سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مناظرا

باب: -

صفحو :48

ابراهيم

قرب منجهان ”ڪنڀر“ چئي، ڏس فقيرن جا ڦَند:

گهمن پيا گهٽيون، ڪن پيا پنڻ لاءِ پنڌ،

سَگها اٿن سنڌ، ته به دانهون ڪن درن تي.

 

دل جو قاضي

دانهون ڪن درن تي، تون ٽرڙا ! نه هڻ ٽوڪر،

جئن سسئيءَ جبل جهاڳيا، تئن هي به ڏورين ڏونگر،

ٻَڌي اَٿن هاديءَ جي هُونگر، ته ربّ مليو اٿن رڻ ۾.

 

ابراهيم

ربّ مليو اٿن رڻ ۾، ته مومن وسائين مڪان،

الله الله ڪن ”ابراهيم“ چئي، ته مهند ملين مان،

جيڪي ڪَهن پيا ڪلمون ڪريم تي، تن جو شاهي آهي شان،

قربئون پڙهڻ قرآن، ته آڳهه ٿئين اڳ جو.

 

دل جو قاضي

آڳهه آهي اڳ جو، پر سُرت پنهنجي سار،

نوڙي بيهه نماز ۾، ٻُوٽو تون ڪو ٻار،

ڪربلا ۾ ڪِيس ٿيا، ڪر وجود ۾ ويچار،

اهو ئي ڌيان ڌار، متان مَٽي نه ڇڏئي مالڪ ڌڻي.

 

ابراهيم

مٽيندو ڪين موليٰ، مونکي پناهه ڏيندو پير،

مدد مون سان موليٰ علي، سيّد اُڪاريندو سِير،

مِٺو محمّد مير، سانگ کڻي سُکيو ڪندو.

 

دل جو قاضي

سانگ پنهنجو سکيو ڪندو، لنگهي هلنداسون لنگهه،

سيّد پاڻ سان هوندو ساڻي، هُت ڪري ڏيندو رنگ،

لاهين سِر جو سانگو ۽ سنگ، ته سڌا هلون سِير کان.

 

ابراهيم

سڌا هلون سير کان، رکي سڪ سچي،

مدد موليٰ علي ٿيندو، وينداسون بحرن کان بچي،

مِٺو محمّد مير اچي، ٻيڙو اُڪاريندو ٻاجهه سان.
 

ضميمو

مناظرو سسئي ۽ مارئي جو

]هن مناظري ۾ سسئي پاڻ کي حق تي ڄاڻي ، مارئي کي مهڻو ڏيندي چئي ٿي ته: آءٌ ماءُ پيءُ کان پنهنجي ور کي ڏنل آهيان ۽ توکي عمر زوريءَ کڻي آڻي وهاريو آهي. تڏهن مارئي جواب ۾ پنهنجي مجبوري ڏيکاري وري سسئي کي به مهڻو ڏئي ٿي ته: توکي به ته پنهون ڇڏي هليو ويو. تڏهن سسئي چئي ٿي ته: پنهون برابر مونکي ڇڏي ويو آهي، پر اهو منهنجو حقي مڙس هو؛ پر تو عمر جي مال متاع کي مٺو ڪري پنهنجا ماروئڙا وساري ڇڏيا. مارئي ان جو جواب ڏئيس ٿي ته: هڪ ته آءٌ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ اوچتو کوهه تان کڄي آيس، ٻيو ته اسان مارن جو اهو مرڪ آهي ئي ڪونه ته اسين مال مِٺو ڪري خوش ٿي ويهون، اها تون ئي آهين جا روهن ۾رڙيون ڪندي وتين. سسئي جواب ۾ چويس ٿي ته: آءٌ ته حق پٺيان سختيون سهندي ٿي وڃان پر تون ماڙين ۾ پنهنجي حقي مڙس کان کري خوش ٿيو ويٺي آهين. انهيءَ جواب مارئي کي لاجواب ڪري ڇڏيو.[

 

سسئي

بسم الله الله کي، ٻي سڀ جوڙ سندياس،

ڪم سنواري دم ۾، رنگ ڪري ٿو راس،

منهنجو لکيو هو لال ٻروچ سان، ڪوهيارل ڪُٺياس،

ويهي ماءُ پِيُو ڪڍي، تنهن کي هيءَ ته ڏنياس،

ڪارڻ حق هلياس، تو کي هو ’عمر‘ چاڙهيو اٺ تي.

 

مارئي

’عمر‘ چاڙهيو اٺ تي، ڪري زوراوَر زور،

تو جان مون نه ڪيو هو، ڪو ڏونگر منجهه ڏور،

پوءِ ڪؤڙو ڪري ڀنڀور، توکي ڪوهيارو ڪهي ويو.

 

سسئي

ڪوهيارل ڪُهي ويو، ته به هئڙم حق حلال،

تو جان مون ڪيو هو، وڃي ڪوٺيءَ منجهه ڪشال،

پوءِ ڙِي ! مِٺو لڳو هُئي مال، تو مارُو سڀ وساريا.

مارئي

مارو مون نه وسرن، مون اڄاڻي آندياس،

کڻي عمر کوهه تؤن، اوچتي آندياس،

اڙي ! پلنگ وجهي پاس، توکي رن ڪري ويا آهن روهه ۾.

 

سسئي

رن ڪري ويا آهن روهه ۾، ته به مان ڇن نه ڇڏيندياس،

پاسي پلڪ پنهل کؤن، مان گهڙي دم نا جيئندياس،

پوءِ منهن نه مٽيندياس، جيئن تون کلي ويٺي آهين کٽ تي.

 

مارئي

کلي ويهڻ کٽ تي، مرڪ مارن جو ناهه،

ويهي واٽن اتي، مون رت سڪايو ساهه،

تو جهڙي نه آنءُ، جو روهن ۾ ٿي رڙيون ڪرين.

 

سسئي

روهن ۾ ٿي رڙيون ڪريان، پر منهنجون آهن جبل سان جاڙون،

قطارون ڪيچين جون، مان ٿي ڏسان ڏيهاڙيون،

کيت کان کاريون، ويو هُئِي عمر ڙي ! چاڙهيون،

پاڻ هڻين ها پٽ تي، زال ! ڪري زاريون،

پوءِ مٺيون لڳئي ماڙيون، تو مارو سڀ وساريا.

 

مارئي

ماڙين جا مهڻا ڏيئي، تو سسئي وڌو ساڙي،

راند هڻي ويئن ريب ۾، لڪ منجهئون لاڙي،

اڄ ٿي ٻانڀڻ ٻاڪاري، جو هو لڪ لنگهي وڃي لوءِ ٿيا.

