سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :41

ڪؤڙو

مانجهي اوير سوير جو، سرڻ اُڏامندي آئي،

پليت تنهن پيهي تي، ويهي ريڪ وهائي،

جڏهن تڏهن جائي، مان سامهون ٿيندس سرڻ سان.

 

سرڻ

سامهون ٿيندين سرڻ سان، تنهنجو ڪهڙو ورتم نانءُ ؟

اُڏامان پئي اُڀَ ۾، ماڳهين تو مٿانءُ،

ڪٿي تون، ڪٿي مان، ڪيئن ٿيندين سامهون سرڻ سان ؟

 

ڪؤڙو

نانگي سڃي سرڻ تون، ڪم ڪرين ڪيهي،

ٻئي انگها ٻيلهنگ جا، وئينءَ ريڪن سان ريهي،

مٿان اچي پيهي، هائي ! تو هنگي ڪِنو ڪيو.

 

سرڻ

’هائي‘ سڏي هنگڻ جو، تون ’ڪؤڙا‘ ڪيم ڪُڇ،

لَهرو ڏئي لنگهي ويس، نه ته پٽي ڪڍين ها پُڇ،

هڻي ڳوڙهو ڳچيءَ ۾، ڪڍي وڌئي ٿي گُج،

آهين وڏو لچ، جو وڙهين واٽ ويندن سان.

 

ڪؤڙو

وڙهان ٿو واٽ ويندن سان، مارن ڄٽ ! ڪيانءِ ٿو ڄاڻ،

چڙهندينءَ شوق شڪار تي، ڪُئن جي ڪاڻ،

پاسو ڏيئي لنگهينءَ پيهي جو، ته سسي نه هوندءِ ساڻ،

پيهي تي پاڻ، ويٺي لاٿيون اٿئي وِٺيون.

 

سرڻ

ويهي لاٿيم وٺيون، ته کنيم ڪين خزانو،

ٿيو سُور سِرڻ کي، ڀانيم اچي ٿو آنو،

ويسَر مان وٺ وهي وئي، تڏهن هڻين ٿو طعنو،

کڻي ڪاٺي يا ڪانو، تون لاهي ڇڏين ها لِڏ کي.

 

ڪؤڙو

لاهي ڇڏيان ها لِڏ کي، تنهنجو هئس ڪو ڀنگي؟

اُڏامينءَ پئي اُڀ ۾، هتان اچي لنگهي،

هاڃا ڪري هنگِي، پليت ڪيئي پيهي کي.

 

سرڻ

پليت اِن پيهي جو، مون کي نه ڏي تون ويڻ،

’عقاب‘ پکي منهنجو، اٿئي سڳو سيڻ،

سڏ ڪنديس ’سانباهي‘ کي، جنهن جي آهيان ڀيڻ،

هو اهڙو اٿئي ڏيڻ، جو ”ڪؤڙا“ ٽرندئي ڪينڪي.

 

ڪؤڙو

چئي ”ڪؤڙي“ کي ڪنهن جو، ناهي ڊپ نه ڪي ڊاءُ،

ڀڃي چيلهه ڀترن سان، ڪندو سانس پٿرن سان پرزا،

سٽيندوسان سؤنٽن سان ۽ گهوٻاٽا ڪندس گهاءُ،

اهو پنهنجو ڀاڙِي ڀاءُ، ڏيکارجانءِ ته ڏينهن جو.

 

سرڻ

ڏيکارينديسانءِ ڏينهن جو، ته هيڪر پوندءِ هِڪ،

پيهي تان پاڻ تون، لهي وٺندين لِڪ،

سوگهو ٿي سويرو، وجهي ٻيلهنگ کي ٻک،

هو اهڙو اٿئي کِکُ، جو ڏسيو ڏيل ڏريو وڃن.

 

ڪؤڙو

ڏسان تنهن جو ڏيل، ڪهڙي صورت اٿس ساڻ،

اهو ڀاڙيو ڀاڻين آڻ، ته چتائي ڏسان تنهن چِٻ کي.

