سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڏور

 

صفحو :4

عنوانن جي فهرست

ڀاڱو پهريون: سوا لک

[حضرت آدم عليہ السلام کان نبي ﷺجي ڄمڻ تائين]

1- حضرت آدم عليہ السلام

   (الف) حضرت آدم عليہ السلام جو پيدا ٿيڻ

   (ب) حضرت آدم عليہ السلام ۽ بيبي حوا جو بهشت مان نڪرڻ

2-  حضرت شيث عليہ السلام

3- حضرت نوح عليہ السلام

    (الف)  حضرت نوح عليہ السلام

(ب‌)      ٻڍڙي ۽ ٻوڏ وارو طوفان

4-  حضرت صالح عليہ السلام

5-  حضرت ابراهيم عليہ السلام

    (الف) حضرت ابراهيم عليہ السلام جو ڄمڻ

    (ب) مڇر ۽ نمرود

    (ج)  حضرت ابراهيم عليہ السلام جو پکين کي ماري وري جيئرو ڪرڻ

    (د)   حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ فقير

    (هه)  حضرت ابراهيم عليہ السلام جي مهمان نوازي

6-  حضرت اسماعيل عليہ السلام جي ولادت

7-  حضرت لوط عليہ السلام

8-  حضرت يوسف عليہ السلام

Text Box: 46

 

9-  حضرت يوسف عليہ السلام

 

    (الف) حضرت يوسف عليہ السلام جو ننڍپڻ

    (ب) حضرت يوسف عليہ السلام جو مصر ۾ وڪامڻ

    (ج)  ڪنعان ۾ ڏڪار پوڻ سبب حضرت يوسف عليہ  السلام

            جي ڀائرن جو مصر ۾ اچڻ

10-   حضرت ايوب عليہ السلام

11-   حضرت موسيٰ عليہ السلام

   (الف) حضرت موسيٰ عليہ السلام جو ڄمڻ

   (ب)   حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ قارون

   (ج)   حضرت موسيٰ عليہ السلام جو فيصلو

   (د)    حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ بلعم باعور

    (هه)  حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ ماڪوڙي

    (و)   حضرت موسيٰ عليہ السلام ماڪوڙيءَ کي قبر ۾ موڪلڻ

    (ز)   حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ پلي

    (ح)   حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ الله جو پيارو

    (ط)   حضرت موسيٰ عليہ السلام ۽ ڏيڏري

   (ي)    حضرت موسيٰ عليہ السلام جي وفات

12-   حضرت يونس عليہ السلام

13-   حضرت خواجه خضر عليہ السلام

    (الف) حضرت خضر عليہ السلام ۽ سڪندر ذوالقرنين جو ڄمڻ

14-   حضرت شموئيل عليہ السلام

15-  حضرت دائود عليہ السلام

     (الف) حضرت دائود عليہ السلام جو انصاف

     (ب) حضرت دائود عليہ السلام ۽ انصاف جي زنجير

     (ج)  حضرت دائود عليہ السلام تي عتاب

 

 

    (د) حضرت دائود عليہ السلام جو ٻار ڏارڻ وارو فيصلو

 

    (هه) حضرت دائود عليہ السلام ۽ سندس هڪ حرم

(و‌)     حضرت دائود عليہ السلام جي شداد ڪافر کي تنبيهه

    (ز)   شداد ڪافر ۽ ٻانهي

16-   حضرت سليمان عليہ السلام

    (الف) حضرت سليمان عليہ السلام جو ٻڪر ۽ باغائيءَ وارو فيصلو

(ب‌)   حضرت سليمان عليہ السلام ۽ ٻڍڙي زال

(ج‌)      حضرت سليمان عليہ السلام جي دعوت

(د‌)      حضرت سليمان عليہ السلام ۽ ڪانگ

(هه)  حضرت سليمان عليہ السلام ۽ ماڪوڙيون

(و‌)    حضرت سليمان عليہ السلام جي وفات

17-  حضرت ذڪريا عليہ السلام

18-  حضرت عزيز عليہ السلام

19-  حضرت عيسيٰ عليہ السلام

     (الف)  حضرت عيسيٰ عليہ السلام جو ڄمڻ

     (ب)   حضرت عيسيٰ عليہ السلام جي ڄمڻ تي عمران جو وسوسو

     (ج) حضرت عيسيٰ عليہ السلام ۽ جمجما سلطان جي ملاقات

     (د)  حضرت عيسيٰ عليہ السلام کي شهيد ڪرڻ جي سازش

ڀاڱو ٻيو:  پنجتن

[نبي ﷺ ۽ اصحاب سڳورا]

الف-   حضرت محمد ﷺ

        حضرت عبدالله جي شادي ۽ نُور جي منتقلي

Text Box: 48

 

        نبي ﷺ جن جي ولادت

 

        دائي حليمان

        سينو چاڪ ٿيڻ

        حضور ﷺ جن جي ٻڪري جو گم ٿيڻ

        بلور واري واٽ

        ’ريان‘ ڪافر جو اسلام تي اچڻ

        بيبي خديجةالڪبريٰ

        وحي جو نزول

        حضرت ابراهيم عليہ السلام جي وفات ۽ ماکيءَ جي مک

        قبلو بدلجڻ

        ڪعبةالله شريف ۾ حجر اسود جو رکڻ

        حضور ﷺ جن ۽ مٿن ايمان آڻيندڙن سان تڪليفون

        هجرت

        بيبي عائشه

        سئي جو گم ٿيڻ

        بهشت مان طعام اچڻ

        حضورﷺ جن جو اعتڪاف ۾ ويهڻ

        جنگ بدر

        جنگ اُحد

        اويس قرني

        معراج

        ڪافر جي ٻانهيءَ سان همراهي ڪرڻ

        چنڊ جو چيرجڻ

        هرڻيءَ وارو معجزو

        لعل ۽ ڪينئون

 

