سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :10

[24]

سهڻي آئي هئي سير لئي، تڏهن دهڪيو پئي درياءَ،

پوءِ جڏهن ساهڙ ڏنيس صلاح، تڏهن سهڻي نه گهڙي سير ۾.

 

سهڻي = ڪاتي. درياءُ = آسمان.

ساهڙ = الله پاڪ. ساهه = امر.

نه گهڙڻ = نه وهڻ.

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ڪهڻ لاءِ ڪاتي آندي ويئي، اها روئداد ڏسي آسمان ۾ زلزلو مچي ويو، پر جڏهن ڪاتيءَ کي الله تعاليٰ جو حڪم ٿيو ته نه وڍ! تڏهن ڪاتي سير وجهڻ ۾ ناڪام ٿي.

 

[25]

جڏهن سهڻي گهڙِ ٿي سير ۾، تڏهن درياهه ڏنس دڙڪو،

درياهه نه ڏئيس ها دڙڪو، ته سهڻي گهڙي پئي ها سير ۾.

 

سهڻي = ڪاتي. سير = سسئي. درياهه = الله تعالي.

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام جي مٿان ڪاتي رکي ذبح جو ارادو ڪيو ويو. تڏهن الله تعاليٰ ڪاتيءَ کي حڪم ڪيو ته حضرت اسماعيل عليہ السلام جي مٿان نه ويهه. جيڪڏهن اهو دڙڪو ڪاتيءَ کي نه ملي ها ته ضرور حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ذبح ڪري وجهي ها.

 

[26]

ليلان چنيسر جي چڱائيءَ ۾، چنيسر کي ڪاوڙ ۽ قصور،

جهڻڪان جهليو هوءَ ويچاري، وڃي پئي وهلور،

تڏهن پاڻهي پلٽجي پيئي، جڏهن دلبر ٿيس دور،

چاهت رکي ”چاڪر“ چئي، محب ڪيائين منظور،

پوءِ چنيسر ڪيو ڪلور، جو لوڌي ڇڏيائين ليلان کي.

(چاڪر علي)

 

ليلان = ڪاتي. چنيسر = حضرت ابراهيم

عليہ السلام. دلبر = حضرت اسماعيل عليہ

السلام. محب = دنبو.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام، حضرت اسماعيل عليہ السلام کي سمهاري ڪاتي ڪڍي وهائڻ لڳو. پر ڪاتيءَ کي امر الاهي ٿيو ۽ هوءَ ڪانه وهي. اتي حضرت جن کي سخت غصو آيو ۽ ڪاتي دوباره وهائڻ لڳو. ان دفعي خدا تعاليٰ جي حڪم سان حضرت اسماعيل عليہ السلام جي جاءِ تي گهيٽو آيو ۽ اهو ذبح ٿيو. ذبح ڪرڻ کان پوءِ حضرت جن جوش مان ان ڪاتيءَ کي اڇلايو ته هوءَ غائب ٿي ويئي.

 

[27]

ليلان جو ڪونروءَ ان، اچي ٿيو تڪرار،

چنيسر چڙ ڪري، ڪاوڙجي ٿيو قهار،

ليلان سان ”لهار“ چئي، لڳي ويو لاچار،

مڻيو تنهن منڌ کي، ڏنئون هٿن ۾ هار،

اهو الاهي اسرار، جو ڪامڻ ڪانڌ ڪڍي ڇڏيو.

(الهار)

 

ليلان = ڪاتي. ڪونرو = سسي.

چنيسر = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

مڻيو = گهيٽو. منڌ = حضرت اسماعيل

عليہ السلام.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ذبح ڪرڻ لاءِ ڇريءَ کي سسيءَ تي وهايو، پر ڇري نه هلي تڏهن ڪاوڙجي پٿر تي هنيائين، آخر خدا تعاليٰ جي حڪم سان بهشت مان گهيٽو آيو، جنهن تي ڇري هلي. حضرت اسماعيل زندهه رهيو.

 

[28]

مينڌري مومل کي، چيو ساڻ چپن،

راڻيون روءِ زمين جون، سي ڪار مڙئي پيون ڪن،

جيئن تون مئي آهين ”مهر“ چئي، تيئن مئي ڪانه منجهن،

پر موڪل کي مينڌري جي، ريجهايو رمزن،

ڳالهه اِها پيا ڪن، ماڻهو سڄي ملڪ جا.

