سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :38

ٿي سڏائين سهيلين ۾، مَرڪيو مَرڪيو مير،

تون ماستر ’محمد رحيم‘ جو، کاڻل ! پِئين ٿي کير،

کير جي خمار ۾، تو ڇڏيو ڪرت ڪير،

پِئين چوريءَ چُڪڙا، وريو سڏائين وير،

سڻي ”نهڙيي“ جو نظير، ڪڍ دغائون دل مان.

بلي

ناهِن دغائون دل ۾، سڻ سائين ! سماچار،

نه هَڻ ٻٽاڪ ٻليءَ سان، تون ’نُهڙيو‘ نامدار،

ڪر نه خوف کير جو، ايڏو انتطار،

ٿِيءُ نه موذي مال تي، ڪر پرور جي پچار،

طعنا هڻين ٿو تڪڙا، دوست تون دلدار !

توکي به پِنيو پاڙي مان ٿو کير ملي منٺار،

آءٌ به ٿينديس انهيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار،

ٻيا مون کي مَرڪڻ جا، ٿو مهڻا ڏين موچار،

پر خاص منهنجي خاندان جي، سُڻ خاصي خبرچار،

آهيان وڏ گهراڻي واگهن ۾، ٻيو چِيتن ۾ چوڌار،

نَسل منهنجو نسورو، آهي شينهن منجهان شمار،

سُڻي سبق سُرت ڪر، سماٽ جا سردار !

هت ساجن آئي ستون مهينو، توکي ٿيو تيار،

آءٌ نه آيس اڳ ۾، تنهنجي اڱڻ يار،

هينئر حب هِنئين ۾ ٿي، هُمٿي [1] جي هيڪار،

تڏهن آيس تڪڙي، هردم ٿِي هوشيار،

نه وڌاءِ من ماڻهن ۾، پرين ! پَسي پگهار،

ٻاڙو نه ٻول ٻليءَ سان، متان لالڻ ٿئين لاچار،

وڏا وهم وسار، نه ته ويندين سڌو سميجن ۾.
 

مناظرو بچل ۽ ڪُئي جو

(چيل احمد خان لغاري جو)

]بچل نالي هڪ شخص تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڪماند ۽ ميها وغيره پوکيا، جي ڪئا کائي ويندا هئا. هڪ ڏينهن بچل کي خيال آيو ته ڪوڏر سان ڇو نه ڪئن جا ٻر کوٽي انهن کي ڀڄائي ڇڏجي. تنهنڪري پنهنجي هڪ مائٽ مير محمد کي ساڻ وٺي ڪوڏرون کڻي اچي ٻنيءَ ۾ بيٺا ۽ سڄيءَ ٻنيءَ کي کوٽيائون پر ڪئا نه ويا. انهيءَ واقعي تي شاعر سٺ طور هي مناظرو جوڙيو آهي. هن مناظري ۾ تمهيد بعد ٻئي ڄڻا هڪٻئي کي چڱيءَ طرح خبردار ڪن ٿا، مير محمد پريان سونٽو کڻي بيهي ٿو ۽ بچل ڪوڏر سان کوٽي ٿو. اتي ڪئي ٻرڙ مان منهن ڪڍيو، جنهن تي بچل چيس ته: ڪئا ! نڪري ٻاهر ٿي ته ڪوڏر سان ڪنڌ لاهيانءِ. جواب ۾ ڪئي ڪاوڙجي چيس: حياتيءَ جو خير گهرين ته موٽي وڃ، نه ته جهيڙو ٿيندو ۽ جي اتفاق سان لٺ ڪنهن لغاريءَ کي لڳي ته پوندو مري، يا ته ڪوڙو ڪيس ڪري ڏاڍو هلاک ڪندوسانءِ. ڪئي جا ٻول ٻڌي بچل هيسجي بيهي رهيو، تنهن تي مير محمد هڪل ڪيس پر بچل ان کي به ڊپ ڏياريو. آخر ٻنهي ڄڻن صلاح ڪئي ته هلي ڳوٺ ڄاڻ ڪجي، پوءِ سڀاڻي سڄو راڄ وٺي اچي ڪئن سان ويڙهه ڪريون.[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سرور،

جوڙيو جنهن جڳ ۾، بندو هڪ بشر،

نالو جنهن جو نروار ٿيو، ’بچل‘ بهادر،

سو الله جي آڌر، ڪوڏر کڻي ڪاهي هليو.

 

ڪوڏر کڻي ڪاهي هليو، ڪري ڪُئي تي قصد،

رئيس رڙهي هليو، وٺي راهه رَند،

’بچل‘ بهادري مان ڪيو ’مير محمد‘ کي مهند،

تڪڙ ۽ تيزائي مان، هلي ڏٺائين هنڌ،

جيڪي جايون جانورن جون، ڪُئا منجهه ڪمند،

ٻروچن ويهي ٻِر تي، هلايو فڪر وڏو فند،

هيڪر دل جهلي دڙڪو ڏنائون، ساري پاڪ صمد،

باري پاڪ بلند، ڏيندو فتح فقيرن کي.

 

بچل

ڏيندو فتح فقيرن کي، الله پاڪ اَحد،

پهرين پڙهج پرت مان، آيت سا الحمد،

ته پوءِ ٿيندا پڌرا، سڀئي سوڻ سوڳنڌ،

ڪوڏر هڻجانءِ ڪنڌ ۾، ته آءٌ ڪريان بانٺي کي بلند،

نڪي تون نروار ٿي، ڪوئا ! لاهيانءِ ڪنڌ،

وٺي حيرت هنڌ، بيٺو ڪُئي جي ڪاوڙ ڏسي.

 

ڪئو

ڪُئي ڪاوڙجي چيس، ته تون وڃ وري،

جنگ لڳندي جهيڙو ٿيندو، ٿيندي ڳالهه ڳري،

لڳندي لٺ ڪنهن ’لغاري‘ کي، ته پوندو مڙس مري،

يا ته ڪندوسئين ڪيس ڌاڙي جو، ته ويندئي ٺپ ٺري،

نه ته پت ويندئي پري، مِٺي انهين ماٺ ۾.

 

مير محمد چئي: ’بچل‘ بيٺو آهين، ڇا سان سهايو،

ڊڄي وئين ڊڄڻو ٿي، توکي ڪُئي ماري منجهايو،

دڙڪي سان دهلجي وئين، تو ٿي سورهيه سڏايو،

پر هو سڀ اجايو، ٻٽاڪ تنهنجي ٻول ۾.

 

بچل

چئي: ٻٽاڪ ناهي ٻول ۾، تون سمجهي ڳالهه سڃاڻ،

هڪ لاچاري لٺ جي، ٻيو سونٽو ناهي ساڻ،

جنگ ڪري جانور سان، نه پوري پونداسون پاڻ،

هينئر هلي ڪريون ڳوٺ ۾، ’چاچي ڄام‘ کي ڄاڻ،

پوءِ سعيو ڪري سڀاڻ، ڪاهي ڏسنداسون ڪئي کي.

