سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :12

[14]

جئن هوت ڏٺو هو مون، تئن جي ڏٺو هو اَن،

ته چرخا چندن عاج جا، ڀيري هوند ڀڳان،

آتڻ رت رُنا، هوند تند نه تاڻيان هيڪڙي.

 (کٽي)

 

مون = بيبي زليخا ڏانهن اشارو.

اَن = سهيلين ڏانهن اشارو.

 

مراد: بيبي زليخا کي سندس ساهيڙين حضرت يوسف عليہ السلام جي محبت جا مهڻا ڏيئي جڏهن گهڻو بيزار ڪيو، تڏهن هن کين سمجهائڻ خاطر حضرت يوسف عليہ السلام جي حسن جي تعريف ٻڌائي پنهنجي مجبوري ظاهر ڪئي.

 

[15]

صورت ساهڙ ڄام جي، جيڏيون! پسو جي،

سک ٿي سمهو ڪينڪي، ڪانڌن پاسي ڪي،

مهان ئي اڳي، گهڙن ري گهڙي پئو.

 

ساهڙ ڄام = حضرت يوسف عليہ السلام.

جيڏيون = بيبي زليخا جون سهيليون.

مهان = بيبي زليخان ڏانهن اشارو. گهڙن ري

گهڙڻ = عشق ۾ بيتاب ٿيڻ.

 

مراد: بيبي زليخا پنهنجي سهيلين سان حضرت يوسف عليہ السلام جي حسن جي تعريف ڪئي ته جي اوهين کيس ڏسو ته توهان جو به سک ڦٽي پوي.

 

[16]

اوڻيتاليهه اڪابريون، چاليهين منجهن چري،

ڪا جا ويرَ وري، جو چاليهه ئي چريون ٿيون.

 

اوڻيتاليهه = بيبي زليخا جي ساهڙين ڏانهن اشارو.

چاليهين = بيبي زليخا ڏانهن اشارو.

عليہ السلام. سرڪار = الله تعاليٰ.

 

مراد: بيبي زليخا جي اوڻيتاليهن سهيلين کيس حضرت يوسف عليہ السلام سان محبت رکڻ جو مهڻو ڏيئي ٿي سمجهايو، مگر جڏهن انهن خود حضرت يوسف عليہ السلام کي ڏٺو ته پنهنجون آڱريون وڍي وڌئون ۽ اهي به بيبي زليخا وانگر هن جي مٿان عاشق ٿي پيون.

 

[17]

عمر اکين ڏسي ڪري، هت ٻيڪَ ڪري ٻهه ڪريون،

ڇوهه منجهان ”ڇتو“ چئي، ڇرڪ ڀري پهه ڪريون،

سڀئي سُڪ ٿيون، ٽوهه وڃي ٽهه ڪريون،

پوءِ وڃي پڪريون، جڏهن عمر جاءِ ڇڏي ويو.

 

عمر = حضرت يوسف عليہ السلام.

هُت = بيبي زليخا جي جاءِ ڏانهن اشارو.

سڀيئي = بيبي زليخا جي سهيلين ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام کي جڏهن بيبي زليخا جي سهيلين ڏٺو تڏهن سڀ مٿس عاشق ٿي پيون. جيستائين حضرت يوسف عليہ السلام سندن سامهون هو تيستائين سندن توجهه ٻي ڪنهن شي ڏانهن نه ويو.

 

[18]

ڪيان ٿو عرض الله کي، تون باري لاهج بکَ،

لالڻ مون کان لڪي ويو، جنهن جو ڏاڍو اٿم ڏک،

هن پئي ڪيون عدالتون ”احمد“ چئي، وٺيو پنهنجو رُخ،

هليو آهين قاصد قريبن ڏي، وڃي منهن تي چجان مک،

جو اٿئي دل تي ڏک، سو اچي داختر تنهنجو دور ڪندو.

 

لالڻ = خواب. عدالتون = تعبير.

داختر = حضرت يوسف عليہ السلام.