(مهر)

 

مينڌرو = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

مومل = ڪاتي. راڻيون = ڪاتيون.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام ڇريءَ کي چيو ته: دنيا جون سڀ ڇريون وهنديون رهن ٿيون، تون ڇو نٿي وهين؟ ڇريءَ جواب ڏنو ته اي نبي سڳورا! آءٌ خدا تعاليءِ جي حڪم ڪري بيوس آهيان.

 

[29]

سهڻيءَ تنهن ساهڙ کي، جوڙي ڏنو جواب،

اڳيان آهي دريءُ دادلو، جنهن جو جهلي نه سگهان تاب،

ڪهڙي ساڻ حساب، آءٌ ڪاهي پوان ڪُن ۾.

 

سهڻي = ڪاتي. ساهڙ = حضرت ابراهيم

عليہ السلام. درياءُ = الله تعاليٰ جو حڪم.

ڪن = سسي.

 

مراد: ڪاتي حضرت ابراهيم عليہ السلام کي جواب ڏنو ته مون کي الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته مڏي ٿيءُ، تنهنڪري ئي آءٌ بيوس آهيان ۽ حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ذبح ڪري نٿي سگهان.

 

[30]

ويسوري ۾ ويهي رهيو، پڇيائين کؤن ته پنهوار،

اَحڪام ادا نه ٿي ڪرين، نرتئون اهو نروار،

مان ته مارو ڄام جي، آهيان انهيءَ جي اختيار،

ويتر ٿيان واڌار، جاءِ انهيءَ ”جانڻ“ چئي.

(جانڻ کٽي)

 

ويهي رهيو = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

ڏانهن اشارو. پنهور = ڪاتي.

مارو ڄام = الله تعاليٰ.

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام ڪاتيءَ کان پڇيو ته تون هر جاندار تي وهين پر هينئر ڇو نٿي وهين؟ ڪاتيءَ جواب ڏنو ته آءٌ خدا جي حڪم ڪري ئي بيوس آهيان.

 [31]

گجر گنوايا ڪيترا، ڪيئي نهوڙيا ناتر،

”جانڻ“ چئي جڳ ۾، هئي اُخواني ته اپر،

پوءِ کڻي نه پئي گام گجر، جڏهن روءِ راڻي جي چڙهي.

(جانڻ کٽي)

 

گجر = ڪاتي. راڻو = حضرت اسماعيل

عليہ السلام.

 

مراد: ڪاتيءَ ڪيترائي جانور ذبح ڪيا هئا، مگر جڏهن حضرت اسماعيل عليہ السلام، اڳيان آيس تڏهن وهڻ کان جواب ڏيئي ڇڏيائين.

 

[32]

عمر مارئيءَ ساڻ، هيڻو ڪيو حال،

سڻي ماڃوٺا مارئي، ڪر لِڱ سڀوئي لال.

ٿي فهميدي في الحال، کائج کاڄ ”کٽي“ چئي.

(کٽي)

 

مارئي = ڪاتي. کاڄ کائڻ = سري وڍڻ.

 

مراد:  حضرت ابراهيم ڪاتيءَ کي چيو ته تون حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ڇو نٿي ذبح ڪرين؟ تون حضرت اسماعيل عليہ السلام جي رت ۾ ڀرجي ڳاڙهي ٿي وڃ ته مان به الله جو امر پورو ڪريان.

 

[33]

عمر آندي مارئي، سڪ منجهئون سهجاءِ،

ماڻو ڇڏ مارئي! تون عمر سان ڳالهاءِ،

”منگهن“ چئي محبوب سان، نينهن چڱو ئي لاءِ،

اهڙي توکي جاءِ، ڪڏهن ملندي ڪانه ڪا.

(منگهن)

 

عمر = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

مارئي = ڪاتي. عمر = حضرت ابراهيم عليہ السلام

محبوب = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام ڪاتيءَ کي حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ڪهڻ لاءِ آندو پر ڪاتي نه وهي، تڏهن کيس شاعر ٿو چئي ته اي ڪاتي! تون حضرت ابراهيم عليہ السلام جو چوڻ ڇو نه ٿي ڪرين؟ ههڙو موقعو وري ڪڏهن به ڪونه ملندئي.

 

[34]

هڻ حبيب هٿ کڻي، تون ٿيڪ مَ ٿورو لاءِ،

پرين! تنهنجي گهاءِ، مان مران ته مانُ لهان.

(شاهه)

 

حبيب = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

مان = حضرت اسماعيل عليہ السلام ڏانهن اشارو.

