سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :39

تمهيد

ساراهيان سچو ڌڻي، جا قادر آهه ڪلتار،

حاڪم پنهنجي حڪمت سين سرس ڪيا سينگهار،

جنهن خلقيو مير محمّد، عالم جو آڌار،

مڪائين محمّد کي، ڪري سڀني جو سردار،

جو سار لهندو سڀني جي، محشر ۾ مهندار،

ڪين ڇڏيندو ڪڏهين، پنهنجا امتي عيبدار،

””نبو“ جهڙن ندورن جي، لهندو سار سنڀار،

پوءِ ڪلمي جي تنوار، لهندا اهنج عالم تان.

 

اچي هڪ ڏينهن اوچتو، وڙهيا ڪانگ ۽ ’نبو فقير‘،

ڪُوڙ نه آهي هن ۾، سچ سمورو سِير،

ڪانگ ! آهين ڪوڙهيو، تنهنجو مرشد ناهي پير،

ماني منهنجي کايو وڃين، پِٽيا ! تون پٽيِر،

هجيم گز ڪمان، ته ڀري هڻئين تِير،

هاڻي مديني جو مير، پاڙون شال پٽينئي !

 

ڪانگ

پاڙون پٽبيون تنهنجون، نبو ! تون نانگو،

آءٌ خدا جو خلقيو، قربائتو ڪانگو،

ڳوٺ ڇڏي ڳوليو، تو ٽڪر جو سانگو،

ماڇي ! تون مهڻي خور، بي ڍنگو ڀانگو،

انڌا، لُولا، لنگڙا ! نه تار ڏسين تانگهو،

وڄي پيو واڄٽ ڪرين، جيئن دلو گهانگهو،

ٽُڪر کائين پِن جو، سستو سهانگو،

جي وٺين انّ مهانگو، ته هوند خبر کاڌي جي پوئي.

 

فقير

خبر کاڌي جي پوندي، مون کي چئو ڪهڙي،

ڀاءُ منهنجو ’امام بخش‘ اٿئي، خاشو کاهوڙي،

سارو ڏينهن جهنگ وڍي، هُو کنيو ڪهاڙي،

اڱرن جي تنهن اِجهو، کُوري ڄڻ چاڙهِي،

وڪڻي ايندو شهر ۾، ڏهه ڳوڻيون ڏهاڙي،

پئسن سان پُرُ ٿي ايندو، تون هڻ نه ڄاڙي،

تون لولا ! کسين ٻارن کان، ڀورڻ ٻيا ڀاڙي،

ڪانگ ! اهين تون ڪُوچڙو، توکي مُڇَ نه ڏاڙهي،

اونڌي تو اصل کان، ”نبو“ چئي ناڙي،

هاڻي ڪُٽيندوسانءِ ڪياڙي، نه ته ماٺ ڪر مردار تون.

 

ڪانگ

مردار نه چئو مون کي، تون ماڇي بيمروت،

اصل تو ۾ آلَ آهي، هيءَ ٻُڌ حقيقت،

ڏهه ڦيرو ڏنگو تون، ٻي ڪني تنهنجي ڪَهوَت،

’مرون ناهي مال، ماڇي ناهي ماڻهو‘ ٻُڌلائي چِت،

اوهين پِنو ٽڪر ڳوٺ مان، اَنهنجي ڪهڙي ڪارپت ؟

ڪاوڙ ۾ ڪاوڙيو وتين، اٿئي ڪهڙو سَت ؟

هاڻي موليٰ ڏينئي مت، ته ٻاڙو ٻولج ڪينڪي.

 

فقير

ٻاڙو ڇو نه ٻوليندس، تو ڪيو آهي ڪڪ،

خدا جو ٿو خوف ٿئي، نه ته اُڇلي هڻئين ڌڪ،

شيءِ ڏسين ٿو جيڪا، تنهن ۾ هڻين چڪ،

پِٽيا ! آهين پليت تون، ڪونهي تنهن ۾ شڪ،

شهنشاهه جي مَٽيءَ جو، لاهين روز ڍڪ،

هاڻي جي هجيئي نڪ، ته ٻڌي مرين هوند کوهه ۾.