 

مراد: مصر جي بادشاهه ريان خواب لڌو سو وسري ويس، انهيءَ جو ڏاڍو ارمان هئس. ڪئين امير وزير گهرايائين، پر وريو ڪي ڪين. هوڏانهن حضرت يوسف عليہ السلام جيل ۾ قيدين جي خوابن جا تعبير پي ڪيا. جيل ۾ ٻن قيدين جي خوابن جو تعبير ڪندي. انهن کي حضرت يوسف عليہ السلام ٻڌايو ته هڪڙو ڦاسيءَ چڙهندو ۽ ٻيو آزاد ٿيندو. آزاد ٿيندڙ کي حضرت يوسف عليہ السلام چيو ته منهنجي خبر بادشاهه سان ڪجانءِ. ان کي پوءِ ياد آيو ۽ بادشاهه کي چيائين ته جنهن خواب جي وسري وڃڻ ڪري تون غمگين آهين سو توکي هڪڙو قيدي حضرت يوسف عليہ السلام نالي اچي ٻڌائي سگهندو.

 

[19]

آريءَ آهن آڻايا، ڪوپا قداوَر،

سي هليا هيڪاندا، آيا زابر زوراور،

حڪمت ٻڌي ”حجام“ چئي، ويٺا آهن وير وڪر،

اُنهيءَ اَچي ادا ڪئي، ساري سڌ خبر،

ڏسي انگ اکر، کنيو خان خوشيءَ مان.

(محمد طاهر ٻٻر)

 

آري = ريان. ڪوپا – امير وزير.

پنهون = حضرت يوسف عليہ السلام.

 

مراد: مصر جي حاڪم ريان هڪ رات ڪو خواب ڏٺو، پر صبح جو اهو وسري ويس. يڪدم امير وزير گڏ ڪري، اُنهن کي چيائين ته خواب ۽ اُن جو تعبير ٻڌايو. سڀ ڏاڍا ششدر ٿيا ۽ ڪير به ڪجهه ٻڌائي نه سگهيو. نيٺ قيد مان ڇُٽل هڪڙي نوڪر بادشاهه کي ٻڌايو ته جيل ۾ يوسف نالي هڪڙو قيدي خوابن جا تعبير ڪري ٿو، گهرائي اُن کان پڇو. آخر حضرت يوسف عليہ السلام کي گهرائي اُن کان پڇيو ويو، جنهن چيو ته توهان خواب ۾ ڏٺو آهي ته ست ڏٻريون ڍڳيون ستن متارين ڍڳين کي کائي ويون آهن. ٻڌڻ سان اِها ڳالهه حاڪم کي ياد آئي. حضرت يوسف عليہ السلام ان جي تعبير ڪندي ٻڌايو ته، ست سال سڪار جا آهن. اُنهن ۾ مال گڏ ڪرائي رکو، ڇو ته اُن بعد وري ست سال ڏڪار جا ايندا، ان وقت اُهو گڏ ڪيل مال ڪم آڻجو.

 

[20]

عمر وجهي آڻ، سڀ سڏايا سلطان،

ڪي جو آکيئين ان کي، ظاهر ساڻ زبان،

هي ٻڌڻ سان ٻٽجي ويا، پيا عبرت ۾ انسان،

هيو جو هن ڪلاڪ، تنهنمان حرف نه آين هڪڙو.

 

عمر = ريان. آڻ = خواب ڏينهن آشارو.

سلطان = نجومي

 

مراد: مصر جي بادشاهه ريان خواب لڌو پر ان جو ڪنهن کان به تعبير نه ٿيو، پوءِ حضرت يوسف عليہ السلام جو ڏس ڏنائونس. ان کي گهرائي پڇيائين، جنهن تعبير ڪيو ۽ ان کان پوءِ حضرت يوسف عليہ السلام جيل مان آزاد ڪيو ويو.

 

[21]

جڏهن حرف نه آين هڪڙو، تڏهن هن توري ترازي،

مون جو ڏٺو آدمي، سو آڻيو ڪري آزي،

پوءِ گهوٽ آندائون گهوڙِ تي، گوهر سوغازي،

تنهن ظاهر ڪئي زبان سان، جيڪا بنيل هئي بازي،

پوءِ جنهن تي رب ٿيو راضي، سو وير وهاريئون وچ ۾.

 

هن = ريان بادشاهه ڏانهن اشارو.

گهوٽ = حضرت يوسف عيلہ السلام.

