سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :28

[134]

مارئي تنهن ملير ۾، پئي لڪي لوچي ٿر،

ڪيئي ڏهاڙا ڪيترا، پئي بيوس جهاڳي بر،

ماروئڙا ماڳن تي، گهمي ايندا هئا گهر،

اها عام خبر، آهي ”لعلڻ“ ساري لوڪ ۾.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

مارئي = حضرت ابوبڪر﷤ جي نياڻي.

ملير = جبل. ماروئڙا = حضورت عبدالله

۽ ٻڪرار.

 

مراد:  حضرت ابوبڪر صديق﷤ جي نياڻي، بيبي آسماءَ غار ۾ روز ماني ۽ پاڻي کڻي ڏيئي ويندي هئي ۽ سندس پٽ عبدالله وري خبرون آڻي ڏيندو هو. هڪ ٻڪرار اُتي ٻڪريون چاريندو هو، سو وري غار ڏانهن ايندڙن جا پير ڊاهي ويندو هو.

 

[135]

ڪلمون ڀريان ته ڪافر ٿيان، گهڙان نه انهيءَ گهيڙ،

جاڏي راهه رسول جي، تاڏي نه پايان پير،

تن سان منهنجو وير، جيڪي پڇن راهه رسول جي.

 

ڪلمون ڀريان = سچ چوان. راهه = غار وارو

رستو. تن سان وير = ڪافرن ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڪافرن غار جي منهن وٽ پهچي، هڪ ٻڪرار کان حضورﷺ جن جي پڇا ڪئي، ٻڪرار ڪافرن کي اهڙو جواب ڏنو جو ان مان ڪافر اهو ٿي مطلب ڪڍيو ته هي حضورﷺ جن جو قدمن آهي پر حقيقت ۾ هو ايمان وارو هو، جنهن حضورﷺ جن جي پڇندڙن اڳيان سندن اچڻ جي راهه بابت ڪجهه به نه ٻڌايو.

 

[136]

چوکي چوپڻ راند جو، ڏس عجب لڳو اسرار،

ڍارا پنءُ ٻارهن لڳو، سي ڍريا چڱي ڍار،

پر سارين بدران رانديگر، سي هلي ٿي هموار،

پهرين چيلهو، ٻي چيلهو، ٽي به چيلهو ڪار،
چوٿينءَ چال چيلهي مان، سي داوَ چليا دووار،

تڏهن جوڙو سارين جوءِ انهيءَ، اچي نڪري ٿيو نروار،

تن سان جوڙو، هاڙهي ڀيچي، ٿي آيا انهيءَ وار،

هي رمي رانديگر ٿيا، هڪ ساريءَ تي به سوار،

هاڙهي ڀيچي ٻيءَ چڙهي، سي اڳ هليا اڳوار،

تن جا داوَن مٿي داوَ لڳا، وڃي وچين چيلهي وار،
کيڏي تن کي کٽي، جن نه کيڏي تن هارائي ڏس آگي جا اختيار،
”ٻيڙا!“ هن ”ٻروچ“ جا، اٿئي ڏور به ڏاڪي دار،

ڏاڪي ڏاڪي چڙهندو، اچي پهچ تون ٻئي پار،

هاڻي وڏي سان ويچار، ڏاها ڳولج ڏور کي.

 (نبي بخش خان بلوچ)      

 

چوپڻ راند = هجرت. ڍارا ڍرڻ = جبرئيل

جو نازل ٿيڻ. ساريون = ڏاچيون.

رانديگر= حضورﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر﷤.

پهريون ڇيلهو = پهرين منزل. ٻيو چيلهو = ٻي

منزل. ٽيون چيلهو = ٽي منزل. چوٿون چيلهو =

چوٿين منزل. داوَ چلڻ = ڪاميابي حاصل ڪرڻ.

جوڙو ساريون = ٻه ڏاچيون. جوءِ = غارحرا.

هاڙي، ڀيچي = ٻه اصحاب. هڪ ساري = هڪ ڏاچي.

 

مراد:  حضورﷺ جن غار ۾ ويٺا هئا ته ٻه اصحابي سڳورا ٻن ڏاچين تي سوار ٿي آيا، جن مان هڪ ڏاچيءَ تي ٻئي اصحابي سڳورا سوار ٿي اڳواٽ هليا باقي ٻي ڏاچيءَ تي حضورﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر﷤ سوار ٿي مديني طرف روانا ٿيا.

 

[137]

عمر مارئيءَ کي، وڌو قيد ڪري،

حاڪم ڏاڍي حب سان، پيو محب لاءِ مري،

سام رکي هئي سومري، وڏو ڌيان ڌري،

ٿورو ٿر ڪري، کڻي عمر ڇڏي مارئي.

 

عمر = ڪوريئڙو. مارئي = تاڃي.

سام = حضورﷺ جن.

 

مراد:  ڪوريئڙي غار جو منهن تاڃيءَ سان بند ڪيو هو. جڏهن حضورﷺ جن جي غار مان نڪري هليا ويا تڏهن اها اُڻيل تاڃي ڦٽائي ڇڏيائين.

 

[138]

مرد سي مياڻيءَ تي، هئا ويٺا مير ملاح،

ڪونه اچي تنهن ڪُن تي، ڪري ڪاهو ڪاهه،

هن کي گندري چوڻ گناهه، جنهن جي جهوليءَ چنڊ جهولي پيو.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

مرد = حضورﷺ جن ۽ ابوبڪر صديق ﷤.

مياڻي = غور جبل جو غار حرا. ڪُن = غارُ.

