سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مداحون ۽ مناجاتون

باب: --

صفحو :1

مداحون ۽ مناجاتون

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

ڇپائيندڙ پاران

ڪتاب: ”مداحون ۽ مناجاتون“ سنڌي ادب جي نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جي تحقيق جو ثمر آهي. هن ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن نهايت سخت عرق ريزي ڪندي. سنڌي ادب جي هن شاندار صنف تي تحقيقي مواد سهيڙي ۽ ان جي تصحح ڪري ڪتابي شڪل ۾ آندو آهي، جنهن لاءِ سڄي سنڌ سندن ٿورائتي آهي.

ڏٺو وڃي ته هيءُ هڪ انتهائي ڪٺن ۽ سمجهداريءَ وارو ڪم آهي، جنهن جي پورائيءَلا محقق حضرات کي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر وڃڻو پوي ٿو ۽ لاڳاپيل ماڻهن سان ملي کانئن مواد وصول ڪرڻو پوي ٿو. تحقيقي عمل دوران حاصل ڪيل مواد کان پوءِ محقق کي انهيءَ مواد جي صحتمنديءَ ۽ ان جي موضوع وار لنڊ ورڇ جو فڪر ڪرڻو پوي ٿو. آخري شڪل ڏيڻ کان پوءِ مواد کي هڪ نقاد ۽ منصف جي نظر سان ڏسڻو پوي ٿو. اهي سڀ ڪم هڪ ئي وقت ساڳي فرد لاءِ ڏاڍا ڏکيا ۽ وقت گهرندڙ هوندا آهن ۽ هن ڪم تي مستقل مزاج ۽ داناءَ صفت ماڻهو ئي ڪم ڪرڻ جو سَتُ ساري سگهن ٿا. سنڌ ۾ انهيءَ مرتبي جا صاحب، فقط ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ئي آهن، جن اهو ٿڪائيندڙ ۽ چيڙهالو ڪم نهايت ئي مستقل مزاجيءَ سان ڪندي سنڌ جي سنڌ سان سڃاڻپ ڪرائي.

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنه 1959ع ۾ بورڊ طرفان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو ۽ هن وقت سنه 2006ع هلي ٿو، اهڙي طرح هن ڪتاب جي ڇپائيءَ کي پورا 47 سال ٿي گذريا آهن.جنهن ڪري مواد توڙي وقت جي لحاظ کان وڏيون تبديليون آيون آهن. ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل شاعرن مان انهن ڏينهن ۾ ڪجهه شاعر حيات هئا، جي هينئر حيات نه آهن. جن ۾ محمد صديق ”مسافر“، مولوي احمد ملاح، لالڻ خان لغاري، پانڌي آريسر، غلام فقير ماڇي ۽ محمد اعظم ”سراجي“ جا نالا شامل آهن. هي اهي اديب حضرات آهن، جيڪي 59-1958ع ڌاري حيات هئا. هيڏي عرصي گذرڻ کان پوءِ اسان کي جن اديبن جي تاريخ وفات معلوم ٿي سگهي آهي، تن جو ذڪر نئين ڇاپي ۾ ڪري ڇڏيو اٿئون ۽ جن جي تاريخ وفات ملي نه سگهي آهي، ته انهن کي فقط مماتيءَ ۾ ڏيکاريو آهي.

اميد آهي ته هيءُ نئون ڇاپو پڙهندڙ حضرات لاءِ اڳ وانگر هينئر به ڪارائتو ثابت ٿيندو.

 

ڄام شورو، سنڌ                     اعجاز احمد منگي

سومر 24- شعبان المعظم 1427هه     سيڪريٽري

بمطابق 18-سيپٽمبر 2006ع       سنڌي ادبي بورڊ 

مهاڳ

سنڌ جي لوڪ ادب کي سهيڙڻ لاءِ هڪ تفصيلي تجويز سنه 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي آخري ڌاري بورڊ بحال ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي ڪئي.

ان تجويز مطابق، جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته ڏنل هدايتن موجب ٻهراڙيءَ مان مواد گڏ ڪري موڪلين، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ”سنڌي لغت آفيس“ سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي ۽ ڪارڪن مقرر ڪيا ويا، ته مقامي طور گڏ ڪيل توڙي ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي صاف ڪري ڇڏائڻ  جي لائق بنائين.

پهريان ٻه سال، 1957ع ۽ 1958ع، لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون هٿ ڪيون، مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اتاريو، ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ۽ عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي ۽ همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو، جو ان جي آڌار تي عام سنڌي ادب جي هر ڀاڱي بابت نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهي. ڪتابن جي تاليف جو سلسلو هن ٽئين  سال 1959ع ۾ شروع ڪيو ويو آهي.

هت ٻه ڳالهيون واضح ڪرڻ ضروري آهن:

پهريون ته هن تجويز موجب، سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب جون اهي جملي جنسون جيڪي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهن، تن کي ”لوڪ ادب“ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل آهن. مثلاً : مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون وغيره. مگر جيئن ته اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول ۽ مشهورآهن، انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان، هن تجويز هيٺ گڏ ڪيل ”لوڪ ادب“ بعينه ”فوڪ لور“ (Folk lore) جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان جي ملڪ جي شهري زندگي اڃا ايتري وسعت يا خاص نوعيت اختيار نه ڪئي آهي جو اها خواص جي زندگي ۽ تمندن جو، يا ”معياري ادب“ جو، سرچشمو بنجي. سنڌي زندگيءَ جو مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ادب جو وڏو ذخيرو اهوئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو آئينو آهي. انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي ’لوڪ ادب‘ ۽ ’معياري ادب‘ جي وچ ۾ حد فاصل قائم ڪري نٿي سگهجي.

ٻيو ته هن تجويز ذريعي ”لوڪ ادب“ جو سمورو مواد گڏ نه ٿي سگهيو آهي. ان کي سهيڙڻ لاءِ وڏي وقت ۽ ڪافي ذريعن جي ضرورت آهي. لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو سربستو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ جي برابر ٿيندو، جو ناممڪن آهي. البته جو ڪجهه گڏ ٿي سگهيو آهي سو لوڪ ادب جي هر جنس بابت مثالي موادآهي. انهيءَ لحاظ سان هن تجويز هيٺ تاليف ڪيل ڪتاب اميد ته آئينده ڪوششن لاءِ نمايان نشان ۽ نيڪ فال ثابت ٿيندا.