 

ڪانگ

ٻڏي مران کوهه ۾، مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟

شهنشاهه جي مَٽيءَ مان، وڃان پاڻي پيو،

تنهن ۾ تنهنجو ڇا وڃي، ڪو تو آهي ڀريو،

ٽُڪر کايو پِنَ جا، تون وتين ٿيو مَيو،

’ڀؤن ڀؤن‘ ڪيو ٿو ڀونڪين، ويٺو آهين لَيو،

ڄڻ ڪارو ڪتو ڪورين جو، وڙهڻ لاءِ وريو،

هاڻي منهنجو مَڃ چيو، نه ته پُرِي ڪندوسئين پڌري.

 

فقير

پُري ڪندين ڇا پڌري، اسين ’ماڇي‘ مرد مٿير،

تون ڪانءُ اصل کان ڊڄڻو، اسين بهادر شير،

ويهي درياءَ جي ڀر تي، نه وجهه واڳن سان وير،

ڪنهن کي جرئت آهي، وڙهي اسان سان ڪير؟

هڪڙو ڇڪين مانيون ڇِڪَن مان، ٻيو ڪرين ڪُتي واري گير،

منهنجي هٿان مري پوندين، ڪونهي تنهنجو خير،

دسي هڻندوسئين ڌوڙ ۾، ڪونه ڪندوسئين دير،

اسين ڏنگا ماڇي ڏيهه ۾، ڏهه اسان ۾ ڦير،

پاءُ گوشت جو پورو نه آهين، سڏائين پيو سير،

رڳو اچي وِيُئي پير، ته پرزا ٿيندين پَل ۾.

 

ڪانگ

پرزا ٿينديس پَل ۾، جو آهيان آءٌ چريو،

منهنجي ليکي ماڇي ! تنهنجو مٿو آهي ڦريو،

بس ڪري ويهه بڇڙا ! جي مون کي جوش چڙهيو،

ته وِٺيون تنهنجي وات ۾، وجهان ٿو وريو،

تنهنجا گنديون ڪپڙا، وڃان ٿو ڀريو،

پنهنجا پَرَ ڇنڊي، پوءِ وڃان ٿو اُڏريو،

اُڏري پريان وڻ تي، وڃي ويهان ٿو ٺريو،

جُٺ به جُٺين جهڙي، ڪانگ ويندءِ ڪريو،

ناحق ماڻهو کلندئي، توکي ڇا سَريو؟

پوءِ ويندين تون مريو، ماڇي ! ماڻهن کي ڏسي.

 

فقير

مهڻا ماڻهن جا نه ڏي، نه ته ڪندوسئين ڍيري،

ڪانگ، ڪتو اصل کان، فقيرن جا ويري،

اصل اوهان ڪانگن کي، آهي مٿي ۾ ڦيري،

اسين فقير ’شاهه‘ جا، سدائين خيري،

اوهين ماني ڏسيو ماڻهن وٽ، اک ڪيو ميري،

اسين کايو مکڻ مانيون، ڪريون نيرن سويري،

تون اک ڪيو شيري، ڍونڍين ڳليون ڳوٺ جون.

 

ڪانگ

ڍونڍيون ڳليون ڳوٺ جون، اهو اسان جو ڪم،

کائون مٺيون مانيون، ڪونهي اسان کي غم،

تون دانهون ڪرين درن تي، ٽُڪر لئي دمدم،

اُڀو بيهي اُسن ۾، سڙي ويو اٿئي چم،

پِنيا ٽُڪر کائين پيو، توکي اچي نه شرم،

اَسين ٻوڙ، پلاهه، حلوا، گوشت کائون گرم،

سيرو، سييُون، مائو، نيرن تي نرم،

اصل آب حيات جو، پاڻي پيون زمزم،

ايڏو آهي اسان تي، قادر ڪيو ڪرم،

سڙين ڇو ٿو سانڊا، تنهنجو ڪهڙو ڏوهه ڪيم؟

هاڻي هجئي ڪو مرم، ته ڪين پڇين ڪينڪي.

 

فقير

ڪڇان ڇونه ڪانگڙا ! تون بڇڙا ڪيو بيزار،

تون ڪڍين مانيون ڇِڪَن مان، اها ڪُڌي تنهنجي ڪار،

هڪڙو ڏينهن هجي ڪو، ته توتي ناهه ميار،

تون رُليا روز اچين ٿو، کوٽا ! ٿئين خوار،

انڌو لُولو آهيان، ڏس آءٌ لاچار،

پوءِ به ماني کڻين منهنجي، اهي تنهنجا پار !