 

مراد: جڏهن حضرت اسماعيل عليہ السلام کي حضرت ابراهيم عليہ السلام، ذبح ٿي ڪيو تڏهن حضرت اسماعيل عليہ السلام پنهنجي والد جي پڌري محبت ڏسي فرمايو ته توهين منهنجو خيال نه ڪري آسرو لاهي، بي ڌڙڪ ٿي ڪاتي وهايو، جيڪڏهن آءٌ اوهان جي هٿن سان ذبح ٿيندس، ته الله تعاليٰ جي حضور ۾ وڌيڪ مانائتو ٿيندس.

 

[35]

کڻي وڃ ته خوش ٿئي، هاڙهي ۾ بلوچ،

سگهو وڃي پهچ، مهل ۾ ”موريو“ چئي.

(موريو)

 

کڻي وڃ = گهيٽي ڏانهن اشارو. هاڙهو = مڪو.

بلوچ = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام جڏهن حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ذبح ٿي ڪيو تڏهن جبرئيل کي خدا تعاليٰ جو حڪم ٿيو ته يڪدم گهيٽو بهشت مان وٺي وڃ ته حضرت اسماعيل عليہ السلام جي عيوض ذبح ٿئي ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام خوش ٿئي.

 

[36]

وٺو راهه رسول جي، جا جڙيل آهي جوڙَ،

ملڪان کي منهن تي اچي، سيفل رکي سوڙهه،

سا ڪيئن گڏجي هلي غازيءَ سان، جو ديو ڪري پيو دوڙ،

اِها ته هئي لکئي جي لوڙَ، ساڌ به ملايئين سيفل کي.

(احمد خان مري)

 

ملڪان = ڪاتي. سيفل = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

غازي = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

ديو = خدا جو حڪم. ساڌ = گهيٽو.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام ڪاتي کڻي اچي حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ڳچيءَ تي رکي، ڪاتي ڪانه وهي، ڇاڪاڻ ته خدا تعاليٰ جو ڪاتيءَ کي وهڻ جو امر نه هو. پر پوءِ حضرت ابراهيم عليہ السلام کي بهشت مان گهيٽو اچي مليو ۽ ان کي ذبح ڪيائين.

 

[37]

اول نالو الله جو، ٻيو ته محمد ڪيائين مهندار،

”احمد“ بيٺو عرض ڪري، تنهن جي به سڻندو سردار،

مارُن منجهان مارئي، آندي هئي وينجهار،

ڏنئينس طعام طلب مان، نٿي کائي پهنوار،

اهڙو کاڄ نه کاڌو هوندئي ڪڏهن، ڇو ٿي آهين نار! نڪار.

هن جو ڀلو ڪيو ڀتار، مليس ميوو ملير جو.

(احمد خان مري)

 

مارو = ڪپ ڪاٿيون. مارئي = ڪاتي.

وينجهار = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

طعام = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

ڀتار = رب پاڪ. ميوو = گهيٽو.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام کي خدا تعاليٰ قرباني ڪرڻ جو حڪم ڪيو هو، حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ذبح ڪرڻ لاءِ وٺي ويو ۽ مٿس ڪاتي وهايائين، پر ڪاتي مڏي ٿي پئي، آخر رب پاڪ هن جي فرمانبرداري ۽ سچائي ڏسي کيس جنت مان گهيٽو ڪهڻ لاءِ ڏياري موڪليو.

 

[38]

عمر ماس ڏنوس، پر مور نه کاڌو مارئي،

آواز عجيب جو، ڪو جو ڪن پيوس،

مهل تنهين ”مري“ چئي، توشو طعام مليوس،

پوءِ عمر کڻي اڇليوس، ٻهڳڻ کي ”ٻروچ“ چئي.

(مري)

 

عمر = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

مارئي = ڪاتي. عجيب = الله تعاليٰ.

توشو = جنت جو گهيٽو. ٻهڳڻ = ڪاتي.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام حضرت اسماعيل عليہ السلام تي ڪهڻ لاءِ ڪاتي کي گهڻو ئي هلايو. پر هن کي اَمر نه هو، تنهنڪري نه وهي. قدرت سان جبرئيل بهشت مان گهيٽو کڻي آيو ته ان تي وهي ويئي. حضرت ابراهيم عليہ السلام نڙگهٽ جي سير جو آواز ٻڌي جوش ۾ ڪاتيءَ کي کڻي اڇلايو.