چنڊ = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن حضرت ابوبڪر﷤ ثور جبر جي غار حرا ۾ اچي ترسيا ۽ آرام فرمايو هئائون. کانئن اڳ اتي ڪوبه ڪونه آيو هو. اها غار سندن ئي تشريف فرما ٿيڻ سان وڏي شرف واري ٿي. حضورﷺ جن ئي منجهس آرام ڪيو.

 

[139]

راڻو آيو راڄ ۾، سرس ڪري سينگار،

ڇڪن ڇت جهلي پيو، وهواهه ٿي وڻڪار،

دُرس ٿيا ديدار، لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

راڻو = حضورﷺ جن. راڄ = مدينو.

ڇٽ جهلڻ = ڏاچيءَ جو ابو ايوب جي

در تي ويهڻ. وڻڪار = اوڙو پاڙو.

 

مراد:  حضورﷺ جن جڏهن مديني آيا، تڏهن ڏاچي جنهن تي سوارَ هئا، سا سڌي اچي ابو ايوب انصار جي گهر اڳيان ويهي رهي ۽ حضورﷺ جن ابو ايوب جا مهمان ٿيا. سندس تشريف آوريءَ تي اوڙي پاڙي وارن تمام گهڻي خوشي ڪئي.

 

[140]

ڀليو سڀ ڀنڀور، جو پٺيءَ هوت نه هليو،

شهر سڃاتو ڪينڪي، آرياڻي اتور،

ماڻيو تنهين مور، ديکيو جنهين دل سان.

 (شاهه ڀٽائي)

 

ڀنڀور = مڪو شري. هوت = حضورﷺ جن.

شهر = مڪي جي مشرڪن ڏانهن اشارو.

مور ماڻيو = ڇوٽڪارو ٿيو.

دل سان ديکڻ = هجرت ڪري هلڻ.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي هجرت ڪرڻ وقت مڪي شريف جا جيڪي ماڻهو ساڻن گڏ مديني شريف روانا ٿيا تن جو ڀاڳ ڀلو ٿيو ۽ بشارت حاصل ڪيائون. جن مشرڪن صحيح معنيٰ ۾ حضورﷺ جن کي نه پروڙيو سي اتيئي رهيا.

 

[141]

برو هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو،

لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهي ڌڻيءَ هور،
ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،

آيو سو اتور، جنهن ڏکيون ڏِک ويهاريون.

 

ڀنڀور = مڪو شريف. آرياڻي = حضورﷺ جن.

اجارڻ = حق جي راهه تي آڻڻ. هور لاهڻ = ڪفر ۽

بداخلاقي جا پردا هٽائڻ. ڇوريون = اسلام جي پيروي

ڪندڙ. ڇرن سکڻ = اسلام جي پيروي ڪرڻ.

آتور = حضورﷺ جن. ڏکيون = بلاول ۽ ابوزر غفاري

ڏانهن اشارو. ڏِک وهارڻ – نزديڪ ويهارڻ.

 

مراد:  مڪو شريف ڪفر ۽ الحاد جو گهر بنجي ويو هو جنهن کي حضورﷺ جن اسلام جي تعليم سان روشن ڪرڻ گهريو ته شروع ۾ کين تڪيلفون درپيش آيون، پر پوءِ اهو ساڳيو مڪو شريف حضورﷺ جن جي هجرت کان پوءِ اهڙو منور ٿيو جو اتي جا دشمن به اسلام جا پيرو بنجي مٿانئس قربان ٿيا.

 

[142]

ٻڌي ڳالهه ”ٻروچ“ چئي، تهدل ٿي ويو تيار،

وٺي واٽ وِندر جي، هليا ٿي حُبدار،ويري ڪاڻ وڙهڻ جي، سي چهٽي ويا چوڌار،

بيوس يار ”بلوچ“ چئي، لاشڪ ٿيو لاچار،
هليو ويو هنگلاج ڏي، کڻيو مور سچار،

جڏهن ڀيڙو ٿيس ڀتار، ”لعلڻ“ غم لهي ويا.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

وندر = مدينو منور. حبدار = ابو مسلم، سندس

زال ۽ پٽ. ويري = ابوجهل ۽ ٻيا ڪافر.

هنگلاج = مدينو منور. ڀتار = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن اصحابن سميت هجرت ڪري مديني ويا. باقي هڪ ابو مسلم نالي اصحابي ڪنهن سبب کان نه وڃي سگهيو، ٿورن ڏينهن کان پوءِ هو مديني ڏانهن پئي ويو ته واٽ تي ابوجهل، سندس زال ۽ پٽ کسي ورتو. ابو مسلم حضورﷺ جن جي سڪ ۾ خدا تي توڪل رکي مديني هليو ويو. آخر ڪن ڏينهن بعد ابوجهل سندس زال ۽ پٽ کي ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ اهي به هن سان اچي مليا.

 

[143]

ٻيا سڀ ڇڏي ۽ سور کنيو ويو ساڻ،

ڪيئي ڏهاڙا ڪيترا، پلي ويٺو پاڻ،

ملي ويو محبت ۾، جکيو جنين ڪاڻ،

ٿيس روح رهاڻ، لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

ٻيا سڀ = ٻارن ٻچن ڏانهن اشارو.

پاڻ = ابو مسلم ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ابو مسلم اصحابي، حضورﷺ جن جي هجرت ڪري وڃڻ بعد ڪٽنب سميت مديني ڏانهن ٿي ويو ته ابوجهل سندس زال ۽ پٽ کسي ورتو. حضورﷺ جن جي محبت ۾ انهن کي ڇڏي ابو مسلم هليو ويو. نيٺ ابوجهل بيزار ٿي هن جي زال ۽ پٽ کي ڇڏي ڏنو ۽ اهي پڻ اچي هن سان مديني ۾ مليا.