’لوڪ ادب تجويز‘ جي تحريڪ جيتوڻيڪ بنده جي طرفان ٿي، مگر ان جي عملي سربراهي توڙي تڪميل ۾ گهڻن ئي مخلصن جون ڪوششون شامل آهن. اول ته سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبرن کي جس جڳائي جن هن تجويز کي سنه  1956ع ۾ منظور ڪيو. ان بعد گهربل مواد کي گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، ابتدائي مسودا توڙي پريس ڪاپيونتيار ڪرڻ، ۽ آخر ۾ ڪتابن ڇڏائڻ ۾ ڪيترائي ساٿي ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن. هن تجويز کي ڪامياب بنائڻ ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، مرڪزي آفيس جي با همت فردن، سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن، توڙي انهن مڙني دوستن جو حصو آهي، جن بنده لاءِ سگهڙن کي ڳولي هٿ ڪرڻ ۽ ساڻن ڪچهرين ڪرڻ ۾ پنهنجي هڙان وڙان مدد ڪئي. بورڊ جي سيڪريٽري محترم ابراهيم جويي، هن تجويز جي هر انتظامي مرحلي تي بنده سان دلي تعاون ڪري آسانيون پيدا ڪيون، مفيد مشورا ڏنا، ۽ پڻ ڪتابن کي سهڻي نموني ۾ بنا دير ڇپائڻ لاءِ فوري قدم کنيا.

هيءُ ڪتاب ’لوڪ ادب‘ سلسلي جو پهرين ڪتاب آهي. ان جو بنيادي مواد جولاءِ 1958ع تائين گڏ ٿيو، سڄي مواد کي چڪاسي، مختلف روايتن کي ڀيٽي، ترتيب ڏيئي ڊسمبر 1958ع ۾ ڪتاب جو مسودو تيار ڪيو ويو، ۽ اپريل 1959ع ۾ مسودي جي آخرين تصحيح ڪري پريس ڪاپي شايع ٿيڻ لاءِ ڏني ويئي.

مرڪزي آفيس جي ٻين ڪارڪنن سان گڏ خاص طرح محترم محمد بچل هن ڪتاب جي مواد کي اتاري يڪجاءَ ڪرڻ، ڀيٽڻ ۽ ٻيهر صاف ڪري لکڻ ۾ تحسين جوڳو ڪم ڪيو، ۽ محترم شيخ محمد اسماعيل ان سڄي ڪم جي نگراني ڪئي ۽ ڪتاب جي مسودي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ڪتاب جي آخري سٽاءَ، ترتيب ۽ تاليف لاءِ بنده خود ذميدار آهي.

محترم اعجاز محمد صديقي، مئنيجر سنڌ يونيورسٽي پريس، محمد حسن بلوچ ۽ سندس ساٿين ڪتاب کي جلد ۽ سهڻي نموني ڇاپڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ ممتاز مرزا ان جا پروف پڙهيا.

                                      خادم العلم

                                     نبي بخش

حيدرآباد، سنڌ            ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

31- آڪٽوبر 1959ع

اَم لِلانِساَنِ مَا تمنى 0 فَلِلہِ الاخِرَةُ وَ الاولى0

مقدمو

هيءُ ڪتاب: ’مداحون ۽ مناجاتون‘ لوڪ ادب سلسلي جو پهريون ڪتاب آهي، جو ڇپجي شايع ٿي پڙهندڙن تائين پهتو آهي. هن ڪتاب ۾ سڀيئي سنڌي مداحون ۽ مناجاتون شامل نه آهن. سنڌي ادب جو هيءُ موضوع به ايڏو وسيع آهي، جو ان جي علمي مطالعي يا ان جي سموري مواد سهيڙڻ لاءِ خاص ڪوشش ۽ وڏو وقت گهرجي. ڪم از ڪم اڍائن سون سالن کان وٺي  مداحون سنڌ ۾ عام مروج ۽ مقبول رهيون آهن، ۽ مسجدن ۽ مدرسن ۾ سعادت طور پڙهيون وينديون آهن. انهيءَ ڪري نه صرف شاعرن جو تعداد يا مواد جو اندازو جهجهو آهي، پر اهو مواد ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وقت بوقت پئي پکڙيو آهي: نه فقط سمورو مواد قلمبند نه ٿي سگهيو آهي، پر شاعرن ۽ مداحن پڙهندڙن جي رحلت سببان ان جو وڏو حصو ضايع به ٿي ويو آهي. ’لوڪ ادب‘ تجويز مطابق، هن موضوع تي هيءُ ڄڻ هڪ نمائينده ڪتاب آهي، جنهن ۾ مداحن ۽ مناجاتن بابت اهڙو مکيه مواد شامل آهي، جنهن جي ذريعي هن موضوع جا جملي مخصوص پهلو روشن ٿي سگهن ٿا.

مواد جي نوعيت ۽ ترتيب

هن ڪتاب جو مواد سڀني سرچشمن مان چونڊيو ويو آهي: سنڌ جي سڀني ڀاڱن جي سگهڙن، ’شغل‘ ۾ حصو وٺندڙ مولودين ۽ مداحن پڙهندڙن، قلمي تحريرن، توڙي ڇپيل ڪتابن مان جملي ’هڪ سؤ هڪ‘ مداحون ۽ مناجاتون منتخب ڪري هر شاعر جي دور مطابق سلسليوار مرتب ڪيون ويون آهن. جمن چارڻ (وفات : 1151هه) سڀني کان آڳاٽو شاعر آهي ۽ انهيءَ ڪري سندس چيل مداح منڍ ۾ ڏني وئي آهي. کيس وفات ڪئي تقريباً ٻه سؤ ٽيهه سال ٿيا پر سندس مداح اڄ تائين سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ۽ مقبول آهي. انهيءَ مداح جي سهڻائي ۽ سٽاءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته سنڌيءَ ۾ مداحن جو سلسلو غالباً جمن چارڻ کان ڪافي اڳ رائج هو. انهيءَ وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، عام توڙي خاص شاعرن هن موضوع کي پئي نباهيو آهي ۽ واهه جو نباهيو آهي!