 

[39]

ليلان چنيسر جو، چيو ڪيو نه ڪين،

منهن نه پئي محبوب جي، ڏنائين پٺي پرين،

پوءِ ايندي عجيبن، ويندي وداع نه ڪيئين.

 

ليلان = ڪاتي. چنيسر = حضرت ابراهيم عليہ

السلام. محبوب = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

عجيب = دنبو.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام، حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ڪهڻ لاءِ زمين تي ليٽائي ڪاتي وهائڻ لڳو، پر ڪاتي خدا جي حڪم سان اُبتي وهڻ لڳي، ملائڪن، حضرت اسماعيل جي جاءِ تي دنبو آڻي رکيو ته ڪاتي وهندي ڪابه دير نه ڪئي.

 

[40]

چيو چنيسر جو، ڪين نه ڪيائين،

مٺي ڏئي پرينءَ کي، مور نه مڃيائين،

ڪن جو ڏٺائين، ته وڌئين منهن مڻئي ۾.

 

چنيسر = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

ڪيائين = ڪاتي ڏانهن اشارو.

مڻيو = گهيٽو.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام جي وهائڻ لاءِ بلڪل نه وهي، پر جڏهن جبرئيل گهيٽو آندو تڏهن ان کي ذبح ڪرڻ ۾ ڪا دير نه ڪيئين.

 

[41]

سنهن اٿم ميان سومرا! مون کي اهي ڏيهيءَ جو ڏورو،

عمر اُماڻ امانت سان، مون کي پهرائي جورو،

پوءِ ٿيو ٿڪيءَ تي ٿورو، ڏسو رنگ ”راڄڙ“ چئي.

(راڄڙ)

 

سومرو = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

ڏيهيءَ جو ڏورو = خدا جو حڪم.

عمر = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

جورو پهرائڻ = معاف ڪرڻ. ٿڪي = ڪاتي.

ٿورو ٿيڻ = بهشتي گهيٽي جو اچڻ.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام ڪاتيءَ کي حضرت اسماعيل عليہ السلام تي نه وهڻ سبب گهڻو ڇينڀيو. ڪاتيءَ چيو ته مون کي وهڻ جو حڪم ڪونهي. تنهنڪري مون کي ڇڏي ڏي، پر جڏهن ان جي اڳيان بهشتي گهيٽو آيو ته ذبح ڪرڻ ۾ دير نه ڪيائين.

 

[42]

اوٺي اُٺ هلائي، وڏي زور زَير،

موڳيءَ کي انهي ميدان ۾، ٿيا اَوک اَپر.

توڏي وڃي توڙ رسي، کليا هن جا پر،

ٻڌي هيءَ خبر، ڏاها! ڳوليو ڏور کي.

 

اوٺي = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

اُٺ = ڪتي. توڏي = ڪاتي. پر = اکيون.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام جڏهن حضرت اسماعيل عليہ السلام تي ڪاتي وهائي اکيون کوليون، تڏهن ڏٺائين ته حضرت اسماعيل عليہ السلام جي بدران هڪ دنبو ذبح ٿيو پيو هو.

 

[43]

سهڻي گهڙي سير ۾، سير ڪيو سڙڪو،

ٻڌائين پئي ڪنن سان، هو ڪنن جو ڪڙڪو،

ميهر پوءِ مرڪيو، جڏهن سهڻي نڪتي سير مان.

 

سهڻي = ڪاتي. سير = سسي.

ڪنن ۾ ڪڙڪو = جاندار جي ڪسڻ وقت

نڙيءَ مان نڪتل آواز. ميهڙ = حضرت ابراهيم

عليہ السلام.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام اکيون ٻڌي حضرت اسماعيل عليہ السلام تي ڪاتي وهائي ته سندس ڪنن تي سير پوڻ جو آواز ٿيو، دل ۾ خيال ڪيائين ته حضرت اسماعيل عليہ السلام ذبح ٿي ويو، جڏهن اکيون کوليائين ته دنبو ذبح ٿيل ڏٺائين. انهيءَ ۾ خدا تعاليٰ جو رضامندو سمجهي گهڻو سرهو ٿيو.

 

[44]

ڪنين سئائين ته گهڙي ڪيو ڪڙڪو،

پوري پٽيائين، ته گهڙو ڀڳوئي ڪونه ڪو.

 

سئائين – حضرت ابراهيم عليہ السلام ڏانهن

اشارو. گهڙو = حضرت اسماعيل عليہ السلام جو

نڙگهٽ. ڪڙڪو = ڪاتيءَ جي وهڻ جو آواز.