 

مراد: مصر جي بادشاهه جي خواب جو تعبير ڪنهن کان نه ٿيو. هڪڙي قيد مان ڇٽل نوڪر، حضرت يوسف عليہ السلام جو ڏس ڏنو. جنهن کي گهرائي تعبير پڇيائين. حضرت يوسف عليہ السلام جڏهن تعبير ڪيو، تڏهن بادشاهه سندس قدر ڪري کيس آزاد ڪيو ۽ عزت اڪرام ڏنائينس.

 

[22]

دشمن تنهن دلبر لاءِ، ڪيون درد منجهان دانهون،

وڃي ٿو لڪَ لنگهيو هاڻي هتائون،

چيائينس ته هوندين سکيو سدائون، عمرتاڻي، ”احمد“ چئي.

 (احمد خان مري)

 

دشمن = جيل. دلبر = حضرت يوسف عليہ السلام.

لڪَ = دروازو.

 

مراد: جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام جيل مان ٿي نڪتو ته جيل خود رنو ۽ چيائين ته حضرت يوسف عليہ السلام مون کي ڇڏي نه وڃي. حضرت يوسف دعا ڪيس ته سدائين آباد هوندين. حضرت يوسف عليہ السلام جي اها دعا آهي جو جيل ڪڏهن به خالي نه هوندو آهي.

 

[23]

ايندي تنهن عجيب اڳيان، اور به اوريائين،

گُن اڳيان گوهر جي چڱو چيائين،

ڪڍي وَلر وجود جو، سڀئي سٽيائين،

پوءِ مڃيائين، ڏسي منزل مير جي.

 (ٻيڙو فقير)

 

عجب = حضرت يوسف عليہ السلام.

گن = چاليهه ٻوليون. گوهر = حضرت يوسف.

عليہ السلام. وجود جو وکر ڪڍڻ = چاليهن

ٻولين ۾ سوال جواب ڪرڻ. مير = حضرت

يوسف عليہ السلام.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام جڏهن ريان بادشاهه جي اڳيان آيو، تڏهن هن کانئس چاليهن ٻولين ۾ سوال پڇيا. حضرت يوسف عليہ السلام کيس ساڳين ٻولين ۾ جواب ڏنا. اهڙيءَ ريت ريان بادشاهه حضرت يوسف عليہ السلام جي علميت ڏسي کيس پنهنجو وزير مقرر ڪيو.

 

[24]

وٺو راهه رسول جي، اوهين ڀيڙا ٿيو ڀائي!

سسئي سوز فراق جي، گهڻيرو گهائي،

هن جو هوت هليو ويو، ڪئي ٻاروچن ٻيائي،

مهل انهيءَ ”مري“ چئي، هئي سرتين سمجهائي،

پر هن جو پيچ پنهل سان، سا ٻي واري نه وائي،

گهوري آهي انهيءَ گهوٽ جي سامڙي نه ٿي مائي،

وٺي واٽ وندر جي، ڪئي سگهڙ سچائي،

مليس جانب سوجائي، جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي.

(جارو خان مري)

 

سسئي = بيبي زليخا، هوت = حضرت يوسف

عليہ السلام. ٻاروچا = ڪلف ۽ دروازا.

وندر جي واٽ = حق جو رستو.

 

مراد: بيبي زليخا حضرت يوسف عليہ السلام کي ڦاسائڻ لاءِ ڪوٺين ۾ بند ڪيو، ان کان پاڻ ڇڏائي جڏهن موٽي پوئتي ڀڳو، تڏهن ڪوٺين جا ڪلف ڪري پيا ۽ در کلي ويا. جيتوڻيڪ حضرت يوسف عليہ السلام پاڪ دامن هو پر بيبي زليخا جي چوڻ تي قيد ۾ رهيو. پر پوءِ ساڳي بيبي زليخا سندس فراق ۾ ڳرندي رهي، کيس سهيلين گهڻو سمجهايو مگر سڀ اجايو ٿيو، نيٺ حضرت يوسف عليہ السلام باعزت آزاد ٿيو. عزيز جي مرڻ کان پوءِ بيبي زليخا هڪ ڏينهن حضرت يوسف جي واٽ جهلي وڃي ويٺي، حضرت يوسف عليہ السلام به اتان اچي لانگهائو ٿيو ۽ خدائي امر موجب سندس شادي ٿي.