 

 

مناظرو سسئي ۽ ماڻس جو

(چيل شير محمد لغاري جو )

]هن مناظري ۾ شاعر، سسئي ۽ ان جي ماءُ جا سوال جواب هڪڙي ئي يڪي ڊگهي بيت ۾ چيا آهن، هڪ مصرع ماءُ ٿي چئي ته ٻيءَ ۾ سسئي جواب ڏئي ٿي. جڏهن ماءُ، سسئيءَ کي پنهون ڏانهن ويندي ڏسي ٿي تڏهن کيس چئي ٿي ته: اي سسئي ! گهر جو سانگو نه ڇڏ،  ته سسئي جواب ڏئي ٿي ته: گهر تڙ ته پري رهيو پر مون ته هن شهر جو ئي سانگو ڇڏيو آهي. وري ماءُ کيس سون ۽ زيورن جي لالچ ڏيئي رهڻ جي آڇ ڪري ٿي ته سسئي جواب ڏئي ٿي ته: مون کي زر جو ڪو ذوق ڪونهي پر آءٌ انهن کي زهر ڪري ٿي ڀانيان. تڏهن ماءُ کيس رستي جون تڪليفون ٻڌائي چئي ٿي ته: اڳيان پهاڙن جو پنڌ تون اڪيلي ڪيئن ڪري سگهندينءَ ؟ ته سسئي چئي ٿي ته: جڏهن منهنجي قسمت ۾ ئي اهو پنڌ لکيل آهي ته مون کي ئي ڪرڻو آهي ۽ رستي ۾ الله جي امر کان سواءِ ڪوبه دشمن ڪنهن کي نقصان نه ٿو رسائي سگهي. آخر ۾ ماڻس پنهنجو ننگ وجهي روڪيس ٿي، ته سسئي به آخر ۾ کانئس معافي گهرندي چئي ٿي ته: اما ! ماءُ پيءُ جي صدقي مون کي معاف ڪر. شاعر انهي گفتگو کان پوءِ نتيجي طور چئي ٿو ته ويچاريءَ ماءُ پنهنجي وسئون ڪونه گهٽايو پر سسئيءَ تي ڪوبه زور نه هليس ۽ هوءَ ور پٺيان ويندي رهي.[

 

دختر نال الايا مادر: سَٽ نا سانگا گهر دا،

آکيس: گهر تڙ گهوريم ساري ڇوڙيم سانگ شهر دا [1]،

مادر ٻولي: سمجهه سياڻِي ! ذوق اِٿان گهِن زَر دا،

آکيس: ذوق نَهِين ڪو زر دا، ڀانيان ذرّا زهر دا،

مادر ٻولي: نا ٿِي ٻالڪ، نا ڪر خيال هجر دا.

آکيس: مادر آيل مَيڏي، ڀانيان وقت حشر دا،

مادر آکي: هوڏَ ڦٽي ڪر، پي تون جام صبر دا،

آکيس: حال هجر دي ڪيتا مَيڏا جِي آزر دا،

مادر ٻولي: سمجهه ڌِيا ! هُڻ، مَن تون سانگ اَمُر دا،

آکيس: صبر نه ڏيندا مَين ڪُون وَڌيا دَرد اندر دا،

مادر ٻولي: سخت سُڻئيندا اَوکا پنڌ پٿر دا،

آکيس: آيم قسمت دي وچ پنڌ اڻانگا بَر دا،

مادر ٻولي: نهِين مناسب ڇوڙڻ شان سَتُر دا،

آکيس: شان شعورَؤن نِڪتس، پَروَر ڏيسي پَر دا،

مادر ٻولي: بَر وچ ڪير هِي ؟ ڪيها خيال گُذر دا،

آکيس: جان ڪباب ڪَريسان، جو هُڻ وقت گُذر دا،

مادر ٻولي: نالَ ٻڌيسِين، ڪيها ثمر سفر دا ؟

آکيس: هڪڙي آس ملڻ دِي، ٻيا وقت ويکڻ وَر دا،

مادر ٻولي: مِرون جهنگل دي ڏيسنِ ڏک قهر دا،

آکيس: بنا اَمُر دي ڪوئي دشمن نهِين بَشر دا،

مادر ٻولي: پُهچڻ پَر دا مشڪل ويک نظر دا،

آکيس: مَرسان تان ڀِي ويسان، ويکان مُک دلبر دا،

مادر ٻولي: سمجهه سياڻِي، لوڪ گِلارا ڪردا،

آکيس: لوڪ لڳاپي لاٿم، چاتم شوق شوهر دا،

مادر ٻولي: ڇوڙ نياڻِي ! ووڙڻ واٽ وِندر دا،

آکيس: وَر وِندُر وچ لَهسان چوڻ تيڏا بيدَردا،

مادر ٻولي: رول نه مَنين ڪُون، ڪُنڍا پاء نه دَر دا،

اکيس: نا مين ڄاول تيڏِي، وَر ٻاجهه نه روح وِندر دا،

مادر ٻولي: پنڌ ڪريسِين ڪيوين روهه ٽَڪر دا،

اکيس: نهِين نظر وچ مَين ڪُون، ڪوئي ڏک ڏونگر دا،

مادر ٻولي: پيش نه آوَئي، جال ڪوئي پنڌ جَر دا،

آکيس: اڳُون ڪَر ويسان، او جَر جهاڳ بحر دا،

مادر ٻولي: آب نه لَڀسَئِي ڪاف ڪشالا بر دا،

آکيس: آب نه طلبان مَين ڪو، پِيسانَ خون جِگر دا،

مادر ٻولي: ٿَر بَر جهنگل ڪر ڪجهه خوف خطر دا،

آکيس: نا پَل مادر مَين ڪُون، ڇوڙيم سانگا سِر دا،

مادر ٻولي: ڪو ننگ ڄاڻين، پورهيا پِرت نِڌر دا،

آکيس: بَخش اَمان ڪر مين ڪُون، صدقا ماءُ پِدر دا،

ماٺ کڻي ڪر مادر ! مورئون، ويک اهو رنگ دختر دا،

نال سسئي نا ”شير محمّد“ زور لڳا مادر دا.
 

