيو پنجاهه پرين آيو.

 

37-    پر اهڙي سونهن سنديان، جهڙي ڪانه ڏٺياسون ’ڪوهه قاف‘ ۾،
هڪ هڪ حور حسين هئي، تهن جي تعريفان،
هڪ هڪ وڳو زينتدار هو، جامن جواهر جڙيان،
ڳل ڳل مينا، سر سر موتي، ڪن ڪن ياقوت ڳتان،
هٿ هٿ ڇوڪر ڇلڙا، پڳ پڳ بڇو بهوت بنيانِ،
زر زيور هون زينتي، پرهڻ پاڪيزان،
ڇا ڪهان مشڪي دهان لذت لسانان،
ڪر اکين ۾، ابراهيم چوءِ، ماڻڪ موچاران،
سي اچي بيٺيون شوق شاهه جي، ڪري توجهه تعظيمان،
تن جي سازن سر سرود هئا، عجب آوازان،
ڪماچا ۽ ڪِيترا، رنگ چنگ ربابان،
سي مڙيئي مشاهدا ڪيا، اچي سازن سُر ڌريان،
تن ٻيا جي پيتا شام شراب جا، هئا ڪيف ڪافوران،
جشن جال ٿيان، من مرادون پنيون.

 

38-    اتو شهزادي شاهه، دولهه ديو سفير کي:
نه هت هن کان اڳيئين جي آندومس الله،
(1)
ته هي جشن، هي لذتون، ٿي ماڻيم سهسين شاهه،
هي باغ بهشتي، جنّت جايون، دوس ملين دلخواهه،
ڏِس جيئن راحت رسي روح کي، آرام ڪيو ارواح،
تڏهن ديون امراء، دلاسيو داناءُ کي.

 

39-    ات جشن ڪيائون جال، وڏا سازن وس ڪيا،
اُلهي سج اوير ڪئي، ورين وير وصال،
ڪمي قنديلن ڪانه هئي، ٿي پرين ماڳ مشال،
سي هئا باغ روشن شمس جيئن، ٿيا خوب خوشي خوشحال،
ماهه تنين جي مات ڪيو، جلوو ۽ جمال،
ڪيا ڀلي ڀلايون ڀال، تڏهن مڙيئي موجود ٿيو.

 

40-    اُت ديو سفير، شهزادي سلطان کي،
جا اٿئي من اميد، سا ظاهر ڪر زبان سين،

 

41-    ات حاضر جي حضور ۾، هيون پَرياڻيون،
جي عجب سهڄڻ سُونهڻيون، هيون سڀئي سُڄاڻيون،
هئا تن سازن تارن سرودن، نڪين ويهي وساڻيون،
سي خذمت ۾ کڙيون هيون، سٿ ڳڻ سينباڻيون،
تن مان هڪ جون هيون عجب اهڃاڻيون، جاننڍي منجهه نازنين.

 

42-    سا راوت رکي روح ۾، من لايس محبت،
عشق بي آرام ڪيو، تهن جي سونهن پسي صورت،
جان تهن کي ديو اشارو ڪري، آڳهه ڏنيس البت،
سا خوشيءَ ساڻ خذمت، اچي حاضر ٿي حضور ۾.

 

43-    ٿي ڪيائين ڪشالي نال، بي عين ڪشالي نين مليا،
تن برسي بوند برهه جي، ڪئي وانگي ميگهه مثال،
پر ڪي ٿين قادر ٻاجهون، صحبت ۾ سرحال،
 سي قربان قربي پاڻ ۾، ٿيا ”براهم“ چئي برحال،
تڏهن ويجهي ٿين وصال، جڏهن تن کي وچون عشق امين ٿيو.

 

44-    اچي گڏيا پاڻ ۾، عاشق ۽ معشوق،
محبت ۾ موجود ٿيا، ٿين صحبت ساڻ سلوڪ،
هئا ٻئي محب ملوڪ، ڪا گهٽ ڪيڏان ڪانه هئي.

 

45-    ڏئي سازن ساڻ شهزاديون، ڏئي ڪٽورا هاٿ،
سڄو ڏينهن خذمت منجهه کڙيون هيون، جن جو ٻولڻ ڀلي بات
تن ويٺي بانا ڪيا باغن وچ، انگ چنگ ساري رات،
اهڙي عشق الول ۾، اچي پرهه ڦٽي پرڀات،
ڪيائون رکي ڳل ڳلن سر ڳالهيون، پين جي پَهات،
اها زاغن باغن وائي وات، ته آيو سورج اوڏڙو.