مداحن ۽ مناجاتن جي تاريخي مطالعي کي توڙ تائين خاطر پهچائڻ هن مجموعي ۾ موجوده دور جي زنده شاعرن جون چيل مداحون پڻ شامل ڪيون ويون آهن. تعداد جي لحاظ سان جملي اڻهتر شاعرن جون چيل مداحون ۽ مناجاتون ڏينون ويون آهن، جن مان ٽيهٺ فوتي ۽ ڇهه زندهه آهن.[1] انهن مان اندازاً ٽيونجاهه شاعر اهڙا آهن، جن جو نالو پهريون دفعو هن ڪتاب ذريعي نروار ٿي رهيو آهي. هر هڪ شاعر جي مختصر سوانح عمري پڻ سندس ڇڏيل مدح جي شروع ۾ ڏني وئي آهي. ارڙنهن کن شاعر اهڙا آهن جن جي حياتيءَ جو احوال سردست ملي نه سگهيو آهي[2] ٻه مداحون (ص 406، 413) وري اهڙن شاعرن جون آهن، جن جو پار پتو معلوم نه ٿي سگهيو آهي. مواد جي لحاظ سان، جملي ’هڪ سؤ هڪ‘ مداحن ۽ مناجاتن مان اندازاً اٺهٺ اهڙيون آهن، جي هن کان اڳ نه ڇپيون آهن. اڻ ڇپيل مواد کي شامل ڪري شايع ڪرڻ کي ترجيح ڏني وئي آهي، حالانڪ ڇپيل مواد جو پڻ مطالعو ڪري ان مان جملي ٽيٽيهه مداحون چونڊي شامل ڪيون ويون آهن. ڇپيل ڪتابن مان ’مجموعه مدحيات‘  (بمبئي ڇاپو) هن صنف ۾ اصولي ۽ آڳاٽو ڪتاب آهي، ۽ انهيءَ ڪري ان جو سڄو مواد شامل ڪيو ويو آهي.[3] ٻين ڇپيل ڪتابن، مثلاً: ’ڪليات حمل‘ (ص 121، 132)، ’ڪلام اشرف‘ (ص 354، 479)، ’تذڪره شعراءَ ٽکڙ‘ (ص 494) مان پڻ چونڊ ڪئي وئي آهي. محمد اعظم ’سراجي‘ جي چيل مداح (ص 448) هڪ ننڍڙي ڇپيل ڪتابڙي تان اتاري وئي آهي.

جيڪڏهن ساڳئي شاعر جون هڪ کان وڌيڪ مداحون يا مناجاتون مليون، ته فقط اهي شامل ڪيون ويون، جي وڌيڪ معياري هيون. تقريباً ٻه سؤ کن مداحون ۽ مناجاتون نظر مان گذريون، جن مان فقط هڪ سؤ هڪ شامل ڪيون ويون آهن. انهيءَ سڄي مواد کي شاعرن جي حياتيءَ جي سنه وار دورن موجب سلسليوار مرتب ڪيو ويو آهي. البت ڪي مداحون ۽ مناجاتون ڪتاب جي ڪافي حصي ڇپجڻ بعد هٿ آيون ۽ انهيءَ ڪري انهن کي آخري ضميمي طور شايع ڪيو ويو آهي.

روايت ۽ صحت

هر هڪ مداح ۽ مناجات جي منڍ واري صفحي جي حاشيه ۾ ان جي روايت جو نشان پتو ڏنو ويو آهي، يعني ته جنهن به ڪارڪن وٽان جنهن به خطي يا تعلقي مان اها روايت پهتي آهي. ان جو  ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ روايتون مليون آهن، ته انهن کي ڀيٽي متن صحيح ڪيو ويو آهي. ۽ حاشيه ۾ اختلافي لفظن يا فقرن جون پڙهڻيون ڏنيون ويون آهن. شاعر، جنهن ڀاڱي جو رهندڙ هو، يا آهي، ته انهيءَ ڀاڱي واري ٻوليءَ جي لحاظ سان متن ۾ پڻ انهيءَ ڀاڱي وارو لهجو يا محاورو قائم رکيو ويو آهي. انهيءَ لاءِ ته شاعرانه نزاڪتن ۽ معنوي نڪتن سن گڏ ٻوليءَ جي مطالعي لاءِ پڻ اهي بنيادي روايتون ڪارگر ٿي سگهن. البته عام زباني روايتن جي تصديق توڙي تصحيح جو ڪم اڻانگو آهي. مثلاً: جمن چارڻ ۽ صدرالدين جون مداحون سنڌ جي هر ڀاڱي ۾ مشهورآهن، ۽ گهڻي وقت گذرڻ سببان انهن جي پڙهڻين ۾ لفظن، فقرن، بلڪ ويندي سٽن ۽ بندن تائين به ڦيريون گهيريون اچي ويون آهن. خود ’مجموعه مدحيات‘ ۾ ڇپيل مداحون به غالباً زباني روايتن تان ورتل آهن ۽ انهي ڪري متن جا لحاظ سان اهي به صحيح نه آهن. مثلاً: فتح فقير جي مداح (ص 73-76) جي روايت ٻئي هنڌان نه ملي ۽ فقط ’مجموعه مدحيات‘ واري ڇپيل روايت موجب ئي ان جو متن ڏنو ويو آهي، پر بندن جي گهٽ وڌائي مان ظاهر آهي، ته هيءَ ڇپيل روايت ناقص آهن.