مناظرو سُهڻي ۽ سس جو

(چيل لالو جو )

]هن مناظري ۾ ڄاڻايل آهي ته سهڻي دلي تي تري درياءَ پار ڪري، ميهار سان ملڻ ويندي هئي، ان جي خبر جڏهن سندس سس کي پيئي، تڏهن کيس طعنو هڻي چئي ٿي ته: تون جو روز ميهار وٽ ٿي وڃين ته لوڪ ڇا چوندو؟ تنهن کان سواءِ درياءَ جا خوفناڪ جانور هڻي ڦاڙي چيري ڇڏيندءِ، تنهنڪري توکي قسم ٿي وجهان ته اوڏانهن نه وڃ. سهڻي جواب ڏئي ٿي ته: ميهار مون کي سڪ جي اهڙي سرڪ پياري آهي جو لوڪ جي ميار جي مون کي ڪا پرواهه ڪانهي ۽ جي ويندي مُيس ته ساهڙ تان صدقي ٿيس. تڏهن سس ڪاوڙجي کيس چئي ٿي ته: هڪ ته خدائي ڏوهه ٿي ڪرين جو پنهنجو حق ڇڏي ڌارئين مڙس وٽ ٿي وڃين ٻيو ته جي تنهنجي مڙس ڏم کي خبر پوندي ته ماري وجهندءِ. ته سهڻي جواب ٿي ڏئيس ته: منهنجو مڙس ته ميهار آهي، جنهن سان ازل ۾ منهنجو نڪاح ٿيو، اهو ڏم ته مون کي زوريءَ ڏنل آهي. توهين ڇا به ڪريو پر آءٌ ضرور وينديس. ان تي سس چويس ٿي ته: جيڪڏهن ميهار سان تنهنجو اڳ نڪاح هو ته ڏم جي نڪاح وقت تو وڪيلن ۽ وارثن کي نڪاح جي قبوليت ڇو ڏني؟ ان وقت انڪار ڪرين ها ته ملان نڪاح ئي نه پڙهي ها. سهڻي جواب ٿي ڏئي ته: اهي ملان ته ظاهري ڳالهين ۽ مسئلن تي ٿا هلن انهن کي اندر جي قاضيءَ جي ڪهڙي خبر ! آءٌ تقدير جي ٻڌل آهيان توکي به توبهه ڪرڻ گهرجي. آخر ۾ شاعر انهيءَ سوال جواب جو نتيجو ٻڌائي ٿو ته: جڏهن سس ڏٺو ته هوءَ نٿي سمجهي، تڏهن ان جو پڪو دلو کڻي اتي ڪچو رکي ويئي. جڏهن سهڻي اڳينءَ هير تي انهيءَ دلي سان ويئي ته لهرين ۾ لڙهي ويئي ۽ درياءَ جي جانورن ۽ مڇين کيس کائي ڇڏيو.[

 

تمهيد

چڙهي چارئي يار، آيا مُنهن تنهين ميهار،

وجهي ونگ وڇير کي، ڏڌو کير ڌنار،

پيالا پي پُر ٿيا، مانجهي مرد متار،

ڄُلي ڄاڃي آئيا، پسي دونهين جي ته دوار،

اچي ائين اتانهون، لڳي محڪم کي مهار،

ته ڪا سُتِي گهرجي سوڻ ڪاڻ، ڪارڻ گهوٽ ڪنوار،

ڪا رتي رهي هئي رچ، سانڍي تنهن سُرتدار،

اوبر تي اصيلن جي، هئي تنهين منجهه تڪرار،

هِن نه پِيتي، هُن کي ڏني، سا وٺي چٽيندي چشڪار،

سرڪ ڪرايس سار، جيڪا پيتائين پرت مؤن.

 

سس

منڌ جهليندينءَ ميهڻا، تان اڃا تائين توڙ،

تو سِر ٺهندا سهڻي ! ڪي اڻ جڙائيندا جوڙ،

پار پراهُون پنڌ تي، ڊڪي وڃين ڊوڙ،

مانگر مڇ ميهر ٻجهن، خواجي اندر کوڙ،

ڊوهي اٿئي نه ڊوڙ، نُنهَن ! پرائي ننگ تي.

 

سهڻي

جيڪي ننگ نهوڙيون نِينهن، سي ڪيئن سانگا ڪن ؟

عشق مجازي مامرو، آهي جيءَ سان لڳو جن،

لاءِ مصلحت لوڪ جي، اهي ويڳاڻيون نه وتن،

توڙي سؤ طعنا ڏين، ته به سس ! رهي سگهنديون ڪينڪي.

 

سس

اهو ساهڙ توکي سهڻي ! ڪاٿئون ڪن لڳوءِ،

ڪنواري هئين ڪُٽ ۾، ڪين پرڻي کان ٿيئن پوءِ،

يا لانئن ۾ ”لالو“ چئي، يا پيڪن پڪ پڪوءِ،

ڇورِي ! لاڪون ڇَتڙن، يا نينهن ننڍي ئي هوءِ،

هاڙهي حق ڀڳوءِ، سو ڪاٽي ڏيندءِ ڪانڌ جو.

 

سهڻي

سر هيڻن سکڻا تون، ناحق رک نه بم،

تون تنهين جي تات ۾، ڇو وڙهي آهين مم،

ساهڙ سهڻيءَ سان هيو، اڳي کئون آدم،

لکيو لوح ميثاق جي، لاڪُون لوح قلم،

پڙهيو نڪاح منهنجو، هاديءَ ساڻ حڪم،

ڄائي پڄاڻا ڄم، پوءِ زور سان ڏنائون ڏم کي.

 

سس

جي ڏم نه وڻيو هئي ڏانوَ ۾، ته ڊوڙي ڪرين ها دانهن،

وجهين ها واڪا ڪري، تنهن ملان کي منانهن [2]،

ته ملان ”اللهم اِنّي“ نه پڙهي ها، ٻُڌي پرائي ٻانهن،

جڏهن وڪيلن وارثي، ٿي پڇيئي برسر پناهه،

تڏهن نُنهَنَ  ! ڪرين ها دانهن، ته اڄ قاضي ڪوڙو نه هئي ها.

 

سهڻي

کرو قاضي قلب جو، آخوند آهه اندر،

ٻيا پڙهن ٿا ٻين کان، ٻڌي عين اَپر،

لايئون لکن نا لام جون، اهو باب نه برابر،

اهي قاضي ناهن ڪواز ۾، ماسي ! ملان مگر،

ٻانهون ڏين ٿا ٻاجهه مؤن، ذيل ڪيون لئي زر،

تن نه اٿن توحيد ۾، ٿا ٻاڪارين ٻاهر،

ڪن ٿا ڪٿ ڪتابن تي، آهي جماعت جيڪر،

پوءِ سس  ! نه ٿي سڌر، تون ملن جي انهن مسئلن تي.

 

سس

چئي: حافظ حديثن جا، سي ڪن مئلام،

قاضي ڪهن ٿا قاف جو، سر منجهانئي سر،

جيڪا مڃيندي نه مصحف کي، سا ڪڍي ڪندا ڪافر،

ڏيهه مڙوئي ڏوهه سان، آهي بي ڏوهو ڏاتر،

”تيوڻو“ چئي تلقين جو، آهي بيشمار بحر،

ڪي ٿا ڪن ڪٿ ڪتابن تي، ڪن جو بدين تي باور،

ڪي ماڻين صبح مڪي جو، ڪي گنگا ڪن گذر،

ڪي جامع جماعتون ڪن، ڪي ڌرمسال ڌچرا،

ڳڻي ڳڻيندو ڪيترو، ڪو ڏاهو ڏهيسر،

باري بيحساب آ، ڪن ٿيون وڇوڙي ور،

ڪٿڻ ڪل ڪريم، جيڪو توريندو تڪبر،

تون ٽڪ انهيءَ تون ٽر، صدق ٽوڙ نه سهڻي !