 

ڪاهي ڏسنداسون ڪئي کي، وٺي جوانن جي جمات [2]،

هينئر هلي گهر گهاريون، رلين منجهه ڪا رات،

جي پيئي ڪل ڪئن کي، ته ٿيندي مڙسن سان مشڪلات،

کٽي جنگ خيرن سان، ڪنداسون خير خيرات،

ورهايون پتاشن پات، جي پڄون گهر خير سان.

 

مناظرو سدوري ۽ نوريئڙي جو

(چيل غلام فقير ماڇيءَ جو )

]هن مناظري ۾، سدورو نالي هڪ شخص، کري ۾ انّ جي سنڀال تي ويٺو هو، ته هڪڙو نوريئڙو اچي انّ کائڻ لڳو. سدورو هڪل ڏيئي ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر نوريئڙو اٽلو سدوري سان جهيڙي تي سنڀري کيس چئي ٿو ته: جي مون کي ڌڪ وغيره هڻندين ته آءٌ به جهڙپ هڻي ڪپڙا سڀ چيري ڇڏيندوسانءِ. ان تي سدورو چئي ٿو ته: آءٌ توکي فضيلت مان سمجهايان پيو ته سمجهين نٿو، هاڻي آءٌ به ٻلو وٺي آڻي ٿو ان جي راهه وٽ ٻڌان، پوءِ پاڻهي خبر پئجي ويندئي. اتي نوريئڙي جا ڇهه ڇڄي پون ٿا ۽ سدوري کي منٿون ٿو ڪري ته وري هن کري ۾ نه ايندس. پر سدورو کانئس ضامن جي طلب ڪري ٿو. ان تي نوريئڙو ضمانت طور ’ڳهڻي خان‘ کي وٺي ٿو اچي پر ٺاهه وري به ڪونه ٿيو. آخر سدوري جي ڀائيوار ’جاڙي‘ کي انهيءَ قصي جو پتو پئجي ويو. جنهن لٺيون هڻي سڀني نوريئڙن کي ڀڄائي کڻي ’پرينءَ‘ جي ٻني ڏانهن روانو ڪيو، جنهن جي ڀاڄي راتو واهه نوريئڙن کائي سڃ ڪري ڇڏي. ان بعد نوريئڙا سلامتيءَ سان ٻئي پاسي ڏانهن هليا وڃن ٿا.[

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙيا آهن جنسار،

’ٻاٻي‘ ڪاهي ٻني، ڪري هلاکين هزار،

سهيڙي سنگن کي، ڪيائين هڪڙي هنڌ هنبار،

کري تي خفتي اچي، هاري ويٺو هوشيار،

هُن پُڇر کي پري کان، پيو داڻن جو دؤنڪار،

سو نوريئڙو نڪار، رڙهي پيو راهه ۾.

 

سدورو

رڙهي پيو راهه ۾، هاريءَ اُڇليو هٿ:

ڀڄي وڃ ڀاڙيا تون، آهين ٻليءَ کاڌي وٿ،

مري پِيندون موچڙي سان، سڙيا ! ڪونهئي ست،

مٽجي ٿيس مَست، ته گهلي هڻندوسئين گوڏي هيٺان.

 

نوريئڙو

گهلي ڪَندُون گوڏي هيٺان، پر آهيان تنهنجو مٽ،

ڪپڙا سڀ ڪتري، چيري ڪندوسانءِ چٽ،

سَڏ ڪري سامهون نه ٿج، ته پڌر نه کوڙايئين پٽ،

جهڙپ ڏيئي جهٽ، اڳٺ ڇنندوسئين اوچتو.

 

صدورو

اڳٺ ڇنندُون اوچتو، جِيئڏا ! مارين ٿو جک،

پٽي اڇلايئين پڇ کي، جهٽي وڃڻي جهڪ،

جنگ ڪرين جوڙي، ته ڏي پليت تون پڪ،

ته رنگيلا ڪڍي رک، کوهي ڇڏيئين کَلَن سان.

 

نوريئڙو

کوهي ڇڏيندُون کَلَن سان، پر چڱو ٿيءُ نه چريو،

پيا آهيون تنهنجي پاڙي ۾، ڪارا ڪک ڪريو،

ڇِتيءَ [3] وڌو اَڇا کاٽو، وڃون ٿا مانيءَ لاءِ مريو،

آءُ کٽل آهيان کريو، تون سرند ڪجانءِ سمجهه ڪا.

سدورو

آءٌ سرند سمڌو آهيان، تون چُتو آهين چور،

اچيو پئين انّ ۾، جيئن نرا کڻي نورُ،

ڪچيءَ کانڻي ڪڪ ڪيئي، گانڊو گهمين گورُ،

توکي موچڙا هڻي مور، سو ٻلو ٻڌان ٿو ٻار تي.

 

نوريئڙو

ٻلو نه ٻڌجان ٻار تي، ڪري ٿڪل تي ٿورا،

اسين اصل آهيون، نولُو نِدورا،

مون کي ڇڏيندوُن مارائي، نه ڇڄي ويندم ڇورا،

ٿيءُ سڄڻ ’سدورا‘ ! هو عزرائيل نه ٻڌج اَنّ تي.

 

عزرائيل نه ٻَڌان اَنّ تي، ڏي زميندار ضمان،

ڳالهڙ ڳنهي آيو ’ڳهڻي‘ کي، ڏسي سُرت سجان،

سو سکر آيو سر زمين تي، مرد ڏسڻ ميدان،

تنهن رئيس جي رضانامي جو، اچي گوهر ڪيو گِيان،

پر راضي نه ٿيو رحمان، پيو گوڙ ”غلام“ چئي.

 

پيو گوڙ ”غلام“ چئي، ڦري ’جاڙي‘ جوٽي جنگ:

ڏَسيو مون کي ڏَتِرو [4]، آهي ڪهڙي رنگ،

جنهن واکاڻ وڌي آ ولايتن ۾، جهر توڙي جهنگ،

مرشد جي ميلي لاءِ، منهنجو تن بيٺو آ تنگ،

اول صفائي ڪريان انهيءَ سان، ڍوليا ساڻ ڍنگ،

وَڪڙ ڪنهين ونگ، رَن کڻندوسانس رات جو.

 

سدورو

رَن کڻندُونس رات جو، پر ڪونهئي جِيپَر جڏا،

بڙهه [5] هنيو بادي ڪرين، ڦڪائيءَ جا ڦڏا،

ماٺ ڪري وڃين ماني کاءُ، ته ڪُٽي کڻون ڪَڏا،

تو کان وِير وَڏا، سي به تڪبر توائي ڪيا.