 

[144]

ڏسيو پڊ پنهون جا، ٿي جلي جوڳياڻي،

ڏيان باهه ڀنڀور کي، هلي وڃان هاڻي،

بيوس يار ”بلوچ“ چئي، سا سورن ڪئي ساڻي،

پنهل کي پاڻهي، سا هاڙهي ملي وئي هوت کي.

 

پنهون = ابو مسلم. جوڳياڻي = ابو مسلم

جي زال. ڀنڀور = ابوجهل جو گهر.

هاڙهو = مدينو.

 

مراد:  ابو جهل، ابو مسلم کان سندس زال ۽ پٽ ڦري ورتو. ابو مسلم ته مديني هليو ويو پر سندس زال، ڀتار جي فراق ۾ رڙندي رهي. ابوجهل بيزار ٿي انهن کي ڇڏي ڏنو. ۽ پوءِ اهي جلد ئي اچي مديني ۾ ابو مسلم سان مليا.

بيبي عائشه:

        چون ٿا ته هڪ دفعي حضورﷺ جن ڪنهن قافلي سان بيبي عائشه کي به پاڻ سان وٺي ويا هئا. موٽندي هڪ هنڌ رات جو آرام ڪري قافلو مديني منور ڏانهن روانو ٿيو، پر بيبي صاحبه اتفاق سان پوئتي رهجي ويئي، جا پوءِ هڪ اصحابيءَ سان گڏجي مديني منوره پهتي. انهيءَ ڳالهه تان حضورﷺ جن، بيبي صاحبه کان رنج ٿيا. ايتري ۾ جبرئيل بيبي صاحبه جي شآن ۾ ڪلام پاڪ جون ڪجهه آيتون کڻي حضورﷺ جن وٽ آيو. جبرئيل اڃا ويٺو ئي هو ته حضورﷺ جن، بيبي صاحبه کي پاڻ ڏي ايندو ڏسي، کيس پري کان ئي واپس وڃڻ جو اشارو ڪيو. بيبي صحبه هيڪاري غمگين ٿي، واپس حرم مبارڪ ۾ آئي ۽ حضورت ابوبڪر﷤ جي اچڻ تي، کيس ساري حقيقت ٻڌايائين. حضرت ابوبڪر﷤ حضورﷺ جن وٽ آيو ۽ کانئن بيبي صاحبه کي واپس موٽائڻ جي حقيقت پڇيائين. حضورﷺ جن کيس جبرئيل جي موجودگيءَ ۾ بيبيءَ صاحبه جي شان ۾ آيتن لهڻ واري حقيقت ٻڌائي. جا ٻڌي حضرت ابوبڪر﷤ خوش ٿيو ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا گڏجي حرم مبارڪ ۾ آيا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[145]

منڌ آئي محلي، موچاري مومَل،

اڳيون ائين اوچتو، آيس هڪ هَڪل،

موٽي مربي کي چيئين، جوش منجهارؤن جَل،

مون کي ته موٽائي ڇڏيئون، ڪانه پوي ٿي ڪَل،

ڳوڙها ڪريس ڳل، مهل تنهن ”موريو“ چئي.

 (موريو کٽي)

 

مومل = بيبي عائشه. مربي = حضرت ابوبڪر﷤

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[146]

هنڌ تي ڇڏي حور، پانهه موٽيو پوئتي،

هيءَ جي اوهان ڏي ائي، سا ڪئين موٽايو مستور،

ڪانگو قاصد آيو، هلي ڏانهن حضور،

انهيءَ جو اوهان ڏي، آهي ڪونه قصور،

خوش ٿيو ”کٽي“ ويو گهر ي ڪري گهُور،

وڃي ڏنئين مبارڪ مانديءَ کي، هن کي ڇڏي ويا سڀ سور،

پري ڪئي تنهن پسور، مهل انهيءَ ”موريو“ چئي.

 (موريو کٽي)

 

حُور = بيبي عائشه. پانهه = حضرت ابوبڪر

صديق﷤. ڪانگو = حضرت جبرئيل.

 

مراد:  حضرت ابوبڪر﷤، بيبي صاحبه جي ڳالهه ٻڌي  حضورﷺ جن وٽ آيو. حضورﷺ جن کيس حضرت جبرئيل جي موجودگي جي خبر ٻڌائي. پوءِ ٻئي ڄڻا گڏ حرم مبارڪ ۾ آيا.

 

[147]

راڻو رنگ محل ۾، آيو ڪمهلو ڪيهر،

منڌ ويٺي هئي محلات ۾ ڪوماڻي قيصر،

جذبي ۾ ”عبد جلال“ چئي، اچي سورهيه ڪئي سر،

پيئي ڳالهه پڌر، سوڍيءَ جي ته سهاڳ جي.

 (عبدالجلال)

 

سورهيه = جبرئيل. راڻو = حضورﷺ جن.

منڌ = بيبي عائشه. سوڍي = بيبي عائشه.

 

مراد:  بيبي عائشه، حضورﷺ جن جي ڏمرجڻ کان غمگين ٿي. جبرئيل بيبي صاحبه جي شان ۾ حضورﷺ جن وٽ جڏهن الله تعاليٰ کان آيت آندي تڏهن سندن ڏمر لٿو ۽ بيبي صاحبه جو غم ويو.