 

(ج) ڪنعان ۾ ڏڪار پوڻ سبب حضرت يوسف عليہ السلام جي ڀائرن جو مصر ۾ اچڻ:

 

       مصر جي بادشاهه ريان جو خواب نيٺ سچو ثابت ٿيو ۽ ملڪ ۾ سخت ڏڪار اچي پيو. حضرت يوسف عليہ السلام پهرين ستن سالن ۾ ايترو ته اناج گڏ ڪرائي ڇڏيو هو جو اهو ملڪ مان نه کٽيو، پر آسپاس وارا ملڪ به مصر مان ان خريد ڪري ويندا هئا. اها خبر جڏهن ڪنعان ۾ پهتي، تڏهن حضرت يعقوب عليہ السلام پنهنجي ڏهن پٽن کي ان خريد ڪرڻ لاءِ روانوڪيو. هو ڏهئي ڄڻا اُٺ ڪاهي اچي مصر پهتا ۽ حضرت يوسف عليہ السلام ڀائرن کان احوال ورتو ۽ اٽڪل سان انهن کي پنهنجي پيءَ ۽ ڀاءُ يامين جي به حالت پڇيائين جا ڀائرن حقيقت ٻڌايس. انهيءَ بعد حضرت يوسف عليہ السلام کين ان ڏيئي اُن جي مليل قيمت ڪنهن تجويز سان ٻورين ۾ وجهي کين تاڪيد ڪيو ته وري ضرور اچجو ۽ پاڻ سان پنهنجي يارهين ڀاءُ يامين کي به ضرور آڻجو. ائين چئي کين اجازت ڏنائين. جيتوڻيڪ ڀائرن ساڻس سٺو سلوڪ نه ڪيو هو مگر حضرت يوسف عليہ السلام کي ان ڳالهه جو ڪوبه خيال نه هو ۽ پنهنجي ڀائرن سان ڏاڍي عزت ۽ محبت سان پيش آيو.

        اناج جا اُٺ ڪنعان ۾ پهتا، حضرت يوسف عليہ السلام جي ڀائرن پنهنجي پيءَ سان مصر جي وزير جي نيڪيءَ جي تعريف ڪئي ۽ سندس ڪيل تاڪيد موجب ٻئي دفعي يامين کي وٺي وڃڻ لاءِ پيءَ کان اجازت گهريائون. حضرت يعقوب عليہ السلام کي حضرت يوسف عليہ السلام وارو واقعو ياد هو، تنهنڪري يامين کي موڪل ڏيڻ کان نٽائڻ لڳو. مگر ساڳئي وقت هڪ ته ملڪ ۾ ڏڪار هو، جنهن ڪري اناج جي سخت ضرورت هئي ۽ ٻيو ٻورين کولڻ سان پئسا نڪتا سي به ضرور پهچائڻا هئا. تنهنڪري لاچار ٿي حضرت يعقوب عليہ السلام سڀني ڀائرن جي اڳيان طعام آڻي رکيو ۽ ٻن ٻن ڀائرن کي گڏجي کاڌي کائڻ لاءِ چيو، اهڙيءَ ريت ڏهه ڀائر ته ٻه ٻه ٿي طعام کائڻ ويٺا. مگر يامين اڪيلو رهجي ويو، جو حضرت يوسف عليہ السلام کي ياد ڪري روئڻ لڳو. حضرت يوسف عليہ السلام کانئس روئڻ جو سبب پڇيو، جنهن چيو ته منهنجو ڀاءُ يوسف جي اڄ هتي هجي ها ته اسين به ٻئي گڏجي کاڌو کائون ها! انهيءَ تي حضرت يوسف عليہ السلام چيس ته چڱو آءٌ تنهنجو ڀاءُ آهيان ائين ئي ساڻس گڏجي کاڌو کاڌائين.