 

سرڻ

چتائي ڏسين تنهن چٻ کي، تنهن ۾ تنهنجو ڇا هي،

هو وڙهي ويندءِ ويسلو، ڪنهن ڏينهن ڪاهي،

غرض نه ڪڍي گانڊوءَ جي، ڪنهن جي ڪاڻ نه آهي،

ويجهو ويٺو آهي، هيڪر ’حاجي مرد‘ ۾.

 

ڪؤڙو

ويٺل ’حاجي مرد’ جو، تنهنجو ڀاءُ ڏٺم ڀاڙِي،

پاڻ آهي اڇو ۽ ڳُئي اٿس ڳاڙهي،

کوٽيندو وتي کڏن مان، ڏيڏريون ڏهاڙي،

ڪانه ماريائين ڪڏهن، ڪا اُڏامندي آڙي،

ڏسنس هرن تي هاري، ته درا ماريندو وتي دُٻن تان.

 

سرڻ

هُو دَرا نه ماري دُٻن مان، وڃي پاڻيءَ کان وهلور،

سَها سڄر ماري، آڌي ڏيئي اَسُور،

گَڊَ ماري گسن تان، ٻَڌي روجهن سندي رُوڙ،

ڦِري اچي ڦاڙهن تي، ڪڍي سُرهه منجهان سور،

تاريخ سڄي تلور، سان ته آڻيندو آهي مون لئي.

 

مناظرو مرزي ۽ چٻ جو

(چيل مِرزي نوحاڻي جو )

]عمرڪوٽ جي اوريان ميل کن پنڌ تي، واهه جي ڪپ تي هڪڙي ٻٻر ۾ چٻ ويٺل هئي، جا اتان لنگهندڙن جي مٿان اچي پوندي هئي ۽ واٽهڙن سان وڙهندي هئي. هڪڙي ڏيهن اتفاق سان شاعر مرزو، ڪوٽ واهه جي ڪپ ڏيئي عمرڪوٽ پئي ويو ته انهيءَ ٻٻر وٽ چٻ ساڻس وڙهي پئي. تنهن تي مرزي ساڻس سوال جواب ڪيا. مرزو چويس ٿو ته: چٻ ! اها تنهنجي چريائي آهي جو واٽ ويندن سان ٿي وڙهين. اسين تنهنجو نه ڪي نالو ٿا وٺون ۽ نه ڪي تنهنجي حد مان ٿا لنگهون پوءِ ڇو ايڏي مستي ٿي ڪرين؟ جي ڪنهن ڪاوڙجي لٺ هنيئي ته هڏگڏ ڀڃي رکندئي. جواب ۾ چٻ چويس ٿي ته: چٻون سواءِ چُرچ جي هروڀرو ڪنهن جو نالو به ڪين وٺن، پر هتي جا ماڻهو منهنجي آکيري وٽان اچيو لنگهن. تنهن کان سواءِ منهنجي چوري ڪيو وڃن، تنهنڪري آءٌ ضرور وڙهنديسانِ ۽ اڃا انگريز به ملڪ ۾ موجود آهي، جي ڪنهن مون کي ڌڪ هنيو ته آءٌ ليوڪس صاحب کي درخواست لکي ڏينديس، اُن داد نه ڪيو ته راڻيءَ (مهاراڻي وڪٽوريا) کي چونديس ته ڪليڪٽر کي چئي انهن ماڻهن کي سزا ڏياري ڇڏيندي. ان بعد چٻ پکين جا نالا وٺي چئي ٿي ته انهن کي سڏي اوهان سان لڙائي ڪنديس. اتي ڪٻر، چٻ کي سهڻي صلاح ڏئي ٿي ته: انهن پکين کي سڏي، پنهنجو خرچ ڪرائي نه وڙهه، پر بهتر آهي ته صلح سانت سان وقت گذارجي، اصل ۾ پاڻ هڪڙو ڌڪو به سهي ڪونه سگهون. آخر ۾ شاعر مرزو چٻ کان معافي وٺي ساڻس صلح ڪري ٿو.[

مرزو

چٻ ! تون چريائيون ڪرين، ٿي ويندن سين وڙهين،

ماٺ ڪندين [1] ماڙهوئڙن کي، تون هليو هٿ هڻين [2]،

پوءِ مُٺِي پوندينءَ مَري، گهوٻاٽي جي گهاءُ سان.