 

46-    ڪيو سورج شعاع، رات وهاڻي ڏينهن ٿيو،
تان سَنڌ سَنڌ نازڪ نازنين، ڪيو ويتر وڄ اُهاء،
املهه نين نسورا ڪر، مُک تهن جو جهڙو ماهه،
تهن جي جلوي جمالاء، فسخ ڪيو فانوس کي.

 

47-    پيئي پرين ۾ پچار، ته ڪيو ڪوسو آب قريب لاءِ،
هئي حمامن خوب کٿوري، نافِهان نت نبار،
ڪري عطرن ذوق زبان سين، سِر واسيائونس وار،
آندائون تهن کي حمام ڏي، ڪري خوش طبع کينڪار،
توجہ ۽ تعظيم سين، آڻي ويهاريائون تهن وار،
اچي شهزادو سرهو ٿيو، پسي حمامن هٻڪار،
عجب جي، صفت کؤن ٻاهر، جوڙ سندين جنسار،
تن وهنجاريو وريام کي، سونهاري سردار،
موٽي آئي تن اُپٽيا، بُڪچا بيشمار،
تان تن ۾ ڪپڙا قيمتي، زغا زينتدار،
تڏهين تن کي پريزادي پاڻهي اُتو نازنين نروار،
ته محب منهنجي منٺار، ڪجائو خوب خذمت گهڻي ڪا.

 

48-    تن سينگاري سڌير، آندو دولهه ديو سفيد ڏانهن،
خلعت ڍڪي خان اچي، مانهندان بيٺس مير،
تهن پسي شهزادي شاهه کي، ڪيو نرتائين نظير،
ته هن لائق، لائق ناهه ڪو، جو وڳو ڍڪي وير،
تڏهين دوس دلاسي ديو ڪئي، تواضع تدبير،
چئي: سَرهو ڪر سرير، آءٌ سهسين سرهو آهيان.

 

49-    موٽي جشن جهجهوئي، ڪيائون ڪوڏ قريب سان،
اڳي کؤن پي اڳري، واهه هين وائي،
گل ڦل ميوا ماڳ مشاهدو، ڪباب طعام تريائي،
سي طعام تناول تن تان، روات خان ٿيو خوش کائي،
محبت صحبت ڪيف قريبان، هين منجهه مُک مٺائي،
هئا جانب جاني، شامل ثاني، ويتر سونهن سوائي،
تن باغن ماڳن سير سدا ڪيا، لائي لالن لئون لائي،
تن ياري پانجي پاري، جن جي واري رازق وڌائي،
تن نه اوڏو، لهرن لوڏو، جن سان هاديءَ جي همراهي،
هن کؤن ويتر هت اچي ٿي، تهن عاقل عادل جي امرائي،
مڙيئي صاحب سڻائي، ڪئي باري شاهه بهرام سين.

 

50-    روزان روز هر روز، هڪ بِڪر پاس بهرام،
اها ڌات ته ديو سفيف ڪئي، عاقل کي انعام،
چوي من متان ڪيئن لوڏئين، ٿج وڏي دل وريام،
توسين ٻاجهه سٻاجهي ڪئي، ٻيا مطيع سڀ مقام،
اي شاهه شجاع سرهو ٿيءُ، تا ايام الايا،
مون وٽ محب مدام، شال باغن هوندين بادشاهه.

 

51-    اِنهَن ڪيئي ڏينهن لنگهي ويا، آئي مدت مُديرا،
عرض ته ديو سفير ڪيو، اڳيان کي امراءُ،
ته آهي ڀاءُ برادر منهنجو، نالي ’سُرخابا‘،
سو ڪر خدائي آيو، ڪهي ڪوهه قافا،
تهن جا قاصد اچن ڪيترا، روزان روز مرا،
سو آهي دريامن ديو ويٺو، شادي خاطر شاهه،
رضا رخصت ٿئي ان کؤن، محبت مهر منجهان،
ته سو پرڻائي پادشاهه، موٽي اڇان ڏهن ڏينهن م.

 

52-    تهن کي رضا راوَ ڏني، ته وانءُ وهليو آءٌ.(1)
متان ويهين اڳرو، ڏهن ڏينهن کان،
سو ڀلو سياڪِي ڀاءُ، وڃي گڏي آهيان آءٌ غازي تون.