معنى ۽ مقصد

سڀ کان اول ’مدح‘ ۽ ’مناجات‘ لفظن جي معنى  سمجهڻ ضروري آهي. اصلي عربي لفظ ’مدح‘ آهي، جنهن جي معنى آهي: ساراهه يا تعريف، مدح ڪندڙ (اسم فاعل) کي عربيءَ ۾ ’مادح‘ يا ’مداح‘ چئبو. سنڌيءَ ۾ پڻ ’مدح‘ (ساراهه يا تعريف) توڙي ’مدح ڪرڻ‘ (ساراهه ڪرڻ، تعريف ڪرڻ) ٻئي رائج آهن، پر انهن جو استعمال خاص طرح ادبي آهي ۽ پڙهيلن تائين محدود آهي. ان جي برعڪس ’مداح‘ ۽ ’مداحي‘ عام مشهور الفاظ آهن. لغت جي لحاظ سان لفظ ’مداح‘ خاص معنى ۾ استعمال ٿئي ٿو. ’مداح‘ سنڌي نظم جي هڪ خاص جنس آهي. بلڪ ’صنف شاعري‘ آهي. عربي لفظ ’مدح‘ جي معنى  آهي: تعريف، پوءِ ڀل ته اها ڪنهن (بادشاهه، امير، حاڪم. دوست وغيره ) جي به هجي. سنڌيءَ ۾ ’مداح‘ جو مفهوم خاص آهي: يعني ته اها منظوم ساراهه يا تعريف، جا نبي ﷺ ۽ اصحابن سڳورن يا ڪنهن ولي يا درويش جي شان ۾ ڪيل هجي، جا ڪنهن نفساني خواهش يا دنيائي طمع سببان نه، پر خالص دلي محبت ۽ عقيدت سان ڪئي وڃي، جيتوڻيڪ انهيءَ محبت ۽ عقيدت جي نتيجي طور پوءِ ڀل کني ڪو نيڪ مقصد سري يا ذاتي هدايت نصيب ٿئي. ’مداح‘ انهيءَ معنوي لحاظ سان ’نعت‘ يا ’ثنا‘ جي برابر آهي. ’مداح‘ چوندڙ شاعر کي عربي لفظ ’مادح‘ يا ’مداح‘ جي بجاءِ، سنڌيءَ ۾ ’مداحي‘ چئبو:

ڪل پير تي آ پڳ سندءِ، عالم سوالي جڳ سندءِ،

”جمن“ مداحي سڳ سندءِ. پيزار جو پس لڳ سندءِ.

يا پير پيران بادشاهه!

لفظ ’مناجات‘ عربي (ماده = ناجى، مناجات ) آهي ۽ ان جي معنى آهي: ’حال اورڻ‘. سنڌيءَ ۾ ’مناجات‘ به ’مداح‘ وانگر سنڌي نظم جي هڪ خاص جنس آهي، جنهن ۾ شاعر پنهنجن ڏکن تڪليفن جو حال اوري ڌڻي تعالى جي درگاهه ۾ ٻاڏائي پنهنجي مشڪل جي آسانيءَ لاءِ سوال ڪري ٿو، يا پنهنجي ذاتي عقيدت جي بنياد تي نبي ﷺ، اصحابن سڳورن، يا ”ڪنهن ولي ۽ درويش کي ساڻي ٿيڻ لاءِ سڏ ڪري ٿو. ’مناجات‘ ۾ ڌڻيءَ جي ساراهه، نبي ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي مداح يا ڪنهن ولي ۽ درويش جي تعريف جو جز پڻ شامل هوندو آهي. ’مداح‘ ۽ ’مناجات‘ ۾ خصوصي فرق هيءُ آهي، ته مداح جو خاص مضمون ساراهه ۽ تعريف آهي، پوءِ ڀل کڻي ضمني طور ان ۾ مدد لاءِ سوال به ڪيل هجي. مثلاً: جمن چارڻ جي چيل مداح مشهور آهي، حالانڪ ان ۾ سوال پڻ ڪيل آهي. ’مناجات‘ جو خاص مقصد پنهنجو حال اورڻ ۽ مدد لاءِ سوال ڪرڻاهي. حالانڪ ساراهه ۽ تعريف به ان جو لازم ملزوم جُز آهي. مجموعي طور سان، ’مداح‘ ۾ ساراهه ۽ ’مناجات‘ ۾ سوال جو جُز غالب آهي. ٻيو ته، ڌڻي تعالى جي تعريف ۽ ساراهه ۽ سندس مدد لاءِ ڪيل سوال واري نظم کي ’مناجات‘ چئبو ۽ نه ’مداح. ’مداح‘.  فقط نبي ﷺ ۽ اصحابن سڳورن، يا ڪنهن ولي ۽ درويش يا مرشد جي شان ۾ چيل نظم کي چئبو.

هن مجموعي ۾ ڇهه مناجاتون باري تعالى جي بارگاهه ۾، چوٽيهه مناجاتون نبي ﷺ جن جي حضور ۾، هڪ مناجات اصحابن سڳورن جي حضور ۾ تيرنهن مناجاتون ولين ۽ درويشن جي حضور ۾ چيل آهن. مداحن مان جملي ٽيويهه نبي ﷺ جن جي ساراهه ۾، ست اصحابن سڳورن جي شان ۾، ۽ سترنهن ولين ۽ درويشن جي تعريف ۾ چيل آهن.

تاريخي پس منظر

تاريخي طور ’مداح‘ جو سلسلو ڄڻ عرب شاعر ’ڪعبُ بن زُهير‘ سان شروع ٿيو، جنهن اسلام جي حقيقت کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو، ۽ نبي ﷺ جن وٽ حاضر ٿي پنهنجو مشهور قصيدو پڙهيو جنهن ۾ نبي ﷺ جن جي شان ۾ سهڻا ’بيت‘ چيل هئا. جڏهن قصيدو پورو ڪيائين، ته نبي ﷺ جن خوش ٿي، پنهنجي کٿي ڪلهن تان لاهي کيس ڍڪائي[4] ڪعب رضه جي انهيءَ قصيدي جو مطلع هيءُ آهي:

 

بَانت سُعادُ فَقلبِي اليَوم مَتبُولُ

مُتيُم اِثرَها لَم دُفدَ مَکبُولُ

اويئي سعاد هنيون اڄ هاءِ هيڻو آ

هاڃي هنيل آ ٻڌل سو ڪين ڇٽڻو آ!