 

چٻ

گهائي گهوٻاٽي جي گهاءُ سان، ڪنهن کي جگر ناهه جيرو،

آءٌ ويٺي آهيان هن وڻ ۾، دمائي ديرو،

پوءِ پاسي پرسيرو، لگهو منهنجي لوڙهي کان.

 

مرزو

لنگهون پري لوڙهي کان، اسين وٺيو وڃون واٽ،

ته به تارا ڦيرين تڪڙا، ڪري ڪَس مٿي ڪرڙاٽ،

چُهٽيو ٿي چنبا هڻين، ڪري چرچا ۽ چرڙاٽ،

ڪو هڻي ڪاوڙ جي ڪنواٽ، هڏ ڀڄندئي هيڪاندا.

 

چٻ

جي هڏ ڀڃندم هيڪاندا، ته انگريز به اڃا آهي،

صحيح ڏينديس صاحب کي، وٽ ليڪوس [3] لکائي [4]،

ته هيءُ عداوتو آدمين، مون سين ڪيو آهي،

بيشڪ بدمعاشن تي، اينديس ڪلٽر ڪوٺائي،

ان کي چاڙهائينديس ڦاهي، جيڪي چاوا ڪن چورتون.

 

مرزا

نه ڪو چائو، نه ڪا چورت، ڏس پٽِيل ! پروڙي [5]،

ڀانيو [6] ڇڏي هُل ڀورِي، نه ته لڳندئي ڪانُ ڪوڙي،

چوهَئون ڪو ڇوڙي، سٽي رکندئي سَرَ [7] سان.

 

چٻ

سٽيندو ڪين سَرَ سان، ناهي هڻڻ جو حڪم،

ٿينديس روءِ ’راڻيءَ‘ جي، دانهين انهيءَ دم،

مُهر منڊم جي هٿ ۾، ڪاغذ ۽ قلم،

ڏي جواب جلديءَ مان، ويڙهي سڀ وهم،

ڪهڙي اچين ٿو ڪم، هليو منهنجي حد ۾.

 

مرزو

هَنيل ! تنهنجيءَ حد کان، آهي پري اسان جو پنڌ [8]،

وٺيو واٽ پانهنجي، ڏيو وڃان رستو رند،

واٽون واٽهڙن جون، ٿي بڪيو ڪرين بند،

تون ڦِري انهيءَ ڦند، پساهه ڪڍائيندينءَ پانهنجو.

 

چٻ

پساهه نه ڪڍايان پانهنجو، ڪا اڀري آءٌ آهيان !

ڪريو ڳالهه ڳِجهن سين، ٿي سِرڻين سڻايان،

گُگهَه مڙيئي گڏ ڪري، ٿي ڪٻرون ڪوٺايان،

ليلها، تتر، تلوريون، سانباها سڏايان،

ڪانگ، ڪبوتر، ڪڻڇيون، آڙيون آڻايان،

جوڙي توسين جنگ، آءٌ ٿي لڙائي لايان،

هاڻي ٿي سڀئي سڏايان، پکي هڪڙي پل ۾.

 

ڪٻر

پکي اچي پل ۾، ٿيندا ڀيڙا تنهنجا ڀائي،

لغڙ، جهڳڙ، شڪرا، ايندا عقاب الاهي،

ڀائر ڀيڙا ٿي اچي، ڏيندئي خرچ مڙئي کائي،

پوءِ ڪانهي ڀلائي، ماسي گهڻي ميڙ مان.

 

چٻ

ميڙ ته مُور نه ڪريان، پر ماڻهو ڪين مُڙن،

اچيو مهنجي آهيري تان، ٿا لتاڙيو لنگهن،

نه ته وسئون ڪين وڙهن، چِٻُون ڌاران چورت جي.

 

ڪٻر

چئي: چوريندا چِٻُن کي، پيا لنگهندا لک هزار،

ڪِرين ڪامَ هڪڙيءَ سان، آهي ماسي تو مقدار،

ست ٿورو، شيطان گهڻو، آهين انهيءَ آچار،

اٿئي وڏائي وات جي، هُل ڪرڻ هروار،

آڏو اچڻ آدميءَ کي، ڪڏهن ناهي ڪار،

ڏورئون ٿي ڏهڪار، هُل وڏا حشر ڪرين.