 

جاڙو

تڪبر توائي ڪيا، پر اٿم آس منجهه الله،

زيانخور ذات کان، آهي سڱ وٺڻ صلاح،

ٻاٻا ! ڪِيَم ٻولاءِ، آءٌ پرڻبس انهيءَ پاڙي مان.

 

سدورو

پرڻبين انهيءَ پاڙي مان، ته وڃي ڇائي پاءِ ڇَٽا،

ڳالهَڙ ٻڌندئي ڳالهه، ته لهرائيندئي لٽا،

ڇِتا ويٺا آهن ڇِريا، آڪڙيا ڪُل اُٽا،

ڏيئي گهر منجهه گهُٽا، سي نِپُوڙيندئي نوريئڙا.

 

جاڙو

نپوڙيندا ڪين نوريئڙا، ويندس ڇِتن کان ڇڏائي،

مدد ٿيندو موليٰ، منهنجو والي ورائي،

سڀڪنهن کي صاحب رب، ٿو هادي هلائي،

موڪل ڏيندا مسڪين کي، کلي ڳالهائي،

شادي ڪندس شڪر سان، لاڳ مڙئي لائي،

نوريئڙي نباهي، ’جاڙو‘ وٺي ايندو جاءِ تي.

 

سدورو

جاڙو وٺي ايندو جاءِ تي، ٿيندو سَتاڙي جو سڏ،

تون آهين دشمن داڻن جو، مانيءَ سَندو مَڏ،

جيڪو چُرندئي هڏ، سو سٽيندئي سؤنٽن سان.

 

جاڙو

سٽيندا ڪين سؤنٽن سان، آهي وڃڻ منهنجو وس،

چاچا ! چئين ٿو چڱائي، جيجل هجيئي جَس،

منهنجا مڙئي مطلب ٿيا، ڪانه لڳي اٿم ڪس،

سڏڻ ايندي سَس، سا ورائي ڇڏيندس واٽ تان.

 

ورائي ڇڏيائين واٽ تان، اچي اُٽن ڪئي آڪَڙ،

اچي جاڳايائون جاڙي کي، مٿان جيئن ماڪَڙ،

ڇڏائي تن ڇِتن کان، وڃي لڙهي [6] ڇوڙيائين لاڪڙ،

ستي تن سڀني کي، وڌائين وڻراهه ۾ واڪڙ،

ڪڙيو ڏيئي ڪانگڙ، اچي پيا ’پرينءَ‘ جي پالڪ ۾.

 

اچي پيا ’پرينءَ‘ جي پالڪ ۾، گهڙي سڀ گهنڊ،

’چوئٿ‘ هو چريو، جنهن کي نيڻين آئي ننڊ،

صبح جو اُٿي سماءُ ڪري، ته، لٿا پيا آهن لِنڊ،

آڌيءَ رات اَهنڊ، ڀاچي سڀ ڀيلي ويا.

 

ڀاڄي سڀ ڀيلي ويا، ’پرينءَ‘ کنيو پير،

هي ڇڏيو ويو آ ڇوڪرو، جنهن جو واڻين سان وير،

جواب هنن جيتن جو، ڪندو اچي ڪير؟

صبح ساڻ سوير، ڍڪائيندس سڀ ڍڪ ۾.

 

ڍڪائي سڀ ڍڪ ۾، ’پرينءَ‘ ڏنو پاسو،

ڪو ونڊيرَ نه گڏجي واٽ تي، نه لِنبي نه رکي لاشو،

’جاڙي‘ به ڪيو جلديءَ مان، گڏهه تي گاشو،

چؤ سال ڇڏيائين چانچ ۾ ’بُئاليءَ‘ [7] کان باشو،

کودو هو خاشو، جنهن پهچايس هڪ پلڪ ۾.

 

پهچايائينس پلڪ ۾، وڃي منشيءَ کي ڪڍيائين مار،

ته هن ولر مان وڪامي ويا، ٻٽي چڻا ٻار،

جواب ڪر تن جيتن جو، پورا ڏي تون پار،

پڇي آءٌ ’پرينءَ‘ کان، جيڪو ڏئي ويو ڏهه هزار،

سي ڳالهَڙ ڪاهه ڳڻي تون، ڌيان ساڻ ڌرار،

پوءِ ڪيڙيِن جيئن قطار، نڪتي نوريئڙن جي.

 

نڪتي نوريئڙن جي، سِڌو رکيائون سِير،

”غلام“ ڀرجي گناهه ۾، ڪيو نولُن تي نظير،

توبهه سان تعذير، ڪاٽ ٿيندو ڪلمي سان.

 

مناظرو بچو ڀٽي ۽ مڇيءَ جو

(چيل غلام رسول رند جو)

]هن مناظري ۾ بچل نالي هڪ شخص مڇي ڦاسائڻ لاءِ وڃي ٿو ته هڪڙي هنڌ پوپري مڇي ڏٺائين، جنهن کي چئي ٿو ته: ٻارنهن ڏينهن ٿيا اٿم رکي ماني کائيندي، هاڻي جي اشرافت سان ٻاهر نٿي اچين ته ڪنهن نه ڪنهن رمز سان ڦاسائي ويندوسانءِ. جواب ۾ مڇي کيس چئي ٿي ته: مون کي ڦاسائڻ سولي ڳالهه ڪانهي، مون کي جهلڻ جي ڪوشش ڪندين ته آءٌ پنهنجا ڀائر ڀيڻون ڪرڙا، ڪڇئون، ڪميون، لوڙهيون، لڌڙا، ڄرون وغيره پاڻيءَ جا جانور سڏينديس، جي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيندءِ، تنهنڪري بهتر آهي ته موٽي گهر وڃ. جواب ۾ بچو چويس ٿو ته: ڪيئن هٿين ٺلهو گهر موٽي وڃان، جو توکي مس مس الله کڻي آندو آهي. هاڻي توکي ڦاسائڻ کان سواءِ نه ويندس، باقي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀيڻن جا مون کي ڊپ نه ڏي، ڇاڪاڻ ته اهي لکن جي تعداد ۾ هوندا ته به منهنجو وار ونگو نٿا ڪري سگهن. ان تي مڇي وري خود پنهنجو ڊپ ٿي ڏئيس ته: منهنجا ڏند ڪاتن جهڙا، ڇلر لوهه جهڙا ۽ کنڀراٽيون سوئن جهڙيون آهن، رڳو پڇڙيءَ سان ئي مون پنج مڙس ماري ڇڏيا، تنهنڪري مون کان ڀڄي پاسو ڪر، آخر ۾ ’بچو‘ مڇيءَ جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌي، کيس جهلي سسيءَ ۾ سوئو هڻي گهر کڻي اچي ٿو ۽ ان جو ٻوڙ رڌي کائي ٿو.[

تمهيد

ساراهيان سبحان کي، جو سائين ربّ سَڌر،

پاڻ ڌڻيءَ پيدا ڪيو، هو بندو هڪ بشر،

نالو سو نروار چوان، ’بچو‘ ڀٽي بهادر،

ڪَرَ موڙي ڪَست منجهان، ڪري پاپيءَ جي پچر،

بيهي جان بندر تي، ڪيائين نهاري نظر،

ته پوپري هڪڙي پاڻيءَ ۾، پيئي ڏئي وراڪا وَرَ،

چئي: ڏاتر آهي ڏياري، چڱي اڄ چَهر،

ٻارهن ڏينهن ٻچن کي ٿيا، ڪندي رُکڻي جي رڙ،

هاڻي نڪري ٿيءُ ٻَهَر، نه ته وٺندوسانءِ ڪنهن وجهه سان.