 

سئي جو گم ٿيڻ:

        چون ٿا ته هڪ دفعي حضورﷺ جن پنهنجو ڦاٽل پهراڻ لاهي پيوند هڻڻ لاءِ بيبي عائشه کي ڏنو. بيبي صاحبه ڪم ڪار کان فارغ ٿي، پهراڻ ۾ پيوند هڻن ويٺي. بيبي صاحبه بتي ٻاري اڃا ٽوپو ڏيڻ شروع ڪيو ته اوچتو سندس هٿ مان سئي ڪِري پئي ۽ تيز هوا لڳڻ سبب بتي به گل ٿي ويئي. پاڻ اوندهه ۾ سئي پئي ڳوليائين ته حضورﷺ جن به عشا جي نماز پڙهي گهر آيا ۽ ڏٺائون ته بيبي صاحبه اوندهه ۾ ڪا شئي ڳولي رهي آهي، ان تي کانئس پڇيائون. بيبي صاحبه سئي گم ٿيڻ جو ذڪر ساڻس ڪيو. اهو ٻڌي حضورﷺ جن مشڪيا. سندن مشڪڻ تي هڪ ڏند مبارڪ مان سهائو ظاهر ٿيو. جنهن جي تجلي کان سڄي گهر ۾ ايترو ته شعاع ٿيو جو بيبي صاحبه کي سئي چٽي ڏسڻ ۾ آئي.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[148]

راڻي ڏنو هو موڪل کي، مَيڻو موچارو،

کڻي هلي خوشيءَ مان، سهڻو سيپارو،

ڪل چري ڪڙڪو ٿيو، چليس ڪين چارو،

ويس ناتر هٿ مان نڪري، ٿيس من تي مونجهارو،

آيو سيد سوڀارو، ڏٺائين سومل ستل سيج تي.

 

راڻو = حضورﷺ جن. مومل = بيبي عائشه.

مڻيو ۽ سيپارو = پهراڻ ڪل چرڻ = آڱريون جو چرڻ.

ناتر = سسئي. سيد = ڏند مبارڪ.

سومل = سئي.

 

مراد:  ڏسو مٿيون ڏنل بيان.

 

[149]

زيب زري ظاهر ٿي، ڪا پوش منجهان مٽي،

ڪاري رات ڪهان ڳئي، ماه کڙيا مٽجي،

پوءِ پهه تنهين وٽ جيءُ، جنهن جي اهڙي صورت ”اسحاق“ چئي.

 (اسحاق)

 

زيب = نُور. پوش = حضورﷺ جن جو وات

مبارڪ. ماهه = ڏند.

 

مراد:  حضورﷺ جن جي مشڪڻ تي هڪ ڏند مبارڪ مان تجلي ٿي ۽ اوندهه غائب ٿي ويئي. شاعر ٿو چئي ته جنهن محبوب جي اهڙي صورت هجي، تنهن جي صحبت ۾ پنهنجي عمر گذارجي.

 

[150]

ويچاريءَ کئون واٽ تي، زال ڪري وئي زوري،

هلي وئي ”حاجي“ چئي، چوئنڪي، مان چوري،

پير ڊاٺو هيس پلڪ ۾، اَچي ڇوهه منجهان ڇوري،

گهوٽ اڳيان گهوري، اچي ناتر نظارو ڪيو.

 (حاجي فقير مهيسر)

 

ويچاري = بيبي عائشه. زال = سئي. پير = ڏيو.

ڇوري = هوا. گهوٽ = حضورﷺ جن.

ناتر = سئي.

 

مراد:  بيبي عائشه کان سئي وڃائجي ويئي ۽ تيز هوا لڳڻ سبب ڏيو به وسامي ويو ۽ اوندهه ٿي پيئي. جڏهن حضورﷺ جن آيا ۽ ڳالهه ٻڌي مشڪيا، تڏهن سندن ڏند مبارڪ جي روشنيءَ ۾ بيبي صاحبه جي سئي ظاهر پٽ تي پيل ڏٺي.

 

[151]

مومل کي سومل جو، ڏاڍو ٿيو ويچار،

سورٺ لهي سيج تان، وڃي پيئي پاتار،

سهڻيءَ ڏٺا ساهڙ جا، درياهه ۾ ديدار،

ليلان لڏي وئي لهور مان، بديون کڻي بار،

سالڪ آهين سچار، ته ڏاها ڳول ڏور کي.

 

مومل = بيبي عائشه. سومل = سئي.

سورٺ = سئي. سيج = هٿ.

سهڻي = بيبي عائشه. ساهڙ = حضورﷺ جن.

ليلان = اونداهي.

 

مراد:  بيبي صاحبه جي هٿن مان سئي ڪري ته کيس اوندهه ۾ ڳولڻ جو ويچار ٿيو، جڏهن حضورﷺ جن آيا ۽ سندس مشڪڻ سان تجلي ٿي تڏهن اها اوندهه غائب ٿي ويئي.

 

بهشت مان طعام اچڻ:

        چون ٿا ته هڪ ڀيري حضورﷺ جن ماني کائڻ مهل بيبي عائشه جن وٽ آيا، مگر ان وقت گهر ۾ ڪجهه ڪونه هو ۽ بيبي صاحبه سخت پريشان ٿي ته کين کائڻ لاءِ ڇا حاضر ڪريان. آخر حضورﷺ جن بيبي صاحبه کي فڪرمند ڏسي واپس وڃڻ تي هئا ته ايتري ۾ جبرئيل بهشتي طعام کڻي اچي حاضر ٿيو، جو ويهي کاڌائون.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[152]

مومل اڳيون مير جي، ڪي جو ڳالهايو،

اهو ٻول ٻڌي ڪري، چت چورنگ چايو،

مولا ملڪُ موڪليو، هاديءَ هلايو،

انهيءَ جاءِ ”جانڻ“ چئي، آديسي آيو،

پوءِ پانهه پهچايو، دم تنهين داتا هن کي.