 

هُل وڏا حشر نه ڪر، ڪهڙي ماسي تو مُنهن آئي،

کِسي ويهه کڏيءَ ۾، رکي صحبت سچائي [9]،

ڪڍي ڇڏ تون قلب مان، ڏمر ۽ ڏاڍائي،

معاف ڪر ”مِرزي“ کي، ڪر ڀيرَٻ ! ڀلائي،

ٿيندي سڀني سڻائِي، ڪلمون جن جي قلب ۾.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو پياري ۽ ڳيري جو

(چيل پياري ماڇيءَ جو )

]هن مناظري ۾، واڻين جي پوکيل ٻاجهريءَ کي ڳيرا کائي وڃن ٿا. پيارو سگهڙ هنن وٽ نوڪر آهي جو پيهي تي پکين کي هڪلي رهيو آهي، آخر بيزار ٿي هڪڙي ڳيري کي تنبيهه ٿو ڪري ته: جي منهنجو ڌڪ رسيئي ته مئو پيو هوندين. ڳيرو جواب ۾ چويس ٿو ته: جيستائين منهنجو رب مون سان ساڻي آهي تيستائين مون کي ڪوبه ڊپ ڪونهي. آسپاس گهڻي جوئر ۽ ٻاجهري بيٺي آهي، جنهن مان کائي پيو موج ڪندس. تنهن تي شاعر وري به کانڀاڻيءَ سان مارڻ جو دڙڪو ڏئيس ٿو. ڳيرو منٿ ٿو ڪريس ته: اسين پکي هتي پيٽ پالڻ ٿا اچون ۽ نه جهيڙو ڪرڻ، هاڻي ڀلائي ڪري پيهي تان هيٺ لهه ته اسين ٻه چار داڻا کائي پيٽ ڀريون. شاعر چئي ٿو: ٻيلي ! آءٌ ائين به کڻي ڪريان، پر ڇا ڪريان جو ڪمدار پيو آس پاس ڦري، ان جو مياري ٿيندس، تنهنڪري وڃي ٻين ڀر پاسي وارين ٻنين مان گذر سفر ڪريو. پر ڳيرو انهيءَ ٻنيءَ مان ئي ان کائڻ تي ضد ڪري ٿو. جنهن تي پيارو کيس چئي ٿو ته: منهنجو ڪوبه وس ڪونهي، باقي تون پير ڀري واڻين وٽ هلي موڪل وٺ جيئن مون تي ميار نه اچي.[

 

پيارو

هرهر حرامي ٿو، ڳچيءَ پوين ڳيرا !

ڪَڻ ڪڍيو کايو وڃين، ڪرين سنگ کيرا،

ايءَ وڙهنديئي ويرا، ڪري پوندين ڪاني تان.

 

ڳيرو

ڪين ڪرندس ڪاني تان، مون سان ساڻي رب ستّار،

گهڻي بِيٺي آ ٻاجهري، ٻي جام سٺي آ جُوار،

پوءِ ڏياري ٿو ڏاتار، آءٌ کائي ويندس خوشيءَ مان.

 

پيارو

کائي ويندين خوشيءَ سان، لڳي ڪنهن ليهي،

ويٺو آهيان ويجهڙو، آءٌ پاڻ چڙهيو پيهي،

وجهندوسانءِ ڦيهي، ڳيرا ! هڻي ڳوڙهي سان.

 

ڳيرو

ڳيرن کي ٿو ڳوڙها هڻين، وڙهيو رکين ٿو وير،

اسين پکي اچون پيٽ پالڻ، اسان کي ماري ڪير؟

پوءِ جي لاهين پيهي تان پير، ته داڻا کائي دعا ڪريانءِ !

 

پيارو

داڻا کائي دعا ڪرين، آءٌ ماڳهين محنت دار،

ٻاهرون گهمندا ٻنيءَ جي، چؤ قبلو چوڌار،

چوندو مون کي چڙ مان، ڪاوڙ ڪري ڪمدار،

پيارا ! ويٺو هئين پيهي تي، ڪِيئن ٻني کاڌي جهار؟

پوءِ ماري ٿي ميار، ڳيرا ! انهيءَ ڳالهه جي.