 

سهڻي

سر ته ساهڙ ڄام سين، جن جو لڳو جو،

ڏوهه نه ٿيندو ڏم جو، ڪجهه تنهين کي ڪو،

ڪونه ڏٺو هوم ڪاٿهين، ڪو اهڙو پير پڪو،

ماڻهو ڪن مَڪو، مون ته حج هتي ئي ماڻيو.

 

سس

حج پڙهيئي پرحق نه رکيئي، تنهنجو حج نه ٿيندو ري حق،

وڃي پڇ پڙهين کؤن، اها ڪر پروڙي پڪ،

لوٽ بنا ”لالو“ چئي، طعام نه اچي ڪنهن تڪ،

اهي ٻوڙا ٻڌڻ سهڻي، اٿئي بيجاءِ بڪ،

ڪين وٽيندينءَ سهڻيءَ، ننهن ! منهنجون ناحق،

ماريندءِ مالڪ، تون ڇڏ ڏنگايون ڏم سان.

 

سهڻي

ور نه منهنجي وجهه جو، اهو ڏم مونکي نه ڏس،

اها منٿ متان ڪرين، جو مور نه مڃينديس،

سور نه ٿيندو سگهرو، مور نڪين ماڻس،

ڪِر ڪِر واري ڪانڌ کؤن، مونکي بنهه آهي بس،

اڄ کؤن اٿس، ڏاڙهيءَ وارو ڏم کي.

 

سس

ڀڳي ڪرڻ ڀتار سان، آهي زالن ڪاڻ ضرر،

ڪونه سُجهي ٿو سهڻي ! توکي ڏم سندو ڪو ڏر،

متان مورن کي پوي، انهيءَ ويڻ جو وڏر،

ڪين لاهيندو ”لالو“ چئي، تو ڏانهن ڏم ڏمر،

متان وڙهئي ور، ڪر دم ڦٽو ڪامڻ ! ڪانڌ سان.

 

سهڻي

ڏم ڏمريو ته گهوريو، شل ساهڙ تان نه رسي،

ساهڙ جي سوز جي اٿم، ڄر منجهه جيءَ جثي،

مر جان ڏم ڏسي، جو ڏيان سر ساهڙ ڄام کي.

 

سس

سهڻي ! سکندينءَ ڪينڪي، انهيءَ بينش تون ويندءِ ور [3]،

کِل خواري خلق جي، توکي ناهي ڪا نظر،

هڪ وڃين ٿي ور سامهين، ٻيو ناز ڪرين نينگر،

پادر پاڻيءَ پنڌ تي، ڪندءِ پروڙي پر،

مُک اهڙي ”لالو“ چئي، ٻي وائي ٿي ويتر،

ماريندءِ مگر، سِر هڻي ڪنهن سٽ ۾.

 

سهڻي

پرينءَ پريت جو ٿو، چڙو چُونگاري،

وجهي ٿو وير تنهن، ڏِيل منهنجو ڏاري،

ڪين ڪيو آ ڪست مون، سيءَ سندي پاري،

وڃان ٿي وير مان، منهن لڳ انهيءَ لاري،

پوءِ ميار نه ماري، جي مُئس ته صدقي ساهڙ ڄام تان.

 

سس

سمجهه سهڻي ! صبر ڪر، تون چري ٿي آن جوءِ،

مرندي انهيءَ مرم نه جيئن، مُٺي جڳ سڻاءِ جوءِ،

ڪچي تي ڪيترو ڪرين، اهو هٺ نه هلندوءِ،

لڳ ڌڻي ”لالو“ چئي، منهنجو عرض مڃ اهوءِ،

ساتي ويهه سرير ۾، ڄڻ ڪي ميهر مئوءِ،

هڏ نه ڪي هوءِ، ڄڻ گڏينءَ ڪين گمان سان.

 

سهڻي

اهي متيون ڏي پاڻ کي، جو ڪجهه نه ٿيندءِ ڪم،

پر پچار نه پنهنجو تون، ڌَنئُن ويٺي ڌم،

ڪين مرندو ميهار، شل ڏائڻ مري تنهنجو ڏم،

رکندو شاهه ڄرم، اٿئي نيّت نڀاڳي پنهنجي.

 

سس

مت لڳنئي ٿي مهڻو، تون ڇو ٿي ڇِنين پاڻ،

کُهه ميهر، کُهه مامرو، کُهه پئي تنهنجو پاڻ،

ڪي لکن ٿا ذات ’لغامڙو‘، ڪي آکن ٿا ’آراڻ،

تو ته وڃي ڪيو تڪڙو، سنگ ’ساهڙن‘ ساڻ،

هاڻي تون ئي ڄاڻ، ڪي ڄاڻي تنهنجي جندڙي.

 

سهڻي

لکيو لوح قلم جو، هوندو جنهن جي حق،

سا ماڻيندي سڀڪا، برابر بيشڪ،

”تيوڻو“ چئي تڪ، تون به توبہ ڪر تقدير کئون.

 

نتيجو

پوءِ ڪچو رکي ڪانهه ۾، ويئي پڪو پاڻ کڻي،

مصلحت هن سهڻيءَ جي، اڄ واحد کي نه وڻي،

اٿي اڳينءَ هيِر تي، انهيءَ مهل کڻي،

ڍَرِي ڍولئي پاس وڃي، دلو ڪنڌ کڻي،

پوءِ سڏيندي ساهڙ کي، ويئي منڌ مڻي،

هن جي باب بڻي، وڃي دادلي ڌنار ڏانهن.

 

هِنيون هنيائين ڇوهه مان، ٻانهون ٻئي ٻيهار،

ماهه نِيَس مڇئين، سسي نِيَس سيسار،

ڄرڪيون، ڏاهيون، ڏنڀرا، ٻيا شاڪو بيشمار،

ڪهڳل ڪانون جا هئا، ڪنڌيءَ اتي ڪپار،

پکين پنهنجي پر ۾، رنو زارو زار،

لهرين لڙهي ”لالو“ چئي، طرح انهيءَ تڪرار،

سائين سڀ جوڙي هئي، جوڙ اها جنسار،

ڪلمي جي آڌار، سڀ لنگهيندا لڪيون.