        ڪجهه ڏينهن بعد حضرت يوسف عليہ السلام جي ڀائرن واپس وڃڻ ٿي چاهيو، پر حضرت يوسف کي پنهنجي ڀاءُ يامين کي ڇڏڻ جي مرضي ڪانه هئي، تنهنڪري اٽڪل ڪري يامين جي اُٺ وارين ٻورين مان هڪڙيءَ ۾ ان ماپڻ وارو ڪاسو وجهائي ڇڏيائين ۽ هنن کي وڃڻ جي اجازت ڏني ۽ هو اناج کڻي روانا ٿيا. اڃا ٿورو اڳڀرو ويا ته حضرت يوسف عليہ السلام جي ماڻهن اچي سڀني اٺن جي تلاشي ورتي ۽ يامين جي اُٺ تي پيل ٻورين مان ڪانسو نڪتو، انهيءَ ڪري ان وقت جي قانون موجب کيس ٻارنهن مهينا حضرت يوسف عليہ السلام وٽ رهڻو ٿي پيو. ٻين ڀائرن اها حالت ڏسي گهڻيئي ڪوشش ڪيون. مگر ڪابه ڪارگر نه ٿي. آخر هڪ ڀاءُ کي حضرت يوسف عليہ السلام وٽ ڇڏي باقي ڏهه ڄڻا واپس ملڪ ڪنعان پهتا ۽ پنهنجي پيءَ سان حقيقت ڪيائون، جا ٻڌي حضرت يعقوب عليہ السلام زار زار روئڻ ۽ خدا جي درٻار ۾ پٽن جي ملڻ لاءِ دعائون گهرڻ لڳو. الله تعاليٰ سندس دعا قبول فرمائي. حضرت يوسف عليہ السلام هڪ سوار نالي ”زازُ“ هٿان پنهنجو پهراڻ پيءُ ڏانهن موڪلي کين مصر اچڻ لاءِ عرض ڪيائين. سوار پهراڻ کڻي مصر مان روانو ٿيو ته حضرت يعقوب عليہ السلام فرمايو ته مون کي يوسف جي پگهر جي خوشبوءِ ٿي اچي. آخر سوار حضرت يعقوب عليہ السلام وٽ پهراڻ سوڌو اچي حاضر ٿيو ۽ حضرت يوسف عليہ السلام جو پيغام پهچايائين. حضرت يعقوب عليہ السلام پهراڻ وٺي اکين تي رکيو ته خدا جي فضل سان اکيون روشن ٿيس.

        نيٺ حضرت يعقوب عليہ السلام جو سڄو خاندان مصر ۾ آيو. حضرت يوسف سندس استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر بيٺو. ان وقت جي رسم مطابق سڀني يعني يارهن پٽن هڪ پيءُ ۽ هڪ ماءُ کي وقت جي بادشاهه يعني حضرت يوسف عليہ السلام کي سجدو ڪيو. اهڙيءَ طرح حضرت يوسف عليہ السلام جو ننڍي هوندي وارو خواب (سج چنڊ ۽ يارهن تارن جي سجدي ڪرڻ وارو) سچو ثابت ٿيو.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا:

 

[25]

ڏوران نڪتا ڏهه ڄڻا، ڪاهه ڪري ڪاهي،

پانهه پڇيو تن کان، دانهن دليل دوڙائي،

توهان جي ملڪ تي، ڪو اڳوڻو وڻ آهي،

اهو سڪو يا سائو، يا وڍجي ويو آهي،

دانهه دليل دوڙائي، ڏاها ڳولج ڏور کي.

 

پانهه = حضرت يوسف عليہ السلام.

تن = حضرت يوسف عليہ السلام جي ڀائرن

ڏانهن اشارو. وڻ = حضرت يعقوب عليہ السلام.

 

مراد: جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام مصر جو وزير هو تڏهن سندس ڀائر اُتي اَن خريد ڪرڻ ويا. ڀائرن کيس ڪونه سڃاتو مگر پاڻ انهن کي سڃاڻي پڇيائين ته اوهان جي ملڪ ۾ حضرت يعقوب عليہ السلام نبي ٻڌبو آهي. اهو جيئرو آهي يا وفات ڪري ويو؟

[26]

جهيڙي ڪئي جتن جي، تهڙي ڪريان تن، ڀري وِهه وٽيون، ڏيان هوند هٿن،

ماڻهو شهر ڀنڀور جا، مون کي چڱو ڪين چون،

مر وڃي مرڪن، اڳيان آري ڄام جي.

 

جتن = حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر.

مون = حضرت يوسف عليہ السلام ڏانهن اشارو.