 

ڳيرو

ڳيري سان ڪر ڳالهڙيون، آءُ ته ٿيون يار،

ولر گهمن وَهين جا، جهرڪيون ڏاڍي جهار،

ڪانوَ ڪبوتر ڪيترا، ڪي هئا لک هزار،

تنهن کان پوءِ تڪرار، ڳالهائين ٿو ڳيري کي؟

 

پيارو

ڳالهايان ٿو ڳيري کي، تو هَيا ! ٻَڌي هوڏ،

ويٺو هئين ويسلو، ڪاني مٿي ڪوڏ،

پوءِ لاهي ڇڏيانءِ لوڏ، ته ٻِيهر نه اچين ٻنيءَ تي.

 

ڳيرو

ٻِيهر ايندوسانءِ ٻنيءَ تي، سانجهيءَ سج لٿي،

هرڪو ويندو هاج سان، پَهر نه پيهي تي،

ته ايڏيءَ ويل اُتي، آءٌ کائي ويندس خوشيءَ سان.

پيارو

کائي ويندين خوشيءَ مان، توکي ايڏو آ اختيار؟

’ڇتو‘ ڇڏيندءِ ڪينڪي، موڳا  ! ڪڍندئي مار،

’ڊولو’ هڻي ڊيهن سان، ڪُٽيندئي ڪاپار،

’بچو‘ ڪندئي بڇڙو، خلق ۾ خوار،

سُڌ پوندي ’صالح‘ کي، ته سمجهي لهندئي سار،

پوءِ ’پنجوُ‘ پڇائي پار، ڳيرا  ! وٺندئي ڳچيءَ مان.

 

ڳيرو

ڳيري کي وٺندو ڳچيءَ مان، ڪهڙي ڪري وَٽ ؟

اسين گهمون عرش ۾، ’پنجوُ‘ گهمي پَٽ،

پوءِ اهڙا ڄاڻي ڄٽ، اسان کي ڪڏهن وٺندا ڪينڪي.

 

پيارو

وٺندئي ڪنهن وقوف سان، ڪري اٽڪل اِلاهي،

چوڳ وجهندئي چڳڻ لاءِ، ٻي ڦڪل جي ڦاهي،

پوءِ ڪل نه پوندئي ڪائي، ڳيرا  ! وٺندئي ڳچيءَ مان.

 

ڳيرو

ڳيري کي وٺندا ڳچيءَ مان، عرض ڪندوسانس آئون،

پلؤ وجهي پير جو، ٻڌندوسانس ٻانهون،

آءٌ وري ايڏانهون، ڪڏهن ايندس ڪينڪي.

 

پيارو

ڪڏهن ايندين ڪينڪي، تون کاڻا  ! ڇڏ خلل،

نه ڪا مارينئِي نه ڪو ڪُٽينئِي، نه ڪا جهلو جهل،

تون هڪڙو ڀيرو هل، ڀري پير ”پيارو“ چئي.

 

ڳيرو

پير ڀري ”پيارو“ چئي، آءٌ هلندس ڪين وري،

منهنجي پاران ’پنجوُ‘ کي، منٿ ڪجانءِ مَري،

پوءِ ٿئيس ڳالهه ڳري، ته ڏئي موڪل مون مسڪين کي.

 

پيارو

موڪل ڏيندا مسڪين کي، ’هِيمي‘ وٽ هلي،

مڙي پئنچ پاڻ ۾، ڪندا ڳالهه ڀَلي،

پوءِ تنهنجي ڪا ڳلي، ٿيندي ’ڇَتوءَ‘ وٽان ڇُٽڻ جي.

 

مناظرو مل محمود ۽ ڳيريءَ جو

(چيل مل محمود پلِي جو )