 

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

مناظرو سهڻي ۽ ڇُٽي پير جو

(چيل سهراب جو )

]سنڌ ۾ هلندڙ سهڻي جي قصي واري روايت ۾ عام مشهور آهي ته جتان سهڻي درياءَ ۾ گهڙي تار ترندي هئي، اتي ڇٽي پير جو تڪيو هو. ڇٽو پير، الله وارو هو ۽ درياءَ جي وچ ۾ مصلو وڇائي نماز پڙهندو هو. هڪ ڏينهن سهڻي اچي آڏو لنگهي ۽ ڇٽي پير جي نماز ڀڄي پئي. جنهن تي کيس هدايت ڪيائين ته حق ڀڃي ٻين پويان ڊوڙڻ روا نه آهي. ڇٽي پير جو مقام ”سهڻي واري درياءَ“ جي پراڻي پيٽ جي ڪنڌيءَ تي شهدادپور جي اتر اولهه طرف، ڳوٺ پانڌي هڱوري جي لڳ آهي.[

 

ڇٽو پير

ڪاري رات قرار، ڀوري ڀڄيو نڪرين،

ڇلا منڊيون موريون، جر نيندءِ جنسار،

جيڪو ڀانئين ٿي منڌ  ! ميهار، سو جهالُو ٿيندءِ نه جهول.

 

سهڻي

ڇُٽا  ! ڇينڀ نه ايترو، مونکي پَل مَ پِير،

نِيو نمازون پڙهين، ثابت مٿي سير،

ڪُٺيون جي تڪبير، سي گهارينديون ڪيترو  !

 

ڇٽو پير

تو جيڏيون، تو سرتيون، تن جو گهر سان گهارڻ هوءِ،

ڪڏهن نيندءِ ڪُن ۾، جو ساهڙ تو سُئوءِ،

سهڻي  ! ڳالهه سڃاڻي وڃ پوءِ، متان ٿئين ڪانياري ڪانڌ جي.

 

سهڻي

جي ڪانياريون ڪانڌ جون، سي اٿئي دَياريون دوستن ساڻ [4]،

عشق جي الول جو، اهو اٿئي اهڃاڻ،

ساهه ته ساهڙ ساڻ، ڏم سان ڏينهن نه هڪڙو.

 

ڇٽو پير

ڏم سان ڏنگايون، هاري ! ڪر مَ هيئن،

ڪامڻ ! پنهنجي ڪانڌ سان، ڪر محبت مٺايون،

ته تنهنجون چڱايون، سڀڪو ليکي سهڻي !

 

سهڻي

چڱي چڱايون ڪيون، مون سان ٿي ميهار،

دونهان يار ميهار جا، ٿا دؤنڪن منجهه درٻار،

اهڙا جاني جانڻ يار، ڇٽا ! ڪيئن ڇڏي ويهان.

 

ڇٽو پير

ڇوري ! ڇڏ ’ڇٽو‘ چئي، ڪوهه جُکايئي جيءُ،

توکي سُڌ نه صرافن جي، ڪن رُپي مجهان ريءُ،

ڏم کان پاسي مَ ٿيءُ، ته من ڪو ميڙي ۾ مانُ ٿئيئي.

 

سهڻي

مِڙي ويهندو مارڪو، ساندَهه سڀوئي،

ڪنديس حال حبيب اڳيان، وٽ پريان ويهي،

ڏم جِي ڏکوئي، تڏهن وڃان ٿي ساهڙ سامهين.

 

ڇٽو پير

پهي ڳهي پاڻ ۾، توکي ڏم ڇو ٿي ڏنائون،

صحيح ڪري ساهڙ سان، تنهنجا ورق نه واريائون ؟

مَ ڪر مَدايون، نه ته ٿيندينءَ ڪانياري ڪانڌ جي.

 

سهڻي

ڏيهه بنا ڏم سان، منهنجي پاهت نه پيئي،

جي ڇٽا ! لئون لڳيئي، ته اهي ورڌ ۾ وڃنئي وسري.

 

ڇٽو پير

لکين لئون لڳن، ته به ڇُٽو ورڌ نه وساري،

ڏکيا سکيا ڏينهڙا، ٿو پرين پنهنجي سان گهاري،

تو جيئن ڪونه ڪاري، جو هڪڙا حق ڀڃين ٻيون هوڏون هڻين.

 

سهڻي

حق ڀڃڻ هوڏ هڻڻ، هوڏ مَ ڀانئج هيءَ،

سڪ ته هڪڙي ساهڙ جي، ٻي جڙ ۾ لڳي جيءَ،

اهي سياري سيءَ، ساريان ڪين ”سهراب“ چئي.

 

ڇٽو پير

سيءُ نه سارين سهڻي ! ته به سيڻا هيا ڪن انديشو اپر،

متان نيئي منجهه ڪپر، ڪڏهن ٻوڙي هڻئي ٻار ۾ !

 

سهڻي

جي مون ٻوڙيائين، تنهن کؤن نابر ناهيان،

پيو پلين ٿو جنهن کان، وينديس اوڏانهين،

ساهڙ کان سائين، مونکي پَل مَ پير ! تون.

 

ڇٽو پير

پير پلئي ٿو سهڻي ! سڻج منهنجي ڳال،

سُرتيرِن ناهي سنڀال، جي واڳيتيون ورن سان.

جان تون ناڻي لَبِي آهين، جان تو پيتو کير،

اهڙو تنهنجو سير، جو وَر ڇڏيو واهُڙَ تَرين.

 

سهڻي

نه ڪو ناڻو ورتم، نه ڪو پيتم کير،

تون جي ڇٽو پير، ته کڻي لکيي مان لِک لاهه تون.

 

ڇٽو پير

ڪوهه ٻُڏين ٿي ڪُن ۾، ڊڄ ڌڻيءَ جي ڊاءِ،

ڏاڍو ربّ قهار اٿئي، باري بيپرواهه،

پيءُ پرڻايُئي پنهنجي، موڳي ! تنهنجي ماءُ،

حق ڀڃي هنن جا وڃين ڇاجي لاءِ،

سهڻي ! ڳالهه سڻاءِ، ساهڙ ڇا ٿيَئي سڱ ۾؟

 

سهڻي

سهڻيون سڀيئي، پيون ميهر ميهر ڪن،

ڪن پاند پسائيا، ڪي گهورون ڏيو گهڙن،

پر ميهر مِڙندو تن، جن سرن تان سانگا کنيا.

 
 

انوکن لفظن جي پٽي

نوٽ؛ ڏَنگين ۾ ڏنل انگ متن جا صفحا ڏيکارين ٿا. فعل جي اصلي صيغي کي ڏنگين ۾ رکيو ويو آهي.

الف

اَنهيرو(591): آکيرو.

اَور؛ وَڪڙ (536): پيچ.

اُتالو(279): اُٻهرو – اُتاولو.

اَتياري(492): ظالم – هچارو.

اَڙَل(59): هڪ بلا جو نالو.

اُکَلُن(447): ڊيهن- ٿونن.

اُماڙو(281): اُمُهاڙو -  بيڊولو.

اَميل(331): صاف – سچار.

اَمِينُگُ(83): بي انداز – تمام گهڻو.

اوتڻِي(358): ڍُڪ.

اُوڇل(279): بي ڊپو – بي ڌڙڪ.

اولائِي(593): بنا سنجن وهٽ (پلاڻي جو ضد).