 

53-    تڏهن تِهن ڏني شاهه کي سوني ڪنجي، جيبان ڪڍي جوان،
چئي: ٿو ڪريان نصيحت هيڪڙي سانون سمجهه سلطان!
جي من ماندو تو ٿئي، اي پرين پهلوان!
ته در اٿئي اوڏڙو، اي صورتوند سجان!
وڃي تنهن کي کولئين، ڪڙا ڪُرف قلان،
سڀئي ڪڍج هن ڪنجي سان، ڪري الله جي احسان،
ته اڳيون زور زمين کي، باغ چڱا بستان،
سي هزار درجن هن باغ کؤن، بهتر راحت بيان،
آهي مَلڪزادا! معاف تو، ايءُ مڙوئي ماڳ مڪان،
موٽي ويتر پارت ديو پرين کي ڪيائين، خاطر ساڻ زبان:
ته هي شهزادو شعر روند، آهي شرف وڏي سين شان،
اچي وڻيم واهه وجوء ۾، ان عاقل جا ارڪان،
ڏهه سئو سِر سارا قربان، ڪِجائو فدا قلب قريب تان.

 

54-    اها پارت ڪري پادشاهه جي، اٿيو الهه تُهار،
هليو رخصت وٺي راوُ کؤن، هٿ چمي هيڪار،
ڪرم ڪامل جن تي ڪيو، رازق ربّ جبار،
تن سين ريس نه رتيءَ جيتري، تان جي ڪن حيلا هزار،
جن تي نُسِي تن سان وسي، ڏاتيون هٿ ڏاتار،
واليءَ جي وَهار، ٿيو شرف اعليٰ شاهه جو.

 

55-    هاڻي سيئي عزت آبرو، سيئي رضائون،
سيئي شرف شاهه لکي، سيئي بُڪائون،
سيئي پريون پدمڻيون، سيئي گُن غذائون،
سيئي جشن جال ٿي ڪوڏان ڪيائون،
پسي شبيهه شاهه جي، عبرت آندائون،
”گفتند ترا هر شبي نازنين“ اهو ٻولڻ ٻوليائون،
جيئن ئي اُتائون، هِن به ٿيئن ٿي مزا ماڻيا.

 

56-    سي هئا گل گلاب، سيئي رنگ رباب،*
سيئي طعام شراب، سيئي نشا نينهن جا.

 

57-    لڳن ڏينهن ٻه چار، مٺا محبت گاڏوان،
ملڪزادي من ۾، اچي پيئي آر،
ته باغ ديکيان هن ديو جو، آهي ڪيهڙيءَ ڪار؛
جان سير ڪندو سلطان ويو، جان تيغ کڻي تلوار،
سو دولهه در کان ٻهار، اچي آُبيٺو بيگ بهادر بادشاهه،

 

58-    جان بيگ بهادر بادشاهه، آيو دولهه مٿي در،
تهن کي سونا ڪرف ڪڙا هئا، سونا پهڻ سڌر،
سو ڪرف ڪنجيءَ سان ڪڍيو دانهن دلاور،
اندر پيهي جان آيو، تان چڱا باغ بهر،
ڪمي ميون ڪانه هئي، هئو مڙوئي مِٺو جر،
باغبانن بَهُوت بنايا هئا، سونا روپا فرض سکر،
عود گلابي واهه وڻيا ٿي، جال شيرين هئا جر،
سؤ هزارين گل گهڻا هئا، اڪثر کؤن به عطر،
تيئن ڦرندو باغن آيو عمدي الله آهر،
تان ڪو دوس دريچو آيو، ناگہ منجهه نظر،
هئي سؤ فرسنگ کان تهن جي، آب لالائي اڪثر،
نهن کي فُلاڪاري ديوار هئي، چوطرفان چوڌر،
طبقان طبق مٿي هئا، ثابت ست سٻر،
تن کي چئني ڪنڊل چار ڪنگرا، اوج اعليٰ اوزبر،
تهن پاسي ڪيترا هئا، گل فل ۽ گلزار،
مڙيئي مالا مرصّع مُچ هئا، جُڙيا ساڻ جنور،
ڪِي گل لالا، ڪي زردا، ڪي ڪَچنالي ڪيسر،
ڪِي گل ريحاني رنگدار هئا، ايزان ۽ احمر،
جال چندن گل جان هئا، ۽ جاءِ گلن جعفر،
سو وڃي ستو غازي وچ گلن، پائي گل پٿر،
سُتي ماڳ ملوڪ کي، ڪا ڪن پيئي ڪُوڪر،
عاقل جان آگاهه ٿيو، سُڻي ڪيائن نرت نظر،
تان چئنين ڪُنڊن چار ڏٺائين، قابل ڪبوتر،
ساوا سبز سهڻا گهڻو، ڪنڌ تني ڪيسر،
سي پاسي پَلهير، اچي اُبيٺا آب لاءِ.

