سيڪشن؛  لوڪ ادب

ڪتاب: جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون

ڪهاڻي؛28 29 30

صفحو :11

28- شينهن ۽ گابو*

ڪنهن ڳوٺ جي هڪڙي غريب شخص وٽ ڳئون هوندي هئي، جا هو روزانو صبح جو جهنگ ۾ چـَرڻ لاءِ ڇڏي ايندو هو ۽ شام جو ڪاهي ايندو هو. هڪڙي ڏينهن خدا جي قدرت سان اها ڍڳي، جهنگ ۾ چرندي چرندي ڳوٺ کان گهڻو پري نڪري ويئي، جتي تمام گهاٽو جهنگ لڳو پيو هو. ويچاري ڳئون، ڳوٺ جو رستو ڀلجي ويئي هئي، سا هيڏانهن هوڏانهن رلندي رهي. هڪڙي هنڌ ڍڳي ڏسي ته هڪڙو شينهڻ آهي، جا ڪو شڪار پئي کائي. شينهڻ جڏهن ڍڳيءَ کي ڏٺو ته وڌي اچي هن سان ملي ۽ هڪٻئي کي حال احوال ڏيڻ وٺڻ لڳيون. حال احوال ڏيندي وٺندي، ٿوري ئي وقت ۾ هي ٻئي پاڻ ۾ سهيليون بنجي ويون ۽ اُتي ئي گڏجي رهڻ لڳيون.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڍڳيءَ کي، جا ڍُڪي هئي، هڪڙو گابو ڄائو ۽ شينهڻ به ڍُڪي هئي، تنهن کي وري شينهن ڄائو. اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، آخر اهي ٻئي ڦر اچي وڏا ٿيا، ۽ هنن جي پاڻ ۾ ڏاڍي دوستي ٿي ويئي.

هڪڙي دفعي شينهڻ سڄو ڏينهن، جهنگ ۾ رُلي، پر کيس ڪوبه شڪار هٿ ڪونه آيو، سو بک ۾ ڇتي ٿي شام جو واپس پنهنجي ماڳ تي موٽي آئي. اُتي اچي ڏٺائين ته ڳئون اڪيلي بيٺي آهي، سو نڪا ڪيائين هم نڪا تم، هڻندي ئي چنبو، ڳئونءَ کي ماري کائي ڇڏيائين. جڏهن شينهن کي خبر پئي ته ”منهنجيءَ ماءُ، منهنجي دوست جي ماءُ کي ماري کائي ڇڏيو، تڏهن کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هڻندي ئي چنبا، پنهنجيءَ ماءُ کي ماري ڇڏيائين. هاڻي هي ٻئي دوست اڪيلا پيا جهنگ ۾ گهمندا ڦرندا هئا، ۽ جيڪي ڪجهه هٿ ايندو هونِ، سو ونڊي ورڇي کائيندا هئا. شينهن پنهنجي يار گابي کي چئي ڇڏيو هو ته: ادا، جڏهن به ڪو توکي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ته زور سان ڊوڙون پائي وٺي ڀڄجانءِ، ته تنهنجي ڳچيءَ ۾ ٻڌل چڙي جو آواز ٻڌي، آءٌ پاڻهي اچي تو وٽ پهچندس.

هڪڙي ڏينهن گابي، شينهن جي آزمودي وٺڻ لاءِ ڇا ڪيو جو ڊوڙون پائڻ شروع ڪيائين. هن جي ڊوڙن تي چڙو به زور سان وڄڻ لڳو ۽ اهو آواز وڃي شينهن جي ڪن تي پهتو. سو اوڏي مهل ئي ڀڄندو ڀڄندو اچي گابي وٽ پهتو ۽ چيائينس ته: يار، ڪر خبر، ڪنهن پئي توکي ڊوڙايو؟ تڏهن گابي چيس ته: ڊوڙايو ته ڪنهن به ڪونه اٿم، باقي تنهنجو آزمودو ٿي ورتم. خير، شينهن اهو جواب ٻڌي کڻي ماٺ ڪئي.

هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو، جو هڪڙي ڄـڃ اچي اُن ٻيلي وٽان لانگهائو ٿي. اُن وقت گابو به رستي جي ڀر ۾ پئي چريو. ڄاڃين جو ههڙو ٿلهو متارو گابو ڏٺو، سو ٻه چار ڄڻا هن کي ڦـِـري آيا. گابي گهڻئي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙون پاتيون، ۽ ڀڄڻ جي ڪئي ته من شينهن، چڙي جي آواز تي اچي مدد ڪريم، پر شينهن چڙي جو آواز ٻڌي سمجهيو ته گابو اڄ به شايد ڀوڳن مان پيو ڊوڙي، سو ويجهو به ڪونه آيس. نتيجو اهو ٿيو جو ڄاڃين گابي کي جهلي ورتو ۽ اُتي جو اُتي ڪـُـهي کڻي وڌائونس ديڳ ۾. ٿوريءَ دير کان پوءِ شينهن اچي ڏسي ته گابي جا ته ڪم ئي پورا ٿيا پيا آهن! رڳو سندس ڇؤڙو ۽ رت پيو آهي. اتي پنهنجي پياري دوست جي موت تي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، ۽ ڄاڃين تي اچي ڪاوڙيو. پوءِ ته ڇا ڪيائين، جو ڪاهي پيو ڄـڃ ۾- ڪن کي ماري وڌائين ته ڪن کي ڦٽي وڌائين، ڪي ڪٿي وڃي لڪا ته ڪي ڪٿي. جڏهن ڄاڃين مان هڪڙو به نه رهيو، تڏهن هلي آيو اُن ديڳ وٽ، جنهن ۾ سندس يار گابي جو گوشت پئي رڌو. اُتي دل ۾ خيال ڪيائين ته جڏهن يار ئي نه رهيو ته پوءِ باقي آءٌ جـِـي ڇا ڪندس! بس، اهو خيال ڪري پاڻ به کڻي اُن ديڳ ۾ ٽپو ڏنائين. ديڳ ۾ ٽپي ڏيڻ سان، خدا جي قدرت اهڙي ٿي، جو اها ديڳ ئي زمين ۾ پورجي ويئي.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهيءَ هنڌ تي جتي ديڳ پورجي ويئي هئي، هڪڙو وڻ پيدا ٿيو ۽ ٿوري گهڻي ڏينهن اهو وڻ اچي وڏو ٿيو. هڪڙي ڏينهن، هڪڙو ٻڪرار اچي اُن وڻ مان لڪڻ پٽڻ لڳو، تڏهن اُن وڻ مان آواز آيس ته: اي ٻڪرار! متان لڪڻ پٽيو اٿئي! اهو آواز ٻڌي ٻڪرار ويچارو وائڙو ٿي ويو، ۽ هن اها ڳالهه وڃي بادشاهه سان ڪئي. بادشاهه کي پهرين ته ان ڳالهه تي اعتبارئي نه اچي، پر پوءِ ڇا ڪيائين جو هڪڙو واڍو ساڻ ڪري سڌو اُن وڻ وٽ آيو ۽ واڍي کي حڪم ڏنائين ته: هيءَ وڻ وڍ! واڍي جيئن ئي وڻ وڍڻ شروع ڪيو ته اُن مان طرح طرح جا آواز ۽ هڪلون اچڻ لڳيون. پر بادشاهه جو حڪم، سو واڍي رڙين جو ڪوبه خيال ڪونه ڪيو، ۽ وڍي وڃي پار پيو. وڻ ڪرڻ سان، ٿـُڙ مان ٻه رت ڦڙا هيٺ ڪري پيا ۽ خدا جي قدرت سان ڏسندي ڏسندي انهن ڦڙن مان ٻه سدا ملوڪ شهزادا پيدا ٿي پيا. اهو رنگ ڏسي سڀني کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ ته بادشاهه ٻنهي شهزادن کي وٺي آڻي پنهنجيءَ محلات ۾ رهايو، ۽ کين پنهنجا پـُـٽيلا ڪري پالڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهو بادشاهه گذاري ويو، پوءِ هي ٻئي دوست گڏجي اها حڪومت هلائڻ لڳا.

 

vvv

vv

v
 

29- ڪڪڙ، گابو، گهيٽو ۽ اُٺ*

هڪڙي ڏينهن هڪڙو ڪڪڙ، چڳندي چڳندي اچي هڪڙي گابي جي ڀرسان بيٺو، ته گابي هن کي لت وهائي ڪڍي، ڪڪڙ چيس ته: انڌا! منهنجو شان ڪيڏو نه وڏو آهي، تو مون کي ڇو لت هنئي آهي؟ گابي جواب ڏنو ته: منهنجو شان تو کان وڏو آهي، تون پاڻ کي نه پڏاءِ. ڪڪڙ چوي ته: آءٌ تو کان وڏي عزت وارو، ۽ گابو چوي ته: آءٌ تو کان وڏي عزت وارو، اتي ٻئي وڙهڻ لڳا. نيٺ چيائون ته: هلو ته هلي ڪنهن ٻئي امين وٽ فيصلو ڪرايون. سو ٻئي گڏجي اُٿي هليا.