ب

باٿڙو(131): چم جي ڳوٿري.

بَتَر(151): بد تر.

بَجَر(131): تماڪ.

بُونُ(532): دوناڙ – ٻُوٿ.

بَئش(431): بحث.

ٻ

ٻاجهئون(301): سواءِ.

ٻانڌارا(136): ٻِيڙين ٻڌڻ وارا.

ٻِرگهي(59): هڪ بلا جو نالو.

ٻُڪَنُ(182): گاهه جو قسم.

ٻوڙي(82): گاهه جو قسم.

ٻيڪَهه (ٻيڪهون)(82) :گاهه جو نالو

ٻُلَهڻُ (ٻلهيندا1361): ڌائڻ.

ڀ

ڀاروڙيُون(477): رڍون.

ڀَچُٽِي(72): گاهه جو نالو.

ڀِراوَن(27): ڀائرن.

ڀِڙَ(368): ڊِٻَ – دڙو.

ڀُڪَ(147): کنگهه.

ڀَمَنگُ(59): نانگ جو قسم.

ڀَوا(406): گهٽي – جاءِ.

ڀُوچَ(165): بُوزان – ڄٽ.

ڀُونگري(134): ٺڪر جي سلفي.

ڀيرٻَ(617): چٻَ.

ت

تَريُون(59): ناڪيليءَ جون ڪاٺيون.

تِڪو(126): ذرو.

تَلِيهر(59): هڪ بلا جو نالو.

تورُ(306): بار – ڳڻتي.

ٿ

ٿاڦان(26): مٽيءَ مان ٺهيل گول ٿالهيون، جن سان آويءَ ۾ ٿانوَ ڍَڪجن.

ٿکَڙ(368): نار جي هڪ ڪاٺي.

ٿَنڀِري(368): پانجاريءَ جي هڪ ڪاٺي.

ٽ

ٽاڻِ(346): جهيڙو – حجت.

ٽوپُ(82): گاهه جو نالو.

ٺِيڪَڻ(165): واتراڌي – بَڪ ڪندڙ.

ٺ

ٺانگَرُ(350): نڪار (ڏاند).

ٺَٺَ(355): ڪَنڍي

ٺِهرو(603): هڪٻئي مٿان رکيل طس. گهرڙو.

پ

پاراپو(457): پيٽ پارڻ جو وسيلو.

پاسارا(192): سَير – گشت.

پانجِي(424): پنهنجي.

پاهُون(57): پوئتي.

پائِڻو(355): ڊگهي ڪاٺي – ڪايو.

پَرٿَڻ(360):

پَرڌائون(72): پرجهائون.

پَرياڻ(622): اهڃاڻ.

پُڙدَ(113): ڳُجهه،

پَڳِرَ(322):پڳن ٻڌڻ وارا مڙس.

پَليرو(127):

پَها(475): پيچرا.

پَهارَ(353): هَرَ جي هڪ ڪاٺي.

پُئِي(153): ڪاڪوس.

پِيندون(558): پوندين.

ج

جَنجارو(316): جنجال – آزار.

جَنگوُ: ڪنگر.

جوڪس(55): جيڪر – شايد – لاشڪ.

جِيم(123):

جهه

جهارا(305): لامارا.

جهَڙڳو(85): باهه – ڀڙڪو.

جهِلَ(82): گاهه جو نالو.

جهِلُورو(82): گاهه جو نالو.

جهِنجهَڻ(83): گاهه جو قسم.

جهَنوَڻُ(249): ڦيري-آڪڙ

جهَنگار(407): جهنگ جون .

جهُوپَٽُ(82): گاهه جو نالو.

جهُوڙُ(59): هڪ بلا جو نالو.

جهونتري(459): ڦيڻو.

چ

چاتَ(265): دشمني– وير.

چانهَڪَ(82): گاهه جو قسم.

چَٻڙاٽا(225): چڪ وات – جهٽ.

چُوٽَ(278): چور – بدمعاش.

چُرٽِي(354): لُچِي.

چِمر(482): اُٺ جي ناڪيليءَ ۾ پيل ٽوڙهو.

چَمَڪَ(82): گاهه جو نالو.

چُوپو(82): گاهه جو نالو.

چوپهَن(472): ڪاٺي (ف. چوب).

چوڄَ(123): چاهه.

چُهِنگُون(355): چوڪون.

چَهواٽا(140): جهٽ – ڏڙهيون.

چيتارڻ (چيتاري)(141): ويچارڻ.

چِيچا(231): هڪ ننڍڙو پکي.

چِيڻوٺي(83): گاهه جو نالو.

چِيهان(278): دانهون.

چِيهو(82): گاهه جو نالو.

ڇ

ڇاڙي(188):

ڇانهَر(348): سستي.

ڇائِلَ(46): جلدي.

ڇُرڙُ ٻِج(350): گڏ وچڙ ٻج. گڊو نسل.

ڇُڙتَل(290): بي لڄي – نانگي.

ڇيٽي(560): وڇوٽي – فرصت – واندڪائي.

ڇِيَن(363): ڇِيهَن.

ڇيوَڻ(24): سڳو، جنهن سان چڪ تان ٿانوَ ڪورجن.ڇيڻ - کيڻِ.

خ

خِريب(717): فريب – دولاب.

د

دُراوَ(27): ڪنڀارڪي ڪم جو هڪ اوزار.

داڙُون(192): ڇوٽڪارو ڏياريندڙ – نجات ڏيندڙ.

دالِي(622): دادلي.

دانگُ(32): داغ – ٽڪو – ڪارنهن.

دانگو(5): ڪارَنهن لڳل – عيبدار.

دُراڙيون(315): ڪِرڙيون.

دُرڙي(219): لُچي.

دُرَهڙي(151): دُرڙي – لُچي.

دَلو(626): گار جو لفظ.

دُونهارڻ(644): ڪانءَ ڪڻڇي (پکي) – دونهائي.

دَهڪائڻ(285): ڦهڪائڻ. دَسڻ.

ديميون(478): فوجون.

ڌ

ڌاڃُورو(82): گاهه جو نالو.

ڌالو(82): گاهه جو نالو.

ڌڄ ڌاما ٿيڻ(126): نالو ٿيڻ.

ڏ

ڏاٽو(82): گاهه جو نالو.

ڏار(434): دال.

ڏاڙهي ڌئي اُٿڻ(589): ڏاڙهيءَ جو قَسم- اٿي کڙو ٿيڻ (جهيڙي لاءِ).

ڏاڪِي(140): ڏائڻ.

ڏانگ(225): ڊگهي ڪاٺي.

ڏائِي ڏيڻ(195): آڻ مڃڻ.

ڏَڙهيُون(100): دڙڪا.

ڏِنگاڇرو(355): اَهنڊ – ڏنگو.

ڏُورا(267): خراب نموني-اڍنگو

ڏوڌي(483): ڪَڪَر – وَڍُ.