 (جانڻ کٽي)

 

مومل = بيبي عائشه. مير = حضورﷺ جن.

پانهه = جبرئيل. پهچايو = بهشتي طعام

ڏانهن اشارو.

 

مراد:  ڏسو مٿي جبرئيل جو بهشت مان طعام آڻڻ وارو بيان.

 

حضور اڪرمﷺ جن جو اعتڪاف ۾ ويهڻ:

        چون ٿا ته حضورﷺ جن رمضان شريف جي آخري تاريخن ۾ ڏهي ۾ ويٺا ۽ بيبي عائشه کي فرمايائون ته اسانجي اعتڪاف جو ذڪر ڪنهن سان نه ڪجو. اصحاب سڳورا، جن کي حضورﷺ جن جي صحبت کان گهڙي به جدا رهڻ ڏکيو لڳندو هو. تن سندن پڇا ڪئي پر کين معلوم نه ٿيو ته حضورﷺ جن ڪٿي آهن. آخر حضرت ابوبڪر صديق﷤ گهر اچي پنهنجي نياڻي بيبي عائشه کان پڇا ڪئي. بيبي عائشه صاحبه ٿورو مشڪي، پر ڪو جواب نه ڏنائين. تنهنڪري حضرت ابوبڪر﷤ کي گمان پيو ته بيبي صاحبه کي خبر آهي، سو کين ٻڌائڻ لاءِ زور ڀريائين. جيتوڻيڪ حضورﷺ جن جي اعتقاف مان ٻاهر اچڻ ۾ اڃا ٻه ڏينهن هئا، يعني کين مهيني جا ٻه ڏينهن وڌيڪ اعتڪاف ۾ رهڻو هو، پر بيبي صاحبه پنهنجي والد کي جواب ڏنو ته حضورﷺ جن سڀاڻي اچي ويندا. الله تعاليٰ بيبي صاحبه جي ڳالهه کي سچو ڪرڻ لاءِ اهو مهينو ئي اوڻٽيهن تاريخن وارو چنڊ ڪيو. انهيءَ ڪري حضورﷺ جن ٻئي ڏينهن اعتڪاف مان ٻاهر آيا.

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجي ٿو.

 

[153]

وير نه انهيءَ وير ۾، ويو سونهن ڀريو سلطان،

گوهر به اچي گجر سان، ڪيو بات بيان،

پوءِ ڪسر جي پيو ڪامڻ تي، پرين سو پهلوان،

سانگي انهيءَ سگهڙ جي، اچي نر ڏنو نيشان،

پوءِ مالڪ ٿيو مهربان، انهيءَ سان ”الهه بخش“ چئي.

 (الهه بخش)

 

وير = حضورﷺ جن. گوهر = حضرت ابوبڪر﷤.

گجر = بيبي عائشه. سگهڙ = حضورﷺ جن.

نر = چنڊ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  حضورﷺ جن اعتڪاف ۾ وڃي ويٺا. حضرت ابوبڪر﷤ ڳولا ڪري اچي پنهنجيءَ نياڻي کان پڇا ڪئي جنهن ٻڌايس ته حضورﷺ جن سڀاڻي ايندا. حالانڪ چنڊ ۾ اڃا ٻه ڏينهن هئا مگر بيبي صاحبه جي ڳالهه سچي ڪرڻ لاءِ الله تعاليٰ اوڻٽيهو چنڊ ڪيو ۽ حضورﷺ جن ٻئي ڏينهن اعتڪاف کان ٻاهر نڪتا.

 

جنگ بدر:

        هجرت کان پوءِ حضورﷺ جن کي الله تعاليءَ وٽان آيت نازل ٿي ته هاڻي مشرڪن کي جتي لهو تتي قتل ڪريو. انهيءَ حڪم موجب حضورﷺ جن مديني جي ڏهن ورهين واري حياتي ۾ ڪافرن سان پنجويهه لڙايون ڪيون، جن مان ستن جنگين ۾ پاڻ موجود هئا ۽ باقي ٻين ۾ لشڪر اماڻيو هئائون. انهن جنگين مان بدر جي لڙائيءَ جو واقعو هن ريت آهي ته ابوسفيان شام کان قافلو وٺي، مڪي معظم ٿي ويو ته خدا تعاليٰ جي طرفان فتح جي واعدي سان قافلي تي چڙهائي  جو حڪم مليو. حضورﷺ جن هڪ سئو ماڻهو تيار ڪيا، جن ۾ تيرهن گهوڙي سوار ۽ اسي شتر سوار ۽ ٻيا پيادا هئا. ابوسفيان کي جڏهن اها خبر پئي تنهن ابوجهل کي لکيو، جو يارهن سؤ سوار وٺي آيو. بدر جي کوهه جي نزيڪ ٻئي لشڪر مقابل ٿيا. مسلمانن جو لشڪر ٿورو هو تنهنڪري الله تعاليٰ هزار فرشتا مدد لاءِ موڪليا خدا تعاليٰ جي واعدي موجب مسلمانن جي فتح ٿي.

        چون ٿا ته هن لڙائيءَ ۾ الله تعاليٰ جي طرفان حضورﷺ جن کي ملڪ جبرئيل مٽيءَ جي مٺ ڏني ۽ چيائين ته هيءَ ڪافرن جي لشڪر ڏانهن اُڇلايو. حضورﷺ جن جڏهن اها مٽي اُڇلائي تڏهن ڪافر انڌا ٿي وٺي ڀڳا ۽ مسلمانن جي فتح ٿي.