]هڪڙي ڳيري آهي جا ڦيرا ڏيو مل محمود جي پوک کائي ٿي وڃي.  شاعر پوک جو پهريدار آهي، تنهن هڪڙي هٿ ۾ ڪپ ۽ ٻئي هٿ ۾ ڌڪو کنيو ته ڳيريءَ کي مارجي. ڳيريءَ کي ڌڪو ٽنگن وٽان بڇيائين، پر ڳيري ڦيري ڏيئي پاڻ بچائي ويئي ۽ مل کي چيائين ته: دل خوش نه ڪر، آءٌ ڪڏهن به هٿ نه اينديسانءِ. اتي مل چيس ته: هزارين حيلا ڪرين ته به مون کان بچي نه سگهندينءَ، ۽ پوءِ اهڙي جٺ ڪندوسانءِ جو خلق ۾ خواري ٿيندءِ. اتي ڳيريءَ چيس ته: ماريا  ! ڪجهه خيال ڪر ته هتي آءٌ تڏهانڪر ويٺل آهيان، جڏهن اڃا هتي تون به نه آيو هئين. هاڻي بهتر آهي ته تون منهنجي پچر ئي کڻي ڦٽي ڪر. مل چيس: ڪيئن تنهنجي پچر ڇڏيان ؟ توکي هتي اجل آندو آهي. هاڻي آءٌ توکي ماري، رڌي کري وارن کي کارائيندس، پر ڳيري چويس ٿي ته: اجايو مٿو نه کپاءِ، ماٺ ڪري وڃي ويهه.[


* . هن مناظري جون ٽي روايتون مليون، جن مان ٻه ضلعي ٿرپارڪر مان رائچند (تعلقو ڇاڇرو) ۽ محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي (تعلقو عمرڪوٽ) کان ۽ ٽي روايت ڌڻي بخش چانڊيي جي زباني ٻڌي قلمبند ڪئي ويئي.

. مرزو نوحاڻي سليماڻي، ڪنري واڻين جي (موجوده ڪنريءَ کان ساڍا ٽي ميل ڏکڻ اولهه طرف) جو ويٺل هو. مال چاريندو هو. پهرين ڪنري جي واڻين جو ڌنار هو ۽ان کان پوءِ پلين جو مال چاريندو هو. اٽڪل چاليهه سال کن ٿيندا جو وڏي عمر ۾ وفات ڪيائين. سندس چيل بيت مشهور آهن.

[1] . ماٺ ڪندين = ماٺ ڪيل.

[2] . ٻي پڙهڻي = واٽ ويندن ماڻهن کي.

[3] . ليوڪس = اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر، جو پوءِ ڪمشنر ٿيو.

[4] . ٻي پڙهڻي = ڪنديس صحيح صاحب کي آءٌ ليوڪس ئون لکائي.

[5] . ٻي پڙهڻي = بيشڪ بدمعاشن کي، جي چاواڪن چوڙي؛ تون پکي ! ڳالهه پروڙ، اهو ڀانيو ڇڏ؛ ڀوري ڪو ڪان هڻي ڪوڙي، سلهي رکندءِ سر سين.

[6] . ڀانيو = پاڻ ڀانئڻ، وڏائي.

[7] . سر = گز.

[8] . ٻي پڙهڻي = هليو تنهنجي حد کؤن، هو رند وٺيو وڃن راهه؛ تو واٽ ويندن ماڻهن سين، اچي کيد ٻڌوئي کاهه؛ تون ٿي تارا ڦيرين تڪڙا، سو ڪنهن کي ڊپ نه ڪو آهي ڊاءُ؛ انهيءَ شدت سين ساهه، پاڻهي ڪڍائيندينءَ پنهنجو.

[9] . ٻي پڙهڻي = خوش ٿي ويهه کڏيءَ ۾، ماٺ ڪري مائي.

* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي سنجهوري) مان علي اڪبر لغاري کان ملي.

. پيارو ماڇي، ڳوٺ ستياري تعلقي سنجهوري جو رهاڪو هو. سندس ڄمڻ توڙي وفات جا سن معلوم نه ٿي سگهيا آهن.

* . هن مناظري جون ٻه روايتون ٿرپارڪر مان محمد عمر ”معمور“ (تعلقو عمرڪوٽ) ۽ رائچند (تعلقو مٺي) کان مليون.

. مل محمود پٽ طالب پلي، پاڙو اجيجاڻي درس تيرهين صدي هجريءَ جي آخر (1280-1290هه) ڌاري ڳوٺ حاجي عبداللطيف پلي تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو ۽ سنه 1350هه/1931ع تي وفات ڪئي. عوامي شاعرن ۾ مٿانهين درجي جو شاعر هو. سندس ڪلام ۾ ليليٰ مجنون، مجمع العجائب ۽ نصيحت انساني ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org