اڳتي هلي نبي ﷺ جن جي شان ۾ چيائين ته:

اِنَ الرَسولَ لَنُور يُستَضاءُ به

مُهَنَد مِن سُيُوف الله مَسلُولُ

[آهي رسول ڏيو نور جو سو ڏينهن لاءِ

پڻ آ ترار حقي حق کان نه مڙڻو آ]

في عُصبَته من قُريش قالَ قائلهم

ببَطن مَکَته لَمَا اَسلَمُوا: زُولوا

[ٽولي منجهان ته قريشن جي چيو هڪڙي

مسلم جڏهن سي مڪي ۾ ٿيا: ”ته وڌڻو آ“]

زَالوا: فَمَا زَالَ اَنکُاس ولا کُشف

عندَاللقاء وَلاَ مِيل مَعَازيلُ

[جودان وڌيا جنگ ۾ نبيءَ جي برڪت سان

خالي هٿين نه ثمر، پر هڪ نه هٽڻو آ]

’ڪعب‘ جو ڪهي اچي نبي ﷺ جن جي آڏو قصيدو پڙهڻ ۽ نبي ﷺ جن جو کيس نوازڻ وارو اهو مشهور واقعو اڳتي هلي مسلم معاشري ۽ تمدن جي هڪ اهم خصوصيت لاءِ مکيه ڪارڻ بنيو: يعني ته شاعرن جو دربار ۾ اچي شعر ذريعي مدح ڪرڻ ۽ دل گهريا انعام حاصل ڪرڻ. انهيءَ مان هڪ ته خاص طور انعام لاءِ قصيده گوئيءَ واري رسم جو سلسلو شروع ٿيو، ته ٻئي طرف وري ڪنهن ڀلي انسان سان محض محبت ۽ عقيدت سببان سندس نيڪين ۽ ڀلاين کي شعر ذريعي ڳائڻ جو بنياد پيو. سنڌي ’مداح‘ ۽ ’مناجات‘ هن پوئين سلسلي جي شاخ آهي. ڇاڪاڻ ته مخصوص ماحول سببان سنڌي اخلاق ۽ معاشري جي اها هڪ خاص خصوصيت رهي آهي، ته محض لالچ ۽ طمع خاطر تعريف کي وڏو عيب سمجهيو ويو آهي. انهيءَ ڪري ئي سنڌي شاعريءَ ۾ قصيده گوئي ترقي ڪا نه ڪئي. تاريخي طور معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌي شاعرن جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ساراهيو آهي، ته صرف ان جي چڱاين ۽ نيڪين کان متاثر ٿي ساراهيو آهي. ابو عطاء سنڌيءَ جي عربي اشعار ۽ انهن ۾ ظاهر ڪيل جذبات ۾ پڻ اها خصوصيت بکي ٿي. ان بعد جڏهن هڪ سنڌي شاعر بغداد ۾ برمڪي وزير جي ساراهه ۾ پنهنجو شعر پڙهيو ته به چيائين ته: ”اسان جي پاسي جڏهن چڱاين جو ذڪر چُرندو آهي، ته ماڻهو تنهنجو مٿال ڏيندا آهن. ”ان کان پوءِ سومرن ۽ سمن جي دور ۾ پڻ سنڌي شاعرن جيڪڏهن ڪنهن کي ڳاتو ته محض ملڪ جي سورهيه يا سخي مردن کي ڳاتو. انهيءَ ذهني خصوصيت سببان ئي ’مداح‘ ۽ ’مناجات‘ جي صنعت سنڌ ۾ عام مقبول ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ محض عقيدت ۽ محبت جي جذبي هيٺ ڌڻي تعالى، نبي ﷺ، اصحابن، ولين ۽ ٻين ڀلارن درويشن جي ساراهه ۽ تعريف ڪئي وڃي ٿي.

مقامي طور سنڌ جي چارڻن، ڀانن ۽ ڀٽن آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ جي سورهيه ۽ سخي سردارن کي پئي ڳاتو آهي. سنڌ جا ڪي ڀان[5] ائين ٿا ڀائين ته هو ’ڪعب‘ جي پيڙهيءَ مان آهن ۽ نبي ﷺ جن جي شان ۾ ڪعب جي چيل قصيدي جي شروع وارن لفظن ”بانت سعاد“ جي پويان ئي سندن پيڙهي تي ’ڀان‘ (بانت = ڀان ته) جو نالو پئجي ويو. انهيءَ فرضي روايت مان ڪم از ڪم ايترو ظاهر آهي، ته ’ڪعب‘ وارو قصيدو آڳاٽي وقت کان سنڌ ۾ مشهور آهي. صدرالدين چارڻ پنهنجي مداح (ص 44) ۾ ڪعب رضه جي قصيدي جي مقبوليت ڏانهن اشارو ڪندي چوي ٿو ته:

”ڪر قبولت ڪعب جئن ڪو قصيدو ڪم ذات جو“

اڳتي (ص 51) وري سائل بنجي، لَبيد جو نالو کڻي ٿو ته:

”تنهن لنگهي لاڳ لبيد جان ڏي خزاني دلخواه مان“

لَبيد بن ربيعته العامري ( وفات: 60هه /680ع) اسلام کان اڳ وارن انهن مشهور شاعرن مان هو. جن جي نالي ’سبع معلقات‘ منسوب آهن. لبيد، مڪي جي فتح کان اڳ مسلمان ٿيو ۽ مديني ڏانهن گهجرت ڪيائين. لبيد لاءِ ٻه هزار درهم عطيو مقرر ٿيل هو. جنهن ۾ حضرت عمر رضه پنجن سَون جو وڌيڪ اضافو ڪيو. صدرالدين شايد لبيد جي انهيءَ ’لاڳ‘ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. بهرحال، انهي مڙيئي حوالا ’مداح‘ جي عربي پس منظر جا چٽا اهڃاڻ آهن.

”تو مون کي ڀان ڪيو محمد مصطفى

پڙهه قصيدو ’بانت سعاد‘، شفع تنهنجي ڄڀ کي هوندي هميشا،

امت منهنجي، خلق خدا جي، پيو پن ۽ کاءُ“.