 

59-    پر اڳئي چڱو ڏس، ديو ڏنو هو داناءُ کي:
ته جيڪڏهن پريءَ ذات پار جو، هٿ ڪري ڪو ڪس،
تهن آدمزاد اُپس، موٽي سا موافق ٿئي.

 

60     هو به هيون پکين ويس، پرياڻيون ويٺيون چار،
واريء سي وهنجڻ ٿيون، رکي ڪپڙا آب ڪنار،
هيون خوشي خوب خيال ۾، هر بابت هيڪار،
هي به اچي اندر ڊر اُبيٺو، دوس ڪرڻ ديدار،
تان تن ۾ جانڍي هئي، نازنين گهڻي صورتدار،
’بانو‘ پري ”براهم“ چئي، من چڱي موچار،
سا تن چئن منجهه چڱي هئي، سونهن شيهه سردار،
تهن کي پسي بادشاهه، اچي لائي آر،
عاشق عشق الول ڪيو، ڪنهن جنهن کيپ خمار،
تهن جو وڳو سڃاڻي وير کنيو، وهلو تيڏي وار،
سو غازي منجهه گلزار، پيهي پاڻ پنهان ٿيو.

 

61     هي به وهنجن وهسن پاڻ ۾، کِلن خوشيون ڪن،
اهڙي رونق آب مان، جيئن ميگهِين مينهن وسن،
اڳ ماري معشوقن، ڪئين عاشق انگين چاڙيا.

 

62     حيرت ۾ هيڪار، تن جو شغل پسي سلطان ٿيو،
ڪا جا ٻولي پاڻ ۾، ٻولين ٿيون اظهار،
ته آمدزادو آدمي، ڪو آيو ديوان جي درٻار،
هلو ته پسون تهن بادشاهه کي، جو آنديون جي دهدار،
اهو صورت گهڻو سالور سب گُنون، سُجهي سونهن وڏي سردار،
تهن هئي ڏاهِي ۽ ڏاتار، اڄ هلون ته درسن هلي ديکيون*.
*

 

63     اُتو پرياڻي پَرينِ کي، بانو پريءَ بات:
تج ستي خواب خمار ۾، ڪو جو راول ڏٺم رات،
ته اديون آدمزات، ڪرمان ڪُون وڳو کڻي وير ويو.

 

64     هاڻي وڃڻ جي وائي، ڇڏيو وير وريام ڏان،
وڃي ٿينديَوَ ڪانڪا، اڳيان چڱائي،
ڏسو ته جن لنئرن لائي، سي لوٺيون ڀُوڻن لوڪ ۾.

 

65     هلو هلو هِير، وڦون موٽي پنهنجي ماڳ تي،
اٿيو ساهيڙيون، ڪريو ڪپڙا،م ٿيڙي ويرا وير،
جان هلي آيون هنڌ تهن، ڀري پرياڻيون پير،
تان ناهه وڳو تهن نار جو، جا هئي سندين سُنهن مٿير،
سا ماڳ تهن مشڪل ٿئي، لڳيس اهکي ڳالهه انڌير،
چئي: سهڻي تعبير سرتيون، اي حاضر ٿيڙم هير،
هو ته پير هن پَرهي پنڌ ٿيون، هن ٿَئي ويهڻ جي وير،
تهن کي اچو ڏين اُلير، هاڻي فڪر فهم فراق جا.

 

66-    سو ڪامل کڻي ڪپڙا، اٿي جان آيو،
غازي سو گلن مان، خوش ٿئي کِلايو،
پسي پرياڻي پادشاهه کي، جَسو جاڳايو،
ارتو اپ اکين مان، ويتر تِهن واهيو،
تهن توڪل ۽ تعظيم سين، چڱو هادي هلايو،
تنين نه پايو، ادب اندازو پاڻ ۾.