 

مڇي

وٺيندين ڇو وجهه سان، ڪيئي مون تي ڇو ميڙا ؟

آءٌ سڏ ڪنديس سڳر کي، اچي ٿيندا سڀ سوڙها،

ڪُرڙا، ڪَڇائون ڪُميون، مون سين ڀائر آهن ڀيڙا،

مانگر، موراکيون، مَڇ مهائين، ڏيڏر ڪين ڏيرا،

لک لوڙهيون ڪئين ڊوڙيون، ڄَرون ڪن ڄيرا،

لکين لُڌڙا، چهٽي چُهڙا، چيري ڪندئي چيرا،

سانباهه، سيڱاريون، سنگهه، ساري ڪندءِ ٻيرا ٻيرا،

چوانءِ، ڇڏي جهيڙا، موٽي وڃ تون ماڳ تي.

 

ڀٽي

موٽي وڃان ڪئن ماڳ تي، مون کي الله هت آندو،

چهر جي چکڻ لئي، من منهنجو ماندو،

ڪونهي ڪو ڪم ٻيو، ويٺو آهيان واندو،

جيسين توکي جهليان، ڦيري نه ڪو ڦاندو،

تڏهن ڪم لهندو،  جڏهن گِهلي توکي گهر وڃان.

 

مڇي

گهلي ڪيئن گهر ويندين، آهيان پاڻيءَ جي راڻي،

رڙهيو اچن رهاڻ تي، مون وٽ ڏيڏر ڏهاڻي،

کِکيون، کرٻليون، کرسيون، ڀُونڊڻ، بڊاڻي،

سرڪيو اچن سلام تي، مون وٽ مڇاڻي،

پريون پدمڻيون، پَلا، آهن روز به رهاڻي،

ڇيلريون، ڇلايون، ڏنڀرا، آهن سدا سلامي،

هاڻي نڪري ناٿاڻي، موٽي وڃ تون ماڳ تي.

 

ڀٽي

موٽي وڃان ڪئن ماڳ تي، آهيان شير شهر يار،

ڊڄان ڪين ڊَنڀرين، ڀلي ڏيڏر ڪن ڏهڪار،

ڀلي سُونهڻ سرڪي اچن، ٿي موراکيون مهندار،

ڀلي بُونهَڻ اچن بحر جا، ڪُرڙيون ڪارونڀار،

نه اٿم اختيار آراڙن تي، توڙي هجن لک هزار،

ڍرڪي ڀلي ڍينڍ اچن، ٿي تَليهر تيار،

ڀلي اچي ڀيڙا ڪر سڏي سڀ سردار،

ٿو ڪريان قول قرار، ته ڪندوسانءِ قوت ٻچن جو.

 

مڇي

ڪئن ڪندين قوت ٻچن جو، آءٌ سڀن منجهه سڀر،

رهان ٿي سير سمونڊ ۾، اچان اوڏي ڪيم ڪَپَر،

ڏند ڏنا اٿم ڏاتر، مون کي تکا کان تير،

پاسن کان پَرور ڏني، اٿم ڪنڊن جي ڪَنڊر،

سوئا منهنجي سيني تي، آهن ڪاتن کان ڪثر،

پڪا اٿم پٿر کان، ڇاتيءَ تي به ڇلر،

هاڻي ٽَري ڇڏ ٽَر ٽَر، موٽي وڃ تون ماڳ تي.

 

ڀٽي

موٽي وڃان ڪئن ماڳ تي، آهيان مرد مٿانهون،

مارو تن مڇين جو، آهيان اصل کان آئون،

سوين ماريون اٿم سيڱاريون، ڪوڙين ڪَڇائون،

ڪونه ڇڏيندس ڪڏهن، توڙي ڪرين سوين صلاحون،

ڪنڊا ڪيرائيندس ڪهاڙيءَ سان، مُترڪي سان مٿانهون،

ڇِلر سڀ ڇِليندو سانءِ، هڻي چنجور چُهنبائون،

اهي دڙڪا داٻائون، ڪري ڏٺا اٿئي ڪولهين تي.

 

مڇي

چئي: ڪري ڏٺا اٿم ڪولهين تي، مون ۾ همت اهڙي آهي،

سوين توکان سگهارا، ڇڏيم مرد به موٽائي،

دهشت ڏسي دهلجي ويا، ڇڏيم هڪل سان هٽائي،

وجهي وَرَ واسينگ جان، ڇڏيم ڪئين ڀاڙي ڀڄائي،

هڻي ڪنڊا ڪَست مان، ڇڏيم ڪيترا ڪيرائي،

پنجن ڄڻن جون پوڇڙين سان، ڇڏيم متيون منجهائي،

جي ڀانئين وڃان جان بچائي، ته موٽي وڃ تون ماڳ تي.

 

موٽي وڃان ڪئن ماڳ تي، ڄڻ ڏٺا اٿئي ٻار،

ڇڪي پانچا سلوار جا، ترت ڪيائين تيار،

کوڙي ڪَپُ ڪنڌ تي، ڪيائين ڌڙ سسي کان ڌار،

هڻي سوئو سيني ۾، ڪيائين پٺن کان پار،

وجهي ڪنڍو ڪنڌ ۾، گهلي ڪيائين ٻهار [8]،

هڻي ٿُونا ٿَڪي پيئي،نه رهيس سَنڌن منجهه ڪا سار،

واري رکيائين پٺن تي، ڪري توڪل ٻيڙا پار،

بيهي گهر جي گهٽيءَ تي، چيائين: نڪري آءُ تون نار !

ڏاتر آهي ڏياريو، شاهي اڄ شڪار،

ڏاڍو ڌوئي ديڳڙو، ڪر تون طعام تيار،

ته کائي اڄ خوش ٿين، ننڍرا وڏا ٻار،

سائين ربّ ستار، ڪئي مهر مسڪين تي.

