سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :3

مواد جي مرتب ڪرڻ وقت ڏور جي هڪ سؤ ٽن شاعرن مان ٽيهتر زندهه هئا. جهوني ۾ جهونو ڏور جو شاعر، جنهن سان لوڪ ادب جي سلسلي ۾ يا اڃا به اڳ اسان جي ملاقات ٿي. سو ملان جانڻ پٽ ربڏنو کٽي ويٺل خانپور لڳ شڪارپور هو. ساڻن پهرين ملاقات 24 اپريل 1952ع ۾ ٿي. ان وقت سندس عمر پنجهتر سال کن هئي. چيائين ته عربي ۾ ڪنز، قدوري، ڪافيا، شرح وقايه ۽ درمختار پڙهيم، پر دستاربندي ڪانه ڪيم. بهرحال ڏور جي شاعرن ۾ هو عالم هو، شعر توڙِ واقعي جي لحاظ سان سهڻا بيت چيائين ۽ وڏي لِڪ رکيائين. ڪچهريءَ جي ملوڪن مان ٻيو علي شير جاگيراڻي هو جنهن کي هي رهاڻ، سندس والد سگهڙ سرهي جاگيراڻي کان ورثي ۾ ملو. ڏور ۾ پن پردي سان لِڪ رکڻ ۾ علي شير استاد هو. بذات خود هو وڏو لائق انسان هو. علي شير جاگيراڻي، قادر بخش راڄپر ۽ امير بخش کٽي. جن سان اسان جون ڪچهريون ٿيون، يا ڪي ٻيا سگهڙ (جهڙوڪ: حاجي عيسو موچي ويٺل رتوڪوٽ تعلقو قمبر، خدابخش ٻرڙو ويٺل ڳوٺ ملگزار جکراڻي تعلقو ڪنڌڪوٽ، ماڻڪ خان لاشاري ڳڙهي خيري جو ۽ سومر ڪانهل ويٺل لڳ درگاهه پير صاحب پاڳارو ڏور جي ڪچهريءَ جا سدا ملوڪ سگهڙ هئا. سي فوت ٿي چڪا آهن ۽ هن وقت موجود نه آهن.

        گذري ويل سگهڙن مان گهٽي مان ڏور (پنجيتاليهه) موريي کٽي جا هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ڏور جي رهاڻ جي روايت جا اسان تائين پهتي آهي. ان مطابق موريو فقير کٽي هن ميدان جو وڏي ۾ وڏو شهسوار هو. کانئس پوءِ الله بخش کٽي جا ٽيٽيهه ڏور ۽ ٽئين نمبر ۾ محمد فقير ڏيري جا ٽيويهه ڏور هن ڪتاب ۾ شامل آهن. اهي ٽيئي پنهنجي دؤر جا سگهڙ هئا. زندهه سگهڙن مان حاجي فقير مهيسر جا ستونجاهه ڏور شامل آهن. هن وقت حاجي فقير مهيسر ڏور جو مشهور شاعر آهي، حاجي فقير کي پوءِ چوونجاهه ڏور لعلڻ خان لغاري ۽ اٺاويهه ڏور جاڙي خان مري جا هن ڪتاب ۾ شامل آهن. جاڙو خان ۽ لعلڻ خان ٻيئي ڏور جي وڏن شاعرن مان آهن.