ڏوهيُون(289): ڏوهه.

ڏؤڻڪ(344): وَڍ – آزار.

ڏَهِي ڏيڻ(577): ساهري گهر وڃڻ وقت سسُ جو گهوٽ کي نراڙ تي ڌؤنري جو ٽڪو هڻڻ.

ڏِيُر(82): گاهه جو نالو.

ڊ

ڊَنڀُون(355): زنب – پٿر.

ڊِٺ(380): ضد.

ڍ

ڍانڍَڻ(204): جهوپڙي.

ر

راچُڙ(400):

رانباهه(225): رڙيون.

رُکاڻِي(512): رکي ماني کائڻ – رکاڻ.

روَڻِ(354): پاڻيءَ جو گهارو.

رِهَندا(52): هٿ جا ڏنل نقد پئسا. حقي.

رَهو(258): رَسُ.

ريڏِي(92): دغا.

س

ساڙول(452): حاسد.

ساڙهيون(275): ڪِنگريون – چونريون.

ساڪُڙ(23): آويءَ ۾ وڌل ٿانون جي قطار – سيڪڙ.

سالَ(270): ڀَلِي – سُٺِي.

سانڀيتا(55): سنبتون سعيا.

سانٽو(275): چمڙي جو چهبڪ.

ساوِڙي (ساوڙين): گاهه جو نالو.

ساوَلَ(82): ساوَڪ.

سانئِر(416): شاعر.

سُچَر(357): ڍؤ تي چرندڙ.

سَڙهَه(350): ڪميڻو.

سَڪِيلا(115): تلوارون.

سِگهڙيا(59): نانگ جو قسم.

سِڱيون کوڙڻ(314): ختم ٿيڻ.

سُڀُوڙي(83): گاهه جو قسم.

سُلڪائِڻ(130): دُکائڻ.

سَمُونجهه(318): سمجهه

سَمَهاڙي(392): سڻائي.

سِنجُ(82): گاهه جو قسم.

سنڍورَ(268): سنڀال- پرداخت.

سَنگليون(267):

سَنگهيڙو(287): سنگت جو ٽولو.

سِڻَ(83): گاهه جو نالو.

سوناري(59): هڪ بلا جو نالو.

سُونگڙو(82): گاهه جو نالو.

سِيارِجُ(82): گاهه جو نالو.

سيههَ(384): سيڙهه.

سوڄِي(147): سوڄ – ٿوٿَر.

ش

شِدو(146): شدت – ضد.

ف

فَڪل(360): فريب – دولاب.

ڦ

ڦاڙهه(82): گاهه جو نالو.

ڦَرڦُل(82): گاهه جو نالو

ڦَڙِيهه(82): گاهه جو قسم.

ڦَڪرا(44)کا – پڌرا.

ڦَڪل(309)اب – ڦند.

ڦُونڌو(574).

ڦُونهاري(82)هه جو نالو.

ڦيٽان(250)ڙ – جهِڳي.

ڪ

ڪاپو(417): پورهيو.

ڪاچڙا(172): قِصا – بهانا.

ڪالاچ(82): گاهه جو هڪ قسم.

ڪانگارو(305): ٽان ٽان.

ڪانئِلُ(82): گاهه جو نالو.

ڪَٻَهه(82): گاهه جو نالو.

ڪَتَر (ڪترن)(131): ڪئنچي.

ڪَتَڻ(82): گاهه جو نالو.

ڪِراڃُ(82): گاهه جو قسم.

ڪُرٽو(380): بي همت. بيحال.

ڪَرڙ(36): سخت ڪاوڙ.

ڪِرمان(482): لشڪر.

ڪَرن(82): گاهه جو قسم.

ڪُرنڊَ(59): هڪ بلا جو نالو.

ڪُريز(319): بازن کي قيد.

ڪَڙڳَهُه(236): هڪل. آواز.

ڪُساک(236): ڪُوڙو.

ڪَشُوم(204): وير – دشمني.

ڪَڪڙو(82): گاهه جو نالو.

ڪُلمار(59): هڪ بلا جو نالو.

گ

گَٺَ(157): سوراخ – سَل.

گرڍ(410): گِيساٽا – نشان.

گُوار گُداڙي(83): گاهه جو نالو.

گورَ وَهڻ(355): ٻين وهٽن سان گڏجي وهڻ.

گوڪڙ (ٿ) (456):

ڳ

ڳاتَ(279): گهمرو – لوڏو.

ڳاڃڻ(590): ٽڪر ٽڪر ڪرڻ (مڇيءَ کي).

ڳَڀُورَ(103): لاسڙياٽ – جوان.

ڳَرَهَڻُ (ڳرهي) (331): حال اورڻ.

ڳوڌا(194): پهلوان.

گهه

گهار(354): غار – چُر.

گهاڻِ(266): گهاڻو.

گهاڻي وجهڻ(100): مصيبت وجهڻ.

گهُٻَڻِ(331): کانڀاڻي.

گهُڃَ(344): مينهن جو قسم.

گهَمڻ(82): گاهه جو نالو.

گهوتا (گهوتن) (471): غوطا.

گهوگهاوَل(279): ول جو هڪ قسم – گهوڙاوَل.

گهُونگهَٽَڙِي(83): گاهه جو نالو.

ل

لال لوهارڻ(644): پکي جو نالو.

لانٺيو(82): گاهه جو نالو.

لَٻَرَ(80): رليون.

لقو لڳائڻ(457): منافقي ڪرڻ.

لڳي ڀڳي نه گهٽائڻ(604): وت آهر نه گهٽائڻ.

لَلهڪڻ (للڪهن) (59): لهريون ڏيڻ.

لوڊو(59): هڪ بلا جو نالو.

لُونجهَه(318): ڳڻتي. پچار.

لوهاري(159): هڪ بلا جو نالو.

لُوئر(59): هڪ بلا جو نالو.

لِهَه(26): مٽيءَ جي راٻڙي، جنهن مان مٽ يا دلي تي تهه چاڙهجي – لِيهه – ليء.

لِهي ڇَڏڻ(278): رکي ڇڏيو.

ليزم(646): شرمسار.

ليڱِڻا(279): ليڏوڻا.

ليلِي(626): جهرڪي.

ليهي لڳڻ(619):

م

ماڇنگ(83): گاهه جو قسم.

ماري مائِين ڪڻ(648): هڏ گڏ ڀڃي ڇڏڻ.

مانڊو(459): پاڙهو – جهاڙ وجهندڙ.

مانهه(322): ماس.

ماهو(285): مات. مئل.

مَراڙِي(80): سرهيو. مڃارڪو سامان وڪڻندڙ.

ڪ

ڪُنڀارَڻ(59): هڪ بلا جو نالو.

ڪَندُون(558): ڪندين.

ڪُوار(216): گِلا.

ڪُودَڪَ(: ڇوڪرو – معصوم.