 

مناظرو منگو فقير ۽ موراڙي جو

(چيل منگو فقير جو )

]’موراڙي‘ ٿر جو ٻوٽو آهي، جنهن کي سنڌ ۾ ڏسي منگو فقير عجب ۾ پئجي کانئس پرديس ۾ اچڻ جو سبب پڇي ٿو. موراڙي جواب ۾ ٻڌائيس ٿي ته: آءٌ ملڪ موٽي وڃڻ لاءِ آتي آهيان، هاڻي مهرباني ڪري مون کي پاڙئون ٿڏاري هلي وطن ۾ ڇڏ. منگو ٻڌائيس ٿو ته: آءٌ پاڻ هتي ڪڻڪ پوکي ويهي رهيو آهيان ۽ هينئر انّ پچي راس ٿيو آهي، تنهنڪري اوڏانهن هلي نٿو سگهان، ٻيو ته اونهاري جا ڏينهن آهن، اتي توکي لڪون لوساٽي ڇڏينديون، تنهنڪري اهي ڏهاڙا هتي ئي گذار، ان بعد ’موراڙي‘ ٻڌائي ٿي ته: آءٌ اتان ڪانڊيرن ۽ ٻيرين جي سور کان ڀڄي هت آئي آهيان. تنهن تي سگهڙ کيس ٻڌائي ٿو ته، وطن مان ڀڄي نڪرڻ سٺو ڪم نه آهي، اهو ائين آهي ته تنهنجي وطن جي وڻن توکي اهو پاراتو ڏنو آهي، هاڻي مون کي به ايتري فرصت ڪانهي جو توکي هلي اتي ڇڏي اچان. ائين چئي پنهنجي ميار لاهي موٽي ٻنيءَ ڏانهن وڃي ٿو.[

منگو

ساراهيان سچو ڌڻي، پاڻ ڌڻي پرور،

’موراڙي‘ مون کي ڏي، کڻي هيءَ خبر،

ته پرديساڻي ! پرديس ۾، جهليو بيٺي آهين ڦَر،

ڇڏي آئينءَ ڇو ’ٿر‘، سڙي ويندينءَ ’سنڌ‘ ۾.

 

موراڙي

سنڌ ۾ جن ساڙي ماريو، مون کي ٻٻر نه ٿا سهن،

ڳريو ڳاڱين لاءِ، منهنجا لَهيو لڙڪ وڃن،

هنئين تان نه لهن، ٻاوريون ”ٻروچ“ چئي.

 

منگو

ٻاورين کان ”ٻروچ“ چئي، تنهنجون پاڙون وڃان پٽي،

هڪڙي ڪڻڪ منهنجي، ٻي جهار پيئي جهٽي،

ٻيا ڏينهن اونهاري جا، ويندءِ لُوههَ لٽي،

ڏک جا ڏينهن ڪٽي، وڃي ويهه آس اَڪن جي.

 

موراڙي

ويهان ٿي آس اَڪن جي ۽ ڪريان ٿي ڪلام،

ته تنهنجو هن جهان ۾، شاهه وڌائيندو شان،

وڃي ڏجان سلام، کِلي منهنجا کٻڙن کي.

 

منگو

کلي ڏيان کٻڙن کي، آءٌ ڪهڙي سان اَٽڪل،

ٻني منهنجي پڪي، مٿان آئي هڪل،

مڙس آهيان ٿڪل، جو پهچان نٿو پنڌ کي.

 

موراڙي

پهچ انهيءَ پنڌ کي، زور ڏيئي پيرن،

مون سان ٻائتال ٻڌو، ڪيو هُل ڪانڊيرن،

ڇڏي ڇوڪرا مان، ٽلي آيس ٽاڪارن،

مون کي ئي ٻيرين، ڏنو پاراتو پرڏيهه جو.

 

منگو

توکي وڃان وٺي، پر ڏيهه ڏنو پاراتو،

وطن جي وڻن جو، توسان ناهي عَداوتو،

ابي کي پيهي تي، ڪونه پهچائيندو ڀَتو،

ڪريان ڪهڙو پتو، انهيءَ ڳجهي ڳالهه جو.

 

موراڙي

ڪر ڪنهن لوهه سان، مڙس منهنجو سائُو،

لَيَنَ لحاظ ڇڏيو، چون ٿيون کائُون،

پوءِ مون کي منهنجا ڀائو، ڏَس مُنهن ’مهراڻي‘ جو.

 

منگو

ڪيئن ڏسيان منهن مهراڻي جو، ”چانڊو“ گهري ٿو پيٽِي [9]،

وساري ڇڏ ويچاري، ريٽ سندي ريٽي،

مون کي ناهي ڇيٽي، رک نه ميار ”منگو“ چئي.

 

مناظرو خانومل ۽ ڏيڏر جو

(چيل غلام فقير ماڇي جو )

]سياري ۾ براج جي پاڻي بند ٿيڻ وقت خانومل پاڻي جي سَٺي سان هڪڙي ڪڙيي جي ڀر ۾ کوهي کڻائي. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ان ۾ بي انداز ڏيڏر گڏ ٿي ويا. کوهيءَ مان ڏيڏرن کي ڪڍڻ لاءِ هن وڏا وس ڪيا پر ڏيڏر نه ويا. لاچار ٿي خانومل، کوهيءَ جي پچر ڇڏي گڏهه تي دلا رکي جمڙائو تان پاڻي ڀرڻ لاءِ ويو. اُتي به ڏيڏرن جي گهڻائي ۽ پاڻي ميرو ڏسي موٽي ساڳي کوهيءَ تي آيو ۽ ڏيڏرن کي پٽ پاراتو ڪرڻ لڳو. ڏيڏرن واڻئي جي اها مقال ٻڌي کيس تنبيهه ڪئي ته اسان جي قوم کي گهٽ وڌ نه ڳالهاءِ. سهڻي صلاح اٿئي ته وڃي ٻئي هنڌ کوهي کڻاءِ. واڻيو جواب ڏئي ٿو ته: ٻئي هنڌ کوهي کڻائبي ته به اوهان مان جند ڪانه ڇٽندي. اسين واڻيا پاپ کان ڊڄون ٿا نه ته ماري ڇڏيونو. ان جي جواب ۾ ڏيڏرن چيس ته: اوهين واڻيا اسان سان پڄي نه سگهندئو، ماٺ ڪري وڃي ٻيو ڪو بندوبست ڪريو.[

تمهيد

خانو مل کوهي کنئي، ڪڙيو ڏسي ڪَس،

الاهي تنهن اوڪر ۾، پيو ڏيڏرن جو ڏس،

لشڪر هئو لِڪَ ۾، سَوَن کان به سرس،

واڻين لاءِ وٺڻ جي، وڏو ڪيو وس،

ڀاڙيا سڀ ڀڄي ويا، ڪري هاگامان هَنبس،

مهتي اُتي موڪلايو، ته آءٌ پورو ڪونه پِيس،

کڻي رکيائين کودي تي، دلن جو دَس،

ڏياري گڏهه کي گَسُ، جوان هليو جمڙائو تي.