اڳتي هليا ته هڪڙو گهيٽو گڏين، تنهن کي چيائون ته: ادا! اسين پاڻ ۾ وڙهي آيا آهيون، هاڻي تون اسان جو فيصلو ڪر، گهيٽي چيو ته: فيصلو ڪبو انهن جو جيڪي هڪهڙا هجن. آءٌ اوهان ٻنهي کان عزت ۾ وڌيڪ آهيان، سو آءٌ فيصلو ڪونه ڪندس. اتي ڪڪڙ ۽ گابو يڪدم گهيٽي سان وڙهي پيا، چي: اسين تو کان عزت ۾ وڏا آهيون، انهيءَ تي ٽيئي اچي پاڻ ۾ وڙهڻ لڳا. چيائون ته: هلو ڪنهن ٻئي امين وٽ هلي فيصلو ڪرايون، سو ٽيئي گڏجي اُٿي هليا.

هلندي هلندي واٽ تي هنن کي اُٺ گڏجي ويو، اُٺ کي چيائون ته: تون اسان جو فيصلو ڪر، اُٺ چيو ته: اوهين ٽيئي منهنجا شاني شريڪ نه آهيو، تنهنڪري اوهان جو فيصلو ڪونه ڪندس. اتي هو ٽيئي اُٺ سان وڙهڻ لڳا ۽ چيائون ته: اسين تو کان وڌيڪ آهيون، سو چارئي ڄڻا پاڻ ۾ وڙهي پيا، آخر چيائون ته: هلو ته ڪنهن ٻئي امين کان فيصلو ڪرايون.

i

چارئي گڏجي اُٿي هليا ۽ هڪڙي قاضيءَ وٽ پهتا. ان کي چيائون ته: اسين پاڻ ۾ وڙهي آيا آهيون، اسان مان هرڪو چوي ٿو ته آءٌ اوهان کان عزت وارو آهيان، سو مهرباني ڪري اسان جو فيصلو ڪر. قاضي اول ڪڪڙ کان پڇا ڪئي ته: اڙي ڪڪڙ! ٻڌاءِ تون گابي کان ڇا ۾ وڌيڪ آهين؟ ڪڪڙ چيو ته: سائين! جڏهن الله پاڪ، حضرت آدم کي بهشت مان ڪڍيو، تڏهن هـُـن الله پاڪ کي عرض ڪيو هو ته: يارب! جڏهن آءٌ بهشت ۾ هوس، تڏهن ننڊ ايندي هيم ته تنهنجا ملائڪ مون کي سجاڳ ڪندا هئا ۽ آءٌ تنهنجي عبادت ڪندو هئس، هاڻي هتي مون کي ڪير ننڊ مان اٿاريندو؟ جو هڪڙو ته اڳيئي ڏوهه جو ڏوهاري، باقي جي عبادت به نه ڪريان ته مون تي تنهنجو وڌيڪ عذاب پوندو. اي قاضي پوءِ الله تعاليٰ منهنجي ڏاڏي کي چوٿين آسمان تي ٻانگو ڪري پيدا ڪيو، جو وقت وقت تي باقاعدي ٻانگ ڏيندو هو. اسين به جهڙ هجي يا اوندهه رات، پوري وقت تي ٻانگون ڏيندا آهيون، ۽ پنهنجي ڏاڏي جي ڪري ڀلارا آهيون.

اتي قاضيءَ، گابي کان پڇيو ته: تون ٻڌاءِ ته ڇا ۾ ڀلارو آهين؟ گابي چيو ته: سائين! الله پاڪ جڏهن زمين جو فرش ٿي پکيڙو، تڏهن سڀ شيءِ کي حڪم ڪيائين ته منهنجي زمين جو بار ڪير جهليندو؟ اتي ٻئي ڪنهن شيءِ هائو نه ڪئي، باقي اسان جي ڏاڏي چيو ته: يارب! آءٌ توڙي ڏٻو ڏاند آهيان ته به هڪڙي سڱ تي ساريءَ دنيا جو بار کڻندس. ان ڏينهن کان اهو ساري زمين پنهنجي ڏٻي سڱ تي جهليو بيٺو آهيان، ٻيو پنهنجي پوين کي حڪم ڪيائين ته ڪڏهن به ڪم ڪار جي ورندي نه ڏجو. پوءِ سائين، اسين هر ڪاهيون، گاڏيون ڇڪيون، هـُرلا ۽ نار وهون ۽ اڄ ڏينهن تائين ادب ۽ غلامي مڃيو بيٺا آهيون. سو سائين، انهيءَ ۾ ڀلارا آهيون.