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام پنهنجي والد کي اکين ٻڌي ڪهڻ لاءِ چيو ته حضرت ابراهيم عليہ السلام اکيون ٻڌي ڪاتي وهائي. نڙگهٽ جيڪو وڍجڻ جو آواز ڪيو سو ڪنن ٻڌائين. پوءِ اکيون کولي ڏٺائين ته حضرت اسماعيل عليہ السلام جي جاءِ تي دنبو ذبح ٿيل هو.

 

[45]

گوڏو کوڙي جوان، ويٺو هئين مرد مچي،

وئين بحرن کان بچي، نه ته چڙهيو هئين دست ديو جي.

 

مرد = حضرت اسماعيل عليہ السلام. ديو = ڪات.

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام سان ذبح ٿيڻ لاءِ آيو، مگر ڪات جي تڪليف کان بلڪل آزاد ٿي ويو.

 

[46]

نانءُ وجهي نر کي، گهوٽ ڇڏايس گهَرُ،

لائق کي لڏڻ جو، آيو ڪين ڪڪر،

ڪيئون هنڌين هنڌ شڪر، دم انهي سو ”دائم“ چئي.

(دائم لغاري)

 

نر = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

گهوٽ –= حضرت ابراهيم عليہ السلام.

لائق = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام، حضرت اسماعيل عليہ السلام کي قرباني ڪرڻ لاءِ وٺي آيو ته حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ڪابه ڳڻتي يا غم ڪونه هو. اهڙي فرمانبرداري ۽ باهمت فرزند جي بچڻ تي هر هنڌ الله تعاليٰ جو شڪر ڪيو ويو.

 

[47]

ڏسي منهن محبوب جو، لچڪيو وڃي لوهه،

امر هيس الله جو، هيءَ ڪامڻ ڪندي ڪوهه،

پيو عالم منجهه اندوهه، سدا محبوبن جو.

 

محبوب = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

ڪامڻ = ڪاتي.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام، حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ڪاتيءَ سان ذبح ٿي ڪيو ته هوءَ حضرت اسماعيل عليہ السلام جي منهن ڏسي مڏي ٿي ويئي. اهو الله تعاليٰ جو ئي حڪم هو. اهو مثال اهڙو ٿيو جو اڄ ڏينهن تائين سڀ مسلمان خدا تعاليٰ جي انهيءَ پياري نبي حضرت ابراهيم عليہ السلام جي سنت ادا ڪرڻ لاءِ قرباني ڪندا آهن.

 

[48]

سهڻي ساهڙ ڄام سان، هئي سڄي منڌ سچي،

بيشڪ گهڙندي هئي بحر ۾، ڪندي هئي ناز نچي،

اها مليس مهل ”مري“ چئي، وئي بديءَ کان بچي،

آهي ساري ڳالهه سچي، ”جاڙو“ چئي جهان ۾.

(جاڙو خان مري)

 

سهڻي = ڪاتي. ساهڙ = حضرت ابراهيم عليہ السلام.

بحر = سير. اها مهل = حضرت اسماعيل عليہ السلام.

کي ذبح ڪرڻ واري وقت ڏي اشارو.

 

مراد: حضرت ابراهيم عليہ السلام واري ڪاتي، جنهن گهڻن جون سريون ڌڙن کان ڌار ڪري ڇڏيون هيون، پر بديءَ کان بچڻ لاءِ حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ڳچيءَ تي نه هلي.

 

[49]

هڪ ماري، ٻيو ماري، ٽيو ماري ڙي ماري،

پانهه پنهنجي پيءَ سان، پت پاري ڙي پاري،

جل منجهان ”جلال“ چئي. ان کي بچايو باري،

جنهن جي ڳل ڳچي ڳاري، سو چلکي پيو چؤگان ۾.

(جلال کٽي)

 

ٽي ماري = ڪاتي، عزرائيل ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام.

پانهه = حضرت اسماعيل عليہ السلام. جل = موت.

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام کي سندس والد (ذبح ڪرڻ وارو)، ڪاتي (ڪهندڙ) ۽ عزرائيل (ساهه قبض ڪرڻ لاءِ) موجود هئا، پر ان کي الله تعاليٰ ٽنهي کان بچائي ورتو. ان جي عيوض گهيٽو ڪُٺو جو سڀني مسلمانن لاءِ مثال ٿيو.