آري ڄام = حضرت يوسف عليہ السلام.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام مصر جو وزير ٿيو ته ان وقت ملڪ ۾ سخت ڏڪار هو، پاڻ اَن گڏ ڪرائي رکيو هئائين. ان وقت سندس ڀائر اَن وٺڻ لاءِ مصر ۾ آيا ته کين عزت سان پيش آيو ۽ هنن جي ڏنل تڪليفن جو ڪوبه بدلو نه ورتائين ۽ ائين سمجهيائين ته اُتي جا ماڻهو منهنجي لاءِ ڪا چڱي راءِ قائم نه ڪندا، پر هنن سان چڱائي جو برتاءُ ڪندس ته هو والد جي اڳيان اهڙو ذڪر ڪري ڀلي خوش ٿين ۽ فخر وٺن.

 

[27]

جاڏي وڃن جت، مان نه وڃان تاڏي،

موٽي ميلائي جو، منهن نه ڪيائون مان ڏي،

ڪيچ وچان ڪاڏي، جتن مون سان جاڪي.

 

جت حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر.

مان = حضرت يوسف عليہ السلام ڏانهن اشارو.

 

مراد: جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر وٽس آيا ۽ کيس هلڻ لاءِ چيائون تڏهن دل ۾ خيال ڪيائين ته هنن ئي مون کي تڪليف ڏني هئي ۽ ڪڏهن به پشيمان ٿي مون وٽ نه آيا، تڏهن هاڻي انهن ڏانهن موٽي وڃڻ چڱو نه آهي. اهو خيال ڪري هلڻ کان انڪاري ٿيو.

 

[28]

ڪڏهن عمر منجهه اوڙاهه، ڪڏهن هو منجهه قيدن،

ڪڏهن ويٺو سڄڻ سيج تي، رکي محبت من،

عمر ماروئڙن، ميارون معاف ڪيون.

 

عمر = حضرت يوسف عليہ السلام. اوڙاهه = کوهه،

سيج تي وهڻ = مصر جو وزير ٿيڻ.

ماروئڙا = حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام کي ڀائرن کوهه ۾ وڌو ۽ بيبي زليخا کيس قيد ۾ وجهايو. انهن تڪليفن مان پار پئي آخر مصر جو وزير ٿيو. جڏهن سندس ڀائر وٽس آيا، تڏهن هن ڀلاري شخص سندس ڏنل تڪليفون ۽ ڏک وساري ڇڏيا ۽ ساڻن گهڻي عزت ۽ محبت سان مليو.

 

[29]

زميندار زمين تي جوان ٻڌا جوڙا،

هڪڙو هار ي هلٽ ۾ هيڻو هو، تنهن ڪئي گهوڙا ڙي گهوڙا،

ڏسي ٻائڙ ٻين جو، ڳل وهيس ڳوڙها،

پوءِ ٿيس ڏوڙا، مجيري جي مدد سان.

 

زميندار = حضرت يوسف عليہ السلام. زمين = ماني.

جوڙا = ٻه ٻه گڏ، هيڻو هاري = يامين.

مجيري = حضرت يوسف عليہ السلام.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام پنهنجن ڀائرن مان ٻه ٻه گڏ طعام کائڻ تي ويهاريا ته يامين سندس سڳو ڀاءُ اڪيلو ٿيو ۽ پنهنجي ڀاءُ حضرت يوسف عليہ السلام کي ياد ڪري روئڻ لڳو. حضرت يوسف عليہ السلام کيس دلاسا ڏيئي ساڻس گڏ ماني کائي سندس درد دفع ڪيو.

 

[30]

جوڳي! آئين جوءِ ۾، توکي جوڳي هجي جس،

ويهه ته ورجيسان ڪيون، ڏيون ڏکن سکن جا ڏس،

الله توکي آندو آهي، ميان! مون وٽ مس،

لهي وئي لحظي ۾، قلب مٿارون ڪس،

هاڻي چنڊ! تو مؤن چس، ٿي اچي بوءِ بهار جي.