آءٌ روز بک مران، تون ڪري ڏس ويچار،

آءٌ بيوس جڏڙو، ڪيئن ڪريان ڪم ڪار؟

هلڻ چلڻ کان منهنجا عضوا ٿيا بيڪار،

توکي رحم نه پئي ٿو رُليا ! ڪو قياس دل ۾ ڌار،

”نبو“ چئي نئڙت ڪر، نه ته ڏيندوسئين ڏاڍي مار،

ڀاءُ منهنجو ’امام بخش‘، اٿئي جوڌو جمعدار،

سڏ ڪريان ٿو تنهن کي، ته لهي تنهنجي سار،

پاهوڙي هڻي پرزا ڪندئي، نه ته ماٺ ڪر مردار !

ڪاوڙ جو هو تکو آهي، جنگي جلبيدار،

تون پَکِي پاءُ گوشت جو، تنهنجو ڇا مقدار؟

هڪڙي ماني کائين منهنجي، ٻي آڪڙ نه ڏيکار،

تڪڙ طمع ڇڏي ڏي، نئڙت ساڻ گذار،

هاڻي پنهنجو ٻوٽو ٻار، تَڪ نه پراوا تڪيا.

 

ڪانگ

تڪيان پراوا تڪيا، آهيان پکي ويچارو،

منهنجو آهي موليٰ ڪيو ائين گذارو،

کنڀ هڻان ٿو کاڌي لاءِ، سڄو ڏينهن سارو،

ائين چُوڻو ٿو چونڊيان، ناهي ٻيو چارو،

سائينءَ سبب ائين ڪيو، منهنجو سهارو،

نبو ! تون ناحق ٿئين منهنجو مارو،

مون وانگي ڪو تون آهين مٿي کاپارو،

گذر منهنجو آهه ائين سانوڻ سيارو،

نيٺ ته منهنجو ڪڏهن، ورندو ڪو وارو،

رک پنهنجي رب تي، هڻ عليءَ جو نعرو،

سڀ سڻائي سائين ڪندو، مرسل موچارو،

پوءِ مِٺو ۽ کارو، ٻوليندڙ ٻئي ويا.

 

فقير

ڪهڙو ٻاڙو ٻوليم، ڪانگل ! ڪر تون ڳال،

مانيون کڻي ڇِڪَن مان، اها چڱي نه تنهنجي چال،

آءٌ بيوس جڏڙو، ڪونهي منهنجو حال،

ڪالهوڪر مون کي ڏس، بُکن ڪيو بيحال،

چلڻ کان چُڪي ويس، لنگهي ويا ڪي سال،

منهنجي ڀاءُ جون مون سان آهن ڀلايون ڀال،

جو ويٺي ٽُڪر مون کي ٿو کارائي في الحال،

توکي مون جڏي جو، ڪونهي کيانتا ! خيال،

منهنجو هن جهان ۾، جيئڻ آهه جنجال،

منهنجو ڀاءُ جئي شل، منهنجو آهه سوال،

نه ته هوند محال، گذر ڪو گَهڙِي ٿئي.

 

ڪانگ

گذر سفر سڀڪنهن جو، ربّ جي آهي وس،

رازق رزق ڌڻي آهه، ڏيندو پيو اَوس،

ڏيندڙ ڏياريندڙ ڪير آهي، ٻيو مون کي ڏس ؟

ڪِن کي ڏئي ٿورڙو، ڪِن کي ڏئي سَرس،

مگر ڪڏهن ڪين ٿو ڪري ڏيڻ کان بس،

سڀڪو لوڙي سوئي، جيڪي لکيو قلم مس،

هاڻي ڇڏ وڙهڻ جون وايون، ڪر ڪو قرب رس،

ڪانگل چئي قرب ۾، ڪهڙي آهي ڪس ؟

سانوڻ آيو سڪار ٿيندا، ڄاڻ ته وري وس،

سدوريءَ سنڌ ۾، لابارا پيا لس،

اَنن جا انبار ٿيا، پريان هُو تون پس،

اُٺ ڀريا اَنّ جا، ڏيو وڃن گس،

هن هاريءَ سان گڏ آهي، سهرو پڻ سندس،

هاڻي کيانتي ساڻ نه کس نبو ! نام ڌڻيءَ جي.