قاضي گهيٽي کي چيو ته: هاڻي تون ٻڌاءِ ته ڇا ۾ ڀلارو آهين؟ گهيٽي چيو ته: سائين! منهنجي ڏاڏي کي الله پاڪ بهشت ۾ پيدا ڪيو هو، پوءِ جڏهن حضرت ابراهيم نبي سڳوري تي الله پاڪ جو حڪم آيو ته اُٿي پنهنجو پٽ منهنجيءَ راهه ۾ قربان ڪر! تڏهن حضرت ابراهيم پنهنجي پٽ کي ڪعبته الله ڏانهن منهن ڪرائي، پنهنجون اکيون ٻڌي، ڪاتي هٿ ۾ کڻي، تڪبير ٿي وڌي ته جبرئيل کي الله پاڪ حڪم ڪيو ته: وڃ، بهشت مان گهيٽو کڻي آءٌ ته حضرت اسماعيل جو عيوض ٿئي. جبرئيل ويو ۽ بهشت مان دُنبو کڻي آيو، جو اچي حضرت اسماعيل جو عيوض ٿيو ۽ انهيءَ دنبي جي کـَل مان جـُبو ٺهيو جو حضرت محمد + پائي، معراج ڏانهن ويو. ان ڏينهن کان وٺي اسين دنيا ۾ قربانيءَ جي ڪم ايندا آهيون. سو سائين، آءٌ انهيءَ ڪري ڀلارو آهيان.

اتي قاضيءَ اُٺ کان پڇيو: تون ٻڌاءِ ته ڇا ۾ ڀلارو آهين؟ اُٺ چيو سائين! اسان جو ڏاڏو قسمت سان بيمار ٿي پيو هو ۽ هڪڙي رڻ پٽ ۾ ڇـُـڙيون پئي هنيائين، منجهس بدبـُو تمام گهڻي هئي، بچڻ جو آسرو ڪونه هو. هڪڙي ڏينهن حضرت محمد صلعم واٽ ويٺو پئي آيو. تنهن اُٺ جي اها حالت ڏسي، هن کي دعا جا هٿ گهمايا ته هو چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ آخر زماني جو نبي انهيءَ اُٺ تي هسوار ٿيو، ۽ دعا ڪيائينس ته: قيامت جي ڏينهن آءٌ توتي هسوار ٿيندس. تنهن کان سواءِ، اسان جي ڏاڏي جيستائين عرفات تي نه ايندي هئي، تيستائين خطبو به نه پڙهندا هئا. سو سائين، منهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏو ٻئي ڀلارا هئا، تنهنڪري آءٌ به ڀلارو آهيان.

اتي قاضي سڀئي ڳالهيون ٻڌي، عجب ۾ پئجي ويو ته ڪنهن کي ڀلارو ۽ شان وارو چئجي... نيٺ سوچي ويچاري، چئني کي چيائين ته: اوهين چارئي شان وارا ۽ ڀلارا آهيو، تنهنڪري ڀلارن وانگر گڏجي وڃي رهو، ۽ پاڻ ۾ وڙهو جهڙو نه. قاضيءَ جو اهو فيصلو ٻڌي، چارئي ڄڻا ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ سدائين لاءِ هڪٻئي ۾ کير کنڊ ٿي ويا.