نظم جو نمونو ۽ سٽاءُ

نظم جي نوعيت جي لحاظ سان، ’الف اشباع‘ واري قافيي تي چيل مڙيئي مداحون[6]، عربي شعر ۾ قافيي واري لفظ جي آخري حرف جي ’زبر‘ کي ’الف‘ ڪري پڙهڻ واري اصول جو نتيجو آهي. ’نون‘ واري قافيي تي ميين عيسى جي چيل مناجات (ص 417-418) انهيءَ آڳاٽي سنڌي نظم جي نموني تي چيل آهي، جو عربي قصيدي ( ساڳيو قافيو ۽  ڊگهو نظم) جي اثر هيٺ اُسريو ۽ جنهن جي شروعات مولانا ابوالحسن جي سنڌي سان ٿي. ميان اشرف (ص 384-386) جي مداح پڻ انهيءَ ساڳي نهج تي، يڪي قافيي سان سهڻي ۽ سليس سنڌيءَ ۾ چيل آهي.

مقصد ۽ معنى جي لحاظ سان جيتوڻيڪ ’مداح‘ جو پس منظر عربي ۽ ديني آهي. مگر بحيثيت ’صنف شاعري‘ جي مداحن ۽ مناجاتن جي شروعات توڙي عروج غالباً فارسي شاعريءَ جي اثر هيٺ ٿيو. مغليه دور تائين سنڌ ۾ فارسي شاعريءَ جو دور دورو رهيو. ان بعد ڪلهوڙن جي دور ۾، سنڌي شاعرن پنهنجي سنڌي شعر لاءِ جيڪي نيون راهون ڳوليون، تن مان ٻه نهايت اهم هيون: (الف) پهرين مولانا ابوالحسن جي ”سنڌي“ ، جا عربي قصيدي جي نموني تي ( يعني يڪي قافيي سان ڊگهو نظم) نج سنڌي ٻولي ۽ ان جي سهڻن محاورن ۾ رچيل شعر جو هڪ نئون نمونو هو. ۽ جنهن جي اثر هيٺ پوين اڍائن سوَن سالن ۾ انهيءَ قسم جي سنڌي شعر جو هڪ وڏو ذخيرو پيدا ٿيو. (ب) ٻي موزون سنڌي شاعري، جنهن جو بنياد فارسي شاعريءَ جي اثر هيٺ مولودن، مداحن ۽ مناجاتن ذريعي پيو.

مداحون ۽ مناجاتون، سنڌيءَ ۾ بحر وزن تي شعر چوڻ جي ڪوشش، نظم جي انوکي سٽاءَ، مصراعن جي تڪرار، قافيي جي رنگيني ۽ ڪن نون خيالن کي نباهڻ جو آڳاٽو ۽ عمدو مثال آهن. ڪن اوائلي مداحن، مثلاً: جمن چارڻ جي مداح (ص 25-35) توڙي صدرالدين جي مداح (ص 44-56) جي مطالعي مان ظاهر آهي، ته ڪيئن هن قسم جو سنڌي شعر بحر وزن جي قالب ۾ سموهجي سامائجي رهيو هو. فارسي شاعريءَ جي اثر هيٺ پيدا ٿيل نئين ذوق، عام سنڌي شاعرن جي طبع جو پڻ موزون شاعريءَ ڏانهن لاڙو ڪرايو، ۽ انهن بحر وزن جي علمي ڄاڻ کان سواءِ محض پنهنجي طبعي ذوق سببان انهيءَ ميدان ۾ قدم رکيو. انهيءَ ڪري تفطيع جي لحاظ سان جيتوڻيڪ سندن شعر وزن تي بلڪل پورو نه بيٺو، ته به پنهنجي طبع جي رواني سان هنن موزون شاعريءَ جي نئين ميدان ۾ پنهنجا ڪؤنتل ڪُڏائي انهيءَ ميدان کي ڪافي هموار ڪيو.

عام شاعرن کان سواءِ، ڪلهوڙن توڙي ٽالپرن جي دور م فارسي شعر چوندڙ ڪن مشهور ”صاحبِ ديوان“ شاعرن پڻ هن نئين ذوق کان متاثر ٿي سنڌيءَ ۾ مداحون چوڻ شروع ڪيون. مثلاً: ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو فارسيءَ ۾ ”صاحب ديوان“ اعلى شاعر هو، جنهن جي چيل سنڌي مداح (ص 36-40) هن نئين صنف، شاعريءَ ۾ هڪ بنيادي حيثيت رکي ٿي. مُلا صاحبڏنو به فارسيءَ جو اعلى شاعر ۽ غالباً ”صاحبِ ديوان“ هو. فارسيءَ ۾ مثنوي ”نوشين لب“ ڏانهس منسوب ڪئي وڃي ٿي. سندس چيل مداح (ص 59-66) توڙي ٻين فارسي گو سنڌي شاعرن، مثلاً: آخوند بچل ”انور “ (ص 95-98) ۽ نواب الهداد خان ”صوفي“ (ص 470-473)، جون مداحون طبعي طور بحر وزن جي سانچي ۾ سموهيل آهن.

مداحن ۽ مناجاتن ۾ نظم جي سٽاءَ جا جدا جدا نمونا ۽ قافين جي رنگيني خاص طرح قابل ذڪر خصوصيتون آهن. ”تڪرار“ پڻ مداح جو مکيه ۽ لازمي جز آهي. يعني ته هر مداح ۾ ڪي الفاظ، يا مصرع يا ٻه مصراعون اهڙيون هونديون آهن، جي وري پيون آڻبيون آهن. مثلاً: صدرالدين جي مداح ( ص 44-56) ۾ نظم جي سٽاءَ هن ريت آهي. جو ڊگهن بندن جي آخر م ٻن مصراعن جو تڪرار آهي. درويش هن ريت آهي. جو ڊگهن بندن جي آخر ۾ ٻن مصراعن جو تڪرار آهي. درويش پير ڪمال ( ص 320-323) ۽ عبدالرحمان چانڊئي (ص 265-267) جي مداحن ۾ ”چوان“ جو يڪو قافيو استعمال ٿيل آهي. اهي ٻئي همعصر شاعر هئا ۽ شايد هڪ ٻئي جي ڀران مداحون چيائون. ”نوجوان“ جي تڪراري قافيي کي مل محمود پلي پنهنجي مداح (ص 493-496) ۾ واهه جو نباهيو آهي. ڪن شاعرن وري ”مداح“ جي مختلف مرحلن تي تڪراري مصرع يا شعر جي قافين جي مَٽ سَٽ ڪئي آهي. مثلاً: حاجي عبدالله ڊکڻ جي چيل مداح (ص 294-300) ۾ تڪراري مصراعن جا قافيا چار دفعا مٽايا ويا آهن ۽ انهيءَ طرح سان نظم ۾ هڪ قسم جي رنگيني پيدا ڪئي وئي آهي. حافظ علي اڪبر ”مجروح“ جي چيل مداح (ص 360-363) ۾ وري ٻٽو قافيو استعمال ڪري هڪ نئون رنگ پيدا ڪيو ويو آهي.