 

جوان هليو جمڙائو تي، پئنچ ڀرڻ پاڻي،

ويندي تنهن واٽ سان، ڪيائين ڪهاڻي:

هڪڙو تَپن تپايو، ٻي گڏهه غيباڻي،

جاءِ نه هئي جمڙائو تي، ڏني کودي وراڻي،

ٻَڌي ٻِهاڻي، اچي ڀِتو ساڳيءَ ڀاڏ کي.

 

ڀِتو ساڳيءَ ڀاڏ کي، سيٺ کڻي ساهه،

آڻي بيهاريائين ’بردي‘ کي، ته ڏس لنڊورن لقاءُ،

’خانو‘ ڪيئن کڻي، جو کاڻن ٻڌو کاهه،

مار وجهين مرشد، ڪو دولهه درياءَ شاهه،

پوءِ تڪڙ ۽ تاءُ، ڪبو ڪونه ڪڃرن سان.

 

ڏيڏر

ڪڃر نه چئجان قوم کي، سمجهي سيٺ ڳالهاءِ،

اسان پڻ گهُري الله کان، جاني هيءَ جاءِ،

صلاح وٺي سڀني جي، وڃي کوهِي ٻي کڻاءِ،

پوءِ تنهنجي تڙ تلاءِ، اسان مان ايندءِ ڪونه ڪو.

 

خانومل

اوهين ايندئو ڪونه ڪو، پر آهيو ناسوري نِڪار،

ڪاهيو پئو ڪوڀ ۾، هيڪاندا هزار،

اسين پئنچ ڊڄون پاپ کان، ڏسيو سائينءَ جي سرڪار،

جهڙا اَٿو پرڪار، ته گهلي ڪڍانوَ گپ مان.

 

ڏيڏر

گهلي ڪَڍندوُن گپ مان، ڍڳا ۽ ڪي ڍور،

اسين وٺايون ڪين واڻين کان، اهڙا آهيون اَٺور،

ڏيئي ڪڙئي جي ڪور، ڀائي ! توکان ڀڄي وينداسون.

 

خانومل

ڀڄندئو ڪين ’ڀائي‘ کان، ڪوڏريون هڻندو هيٺ،

هيءُ ورق آهي واريءَ جو، مون کي ڏيندو ميٺ،

ڏسو ته سٽي اوهان کي سيٺ، ڪڍي ٿو ڪلاڪ ۾.

 

ڏيڏر

ڪڍوُن هڪڙي ڪلاڪ ۾، پر پاپڙن وارو پات،

ڏسي خومچو کچڻيءَ جو، واڻيا ! پٽيندُون وات،

تڪڙو توکي تيوڻ جو، آيل آهي آت،

واڻيا ! توکي وڙهندي، ڪشي هڻبو ڪات،

پوءِ مهتا ٿيندين مات، ڏيڏرن واري ڏوهه ۾.
 

مناظرو حاصل فقير ۽ ڪانگ جو

(چيل حاصل فقير جو )

]حاصل فقير جي گهوڙيءَ کي پٺن تي چُٽو ٿي پيو، جنهن تي هن مکڻ جو چاڻو رکيو. اچي جو ڪانگ، سو لامارو ڏئي مکڻ کائي اُڏامي وڃي وڻ تي ويٺو. حاصل فقير اهو سمورو لقاءُ ويٺي ڏٺو، تنهن ڪانءَ کي چيو ته: ڪانگ ! شل ڪمائي ڪٽ ٿينئي، منهنجي گهوڙيءَ جي مکڻ تان به نه ٽرئين ! هيترو خراب خوار ٿيو آهين پر پنهنجي پيءُ ڏاڏي واري ڪار نه ڇڏيئي ! جواب ۾ ڪانءَ چيو ته: حاصل فقير ! ارمان آهي جو مکڻ ذري لاءِ پيءُ ڏاڏي جو مهڻو ڏنو اٿئي، تنهنجي انهيءَ مهڻي مون کي ماري ڇڏيو آهي. هاڻي ٻڌ ! تنهنجو مکڻ لاچاريءَ کنيو اٿم جو ڏاهي ڏس ڏنم ته سوا سير مکڻ آڻ ته توکي قوت باهه لاءِ دوا ٺاهي ڏيان، تڏهن توکي رنجايو اٿم، هاڻي تنهنجو اهو ٿورو سڄي عمر نه وساريندس. جواب ۾ حاصل فقير چيس ته: آءٌ ڪنهن ڪانگ تي ٿورو ڪرڻ ڄاڻان ئي ڪونه ۽ نه وري آئيندي اهڙي پوٺي تي مکڻ ڇڏيندس جو ڪانگ کائي وڃن. ڪانگ جواب ڏنس ته: حاصل فقير ! هاڻي ايتري ڪاوڙ نه ڪر، تون پاڻ پنيو مڱيو پيٽ پيو پارين، جتي ڀت ڏسين اتي ڪاهيو پوين، تنهن کان سواءِ ڪوڙا تعويذ لکي ماڻهن کي ڦري ڇڏيو اٿئي، هاڻي جهيڙي کي کڻي ڇڏ ان بعد ٻنهي ڄڻن دل کولي هڪ ٻئي جا خوب عيب ثواب پڌرا ڪيا. پر آخر ۾ جڏهن حاصل فقير قيامت ڏينهن پڇاڻي جو ڊپ ڏياريو، تڏهن ڪانگ ان کان معافي وٺي پرچاءُ ڪيو.[

حاصل

ڪانگ ! تنهنجي ڪُٽ ڪري، قادر ڪمائي،

مکڻ منهنجي گهوڙيءَ جو، تون کاڻا وئين کائي،

ڇڏين نٿو ڇيهه تائين، اِها ارڏائي،

تو آهه ملهائي، پاڳ پنهنجي پيءَ جي [10]،

 

ڪانگ

پاڳ منهنجي پيءُ تي، اِها اصل کؤن آهي،

وِڌو ’وسائي پوٽا‘ ! تنهنجي انهيءَ مهڻي مُسائي،

تو ڦوُنڌي لاءِ فقير ڇو، ايڏو قصو ڪيو آهي؟

مون کي هن مرض جو، ڪنهن ڏس ڏنو ڏاهي،

ته سوا سير مکڻ جو، وڃي پڪو پهچائي،

ته دوا توکي درد جي، ڏيان ٺاهوڪي ٺاهي،

قوّت باهه جي لاءِ ڏيان، معجون ملائي،

تنهن لاءِ تڪليف ورتيم، ڇڏيم توکي رنجائي،

هاڻي تنهنجو عمر جو آهي، ٿورو مون مسڪين تي.