 

67-    هاڻي توڪل ۽ تعظيم تن ۾، ادب اندازو ڪر،
متان وجهين مون تي، ڪا ڪچي ڳال ڪُپر،
اسان پَرين اها پر، جيئن ڪهن بشر ڀيڙيون نه ٿيون.

 

68-    پر بَديءَ جا بهتان، شال قادر ڪنهن تان مَ ڪري،
هاڻي ڏينم ڪپڙا، ته سي ڪريان سونهارا سلطان،
ٻيا ويهي سچا سخن ڪنداسين پاڻ ۾، صاحب جي فرمان،
تهن کي ڏني خلعت واري خان، پيراهڻ رلکيائين پاڻ ڳري.

 

69-    تڏهين نِرتان تهن نار، اُتو بانو، شهه بهرام کي:
ته هي پيراهڻ رکيو ئي پاڻ وٽ، سو ڪامل ڪهڙي ڪار؟
تڏهين روئي زاروزار، تهن سڀا ڳالهه چئي ڪئي.

 

70-    ”اي تو کي پري پسي پِيهه، من منهنجي مشاهدو ٿيو،
هاڻي جهليو پليو نه رهي، روح ۾ رهي ريهه،
توکي ساجن سپرين! حال حقيقت هيءَ،
اي دلبر دل قوي! نَؤن ڪين نام الله جي.“

 

71-    اُتو پرياڻي پادشاهه کي: سڻ بادشاهه بهرام!
اوهين جي آهيو ادمي، تن جي محبت ناهه مدام،
تن ڪهڙا قول ڪلام، ڪهڙا وچن واعدا!

 

72-    چئي: مان کي ڪو سڃاڻين، اڳ نه ڏٺو ڪڏهين،
سو ڪيئن ڄاڻين، ته تو حرف ناهي هيڪڙو.“

 

73-    توکي نه ڏٺم ڪڏهن، ڪيم آنهنجي آزمائش نه ڪا،
ته ڪي نيهن نِباها آهيو، سو به مان کي ناهه سماء،
ٻيو هُدو پرين نه کڻان ته ڪِين  آهن وفا بيوفا،
پر پنهنجي ڳالهڙي، سچي چوان شاهه،
ته ڪهڙي ڳالهه قميص کي، واري رکيو ئي راهه،
هاڻي خاطر لڳ خداء، سڀ چئج وير وجود جي.

 

74-    تڏهن رت روئي روات، معلوم ڪيو منڌ سان،
”هي هِيون حيران ٿيو، تن ڇڏي طاقت،
تهنجي صحبت سلابت، ويتر من مطيع ڪيو.“

 

75-    هئِي هيون ٿيون حيران، جهليو تان نه رهي،
ووءِ وروڻو جِندڙو، برهه ڪيو بيران،
تنهنجي محبت ماري من مات ڪيو، ورهين کان ويران،
نيلان هي پيران، جانڪي جهليم جيءَ سين.

 

76-    اهو معلوم ڪيو مذڪور سڀ، قصو منڌ قريب سان،
ڪيو ظاهر زبان سين، چوري لعل لطيفان لب،
چئي: ”رکج شرم شعور سين، الله لڳ ادب-“
ٻئي جيئن ڪندو ادب، ته اٿو حرف حقاني پاڻ ۾.

 

77-    تن ٻنهي ٻڌا ٻول، نت نت نوان نينهن جا،
سچا سخن حلال جا، ڪيا ڪامڻ راجا قول،
ورين وير وصال جي، ڪيا عاشق عشق الول،
سي محنت ۾ معمور ٿيا، هئا رنگ رتول،
لٿن حيراني هول، هاڻي دوست دهان ڪن ڳالهيون.