مداحن ۽ مناجاتن کي نظم جي جدا جد نمونن جي لحاظ سان هيٺينءَ طرح ورهائي سگهجي ٿو: (الف) هڪڙيون ”الف اشباع“ واري قافيي سان نج سنڌي نموني ۾ چيل آهن. مثلاً: گرهوڙي صاحب جي چيل مداح ( ص41-43) جون ٻه مدحون (ص 105-114)، ۽ الله بخش لغاري (ص 209-211) ۽ غلام فقير ماڇي (ص 443-447) جون چيل مداحون، عام سنڌي ڊگهن بيتن واري سٽاءَ جو عمدو مثال ”ڪرم“ جي چيل مناجات (ص 391-392) آهي. جا هن نبي ﷺ جن جي ياد ۾ ”مارئي“ جي سُر مان چئي آهي. ۽ ان ۾ مضمون توڙي سٽاءَ جي انوکائيءَ جو هڪ سهڻو نمونو پيدا ڪيو آهي. (ج) ڪي مداحون ۽ مناجاتون وري ”ٽيهه اکري“ جي صنف ۾ چيل آهن. جيئن: خان محمد شيخ جي چيل مناجات (ص 393-400)، ٽيهه اکريءَ جي صنف ۾ هن قسم جو ڪافي مواد موجود آهي. جو جدا ڪتاب ”ٽيهه اکريون“ ۾ شامل ڪيو ويوآهي.

مضمون جي سهڻائي ۽ اسلوبي بيان جي دلپذيري سان ڪن سنڌي شاعرن، مداحن ۽ مناجاتن جي صنف ۾ پنهنجا خاص معيار پيدا ڪيا ۽ هنن اهي عام مقبول مداحون ۽ مناجاتون چيون، جي سندن همعصر يا پوين شاعرن لاءِ مثالي نمونو بنيون، جمن چارڻ (1151هه) جي مشهور اوائلي مداح سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ٿي وئي. ۽ ٻين شاعرن لاءِ مثالي بني، سوا سؤ سالن کان پوءِ، جمن  جي مداح کان متاثر ٿي نواب جان محمد خان لغاري (وفات: 1278هه) پنهنجي مداح (ص 458-469) چئي، جنهن ۾ ٻه دفعا جمن چارڻ جو نالو کنيو اٿس ته: ”چارڻ چئي جيڪو ويو“ ۽ ”جڳ ۾ جيِو چارڻ چئي“. ٻئي طرف گرهوڙي صاحب پنهنجي ثناءَ (ص 41-43)، بلڪ پنهنجي اڪثر شعر، کي ’الف اشباع‘ واري ’يڪي قافيي‘ سان عام فهم ٻهراڙيءَ واري نج سنڌيءَ ۾ نهايت سهڻي سليقي سان نباهيو، جنهن جو اثر پوين شاعرن جي مداحن ۽ مناجاتن ( ص 406-408) ۾ واضح طور نظر اچي ٿو. ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي وري پنهنجي مداح (ص 36-40) ۾ اندروني قافيي جي وارو وار نئين ۽ دلچسپ صنعت آندي. جنهن سان ’مداح‘ جي پڙهڻيءَ ۾ ترنم پيدا ٿيو ۽ اهو ان مداح لاءِ عام مقبوليت جو سبب بنيو. انهيءَ مداح جو اثر مراد علي فقير شر جي چيل مناجات (ص 339-340) ۽ ٻئي هڪ نامعلوم شاعر جي چيل مداح (ص 413-416) ۾ نظر اچي ٿو. ۽ ويندي هن وقت تائين باقي آهي، جيئن ته زندهه عوامي شاعر لالڻ خان لغاريءَ جي چيل مناجات (ص 520-522) ۾ اها اندروني قافيي واري ساڳي نظر اچي ٿي.

مداحن جي پڙهڻي

مداحن ۽ مناجاتن جي عام مقبوليت هڪ ته انهيءَ ڪري آهي جو انهن ۾ ڌڻي تعالى جي ساراهه، نبي ﷺ جن جي ثنا ۽ ٻين بزرگن ۽ ڀلارن جي تعريف جو جُز شامل آهي. ٻيو ته مداحون ۽ مناجاتون شاعرن طرفان محض شعر طور چيل نه آهن، پرانهيءَ لاءِ ته اهي عام مجلس ۾ پڙهيون وڃن. عيدن برادن، عرسن رجبين، جمعن يارهين، ۽ ٻين ڀلارن ڏينهن ۽ موقعن تي واعظن ۽ مولودن سان گڏ مداحن ۽ مناجاتن پڙهڻ جو ذوق شوق آڳاٽي وقت کان هلندو اچي ٿو. شاديءَ جي محفلن ۽ ٻين خاص خوشين جي موقعن تي پڻ مولودن ۽ مداحن جون مجلسون مچايون وڃن ٿيون. جن کي ”شُغل“ چئجي ٿو. ”شغل“ جي انهن مجلسن ۾ مولودن توري مداحن چوڻ وارا پنهنجي خوش الحاني ۽ خاص ترنم سان اهڙو ته رس لائين ٿا جو ٻين راڳ جي مجلسن کان به گوءِ کنيو وڃن. مولودن ۽ مداحجھن چوندڙن جا اهڙا مشهور گروهه هن وقت به سنڌ جي مختلف ڀاڱن ۾ موجود آهن. حيدرآباد ضلعي ۾ محمد رحيم مڱڻهار، شيخ حاجي دائود، علو کوسي ۽ جسڪاڻين جا ٽولا مشهور آهن. شغل ۾ مولود، ٻه جدا ٽولا ساڳئي وقت ويهي پڙهندا، ۽ ڪجهه وقفي بعد وچ ۾ ”مداح“ پڙهندا- ”مداح“ فقط ٻه ڄڻا صاف لسي نوع ۾ پڙهندا. شغل ۾ ’مداح‘ جو پڙهڻ ڄڻ مولودين لاءِ هڪ خاص قسم جي ساهي آهي.