 

فقير

کيانتا ! کَسڻ جي، عادت مون ۾ ناهه،

اها عادت اَنهنجي، هنئين ساڻ هنڊاءِ،

آءٌ اڀرو هيڻو، مون ۾ رڳو ساهه،

پڙدو رکندو پير اسان جو، سائين ’ڇٽن شاهه‘،

پاڙي اُن جي پيا آهيون، ڪانهي ڪا ٻي واهه،

ميلا جنهن تي موج لڳن، شغل ٿئي وهه واهه !

’خليفو نور محمّد‘ دل جو آهي درياءُ،

ننگر فَقر جنهن ڪيو، ٻهون ٻوڙ پلاهه،

رڌ هلي ٿي سارو ڏينهن، خرارن جي راهه،

رازق جنهن کي رزق ڏنو، باريءَ بيپرواهه،

ميڙي رات ماڻهن جي، پئي ٿي ڪاهو ڪاهه،

پوري رات پهرو ڏئي ٿو سرڪاري سپاهه،

بجليون گولا بتيون، شاهي ڪن شعاع،

ناچو نچن ناچڻيون، تنهن داتا جي درگاهه،

اُترئون لاڙئون آئيا، شيدي ملهه ملاح،

ملاکڙن جي موج ٿئي ٿي، ڄاڻي هيڪ الله،

ڌنڌو ڌاڙي جام هلي ٿو، کوٽِي ڪنهن کي ناهه،

يارهِين ٻارهِين چنڊ جي، شعبان سندو ماهه،

”نبو“ چئي نالي وارو، پِير اسان جو آهه،

هاڻي پيهُون کاءُ پَساهه، ڪر قرب جون ڳالهڙيون.

 

ڪانگ

قربائتو ڪانگل آءٌ اصل کان آهيان،

پيغام پرت وارن جا، پَل ۾ پُڄايان،

قاصد قريبن جو، ڪانگل ڪوٺايان،

رٺل دليون پاڻ ۾، پَل ۾ پرچايان،

ڪان ڪان ڪريو ننڊ مان سُتا جاڳيان،

وڙهي وجهلي ڪو کڻي، ته به مُنهن نه مٽايان،

چِٺي چنبن ۾ کڻي، پري پهچايان،

ننڍو وڏو پاڻ کان، ڀلو ٿو ڀانيان،

تون فقير ’شاهه‘ جو، توسان سينو ڪئن ساهيان ؟

تنهنجي اڳيان آءٌ ٿو، پاند ڳچيءَ پايان،

بيشڪ ماڇي ! مڙس تون، آءٌ توکي ٿو ڀانيان،

ڇڪي مان جي ماني تنهنجي، لِڪي ٿو لاهيان،

ته به ٿورا تنهنجا ڳوٺ جي، ڳلين ۾ ڳايان،

هاڻي اهڙي حرڪت کان، ڪري توبهه پڇتايان،

بُکَ هوندي گهُري کيندس، نه چوري آءٌ کايان،

ڪڏهن ائين ڪين ڪندس، ٿو توکي ٻڌايان،

هاڻي اهڙي حرڪت جي، معافي ٿو چاهيان،

ماڇي ! مون کي معاف ڪر، ٿو توکي ستايان،

هاڻي ڌڻيءَ در دانهيان، رهجي اچي شل رس سان !

 

فقير

رهجي اچي شال ! سُرهي هيءَ سنگت،

تنهنجي منهنجي پاڻ ۾، مِٺِي آهه محبت،

ڪڏهن ڪنهن کي ڪين ڪم ايندي ڪُلفت،

’ڇٽن شاهه‘ پِيرَ جي محابي، شل ! پَرِي اچي پت،

توکي مون کي سَولي، مالڪ ڏيندو مَت،

هيءَ نصيحت منهنجي، چڱي لائج چِت،

مديني جو مير، پنهنجو حامي ٿيندو حضرت،

جنگ جهيڙي مان ڇا ورندو، ڪر قرب ڪثرت،

ڳايون پنهنجي ربّ جي، وڏائي وحدت،

اڳي پوءِ اسان کي، ڪم ايندي الفت،

آءُ ته پرچون پاڻ، نمي سان نئڙت،

هاڻي ڪلمون ساڻ پرت، پڙهه محمّد مير تي.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو چانگ ۽ ڪانگ جو