 

78-    عاشق عشق الول ۾، محبتي معمور،
سچا سچيءَ سڪ سين، سنمک سلن نه سور،
(1)
لڇن ڪڇن ڪينڪي، ٿيا چت جنين جا چور،
زهد زاريون سِر زبان سين، ڪرين محبت جا مذڪور،
تن کي پُورن مٿي پُور، اچن دور درياءَ جيئن،

 

79-    دل ماندي لٿي دوس، من ماندو لئي سڄڻين،
اُتو پَرياڻي پادشاهه، آهه منجهان افسوس،
’اي ميان! جيءَ کي ڏيئي جوش، ڦٽيو ئي تن فرار سين.‘

 

80-    تڏهن اُتو شهزادو شاهه، تان ڪين واقف ٿئي ورونهن:
اچي من وڌوئي مامري، دل پرين دلخواهه،
هاڻي عقل ڳالهه نه اُڄهي، ڪا جا ڳرهيان ڳانهه،
شامل ساجن سپرين، محبت موافق ماهه،
ويتر سک وجود ۾، شام رين سحر صباح.
(2)
هاڻي نينهن ڪاتي ۽ ماهه، ڪهڙو لکو پاڻ ۾.

 

81-    ڳالهيون ڳڻ ڪرين، ريجهيو روح رچنديون،
ساهه ڳنڍيون وٽ ساهه، نيڻن نيڻ ڌرين،
شربت سُرڪ ڀرين، مٺا محبت گاڏوان.

 

82-    جڏهن نئون نينهن، تڏهين نت نت ڳالهيون نينهن جون،
نت نت قول قريب سان، سوگند سارو ڏينهن،
جن مهر وسي، ارواح چُڪي، ڪر اڳيان قابو ڪيهر شينهن،
ايءُ محبت سندو منينهن، جهن تان وسي سوئي پُسي.

 

83-    مون جيئن رهايوءِ ارتو آب اکين مان،
محبت سندي مامري، ٻر جثو ٻاريوءِ،
کِيَڻ ڪاريوءِ خير ڪين، ويهڻ نه واريوءِ،
(1)
مونکي هڏ ماريوءِ، پاڻ ٿو سَگهو ويهين سپرين.

 

84-    چئي: هن گهايل گهاءُ مَ هڻ، ڪش مَ تير ڪمان مان،
وجهه مَ وڍيل کي، اندر فڪر ۽ فهم،
هاڻي خاوند خاطر کڻ، مان ڏان نيڻ سٻاجها سپريم!

 

85-    ويهه وسايون مينهن، نيڻن نؤ بهار جيئن،
پڪو ڪري پريتڻو روح ۾ راتو ڏينهن،
سو ڪيئن لاهيون نينهن، جهن اندر آکيرا ڪيا.

 

86-    جهلڻ جاءِ نه ڪا، جان ڪين جثو پلي جهليان،
وڃي پيو ورونهن ۾، هئي هئي هينئڙي هاءِ،
سُهيو سُکيو جندڙو، سور سٽاڻا کاءِ،
من کي ماٺ جڳاءِ، هڪ زبان زاري رِي نه رهِي.

 

87-    زبان کي  زاريون، پيوم پاڻا پوءِ سين،
جن کي عشق آتش ٻريو، سي ورونهن واريون،
محبت جي ماريون، تن جو جيئڻ جنازي گاڏئون.

 

88-    جن پاڻهين پهنجو جهليو ڀرم ۾ شرم،
لڄا خاطر لوڪ ۾، گهڻو رکيائون غم،
پر عقل مَت شرم، ٽيئي نيهن نهوڙيا.

 

89-    اُتو پرياڻي پادشاهه کي: تون آهين جانب مهنجو جيءُ،
پر هي جو باغ بهشي بادشاهه، وڏو پسين ٿو ويُ،
سو ديو جوڙايو هن دوس لاءِ، اها سڻج ڳالهه سَويِء،
ديکڻ درسن ديو سو عاشق راهِي ايءُ،
پر من مهنجو نه مڃي، سڻ حرف حقاني هيءَ،
هو تان ڏاڍو ڏاڍائي گهڻو، قوت ديو قويء،
هاڻي مان کي مَدت ٿيء، ته توسان ڳرهيان ڳالڙي،

 

90-    تان سُڻو ڪامِن ڪم، ڏَسيو جو ڏاتار کي،
چئي: آيو ديو دوار ۾، رکي قوتدار قدم،
ڪيم کينڪارج تهن سين، رکج داناهه ڳؤرو دم،
وجهج پاڻ وجود تي ويتر اڃائين وهم،
سو جڏهن ورچي ٿڪي ٿيندو نهايت نرم،
توسين سوگند سليمان جو ڪندو ديُو قسم،
تڏهن تنهن کي چئج حقيقت حال جي، ڏسي عقل مت مهم،
ڏس ته انگ اڳيئي لکيو، آهي قادر وس قلم،
تڏهن تو جو مالڪ گهاءِ مرم، پاڻهين پوريون ڪندو پادشاهه.