 

حاصل

ٿورو تو ڪانگ تي، آءٌ ڪڏهن ڪين ڪندس،

مکڻ اهو من تان، نه وساري ويهندس،

قيمت انهيءَ گيهه جي، توکان وڄائي وٺندس،

هاڏا [11] انهيءَ هَٺ تان، آءٌ ڪڏهن ڪين لهندس،

مکڻ وري هيئن پوٺي تي، ڪڏهن ڪين رکندس،

ڏَس وري اهو، ڪن ڏيهن کي ڏيندس،

ڪانگ ! تومان ڪڍندس، آٽا تنهن آدم جا [12].

 

ڪانگ

اَٽا تنهن آدم جا، تون ڪڍي سگهندين ڪين،

تو ڪلام ڪيا سي آهن مون آمين،

قيمت توکي گيهه جي، آءٌ ڪڏهن ڏيندس ڪين،

ڀلا ! جيڪڏهن جهيڙو ڪندين، تون آهين مولائي مسڪين،

ڪي اُٿلائي هڻندئي هائيءَ ۾، اُتان نڪري سگهندين ڪين،

پنيو پيو پيٽ ڀرين، ٻيا ماڻهو تو مڃين [13]،

رپيو ۽ اَٺ آنا، سُنت پيا ڏين،

انهيءَ پنڻ کان ئي رهندين، تون مولائي مسڪين،

ماٺ ڪري وڃي تعويذ ڪر، ته ڏوڪڙ توکي ڪي ڏين،

تون ميان مسلمين ! لهي وڃ هن ڳالهه تان.

 

حاصل

ڇو لهي وڃان هن ڳالهه تان، حرامي هَيا !

ڪانگ ! ڪڇين ڪيئن ٿو، مُرداري مُها [14]،

وِٺ ڪڍي وجهندوسئين، ڳوراٽي ڳُيا [15]،

حرف اهي ’حاصل‘ کي، تو چُتو ڪيئن چيا ؟

تون هڻدين هائيءَ ۾ ! ٻيا ماڻهو سڀ مئا،

ڦوڪِي ڦاڙي وجهندوسئين، هاڏا بيحيا !

جيڪڏهن رهيا، ته به آهيون ٻار ٻروچ جا.

ڪانگ

تون آهين ٻار ٻروچ جو، ته آءٌ به آهيان ڪانگ،

هڻيو نه سمهجئين، آهيان نسوروئي نانگ [16]،

جنهن کي جهَڙي ڇڏيوسين، نه وري تنهن کي ٿيندي تانگهه [17]،

’حاصل‘ ! اهو هٺ ڇڏي، تون پاسي ٿي پُوتانگهه [18]،

نه ته ڏياريندوسئين ٻانگ، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾.

حاصل

ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، هوندس آءٌ هتي،

توکي ته موڪل آهي، پر تنهنجي ئي پيءُ کي،

سنکئي جون گوريون ٺاهي، ڇڏيندس اُڇلي اوٽي تي [19]،

ڪانڦُل اَٽي سان ملائي، ڇڏيندس پڌر پوٺي تي،

پاڻهي اچي کائيندين، وِسڪَڻا ! وَر تي [20]،

اِتي جو اُتي، سُتو هوندين سيج تي.

ڪانگ

سُتا هوندا سيج تي، اُهي هاڏا جي هرندا،

ٻين جي در تي، پيئي پيا پرَرندا،

اُهو موچاري کاڌي تي، مُلا ! اَئين [21] مَرندا،

ختمي جو جي ڪٿي، سڏ اوهين سُڻدا،

ڀڄي اُنهي ڀت کي، رَهڙي اَئين رسندا،

وات سان مِڻ مِڻ ڪري، ٻُڪ وڃي کڻندا،

بي توڙا بي پَڳا [22]، اُتي ڪوڙ ڪندا،

رُڪ پنهنجي مُنهن تي، ٻَڌايو ڦِرندا [23]،

چڱن جي چوڻ سان، واريا ڪين ورندا،

اُٿلي انهيءَ اَهڏ ۾، پاڻهي سي پوندا،

غريبن ۽ مسڪينن کي، ڦورن چئن ڦُرندا،

ڪتاب ڏسي حساب ڪري، ڪَڍڻا ڪڍندا،

سورهن هٿ ڪَپڙ، ٻه مڻ انّ، ڇيلو، ڪڪڙ پيا ڪڍندا،

اهڙو حساب مريضن کان، وڄائي وٺندا،

’پندرهين ڏينهن چڱوٿيندين‘ وري اهڙا ڪوڙ ڪندا،

ڀروسو الله تي اوهين ڪڏهن ڪين رکندا،

شيطان جي چوڻ تي، هوڪاري هلندا،

عالمن جي مجلس کان، پاسي پيا ڀڄندا،

اڄ وقت جا ماڻهو، ڀوپن سان ڀِرندا،

حضرت جي حديث تي، عمل ڪونه ڪندا،

جادو ۽ سحر کي، سڌاري سکندا،

اهي اَنڌا ٿي اٿندا، سڀان ڏينهن قيام جي.

حاصل

سڀان ڏينهن قيام جو، هو ڪندو سڳورو صحي،

تُرندو اُتي تواڙو، حڪم ساڻ حيّ،

اتي ملڪ الله جا، واچيندا وَهي،

ٻڌائيندا ”ٻروچ“ چئي، اُت سڀن کي صحيح،

اُتي مَلڪ الله جا، ڪندا تابش تِئي،

حضرت جي حديث جي، جن نه پِيروي ڪئي،

فرشتا فائق ٿيا، ڏيندا تن ڏُهِي [24]،

موچڙن جي اُنهن تي، هوندي روز رَئِي،

اُتي مون واري مکڻ جو، پڇاڻو پُڇندئي،

هاڏا ! توکان حساب اهو، وڄائي وٺندئي،

پوءِ ڪانگ ! توسان ڪندئي، عاقبت ان ڏينهن ۾.