هن بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[154]

دهشت ڌم ڌرياءَ جي، جت ڌان ڌان ڌو ڌو ڪار،

ٿيو سوڙهو ساٿ صيفل جو، اچي سوين وريا سيسار،

پر ڪا جا ٿين ڪار، جو چُرڻ کان چور ٿيا.

 

دهشت ڌم درياءَ جي = لڙائي.

ساٿ = اصحاب. سيسار = ڪافر.

ڪا جا ڪار = مٽيءَ جو اُڇلائڻ.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

جنگ اُحد:

        بدر جي لڙائي ۾ هارائڻ کان پوءِ ابوسفيان وڏو لشڪر وٺي مديني تي چڙهائي ڪئي. حضورﷺ جن عبدالله بن زبير کي ستر تيراندازن سان هڪ هنڌ حفاظت لاءِ کڙو ڪيو پوءِ لرائي شروع ٿي. مسلمان غالب ٿيندا وي ا۽ ڪفار ڀڄڻ لڳا. عبدالله بن زبير فتح ڏسي مال غنيمت لٽڻ لاءِ اها جاءِ ڇڏي هليو ويو، جتي حضورﷺ جن کيس بيهاريو هو. ڪفارن موٽي ڏسي اتان سخت حملو ڪيو، جنهن ۾ ڪيترائي مسلمان شهيد ٿيا.

        چون ٿا ته ڪافرن جي سخت حملي ۾ حضورﷺ جن جي ڍال تيرن ڪمزور ڪري ڇڏي، جنهن ڪري کين خطري ۾ سمجهي سعد بن معاذ ڊوڙي اچي آڏو ٿي بيٺو ۽ پنهنجيءَ پٺيءَ تي ڪافرن جا تير روڪيندو رهيو انڪري حضورﷺ جن ڏي ڪوبه تير وڃي نه سگهيو.

        هن ئي لڙائيءَ ۾ حضورﷺ جن اصحابن کي مخاطب ٿي فرمايو ته، ڪير آهي جو اڄ مون تي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟ تڏهن زياد بن سڪن انصاري پنهنجي ستن همراهن کي وٺي آڻي حاضر ڪيو ۽ عرض ڪيائين ته اسين انهيءَخدمت لاءِ حاضر آهيون. پوءِ آهي اصحاب کين گهيرو ڪري بيٺا ۽ ڪافرن سان لڙندا رهيا ۽ نيٺ شهيد ٿيا. اهي اصحاب سڳورا وڙهي رهيا هئا ته ڪنهن ڪافر هڪڙو پٿر اڇلايو جنهن کان حضورﷺ جن جو لب مبارڪ زخمي ٿيو ۽ هيٺين ٻن ڏندن مان هڪڙو شهيد ٿي ويو.

        چون ٿا ته هڪڙي اصحابي جي جنگ ۾ ترار ڀڄي پئي، هو حضورﷺ جن وٽ پريشان ٿي آيو. پوءِ حضورﷺ جن هڪڙي وڻ جي پاڙ کي پنهنجا هٿ مبارڪ گهمائي کيس وڙهڻ لاءِ ڏني. انهيءَ ترار جنگ ۾ ٻين جي ترارن کان به وڌيڪ ڪم ڏنو. اهو اصحابي جنهن ڪافر سان ٿي وڙهيو ان تي غالب ٿي ٿيو.

        چون ٿا ته هن جنگ ۾ حضرت حمزو شهيد ٿيو هو، جنهن کي ڪافرن ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو هو. سندس همشيره لڙائي جي ميدان  ۾ لاش ڏسڻ جي خواهش ڪئي. مگر سندس فرزند ابن زبير کيس منع ڪئي، مگر پاڻ جواب ڏنائين ته، تون مون کي ڊيڄار نه، جنگ ۾ وڙهڻ رڳو مردن جو ڪم نه آهي، اسين به الله تعاليٰ جي راهه ۾ قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهيون، ائين چئي هوءَ جنگ جي ميدان ڏي اٿي هلي.

        هن جنگ ۾ مديني شريف مان ڪيتريون زالون ڦٽيلن جي ملم پٽي ۽ ٻي خدمت لاءِ اينديون رهيون ۽ اهي مجاهدن جي همت افزائي پڻ ڪنديون رهيون، الله تعاليٰ مسلمانن کي هن جنگ ۾ ڪامياب ڪيو.

        هن بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[155]

ڏسو محبت مجني مير جي، جنهن تي شوق چڙهي ٿيو شينهن،

جاني نه هئس ليلان لازڪي، پئي نر نباهيو نينهن،

اُٺڙس پئي اوهيرا ڪري، جيئن سانوڻ وسي مينهن،

پوءِ ڏاها اهو ڏينهن، تنهن ڪامل تان قربان وڃان.

 (غلام فريد)

 

مجنو مير = سعد بن معاذ. ليلان = ڍال.

اوهيرا ڪري مينهن وسڻ = تير لڳڻ.

اهو ڏينهن = اُحد واري لڙائي ڏانهن اشارو.

 

مراد:  اُحد جي لڙائيءَ ۾ نبي ڪريمﷺ جي ڍال تيرن کوهي ڇڏي، سعد بن معاذ ڊوڙي اچي آڏو ٿيو ۽ جان سپرد ڪيائين، تيرن جا مينهن پي وٺا، مگر حضورﷺ جن ڏانهن هڪ تير به وڃڻ نه ڏنائين.