 

91-    آيو ديو ڪهي، ڏانهن ڀاءُ برادر پا هنجي،
باغن منجهه ”برهم“ چئي، تنهن اچي هاڪ هئي،
سا سڻيندي سرحال ٿيو ثابت ڳالهه صحي،
سو موٽي ويو ماڳ تنهن، وهلو وير وهي،
هن به اچي خاڪ چمي، خدمت ۾ ڪرمش جان ڪئي،
تهن منجهان مهر پئي، اچي ’سفيد‘ سلام ورايو.

 

92-    تڏهن ڪڇيوئي ڪين، اڳيان دلاور ديو جي،
پاڻا پاڻي، رنو رت گاڏئون، هئي هئي آبن حِنِين،
(1)
عقلمند امين، ڏس هنر شاهه هلائيو.

 

93-    جان پريون ديو پڇايون، ”ته هن کي ڇا ٿيو؟“
چُونِ ”جيئن تو چيو، تيئن اسين خدمت منجهه کڙيون هيون“.

 

94-    تڏهن وڏا ڪري وس، ديوَ ٿڪو داناءَ کي،
تنهن جا ڪُرمش ڪيا ڪي ڪيترا، اڳيان شاهه شمس،
تان پي پنڊ سندي پارس، ڳالهه نه سلتي ڳجهه جي.
(2)

 

95-    تڏهن سندو سو گند سليمان، ڪيو وير اڳيان وريام جي،
چئي: اسان کي آهي دين دائود جو قسم جاءِ قرآن،
جا مدعا اٿئي من جي، سا تون شاهه سلج سلطان!
هٿ ڏاتيون رب رحمان، آن به ڪوتهه ڪنديس ڪانڪا.

 

96-    تڏهن روئي روئي رت، هن پنهنجو ڳرهيو حال،
چئي: سڻج ديو سفيد! تون، هن عاشق جو احوال،
محبت ماري من مات ڪيو، وڌم جيءَ تي جار جنجال،
اصل عاشقن جو وڃي حال ڪري بدحال،
هاڻي واحد لڳ وصال، ڪرڪو خاطر رب رنجور جو.

 

97-    چئي: وهم نه رک وريام! ڪر نه ملاحظو مير تون،
معلوم ڪر مذڪور سو، جيڪو برهه اٿئي بهرام!
تهنجي طلب تمام، پاڻهين پوري ڪندو پادشاهه.

 

98-    چئي: ڏٺيم سونهن صورت، تِنهن من منهنجو مستان ڪيو،
هڪ پسي پريءَ ذات کي، اچي عجب ٿيم عبرت،
اهڙي عشق الوٽ ۾، تَن ڇڏي طاقت،
هاڻي مير مير مَدت، ڪرڪا محبت سندي ميلاب جي.

 

99-    تان چئي: تنهن جو نالو ڇا؟ جنهن تهنجو حال ڪيو،
ڪندو جي خدا، ته ويندئي ورونهن ورهين کي.

 

100-  چئي: برهه ڏيئي بانو، من منهنجو مستان ڪيو،
تهن ڪاڙهي قلب قريب ڪيو بدن بيرانو،
سُمهان سُک نه جندڙي، تن نه توانو،
سو ساجن سمانو، ملي ته ماندائي لهي.

 

101-   چئي: ڪٿي سو لڳئي نيهن، ڪاٿي ڏڻاءِ سپرين؟
جو تون سارو ڏينهن سُڏڪين ساهه کڻين.

 

102-  چئي: جا تو ڏنيم پاڻ، ڪڍي ڪنجي جيب مان،
وڃي دولهه اُپٽيم در کي، تنهن سوني ڪنجي ساڻ،
منجهه ئي باغ بهاريا، هي خزانن جي کاڻ،
جيئن من گهُري تيئن ٿئي، روح ۾ رمز رهاڻ،
اِنِهِن پر پرياڻ، هلي آءٌ آيس حوض تي.

 

103-  هلي آيس حوض تي، وهلو وير وَهي،
تان سوني ديوار سڦري تهن کي ثابت هئي صحي،
تهن جي چئن ڪنگرن چار ويٺا، اچي ڪبوتر ڪهي،
اتان اڏامي آئيا لحظي منجهه لهي،
تن اچي هاڪ هئي، پَرين پاڻي پاڪ تي.