مداحن جو مضمون

اعتقادي طور مداحن جي مضمون ۾ پڻ جاذبيت آهي. ڌڻي تعالى جي ساراهه، نبي ﷺ جن جي ثناءَ، اصحابن سڳورن، ولين ۽ ٻين ڀلارن بزرگن جي تعريف ديني سعادت ۽ روحاني تسڪين جو باعث آهن. انسان جي ذهني انقلاب جي تاريخ ۾ نبي ﷺ جن جي حيثيت مسلم آهي. حضور ﷺ جن توحيد جي انقلابي نظريي سان انسانذات جي وحدت ۽ انسان جي ذهني سربلنديءَ جو سنگ بنياد رکيو ۽ ’رسم‘ جي بدلي ’روح‘ کي جياريائون. ’فڪر‘ کي آزاد ڪري عالمگير بنايائون. وهم جي بدلي عمل ۽ تجربي جي راهه روشن ڪيائون. سمع ۽ بصر، علم ۽ عقل جي استعمال کي عام ڪيائون. شمس ۽ قمر، بلڪ ارض ۽ سمٰوات جي تسخير جي بشارت ڏنائون، ۽ ڪائنات توڙي نفسيات جي مطالعي مان حقيقت ازلي کي پُرجهڻ ۽ پروڙڻ جي تلقين ڏنائون. انسانذات جي اهڙي عظيم رهبر ۽ محسن، توڙي سندن ساٿين ۽ حُبدارن جي تعريف ۽ ثناءَ هر سالم طبع شخص لاءِ نيڪ سعادت آهي. سنڌ ۾ صوفي بزرگن جي تعليم ۽ تلقين سببان، صوفي منش هندن پڻ نبي ﷺ جن جي ثناءَ کي عين سعادت سمجهيو. انهيءَ جو مثال ڀائي آسورام جي نبي ﷺ جن جي شان ۾ چيل مناجات (ص 337-338) آهي. عوامي شاعرن، مدحن ۽ مناجاتن ۾ جا ساراهه ڪئي آهي، سا پنهنجي دلي محبت ۽ عقيدت سان ڪئي آهي، ۽ پنهنجي سچن ۽ سادن خيالن کي جيئن ڀرجي آيا، تيئن بيان ڪيو آهي. علمي طور نبي ﷺ جن جي مرتبي کي سمجهي. انهيءَ بلند معيار سان مداح ڪرڻ عام شاعرن جي وس ۽ وت کان ٻاهر آهي. البت مولوي احمد ملاح جي چيل مداح (ص 429-432) ۾ قدري انهيءَ بلند معيار جي جهلڪ نظر اچي ٿي. حالانڪ نبي ﷺ جن جي ساراهه، چوڻ کان چؤڻي آهي.

ن  -  ب


[1]   زنده شاعرن لاءِ ڏسو ص ص 419، 422، 433، 440، 443، 448.

[2]  ڏسو ص ص 99، 105، 115، 191، 204، 303، 330، 334، 440، 384، 387، 391، 401، 404، 407، 409، 417 ۽ 499.

[3]   ص ص 25، 36، 67، 73، 77، 81، 99، 105، 109، 115، 191، 204 ۽ 384.

[4]  ڪعب بن زهير بن ربيعته عرف اَبي سلمى المزني، اسلام کان اڳ جي مشهور شاعر زهير جو پٽ هو. جو ’سبع معلقات‘ جي مشهور شاعرن مان هو. ڪعب رضه جو قصيدو بحر بسيط ۾ چيل آهي ۽ منجهس 58 بيت آهن. ڪعب رضه اهو قصيدو مسجد نبوي ۾ هجري سال تائين ( 630ع) ۾ نبي ﷺ جن جي آڏو پڙهيو، ۽ پاڻ سڳورن خوش ٿي، پنهنجي کٿي (برده = اوني چادر) لاهي ڪعب رضه جي ڪلهن تي وڌائون ۽ انهيءَ ڪري اهو قصيدو ’قصيده برده‘ جي نالي سان مشهور ٿي ويو. ڪعب رضه سنه 24 هه ۾ وفات ڪئي.

[5]   طالب پٽ حاجي احمد ڀان ويٺل درگاهه درويش ابراهيم ناگوراڻي، تعلقو جيمس آباد. هن پوئين وقت ۾ هڪ ذهين ۽ سجاڳ راوي هو. جنهن وٽ ڀانن جي سلسلي جون ڪافي خبرون هيون. مرحوم سان دونهائي ۾ ميان علي اڪبر شاهه لڪياري جي اوطاق تي پنج سال کن اڳ (18-نومبر 1954ع) ڪچهري ٿي. ۽ طالب انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته: ”اسان جي پنهنجي قبائلي روايت موجب، اسين ڀان زهير بن عبدالرحمان بن ڪعب بن زهير جو اولاد آهين ۽ اسان تي حضرت ڪعب جي چيل قصيدي ’بانت سعاد‘ جي پويان ’ڀان‘ نالو پيو. طالب انهيءَ سلسلي ۾ ڀانن فقيرن مان ڪنهن اڳئين فقير جي چيل صفت مان هيٺيون مصراعون پڻ شاهدي طور پيش ڪيون ته:

[6]   مثلاً: مدح نبي ﷺ عبدالحي جي چيل (ص ص 499-501)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org