 

[156]

بيت ڏيان ٿو ڀائرو! هيئن حاڪم هٿ جوڙي،

معاف ڪجو مون مسڪين کي، ڪو هجي تفاوت توڙي،

سسئي سوز فراق مان، پئي وندر ۾ ووڙي،

هوت نه ڏسي هنڌ تي، پئي ڊُڪي ۽ ڊوڙي،

غريب کان ”غلام محمد“ چئي، ويو گهوٽ چڙهي گهوڙي،

خان‘ ٻڌايو کوڙي، منهنجو پنهل ڪهڙي پٽ ۾؟

 (غلام محمد)

 

سسئي = زبان. وِندر = وات.

هوت = ڏند. غريب = زبان.

گهوٽ = ڏند مبارڪ.

 

مراد:  اُحد جي جنگ ۾ حضورﷺ جن جو ڏند مبارڪ شهيد ٿي پيو. زبان وات ۾ انهي ڏند کي ڳولڻ لڳي.

 

[157]

سوڍيون مرئي سهڻيون، هڪ سڀن منجهه سڌير،

شامل تنهن جي شان ۾، ٻي مٽ نه ٿيندي مير،

ڪنهن جي ٽڪري ڪانه ڪا، تنهن سان جا تصوير،

ٿيو ساهه تنهن سڌير، لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

سوڍيون = ترارون. هڪ = وڻ جي پاڙ مان

ترار ٿيڻ ڏانهن اشارو.

 

مراد:  اُحد جي جنگ ۾ هڪ اصحاب جي ترار ڀڄي پئي، پريشان ٿي نبي ڪريمﷺ جن کي اچي ٻڌايائين. حضورﷺ جن چيس ته اِها سامهون وڻ جي پاڙ پيل آهي. سا کڻي اچ. اهو اصحابي حڪم موجب پاڙ کڻي آيو. حضورﷺ جن ان تي پنهنجا هٿ مبارڪ گهمائي اصحابي کي فرمايو ته تون هن سان وڃي وڙهه! انهيءَ پاڙ جنگ ۾ اهڙو ڪم ڪيو جو ٻي ڪابه ترار ان جي مٽ نه ٿي.

 

[158]

سسئي شهر ڀنڀور ۾، هئي کريل کٽياڻي،

آئي آريءَ هٿ ۾، ٿي راڄن جي راڻي،

سسئي سياڻي، پنهونءَ ڪيڙِي پنهنجي.

 

سسئي = کجيءَ جي پاڙ ڏانهن اشارو.

آري = حضورﷺ جن. راڻي = تلوار

ڏانهن اشارو. سسئي = پاڙ. پنهو = هڪ اصحاب.

 

مراد:  جنگ اُحد ۾ هڪڙي اصحاب جي جنگ ڪندي تلوار ڀڄي پئي. حضورﷺ جن هڪڙي کجي جي پاڙ تي صلواة پڙهي اصحاب سڳوري کي ڏني، جنهن تلوارن کان به گهڻو ڪم ڪيو.

 

[159]

مانجهي تن مردن سان، گويا ڪئي گفتار،

بانڪا انهي بند تي، هجو خاطر خبردار،

وين وڄا وسري، پئي مڻين ۾ مونجهار،

”لعلڻ“ چئي لاچار، ٿيو جوکو تنهن جهاز کي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

مانجهي = حضورﷺ جن.

بانڪا = اصحابي. مڻيا = اصحابي.

جهاز = حضورﷺ جن.

 

مراد:  حضورﷺ جن عبدالله بن زبير کي هڪ هنڌ حفاظت لاءِ بيهاريو هو، مگر غنيمت جو مال لٽڻ لاءِ مسلمانن اها جاءِ ڇڏي ڏني، پوءِ ڪافرن کي مٿن حملي ڪرڻ جو وجهه ملي ويو، جنهن کان حضورﷺ جن کي به تڪليف پهتي ۽ سندن ڏند مبارڪ شهيد ٿيو.

 

[160]

سانگياڻي سفر تي، سا ڪرڪي ڪونج هلي،

هلي وئي هنگلاج ڏي، سا جهلئي ڪانه جهلي،

بيوس يار ”بلوچ“ چئي، هوءَ پلئي ڪانه پلي،

وٽان وِير ولي، لحظي ۾ ”لعلڻ“ چئي.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

سانگياڻي =بيبي صاحبه (حضرت حمزه﷤ جي همشيره)

ڪونج = بيبي صاحبه. هنگلاج = جت حضرت حمزه﷤ جو لاش هو.

 

مراد:  اُحد واري جنگ ۾ حضرت حمزه کي ڪافرن شهيد ڪري ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. پوءِ جڏهن سندن ڀيڻ کي خبر پئي، تڏهن ڀاءُ جي لاش کي ڏسڻ لاءِ اٿي هلي، پر سندس پٽ زبير منع ڪيس ته تون دل نه جهلي سگهندينءَ، تنهنڪري نه وڃ. تڏهن پٽ کي چيائين ته اسلام جي راهه ۾ مرڻ اسان جو مَرڪ آهي ۽ آءٌ ضرور ويندس. ائين چئي جنگ جي ميدان ڏي هلي وئي.

 

[161]

هليون سانگ سفر تي، ڪونجون ساهي ڪر،

ٿيون روانيون روهه ڏي، بيوس جهاڳي بَر،

بَر ۾ بيراڳين سان، ونڍيئون سور سڄر،

اها عام خبر، آهي ”لعلڻ ساري لوڪ ۾.

 (لعلڻ خان لغاري)

 

ڪونجون = بيبيون سڳوريون. ورهه = جنگ.

بر = جنگ جو ميدان. بيراڳي = ڦٽيل سپاهي.

 

مراد:  اُحد واري جنگ ۾ ڦٽيلن جي خدمت ڪرڻ لاءِ مديني مان ڪئين بيبيون ٽوليون ڪري اٿي هليون. اتي پهچي بيمارن کي پاڻي پيارڻ ۽ ملم پٽ وغيره ڪم ڪرڻ لڳيون. جيستائين جنگ پي هلي تيستائين خدمت ڪنديون رهيون.