 

 

vvv

vv

v
 

30- ڪڪڙ ۽ ڪتو *

هڪڙي بادشاهه جي بورچيخاني ۾ ڪڪڙ ۽ ڪتو گڏ رهندا هئا. هڪڙي ڏينهن صبح جو بورچي ٿانو پئي ڌوتا، ڪڪڙ ۽ ڪتو به موجود هئا. اتي ڪڪڙ ڪتي کي چيو ته: يار! اڄ بورچي جيڪي ديڳڙن مان چانور ڪڍي اُڇلائيندو، سي آءٌ کائيندس، ۽ صبح جو بادشاهه جي ڪاري مينهن مرندي، تون اُتان کائي ڍؤ ڪج. ان وقت بادشاهه به اتي حاضر هو، جو جانورن ۽ پکين جون ٻوليون ڄاڻيندو هو. تنهن جڏهن اها ڪڪڙ ۽ ڪتي جي گفتگو ٻـُڌي، تڏهن وزير کي حڪم ڏنائين ته: فلاڻي مينهن وڪڻي ڇڏ. وزير حڪم موجب مينهن وڪڻي ڇڏي.

ٻئي ڏينهن صبح جو، وري به ڪڪڙ ۽ ڪتو، بورچيخاني اڳيان اوبر کائڻ لاءِ گڏ ٿيا، ته ڪڪڙ وري به ڪتي کي چيو ته: يار! اڄ اها اوبر وري به آءٌ کائيندس، صبح جو بادشاهه جو سامونڊي گهوڙو مرندو، اُهو تون کائي ڍؤ ڪج. ڪتي چيو ته: تو چيو ٿي ته مينهن مرندي، سا به ڪانه مئي، هاڻ جيڪڏهن گهوڙو نه مئو، ته پوءِ آءٌ تو کي کائيندس.

بادشاهه جو اتي موجود هو، تنهن اها گفتگو ٻڌي، وزير کي حڪم ڏنو ته: سامونڊي گهوڙو مهانگو سهانگو وڪڻي ڇڏ. وزير حڪم موجب گهوڙو به وڪڻي ڇڏيو. جڏهن ٽيون ڏينهن ٿيو، ته وري به بورچيخاني اڳيان ڪتو ۽ ڪڪڙ اچي گڏيا. ڪتي چيو ته: اڄ توکي کائيندس، ڇو ته تنهنجون ٻه ڳالهيون ڪوڙيون نڪتيون آهن. تنهن تي ڪڪڙ گهڻي آزي نيزاري ڪري ڪتي کان جند ڇڏائي، ۽ اهو ڏينهن به اوبر کائڻ جي ڪتي کان موڪل ورتائين، ۽ چيائين ته: يار! سڀاڻي خود بادشاهه مرندو، پوءِ تمام گهڻا ڀت ۽ گوشت ٿيندا، پوءِ پاڻ سڀ کائي ڍؤ ڪنداسون، جي ائين نه ٿيو، ته پوءِ تون مونکي ڀلي کائج!

بادشاهه جڏهن اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن ڪڪڙ ۽ ڪتي کي گهرائي، کانئن حقيقت پڇيائين. هنن چيو ته: سائين! مينهن ۽ گهوڙو توهان جي سر جو صدقو ٿي ٿيا، مگر توهان وڪڻي ڇڏيا، پر جن ماڻهن کي توهان وڪيا، تن پنهنجو حق ڏيئي خريد ڪيا، تنهنڪري اهي اتي نه مئا، هاڻي توهان تي اَجل ضرور اچڻو آهي.

بادشاهه ڪافي خير خيراتون ڪيون، مگر ڪجهه به نه وريو. ٻئي ڏينهن، بادشاهه جي حياتي پوري ٿي، ۽ گوشت ڀت جام ٿيا، ڪتي ۽ ڪڪڙ به کائي ڏاڍا ڍؤ ڪيا.

جڏهن بادشاهه جانورن جي ٻولي سکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، تڏهن کيس انهيءَ ٻولي سيکاريندڙ ماڻهوءَ چيو هو ته: اها ٻولي نه سک، ان مان فائدو ڪونه ٿيندو، مگر بادشاهه نه مڙيو، نيٺ کيس انهيءَ ٻوليءَ سکڻ جي ڪري بي وقتو موت نصيب ٿيو. ٻولي نه سکي ها، ته سندس سر جو صدقو مينهن يا گهوڙو ٿئي ها، ۽ پاڻ ڪو وقت بچي وڃي ها. جيئن پهاڪو آهي ته: مال واري جو وڃي مال، پر سڃي جو وڃي سر.

 

vvv

vv

v

 


 

* هيءَ آکاڻي، اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان علي انور کان ملي.

* هي آکاڻي لاڙ (تعلقي گوني) مان الهورائي نظاماڻي کان ملي.

* هيءَ آکاڻي لاڙ (تعلقي گوني) مان شاهه محمد شاهه بخاريءَ کان ملي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org