]هن مناظري ۾ شاعر ’هالي چانگ‘ جو ذڪر ڪندي چئي ٿو ته هن ٻاجهري پوکي هئي پر نه ڪنهن پير فقير کي خيرات ڏيندو هو ۽ نه وري پوک تي پکين کي سهندو هو. هڪڙو ڪانگ هوڏ ٻڌي، اچي چانگ جي ٻنيءَ تي ويٺو ۽ قسم کنيائين ته ٻاجهري ضرور کائيندس. چانگ کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن ڪانگ کي ملامت ڪيائين ته: اڙي ڪانگ ! تنهنجا دڙڪا ته پري رهيا پر جي چانگن جي ڳوٺ وٽان لنگهين ته به هوشياريءَ سان لنگهجانءِ ته هڻي ٽڪر ٽڪر نه ڪري ڇڏينئي. تنهن تي ڪانگ چويس ٿو ته: مون کان نٿو ڊڄين جو منهنجا هٿ نه لڳا اٿئي. اڙي چانگ ! تون گاريون ڏيئي ڀلي دل خوش ڪر، پر جڏهن ڪانگن جو لشڪر اچي مٿان چڙهندئي، تڏهن خبر پوندءِ. انهيءَ زباني جهيڙي کان پوءِ ڪانگ وڃي سنگ کائڻ ويٺو. چانگ به کانڀاڻي کڻي اچي ڪانگ تي ڳوڙهن جو وسڪارو ڪيو، پر ڪانگ پنهنجيءَ جاءِ تان بلڪل نه چريو. لاچار چانگ وٺي هاءِ گهوڙا ڪئي ته من ڪي واهرو ورن. هڪٻئي سان زباني جهيڙو ڪندي ۽ هڪٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي اچي هٿين پيا. پوءِ ته هڪڙي پاسي مکيءَ جو پهلوان (ڪانگ) ۽ ٻئي پاسي چانگ، نيٺ چانگ جي سوڀ ٿي.[

تمهيد

ساراهه ڪريان ٿو صاحب جي، جو آهي عالمن جو امامِ،

سو پاڻ ڪري ڪم پانهنجا، ٻي ڪنهن جي قدرت ڪام،

آءٌ قصو ڪريان ٿو ڪانگ جو، مر سڻي جڳ جهان،

’هالي‘ هُرلو چاڙهيو، ’چانگ‘ مٿي چوگان،

ٻني پوکيائين ٻاجهر جي، ڪري جوڙ جوان،

نه ڪي ڏئي پير فقير کي، نه ڪي سڃاڻي نانءُ،

نه ڪي کارائي پکي پکڻ کي، آهي موذي سو مروان،

ان سين ڪاوڙجي ڪانءُ، ڏيئي ڏاڙهي اٿيو.

 

چانگ

ڏيئي ڏاڙهي اٿندين، مون کي ڪانگ ڪندين ڇا ؟

تو جهڙا ڪئين ڪيترا، هتان لک لنگهيا،

سڻيو هڪل ’هالي‘ جي، ويا وِٺيون واهيندا،

تون چوريءَ مٽج چانگن کان، نه ته ڳاڃي ڪندءِ ڳاهه [1]،

ٿڪون جهل ’ٿهيمن‘ جون، وڃي سويريون صباح،

تون ٿو ڏين دڙڪا، آءٌ ڪانگ ڊڄان ٿو ڪينڪي.

 

ڪانگ

مون ڀر ڊڄين ٿو ڪينڪي، جو منهنجو آيئي ڪونه واءُ،

گار ڏيڻ ڪم گانڊوءَ جو، اهو عيب اشرافن آهه،

ڪانگ تنهنجي ڪنڌ تي، جڏهن ’چانگ‘ اچي چڙهندا،

پوءِ هئي هئي هڻندين هٿڙا، ڪندين وس وڏا،

ويندءِ وِڄائون وسري، جڏهن سوڙهيءَ پوندءِ ساهه،

ڳُيان ڪيم ڳالهاءِ، تون ٻروچ ! ڏسي هن ٻاجهر کي.

 

گانڊو ! ڪو مَ گُوز ڏي، نه ڪي ڪر تنوار،

متان مون وٽان مٽئين، ٻانڊا ! تون ٻِهار،

نه ته پڇ پٽائي، کنڀ کوهائي، تعدي ڪندوسئين تڪرار،

بڇڙو ڪندوسانءِ ڀائرن ۾، ٿيندين خلق ۾ خوار،

’هالي‘ سين هموار، آهي پرور پِيرَ جو.

 

ڪانگ

هالا ! تون هوشيار ٿي، ڪج ڪو جوڙ جوان !