 

اويس قرني:

        يمن علائقي ۾ هڪڙي وڏي خاندان ’قرن‘ ۾ اويس نالي سان هڪ بزرگ باخدا شخص رهندو هو. جنهن پرپٺ حضورﷺ جن جي فقط نالي ٻڌڻ سان مٿين ايمان آندو هو ۽ سندس دل ۾ حضورﷺ جن جي ديدار ڪرڻ جي نهايت گهڻي خواهش هوندي هئي.

        چون ٿا ته حضورﷺ جن جي زيارت لاءِ اويس قرني جي دل ۾ جڏهن نهايت گهڻي اُڪير ٿي، تڏهن هن پنهنجي ماءُ کان انهيءَ سفر لاءِ اجازت گهري. ماڻس هن شرط تي اجازت ڏنيس ته زيارت ڪري جلد موٽي ايندين ۽ تنهن کان سواءِ تون پنهنجي دوست سان هڪ جاءِ تي ملاقات ڪج. اهو دوست گهر ۾ هجي يا مسجد ۾ ته ٻنهي هنڌن مان هڪ جاءِ تي وڃج. اويس قرني واعدو ڪري گهران نڪتو. سفر ڪري اچي حضورﷺ جن جي حويليءَ تي پهتو. بيبي عائشه کيس جواب ڏنو ته حضورﷺ جن مسجد ۾ آهن. اويس اهو جواب ٻڌي واعدو ياد ڪري جلد موٽي پنهنجي وطن هليو ويو. حضورﷺ جن جڏهن آيا ته بيبي عائشه کان پڇيائون ته هت ڪير آيو هو، جو سڄو گهر خوشبوءَ سان واسيل آهي؟ بيبي صاحبه کين ورندي ڏني ته اوهان جو دوست اويس قرني آيو هو. حضورﷺ جن بيبي صاحبه کان پڇيو ته توهان هن کي ڏٺو؟ جواب ڏنائين،. هائو، اسان هن کي ڏٺو. تڏهن فرمايائون ته تون مون ڏي ڏس ۽ مان توڏانهن ڏسان ته اها اسان جي ملاقات ٿي. ان بعد حضورﷺ جن اصحابن کي گهرايو. انهن کي فرمايائون توهين مون ڏي نهاريو ۽ مان توهان کي ڏسان ته توهان منهنجي دوست سان ملاقات ڪئي ۽ توهان تان دوزخ جي باهه حرام ٿيندي.

        چون ٿا ته جنگ اُحد ۾ جڏهن حضورﷺ جن جو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو ۽ اها خبر اويس قرني ٻڌي، تڏهن پنهنجو هڪڙو ڏند ڀڃي ڇڏيائين، پر وري کيس خيال آيو ته خبر نه آهي ته حضورﷺ جن جو ڪهڙو ڏند شهيد ٿيو آهي! انهيءَ خيال سان سڄي ٻٽيهي ڪڍي ڇڏيائين.

        مٿين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا.

 

[162]

ڪاهي آيو ڪاپڙي، سامي منجهؤن سڪ،

فراقي فقير هو، جنهن نيڻ وهايا نڪ،

ادب مؤن اصيل پئي، آهه ڪئي عاشق،

منڌ تنهن مهمان کؤن، پڇي ڪئي پڪ،

پو سور سلي سالڪ، موٽي ويو ”ماڇي“ چئي.

 (الهورايو ماڇي)

 

ڪاپڙي = اويس قرني. منڌ = بيبي عائشه.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

       

[163]

موٽي ويو ماڇي چئي، گذريا پلڪ پهر،

مانجهي آيو مڪان تي، دانهن پنهنجي در،

مير مومل کان پڇي، بيهي خان خبر،

ڪهڙي خوش خوشبوءِ آهي، چمن ۾ چوڌر،

عطر مشڪ عنبير جي، اچي بوءِ بهر،

ساري ڳالهه سنياسي جي، ڪئي پانهه ساڻ پڌر،

پوءِ راڻي گهرايو راڄ کي، جيڪي ساڌو هئا به سڌر،

پوءِ جن تي ڪيئين نيڪ نظر، تن تان لٿا حرف حساب جا.

 (الهورايو ماڇي)

 

مانجهي = حضورﷺ جن. مومل = بيبي عائشه.

سنياسي = اويس قرني. راڻو = حضورﷺ جن.

ساڌو = اصحاب سڳورا.

 

مراد:  ڏسو مٿيون بيان.

 

[164]

جوڳي ويٺا ها جوءِ تي، قابو قلعيدار،

انهن منجهارون هڪڙي جي، ٿي پورب منجهه پچار،

هن گودڙئي گلزار، ڪڍي ڇڏيا سڀ قلعي مان.

 (سومار سومرو)

جوڳي = ڏند. جوءِ – وات.

پورب = حضورﷺ جن جي ڏند شهيد ٿيڻ

وارو واقعو. گودڙيو = اويس قريني.

قلعو = وات.

مراد:  اويس قرنيءَ جڏهن ٻڌو ته، اُحد جي جنگ ۾ حضورﷺ جن جو هڪ ڏند مبارڪ شهيد ٿي پيو آهي. تڏهن پنهنجو به هڪ ڏند ڪڍي ڇڏيائين. پر دل ۾ خال آيس ته حضورﷺ جن جو الائجي ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو آهي، تنهنڪري هڪ هڪ ڏند ڪري ٻٽيهي ئي ڪڍي ڇڏيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org