        شاعرن کان سواءِ ڪيترائي ٻيا سگهڙ ”ڏور جي ڪچهري“ جا وڏا مور هئا. ڇاڪاڻ ته اهي وڏا داناء ڳولا هئا. لاڙ ۾ اوباهيو ماڇي، اتر ۾ خدابخش ٻرڙو (تعلقو ڪنڌڪوٽ)، محمد قاسم کٽي (رفيق مهيسر تعلقو خيرپور)، سيد حسين شاهه (ٺٽ، تعلقو روهڙي) ۽ قادربخش راڄپر ۽ ڪوهستان ۾ دودو عاقلاڻي (برفت) ڏور جا وڏا مشهور ڳولا ٿي گذريا آهن. اوباهيو ماڇي پنهنجو مٽ پاڻ هو، ۽ ڏور توڙي ڳجهارت جي ڳولا جو ماهر هو. هن وقت اتر توڙي لاڙ ۾ ڏور جا سهڻا ڳولا موجود آهن. جن ۾ بخشو خان شر (ويٺل ڳوٺ دليل شر، ضلعو سانگهڙ) ٿڌي دماغ ۽ وڏي ڳڻ وارو سگهڙ آهي. هن وقت (1) جي سگهڙن مان الله بخش مڱڻ (گهوگارو) ۽ مريدجت (بخش جتوئي) ضلعي لاڙڪاڻي جا خاقل ٻرڙو (ميرپور ٻرڙو)، ضلعي جيڪب آباد جو، واحد بخش شيخ (شڪارپور)، فريد خان گڏاڻي (لڳ گهوٽڪي) ۽ مراد لاشاري (تعلقو روهڙي) ضلعي سکر جا، شهنواز ڪٽوهڙ، عبدالرحمان مهيسر، گل بهار کٽي ۽ محمد عمر سومرو خيرپور ضلعي جا، محب کٽي محمد موسيٰ جلباڻي (ٻئي حرابپور، تعلقو سڪرنڊ) ضلعي نوابشاهه جا، بخشو شر، لعلڻ خان لغاري (ڳوٺ گل محمد لغاري)، مير حجام (لڳ ٽنڊوآدم)، قاضي ادريس (لڳ شاهپور چاڪر) ۽ فيض محمد پڃارو (جهول)، ضلعي سانگهڙ جا. ٻيڙو فقير ڪنڀار (حيدرآباد)، آچر ماڇي (سعيدآباد)، قاضي الله ورايو نظاماڻي (لڳ ماتلي)، ۽ حاميد خاصخيلي (ملهڻ لڳ ماتلي) حيدرآباد ضلعي جا سڀ وڏا ذهين ۽ هوشيار ڳولا آهن جن مان گهڻن سان اسان جون ڪچهريون ٿيون.

        باوجود انهيءَ جي جو سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن مان ڏورن جو مواد سهيڙي سنواري هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به اهو مواد سنڌ جي هر ڀاڱي ۾ ايترو ته گهڻو پکڙيل آهي جو جيڪر سڀ گڏ ڪجي ته وڏو وقت لڳي ۽ ان کي مرتب ڪرڻ لاءِ ڪيئي جلد کپن. ڏور جا جيڪي بيت عام مروج آهن تن مان گهڻا بلڪل ضعيف روايتن تي ٻڌل آهن، ۽ اهڙين بلڪل ضعيف روايتن کي هن جلد ۾ جاءِ نه ڏني وئي آهي، تنهن هوندي به اهڙيون روايتون جي تاريخي الفاظ سان ضعيف آهن مگر بلڪل عام مشهور ٿي چڪيون آهن بابت چيل ڏورن هن ڪتاب ۾ کنيو ويون آهن. انهيءَ لاءِ ته هن فن جي موجوده حالت متعلق اندازو لڳائي سگهجي. مجموعي طرح سان هي ڪتاب ڏور جي فن ۾ هڪ مثالي ڪتاب آهي، جنهن ۾ شامل ڪيل مواد ڏور جي موجوده ڪچهرين جي رنگ ۽ سگهڙن جي ذوق جو آئينو آهي.

        انهيءَ رنگ ۽ ذوق بابت اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته ڏور جي رس رهاڻ ۾ سگهڙن جو سهارو محبت ۽ عقيدت آهي ۽ نه تحقيق يا تنقيد. ڀلارن جون ڀلايون بيان ڪرڻ هو پاڻ پنهنجي لاءِ عين سعادت سمجهن ٿا ڇو ته سندس ذهن ۾ هي خيال سمايل آهي ته:

جان جان پسڻ پرينءَ جو، جان جان پرينءَ پچار

ان ٻنهي کؤن ڌار، قادر ڪنهن کي نه ڪري.

 

Text Box: ڪاڇي جا نالا وارا سگهڙ
سڄي کان کاٻي: 1- ميوو ڀرڳڙي 2- مير محمد خان لغاري 3- عالم خان ٻٻر 4- فضل خان چانڊيو
ڪچهري جوهي سنه 1958ع
 

 

 

 

 

 

 

Text Box: ميرپور ماٿيلو ۽ گهوٽڪي جا سگهڙ
(اطاق مرحوم سردار خدا بخش خان پتافي) ڳوٺ گلو پتافي، تعلقو ميرپور ماٿيلو (04 اپريل 1965ع)
سڄي کان کاٻي: 1- بنگال فقير 2- ڪالو مَلڪ 3- محب مَلڪ 4- فريد خان گڏاڻي 5- در محمد بوزدار 6- محمد مراد گڏاڻي 7- الله بخش خان لنڊ 8- احمد دين بالاچاڻي
 

 

 

 

 

 

 

 


 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org