ڪانگ

عاقبت ان ڏينهن جي، آهي سا اَولي،

”محمد حاصل“ معاف ڪجئين، ٻولياسون ٻولِي [25]،

پهرين منهنجي مغز ۾، هئي بيحد مخولي،

پر هاڻي توبهه مون تهدل ڪي، من ڪري سٻاجهو سَولي،

تو واري مکڻ جي، مون قيمت قبولي،

محمّد ڏينهن محشر جي، جهليندو جهولي،

ڇٽائيندو ڇوهن کان، اُت قيامت ڏينهن قؤلي [26]،

احمد ڄام اُمت جي، اُت ٽاريندو ٽولي،

اتي پنهنجي محب ساڻ، گڏيندو گولي،

بهشتن جي برابر، ڏيندو سا ڏولي،

مومن موالي ! هاڻي، پڙهو ڪلمون محمّد ڪريم تي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو نبي بخش ۽ ڪانگ جو

(چيل نبي بخش ماڇي جو )

]هن مناظري ۾ سگهڙ نبي بخش جي ماني، هڪڙو ڪانءُ روزانو ڇِڪي مان کڻي کائي ويندو هو. ان تي نبي بخش کيس پِٽي ٿو، ته ڪانءُ بي پيرو آهي ۽ شل ڪوڙهيو ٿي مري. ڪانءُ اهي لفظ ٻڌي اٽلندو کيس پٽ پاراتو ڪري چئي ٿو ته: تون انهن افعالن ڪري لولهو، لنگڙو ۽ انڌو ٿيو آهين، جڏهن ڳوٺ مان ٽڪر پنين تڏهن کائين، پر ڪانءُ سدائين ڪم وارو آهي. پري پري نياپا پهچائي ۽ صبح جو سوير ماڻهن کي اٿاري، پر اڙي فقير ! تون مرڳوئي راڄ تي چٽي آهين. جڏهن ڪٿان ٽڪر پنيو مليئي تڏهن پيٽ پارين. اسين پنهنجي ڪمائي ڪريون ۽ کائون. جنهن جي جواب ۾ فقير نبي بخش، ڪانءُ کي سندس جملي عيب ٻڌايا ته: توکي ڪير پنهنجي گهر تي ڪونه سهي، تون ٻارن کان مانيون کسين، ماٽين مان مکڻ ڪڍيو وڃين ۽ پوک ۾ زيان ڪرين. آخر ۾ ڪانءُ پشيمان ٿي آئيندهه نبي بخش جي ماني کڻڻ کان توبهه ڪري ٿو ۽ پوءِ ٻئي پاڻ ۾ پرچي وڃن ٿا.[


[1] . همٿو سوٽهڙ.

* . هن مناظري جي روايت ٿرپاڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان غلام حيدر بلوچ کان ملي.

[2] . جماعت.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان علي اڪبر کان ملي.

. غلام فقير ماڇي، ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري جو ويٺل آهي، هن وقت سندس عمر 55 ورهيه کن ٿيندي.

[3] . ڇتي = بک.

[4] . ڏترو = نوريئڙو.

[5] . بڙهه = ٻٽاڪ.

[6] . لڙهي = ٻٻر جي لامن جي مالهه.

[7] . بئالي = هڪ مقام جو نالو.

* . هن مناظري جي روايت ٿرپارڪر (تعلقي ساماري) مان غلام حيدر بلوچ کان ملي.

[8] . ٻار = ٻاهر.

* . هن مناظري جي روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان ملي.

. منگو فقير پٽ خان محمد وسائي پوٽو، کاکڻهار رحم علي جو رهاڪو آهي. 11، 12 سال ٿيا جو 50، 60 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو.

[9] . پيٽي = قرض.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان اڪبر علي لغاري کان ملي.

. غلام فقير ماڇي، ڳوٺ جعفر خان لغاري تعلقي سنجهوري جو رهاڪو آهي. 1900ع ڌاري ڄائو. هي تمام خوشمزاج شخص آهي. بيت ۽ ڪافيون گهڻي انداز ۾ چيل اٿس.

* . هن مناظري جي روايت، خود شاعر جي زباني ٻڌي قلمبند ڪئي ويئي.

. حاصل فقير پٽ فضل فقير وسائي پوٽو، چانڊيو بلوچ ويٺل کاکڻهار رحم علي، اسلام ڪوٽ کان ڇهه ميل ڏکڻ طرف جو آهي. عمر پنجاهه کن ورهيه. ٽي درجا پڙهيو، ذهن کليل هئس. ڀاڻس هڪڙو سيپارو ڪلام پاڪ مان پڙهايس. پر پوءِ بقول سندس: هِجي هٿ اچي ويم. پُٺن پويان قرآن شريف ٻڌي ٻڪرين چاريندي سڄو ڪلام پاڪ پڙهي پورو ڪيائين. سندس بيت گهڻا چيل آهن.

[10] . حضرت نوح عليہ السلام جي ٻيڙي جڏهن جبل جودي تي لٿي، تڏهن حضرت نوح ڪانگ کي موڪليو ته ڏسي آءُ ته زمين سڪي آهي يا نه؟ هي ويو سو وڃي ڍونڍ تي ويٺو جو ماڻهو ۽ مرون مئيا پيا هئا، پوءِ مور ويو اهو به وڃي گپ ۾ ڍونڍ تي ويٺو، ان بعد ڪبوتر زمين تي هليو ۽ گپ وارا پير جلد اچي ڏيکاريائين ته زمين اڃا آلي آهي. انهيءَ تي حضرت نوح مور جا پير خراب ۽ ڪبوتر جا پير سرخ ڪرڻ جي دعا گهري.

[11] . هاڏا = ڪانگ (ٿر).

[12] . حضرت آدم جي واري جا.

[13]  يعني تعويذ وغيره لکيائين.

[14] . مها = مُنهن کان، وات کان.

[15] . ڳوراٽي = مروڙي، مروٽي.

[16]  هڻيو = ڌڪ هنيل (ڌڪ هڻڻ).

[17] . جهڙڻ = نانگ جو جهڙڻ.

[18]  پوتانگهه = ڀڄ

[19] . اوٽو = اڱڻ.

[20] . وسڪڻو = لوسي.

[21]

. اَئين = اوهين.

[22] . بنا حد ۽پيرن جي ڪوڙ.

[23] . منهن تي رڪ ٻڌي گهمڻ = منهن جو ڏاڍو ٿيڻ، بيحيا ٿيڻ، ڪنهن به ڳالهه نه مڃڻ.

[24] . ڏهي ڏيڻ = گهوٽ جي ساهري گهر وڃڻ وقت، سس جو کيس ڌونري جو ٽڪو نراڙ تي هڻڻ.

[25] . چيو چايو.

[26] . قول وارو.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان صالح محمد سپئي کان ملي.

. نبي بخش عرف نبو فقير پٽ الله بچايوماڇي، لڳ مٽياريون تعلقي هالا جو رهاڪو هو. ٽنگن کان منڊو هوندو هو. وٽس ڏورن، ڳجهارتن ۽ نڙ جي بيتن جي هميشہ ڪچهري متل هوندي هئي. حياتيءَ جو گهڻو عرصو ڇٽن شاهه جي درگاهه لڳ موسو کٽياڻ تعلقي حيدرآباد ۾ رهيو، مگر پڇاڙيءَ ۾ حيدرآباد شهر ۾ اچي رهيو جتي 49-1950ع ڌاري وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org