متان چئين ملڪ ۾، مون کي ڪين جتايو جوان،

آءٌ به آهيان راڄ ڌڻي راڄن، ڪانءُ منهنجو نانءُ،

تِيروُن ڇڏائيندوسانءِ تڪڙيون، هت ڏسندءِ جڳ جهان،

صبح جو سويرو، آءٌ آهيان تنهنجو مزمان،

ماني کان ئي مهاندان، متان ڀاڙيو ٿي ڀڄي وڃين !

 

چانگ

ڀاڙيا ٿي ڀڄي وڃن، سي مرد نه چئجن مورا،

آءٌ ڳوڙها هڻندوسانءِ ڳاٽي ۾، پيها وجهي پورا،

ٻُڌي ڪڙڪا ڪانن جا، تنهنجو سُڪي ويندو ساهه،

سڄو سنگ صفا، سو ڪڏهن کارائيندس ڪينڪي.

 

ڪانگ

صبوح جو سويرو، هو جنبي آيو جوان،

نڪتو مرد مَکيءَ مان، نعرو هڻي نيشان،

سَٽي ويٺو سنگ تي، سو ڪارايل ڪانءُ،

ڳُتيل ويٺو ڳارا ڏئي، رکيو دري تي دهمان،

’هالو‘ هڪل ڪري اٿيو، کڻي کانڀاڻي خان،

سَٽيائين سِر مٿي، بيهي تيرن جا طوفان،

پکي اٿي ٿو ڪينڪي، آهي شدتي ڪو شيطان،

ڪانن تي ڪريو پوي ٿو، نيڙ [2] ڪري نقصان،

تڏهن گس وٺيو ٿو گهوڙائون ڪري، ته ڪو ماڻهو نڪري مانَ،

ڏسو ڪانگ قيام، ڪري ٿو سڃ سنگن سين.

 

چانگ

ڪري ٿو سڃ سنگن سين، آءٌ ان جي لهندس سار،

اُن مڙد جي مکيءَ ۾، سڻان ڪوڪ تنوار،

اَنهيرو اڇليانس اوڏهين، آنائِي اَپار،

ور ڏيئي اُن جا وڻ تي، وڃي ٻچا ماريان ٻار،

اُن جا اهڙا آهنم کار، جو ڪڍانس سور سنگن جو.

 

ڪانگ

نه ڪو هالا ! حڪم تنهنجو، نه ڪو تو اختيار،

ڪهڙو تنهنجو ڏوهه ڪن ٿا ٻچا منهنجا ٻار،

اچ ته پاڻ پهرين نبرون پاڻ ۾، پوءِ تنهنجي ڀلي آ سرڪار،

مارائي ڪڍندس ملڪ مان، تنهنجا چانگ سڀئي چؤڌار،

ٻروچ ! تنهنجي ٻاجهر تي، آڻي ڪانگ ڪندس ڪمدار،

جي اهي تنهنجا آچار، ته ڳارو نيندين ڳوٺ تي.

 

چانگ

ڳارو نينۡدين ڳوٺ تي، ته ڇا وس تنهنجو آهي،

هلي تان محنت منهنجي ڏس، ڇڏيا مون لاڻا لهرائي،

هڪڙا جهوتا ڏنم جهنگن ۾، ٻيو وڌم ڪنڊا ڪيرائي،

تون حقيءَ تي حاضر ٿيو آهين مُڇون موڙائي،

آءٌ ڪڏهن ڏيندوسانءِ ڪينڪي، مئي مارائي،

ڀڄو وڃان ٿو پنهنجن ڀائرن ڏي، ايندس چانگ چاڙهائي،

بندوقون تنهنجي بدن ۾، هڻندا سرواهيون ساهي،

کيڙو سپر ڍال ڏيندءِ، توفن منجهه تائي،

پسي تجلا ترارين جا، تنهنجو ڪانگ نه ايندو ڪاهي،

ڳوڌن جئن ڳاهي، اچي ماري ڪڍندءِ ملڪ مان.

 

ڪانگ

چئي هالا ! ٿُڪ تنهنجي منهن ۾، تون ڪيم ڪج گهٽ،

ڪوٺي ڪٽڪ پنهنجا، اچج مانجهي مون وٽ،

آءٌ به سڏايان ٿو ’سانگهڙ‘ مان، ڪانگن جو ڪٽڪ،

ايندا مرد مکيءَ مان، اچي چوپي ڪندا چٽ،

ڪڻو ڇڏيندا ڪونه ڪو، باقي وِٺيندا ناڙَ نِپَٽ،

پوءِ ڀڄندين بازار ڏانهن ته به ڪونه بيهڻ ڇڏيندءِ هٽ،

ويندين سامهون ٻارن وٽ، رکي کٿو ڪلهي تي.