 

[50]

ڪارهن پتيون ڪُن ۾، ڪهڙيون وڌيون ڪنڀار؟

نڪي اُساڪيون اُس تي، نڪي لهن سج ڪنار،

اهڙا جن جا پار، سي نهاري ڏي ”نٿالو“ چئي.

(نٿالو)

 

پتيون = حصا (گوشت جا). ڪُن = زمين.

سج ڪنار = زمين ۾ پوريل آهن.

 

مراد: حضرت اسماعيل عليہ السلام جي بجاءِ جيڪو گهيٽو ذبح ٿيو ان جا حضرت ابراهيم عليہ السلام حصا ڪري انهن مان هڪ حصو بيبي هاجره کي ڏنو جو هن زمين ۾ پوري ڇڏيو هو. خدا جي قدرت سان ان مان سڄي جهان کي ورڇ ملي، جنهن جي نشاني اڄ تائين کنڀيءَ جي صورت ۾ موجود آهي.

7- حضرت لوط عليہ السلام

حضرت لوط عليہ السلام، حضرت ابراهيم عليہ السلام جو سؤٽ ۽ بازَرُ جو پٽ هو. سندس قوم اغلام بازي ۾ مبتلا هئي. جڏهن قوم تي سندس هدايت جو اثر نه ٿيو، تڏهن الله تعاليٰ ان قوم تي عذاب نازل ڪرڻ چاهيو. جنهن لاءِ ٻارهن ملائڪن کي لاسڙاٽ ڇوڪرن جي صورت ۾ موڪليو، جي حضرت لوط عليہ السلام وٽ مهمان ٿي اچي رهيا. بدڪار قوم، حضرت لوط عليہ السلام کان. سندس زال جي معرفت انهن جي عادت جي واقف هو، تنهنڪري ڇوڪرن کي انهن جي حوالي ڪرڻ کان ڏاڍو پريشان ٿيو. آخر الله تعاليٰ جي حڪم سان انهن ملائڪن، حضرت لوط عليہ السلام کي خدا تعاليٰ جي طرفان اچڻ ۽ ان جي قوم تي عذاب نازل ٿيڻ جي حقيقت ٻڌائي ۽ کيس رات وچ ۾ شهر ڇڏي وڃڻ لاءِ چيائون.

حضرت لوط عليہ السلام اڌ رات جو پنهنجي گهر مان ساٿين سميت نڪري ٻاهر ٿيو ۽ پنهنجي زال کي پڻ هلڻ لاءِ چيائين، مگر هوءَ نه هلي. اتي ملائڪن چيس ته، اها ڪافرن مان آهي ۽ ان تي به عذاب اچڻو آهي. حضرت لوط عليہ السلام  جي نڪري وڃڻ کان پوءِ ملائڪن انهن شهرن کي تباهه ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت حضرت لوط عليہ السلام جي قوم ناس ٿي ويئي.

چون ٿا ته مرڻ وقت حضرت لوط عليہ السلام جي زال دانهون ڪري حضرت لوط عليہ السلام کي سڏ ڪيا، پر سندس ڪنهن به نه ٻڌي ۽ فنا ٿي ويئي.

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

جوڌڻ ڌڻيءَ کان ڌار چري، سا ڇانگ ئي کڻي ڇڏ،

پکا تن کان ”پريو“ چئي، پري نيئي اڏ،

انهن هنين سندي هڏ، ڪوڪ نه پوي ڪن تي.

(پريو)

 

ڌڻ = قوم. ڌڻي = حضرت لوط عليہ السلام.

 

مراد: حضرت لوط عليہ السلام جي قوم هدايت کي ڇڏي اغلام بازي ۾ گرفتار ٿي ويئي، الله تعاليٰ جي طرفان حضرت لوط عليہ السلام کي حڪم ٿيو ته تون پنهنجيءَ قوم کي ڇڏي رات وچ ۾ شهر کان نڪري وڃ جو انهيءَ تي عذاب نازل ٿيڻ وارو آهي.

 

[2]

ٻڏندي ٻاڪرون، سهڻيءَ ڪيون سير ۾،

رهيون سڪڻ ۽ سارون، مون وٽ منهنجا پرين!

 

سهڻي = حضرت لوط عليہ السلام جي زال.

ميهار = حضرت لوط عليہ السلام.

 

مراد: عذاب اچڻ وقت حضرت لوط عليہ السلام جي زال دانهون ۽ ڪوڪون ڪري کيس واهر لاءِ سڏ ڪندي رهي، پر قوم سان گڏ فنا ٿي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org