ڪورڙ: پوک جو هڪ نمونو.

ڪوڪِڙ: سڪل پيرون.

ڪُونهيري: هڪ بلا جو نالو.

ڪَوِيسَر: عقلمند.

ڪَوِيهه: گاهه جو نالو.

ڪَهوَت: ڳالهه – ڪَوَت.

ڪيڙُ: ڪٽنب – پُري.

ڪِينجهر: گاهه جو نالو.

ڪِيڻَ: تَر – سينوَر.

ک

کاهُه: دشمني. وير.

کُٿاب: مدرسو – خطابخانو.

کَٿَمان: ختما.

کِپَ: گاهه جو نالو.

کِدا: پيالا.

کُڊاڻو: سَڙيو – حاسد ٿيو.

کَرسو: گاهه جو نالو.

کِڙي وڃڻ: تاري وانگر تمام تکو وڃڻ.

کَواس: رذيل. تڪما.

کوسڙا: موچڙا.

کوسڙا کائڻ: موچڙا کائڻ.

کوئِيد: تازو سائو گاهه جَوَ (گاهه)

کَهَٽَ: حرڪت.

کُهيد: سائو گاهه.

کيڏُڻو: رانديڪو.

کيهَه: گاهه جو نالو.

م

مُٽڪو: مُترڪو.

مُجرو: مشاهدو. تماشو.

مُدا اٽڪائڻ:  جهيڙا ڪرڻ، وات ڏيڻ.

مَري: موت. بيماري.

مَستڪَ: مٿو.

مڪ: موڪ – گهڻا.

ملهيرا: پاڻ ملهائيندڙ.

مَناهه: منع.

مُنجَڻ (مُنجندو): موڪلڻ.

مِنهُه: بهانو.

مُنهن تي رُڪ ٻڌڻ: منهن جو ڏاڍو ٿيڻ. بيحياء ٿيڻ. ڪنهن جي نه مڃڻ.

مُونگهٽ: هڪ گاهه جو نالو.

مونو: گاهه جو نالو.

مِيڻو: گاهه جو نالو.

ن

ناڙي: سنڌ جي اُتر ۾ هڪ علائقو.

ناهَر: بگهڙ.

نانڀون هڻڻ: پاڙون هڻڻ.

نَپڻ (نَپي): وَڍڻ.

نِڌو: گاهه جو نالو.

نقلان پوڻ: چٿرون ٿيڻ. ڳالهيون ٺهڻ.

لِلائي: بدي. نالائقي. گلا.

نِندَ: اصل.

نُونَرُ: ڍِڳُ.

نهڙو:

نُهَنڊوُن: رَهڙوُن.

نيڙي: ويجهو.

و

واڇِرِي: هڪ بلا جو نالو.

وَڏَنوَ: وڏائي.

وِرگهي: هڪ بلا جو نالو.

وِنجهُلِي: مُرلي.

وِڻاءُ: جهيڙو.

ويڌ: ويڌن. نقصان.

ويڌَڙَ:

هه

هائي: ث. صفت: هاءِ يا مصيبت پيل. ماريل.

هڏتري: اُٺ.

هراري: هيراڪ.

هُڙڪيو: رُليو.

هزارداڻِي: گاهه جو نالو.

هِڪَ: هِڏڪي. ڊَپُ.

هَلَڪُون: گهوڙي جون زِيلون.

هنش: ٻٽاڪون.

هَنش هڻڻ: ٻٽاڪ هڻڻ.

هَنيو، هنيا: هنيل. ماريل.

هور: اوسيڙو – ڳڻتي.

هيرا:ڦيرا-گهمرا

هيلهه: هن مُند – هن سال – هيل.

هيهات: هاءِ هاءِ.


* . هن مناظري جي روايت وچولي (تعلقي شهدادپور) مان شاعر جي ڀائٽيي ”ظفر“ بلوچ کان ملي.

. شير محمد لغاري، ڳوٺ غلام شاهه لغاري تعلقي سڪرنڊ ۾ 1298هه/1880ع ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ نَقر تعلقي سڪرنڊ ۾ حاصل ڪرڻ بعد پراڻن هالن ۾ آخوند محمد موسيٰ پڃاري ۽ پوءِ قاضي خان محمد وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائين. شاعريءَ جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هيس. سندس ڪلام گهڻو ڪري ڊگهن بيتن، مداحن ۽ ٽيهه اکرين تي مشتمل آهي. ڳوٺ ۾ لاڳيتين ٻوڏن اچڻ سبب اباڻي ڳوٺ گل محمد لغاري تعلقي شهدادپور ۾ اچي رهيو. سندس گهڻوئي ڪلام قلمي نسخي جي صورت ۾ هئو جو سندس پوين کان گم ٿي ويو. 65 ورهين جي ڄمار ۾ سنه 1945ع ۾ وفات ڪيائين.

[1] . آکيس = سسئي جواب ڏنو.

* . ”ديوان حفيظ“ 1908ع جي ڇاپي تان ورتل.

. لالو فقير جو اصل نالو لال بخش، ذات تيوڻو ڳوٺ ڏاتو تيوڻو تعلقي وارهه جو ويٺل هو. پاڻ بلڪل اڻ پڙهيل هو، جوانيءَ ۾ همت ڀريو هو، پنهنجو مال پاڻ چاريندو هو. مال ۾ مينهن سان ايتري محبت هوندي هيس جو انهن کي مومل، هير، سهڻي، سسئي وغيره نالن سان سڏيندو هو. ماتا جي بيماريءَ ۾ اکين کان نابين ٿي پيو تنهنڪري هو ’شاهه گودڙئي‘ تي اچي رهيو. اتي رهي دعا گهرندو رهيو. چون ٿا ته اتي ارشاد ٿيس ته تنهنجي دعا قبول پيئي، هاڻي موٽي وڃ ۽ تون لالو فقير نه، پر حفيظ آهين. اتان ڳوٺ آيو ۽ شاهه گودڙئي جي ساراهه ۾ شعر چيائين. سندس ڪلام بيتن، ڪافين، قصي مومل راڻي وغيره تي مشتمل آهي. ڪلام ۾ تخلص طور ”حفيظ تيوڻو“ ۽ ”لالو“ ڪم آندو اٿس. اندازي موجب 60-61 ورهين جي ڄمار ۾ 1890ع ڌاري وفات ڪيائين.

[2] . منانهن = جهل، روڪ، منع.

[3] . بينش = بحث.

. مناظري مان معلوم ناهي ته شاعر سهراب ڪير هو ۽ ڪٿان جو هو. اهي بيت ڪافي آڳاٽا آهن. غالباً شاعر سهراب شهدادپور ۽ ٽنڊي آدم واري جوءِ جو هو، جنهن مقامي روايت موجب اهي بيت جوڙيا آهن.

[4] . دياريون = دل واريون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org