 

104-  سي پرڻايون پاڻيءَ پاس، وڳا رکي وهنجن ٿيون،
تان جي ننڍي منجهن نازنين، عجب سونهن سندياس،
ڏند ڏاڙهون ڪڻ جئن، هيري رنگ هواس،
املهه نين نسوار، واسينگ وار سنداس،
نڪ ته باريڪ لسو گهڻو، اهڙي اهڃاڻاس،
پسي رهي پاراس، تنهن جو وڳو سڃاڻي مان کنيو.

 

105-   جڏهن پييون ٻهر اچي، ڪنڌيءَ آب ڪنار،
تان جا هئي ننڍي منجهن نار، سا ڪامڻ پڇي ڪپڙا.

 

106-  تڏهن هلي چُريون هوء، هوءَ سوري ويٺي اوتهن،
ڪپڙا ڪري ڪڇ ۾، آيس تهان پوءَ،
منڌ پَسي مشتاق ٿئي، رت ورنو روءِ،
هيڪر من منهنجو مجنون ڪيو، جلوو پسي جوءِ،
هو ٻئي من مليا پاڻ ۾، هاڻي ٽيو نه گهُرجي ڪوءِ،
اها غازي اٿم گوءِ، سا ڏاتر لڳ ڏيار مون.


*  هي قصو اسان 1946ع ۾ شيخ غلام حسين مرحوم وٽ سندس والد شيخ سائينداد جي بياض ۾ لکيل ڏٺو. هيءَ موجود روايت اسان منشي صالح محمد ٻُرِي جي بياص تان قلمبند ڪئي (ن-ب).

*  شيخ ابراهيم پٽ شيخ حمر لسٻيلي ۾ شيخن جي ڳوٺ جو رهاڪو هو. ڄام مير خان اول (1776-1818ع) جي دور حڪومت ۾ ٿي گذريو آهي. ڀٽائي صاحب جو همعصر هو. مختلف روايتن موجب سندس ڄم 1730ع ۾ ٿيو هوندو. ڪهنه مشق شاعر هو. هن جي بدولت لسٻيلي جي شاعريءَ کي عروج ۽ شهرت ملي. وقت جي حاڪمن وٽ سندس قدر هو، ۽ وقت بوقت ڄامن جي درٻار ۾ کيس گهرايو ويندو هو، جتي هو پنهنجو ڪلام ٻڌائي انعام اڪرام حاصل ڪندو هو. ڪبير شاهه سان سندس مشهور مقابلو به ڄام مير خان جي درٻار ۾ (1778-1781ع ڌاري) ٿيو. سندس ڪلام جي پختگي ۽ مضمون جي جدت سبب کيس لسٻيلي جي ”شاعرن جو سرتاج“ چئجي ته بجاءِ آهي.

(1)  سباب = ثواب.

(1)  ڪَزيِهو – قضيو، حادثو.

(2)   هن بيت بعد اصل نسخي ۾ عرفي جو هيٺيون بيت ڏنل آهي:

عرفي! اگر بگريہ ميسّر شدي وصال

صد سال ميتوان بہ تمنا گريستن

(1) (1) اصل سٽ ناقص آهي. چورس ڏنگين ۾ اضافو اسان جي طرفان آهي. (ن. ب)

(1)  اصل نسخي ۾ هن بيت بعد هيٺيون فارسي فرد ڏنل آهي:

هر کرا بخت و تاج برسر اوست

هر کجا مي رود برابر دوست

(1)  آندومس = مون کي آندو

(1)  وانءُ وهليو آءُ = وڃ ۽ هلندي موٽي اچ.

*  اصل عبارت: ”هوا هو گلابي سيئي رنگ رباب ڪباب ساري رات“

* * اصل عبارت: ”تنهن هئي ڏائي ۽ ڏاتار، اڄ هلو ته درسن هلي ديکيون“

(1)  اصل : ”سلون نه سور“. 

(2)  اصل : ”رون سحر صباح“.

(1)  اصل پڙهي:   ”کيڻ کاروءِ خبر ڪين - الخ“.

(1)  حنين = دل جي ڇڪ ۽ سوز. اصل پڙهڻي:   ”آب هيئن“.

(2)  اصل پڙهڻي:   ”پنڌ سندي پارس“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org