 

جوڳي = زاز (قاصي). مون = حضرت يعقوب عليہ

 السلام ڏانهن اشارو. قلب تان ڪس لهڻ = اکين تان

 پردا هٽڻ چنڊ = پهراڻ، بهار = حضرت يوسف

عليہ السلام ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام زاز جي هٿان پنهنجو پهراڻ پنهنجي والد حضرت يعقوب عليہ السلام کي موڪليو. جنهن ان کي واتان حضرت يوسف عليہ السلام جي زنده هجڻ جي حقيقت ٻڌي، ۽ سندس پهراڻ اکين تي رکيو ته اکيون روشن ٿي ويس.

 

[31]

جس به توکي جانور! ٻي جس به توکي جت!

آندئي عجين جا، خاصا کڻي خط،

سڻي آءٌ سرهو ٿيس، آئي من منهنجي فرحت،

هاڻ موليٰ هوندئي مدت، هوندئي جاءِ جنت ۾.

 

عجيب = حضرت يوسف عليہ السلام.

خط = پهراڻ. آءٌ = حضرت يعقوب عليہ

السلام ڏانهن اشارو.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام ڀائرن کي پاڻ وٽ ترسئي، هڪڙي قاصد هٿان والد ڏانهن پنهنجو پهراڻ موڪليو، اهو جڏهن حضرت يعقوب عليہ السلام کي مليو، تڏهن قاصد کي جنت جي بشارت ڏنائين.

 

[32]

وريم اتر واءُ، سرهي تنهن سارنگ جو،

کنوڻ کيرون ميڪرون، سرهو آيم ساءَ،

ڄاڻي هڪ الله، ته آيو جانب جوءِ ۾.

 

سارنگ = حضرت يوسف عليہ السلام.

کنوڻ = خوشبوءِ، سرهو ساءُ = پهگر جي بوءَ.

جانب = حضرت يوسف عليہ السلام.

جوءِ = ڪنعان.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام زازُ جي هٿان پنهنجو پهراڻ پنهنجي والد حضرت يعقوب عليہ السلام ڏانهن اماڻيو. پهراڻ جي بوءِ سنگهي کيس يقين ٿيو ته يوسف زنده آهي ۽ ڪنعان ۾ موجود آهي، تڏهن الله تعاليٰ جو شڪر بجاءِ آندائين.

 

[33]

ڏاهي کي ڏارون، پيا ڦٽ فراق جا،
ويٺو وير وهائي، نيڻن مان نارون،

هينئون هيرڻ پن جيان، ڦٽي ٿيو ڦاڙون،

پوءِ دوست مڪو دارون، ته ڇٽا ڦٽ فراق جا.

 

ڏاهو = حضرت يعقوب عليہ السلام ڏانهن اشارو.

دوست = حضرت يوسف عليہ السلام. دارون = پهراڻ.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام جي جدائيءَ ۾، حضرت يعقوب عليہ السلام جي نظر هلي ويئي. جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام جو پهراڻ مليس، تڏهن نظر سالم ٿيس.

 

[34]

وٺو راهه رسول جي، ويو اَٿو سچ ٻڌائي سردار،

سسئي گهر ڇڏي، نڪري وئي نروار،

پنهون آيس پڳدار، ته وري ملي ورکي.

(احمد خان مري)

 

سسئي = حضرت يعقوب عليہ السلام جي نظر.

گهر = اک. پنهون = حضرت يوسف عليہ السلام

جو پهراڻ. وري ملي ور کي = وري نظر سالم ٿيس.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام جي جدائيءَ ۾، حضرت يعقوب عليہ السلام جي نظر هلي ويئي. جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام جو پهراڻ مليس، تڏهن نظر سالم ٿيس.

 

[35]

مارُو بنا مارئيءَ، ماندا ٿيا هئا مير،

ڦرن ۽ ڦيراٽيون ڏين، جيئن ڦيريون ڏين فقير،

تڏهن ٿيا سڌير، جڏهن مارئي آئي ملير ۾.

 

مارو = تارا. مارئي = ديد. ملير = حضرت يعقوب

عليہ السلام جون اکيون.

 

مراد: حضرت يوسف عليہ السلام کي ڀائر حسد وچان کوهه ۾ اڇلي آيا هئا. ان جي فراق ۾ حضرت يعقوب عليہ السلام روئي روئي پنهنجي نظر وڃائي ڇڏي هئي. ورهين کان پوءِ حضرت يوسف عليہ السلام جي پهراڻ ملڻ تي اکين ۾ نظر موٽي آئي ۽ اکيون روشن ٿيون.