 

چانگ

ڪانگ ڏسو ڪيڏي، ٿو مون سين ڪري منهن ڪارو،

الله جي آس ڪري چرخو مون چاڙهيو،

اُن جي ڪل پيم ڪانه ڪا ته آهي هيڏو هچارو،

کڻي کانڀاڻي هٿ ڪري، ڪيم ڳوڙهن جو وارو،

هڻندي ڳَهندي لهي ويو، سج سڄو سارو،

لهي سِرُ سارو، ته به ڪڻو نه ڏيندس ڪانگ کي.

 

هاڻ اچي اٽڪيا پاڻ ۾، جئن وڙهن ميها سان،

پَڙڏا اتي جا پَٽن ۾، ٿي ٻُڌا جڳ جهان،

عالم نڪري ٻاهر ٿيا، هندو مسلمان،

پرٽ، پڃارا، ڪيترا، ٻيا کٽين جا خُرشان،

هڪڙا پڇن ٻين کان، هيءُ آهن ڪير جوان ؟

ته هڪڙو ويٺل ڀر بدينن جي ”چانگ هالو خان“،

ٻيو آهي مرد مکيءَ جو، ڪانءُ جنهن جو نانءُ،

ڏئي ٿو زور ضعيف کي، ته البت نمي هالو خان،

گوڏو کوڙيائين پٽ تي، تري زور تمام،

پوءِ سڏ ڪيائين حضرت پير کي، ته اوکيءَ رسين مانَ،

اولاڻيءَ چڙهي اچج، پلاڻي ترسج تان نه،

ڪلمون جن زبان، ويندا سي ايمان سين.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو رمضان ماڇي ۽ ڪانگ جو

(چيل غلام فقير ماڇيءَ جو )

]هن مناظري جي رمضان نالي هڪ هاري، جو شاعر جو سوٽ آهي، تنهن جي پوکيل ٻاجهر کي ڪانگ کائي وڃن ٿا. اهو حال ڏسي رمضان افسوس ڪري ٿو ۽ ان بعد خيال ڪري ٿو ته يا ٻاجهر کي چوڌاري ڀت ڏجي يا نوڙيءَ جي لوڏ ٻڌي ڪانگن کي هڪلجي. ڪانگ چويس ٿو ته: تون ڪجهه به کڻي ڪر، پر جيڏيءَ مهل ڪانگن جو لشڪر ڪاهي پوک ۾ پوندئي تڏهن پاڻهي پيهو ڇڏي ڀڄي ويندين. رمضان جواب ڏئيس ٿو ته: آءٌ ڀڄڻ ڪونه ڄاڻان، ڇو ته توهان جو اچڻ ۽ منهنجو شيخلو کڻڻ. پوءِ تڏهن خبر پوندوَ جڏهن سڀ مري ڍڳ ٿيندئو. اتي ڪانگ سچ پچ ڊڄي، رمضان کي چئي ٿو ته: ادا ! ساهه الله جو وڌل آهي، ماريندو به اُهو، جنهن پيدا ڪيو آهي سو روزي به ضرور رسائيندو. تنهنڪري منهنجا ڀاءَ ! ٻاجهريءَ کي هروڀرو ڀت نه ڏيار. اسين وڃون ٿا ’پرين‘ ساڌ جي ٻنيءَ ڏانهن، جيڪو ويچارو نه ڪي پيهي تي ويهي ۽ نه ڪي ٻنيءَ جي سنڀال ڪري. ان تي ’رمضان‘ کين پنهنجي ملڪ مان ڀڄائي ڇڏڻ لاءِ دڙڪا دهمان ڪري ٿو. ان تي ڪانگ به کيس جواب ڏئي ٿو. آخر ۾ ڪريمڏنو ۽ ٻيا ڀائر اچي ٻنهي ڌرين جو صلح ڪرائين ٿا.[


[1] . ڳاڃيڻ = ٽڪر ٽڪر ڪرڻ. (مڇيءَ کي ڳاڃبو آهي).

[2] . نيڙ ڪرڻ = نهڙ ڪرڻ، تباهه  ڪرڻ.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان اڪبر علي کان ملي.

. سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص 557.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org