10- حضرت ايوب عليہ السلام

حضرت ايوب عليہ السلام خدا جو صابر ۽ شاڪر ٻانهو هو. مٿس ڪابه تڪليف ايندي هئي، ته هو انهيءَ تي ڪڏهن به رنج نه ٿيندو هو. انهيءَ ڪري کيس سڏيندائي ”صابر“ هئا.

چون ٿا ته: هڪڙي ڀيري شيطان الله تعاليٰ کي چيو ته حضرت ايوب عليہ السلام کي سخت کان سخت تڪليف پهچايو ته سندس صبر جي خبر پوي. الله تعاليٰ حضرت ايوب عليہ السلام جي صبر جو امتحان وٺڻ خاطر سندس مال متاع ختم ڪيو ۽ سندس ٻن پٽن کي به ماريو، پر هو رضا تي راضي رهيو. انهيءَ کان سواءِ کيس اهڙو مرض ٿيو، جو سندس بدن ۾ ڪيئان پئجي ويا. ماس ختم ٿي ويو، فقط هڏن جو پڃرو وڃي رهيو. اهڙي وقت ۾ ٻيا مائٽ مٽ سڀ ڇڏي ويس. باقي سندس بيبي ”رحيما“ هن سان گڏ رهي.

چون ٿا ته: ڪيئن سڄي بدن جو ماس کائي ڇڏيو هو، ان هوندي به جي ڪو ڪيئون بدن تان ڪري پوندو هو، ته ان کي کڻي وري به زخمن تي رکي ڇڏيندو هو. آخر هڪ ڪيئون زبان کي کائڻ لڳو. انهي تي حضرت ايوب عليہ السلام الله تعاليٰ کي سوال ڪيو ته، الاهي! فقط زبان سالم ڇڏينم ته تنهنجو نالو ياد ڪندو رهان. الله تعاليٰ سندس عرض قبول ڪري مٿس پنهنجي رحمت جا دروازا کوليا. ٿوريئي وقت ۾ زخم ڇٽي ويا ۽ پاڻ تازو توانو ٿيو.

چون ٿا ته بيبي رحيما ارڙهن سال حضرت ايوب عليہ السلام جي خدمت ڪندي گذاريا ۽ اچي پيرسن ٿي هئي. جڏهن حضرت ايوب عليہ السلام جو سوال قبول ٿيو ته هن کي پڻ جواني عطا ٿي ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا پنهنجي زندگي الله تعاليٰ جي شڪر گذاري ۽ عبادت ڪندي گذارڻ لڳا.

مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[1]

ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رَب سڌر،

اڳيون اَلادين جي، هو چيو اهو چنيسر،

ته هو ويٺو آهي وڳهه ڪوٽ ۾، سڀني پريين سڌر،

ٻي ڪانهيس موجهه ”مري“ چئي، آهي تحقيقي تونگر،

پوءِ جانب هن جا ”جاڙو“ چئي، ڪسي پيا ڪونڌر،

درس دودي ڄام سان، اچي لڙيا هئا لشڪر،

پوءِ به آهي عام خبر، هن جي بهادري جي ”بلوچ“ چئي.

(جاڙو خان مري)

 

الادين = الله تعاليٰ، چنيسر = شيطان،

جانب = حضرت ايوب عليہ السلام جا پٽ.

دودو = حضرت ايوب عليہ السلام.

لشڪر = ڪينئان.

مراد: حضرت ايوب عليہ السلام کي ”صابر“ ڏسي شيطان الله تعاليٰ کي چيو ته هن کي سخت آزمائش ۾ وڌو وڃي ته سندس صبر جي خبر پوي. الله تعاليٰ حضرت ايوب عليہ السلام تي هيءَ آزمائش آندي جو سندس مال متاع چٽ ٿيو ۽ ٻه پٽ مري ويا، ساڳئي وقت اهڙو مرض به ٿيس جو سندس بدن ۾ ڪيئان پيا، مگر هن ڪڏهن به ڪا شڪايت نه ڪئي ۽ صبر سان تڪليفن کي منهن ڏيئي صابر ثابت ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org