 

        پٿر جي شاهدي ڏيڻ

 

        کارڪ جي سڙيل ککڙي مان وڻ پيدا ٿيڻ

        ڏيي وارو معجزو

        بسم الله جي برڪت سان نانگ مان هار ٿيڻ

        جهار هڪلڻ

        بَڊِيءَ مان حور ٿيڻ

        آيةالڪرسي جو ڪڙو

        ڳري پٿر جو هٽڻ

        قيصر بادشاهه جي پشيماني

        بيمار ٻڪريءَ جو چڱو ڀلو ٿيڻ

        کير ۾ برڪت پوڻ

        سڙيل باغ سائو ٿيڻ

        ڳيريءَ لاءِ دعا

        ڦُلن ۾ برڪت

        کجور جي ککڙي مان کير نڪرڻ

        اَن جي ٻڪيءَ ۾ برڪت

        مانيءَ ۾ برڪت

ڳنڍيل جاڙن ٻارن جو جدا ٿيڻ

        ٻليءَ جو جُبي تي سمهڻ

        اصحابي سڳوري کي چادر ڏيڻ

        الله تعاليٰ جي پنهنجي محبوب جي نگهباني

        الله تعاليٰ سڀ جو رازق آهي

        ڪلمي جو بقاءُ

        نماز جي برڪت

        حضرت ﷺ جن جي نالي مبارڪ جو اثر

Text Box: 50

        حضور ﷺ جي لاءِ پيشنگوئي

        حضرت عثمان کي ڪنجي ڏيڻ

        دائي حليمان جي لاءِ عزت

        يتيم لاءِ محبت

        حضور ﷺ جن جي ٻار کي دلداري

        آسماني طعام

        حضرت ﷺ جن جي ديدار لاءِ سڪ

        سومهڻي نماز لاءِ تاڪيد

        اکين ڏٺي شاهدي

        ڏکيل آڱر جي دوا

        عڪاسه اصحابي جو مهر نبوت کي چمڻ

        حضور ﷺ جن جي وفات

ب-     حضرت ابوبڪر صديق رضه

        حضرت بلال رضه جي آزادي

        حضرت ابوبڪر صديق رضه جي عمل جي پختگي

        ناجائز خرچ کان پاسو

ج-     حضرت عمر فاروق رضه

        بيت المقدس جي فتح

        حجر اسود حضرت عمر رضه جي نظر ۾

        نيل درياء ڏي خط

        حضرت عمر رضه جو عدل

د-      حضرت عثمان رضه

        قرآن شريف جمع ڪرڻ

هه-     حضرت علي ڪرم الله وجہ

        خيبر جي جنگ

        شريعت جو بار

        ميلڪ ڪافر سان مقابلو

        الله جي واٽ ۾ جنگ

        دعا جي مقبوليت

        حضرت علي ڪرم الله وجہ لاءِ محبت

        ڏکويل لاءِ همدردي

        بيبي حنيفہ سان شادي

        محتاج لاءِ همدردي

        تميم انصاري کي سڃاڻڻ

        نماز جو مسئلو

        ذڪر جي برڪت

و-      حضرت امام حسن رضه ۽ امام حسين رضه

        حضور ﷺ جن جي امام حسن سان محبت

        بهشتي وڳا

        بهشتي ميوا

        حضور ﷺ جن جي امام صاحبن لاءِ محبت

        پنجتني چادر

        الله تعاليٰ جي نگهبانيءَ ۾

        حضرت امام حسين لاءِ حضرت عمر رضه جو پيار

        حضرت امام حسن جي شهادت

        ڪربلا جو واقعو

Text Box: 52

 

ڀاڱو ٽيون: وليت

[اولياء سڳورا]

1-      بادشاهه پير، حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني

        ولادت

        حضرت شيخ عبدالقادر جو ننڍپڻ

        حضرت شيخ عبدالقادر جو اخلاق

        حضرت شيخ عبدالقادر جي ڪرامت

2-     شمس تبريز

3-     شاهه عبداللطيف ڀٽائي

ڀاڱو چوٿون: قدرت

[ڌڻيءَ سڳوري جي قدرت جا معجزا]

1-      عزازيل

2-     هاروت ۽ ماروت

3-     اصحاب ڪهف

4-     بخت نصر

5-      مَلڪ اسرافيل ۽ عزرائيل

6-     انسان جي قرباني

7-     قرآن شريف ۽ سندس سورتون

        قرآن شريف جو معجزو

8-     التحيات جو شرف

9-     ڪنڀار جي آوي ۽ ٻليءَ جا ٻچا

 

 

10-    نصوح جي توبهه

 

11-    ڀلارو مهينو

12-    ڀلاري رات

13-    الله تعاليٰ جي انسان تي ڀلائي

14-    نيڪ اعمال

15-    ضميمو

Text Box:  

 

ڀاڱو پهريون

 

سوا لک

[حضرت آدم عليہ السلام کان نبي ﷺ جي ڄمڻ تائين]

 

1- حضرت آدم عليہ السلام

 

        الله تعاليٰ جل شانہ ساريءَ دنيا جو خلقيندڙ ۽ مالڪ آهي. اهو ئي هڪڙو خدا آهي. جو روز ازل کان قائم آهي ۽ هميشه رهندو. سندس ڪوبه شريڪ نه آهي. هن کي ئي سڀڪجهه ڪرڻ جي سگهه آهي. ڪنهن به شي خلقڻ ۽ پيدا ڪرڻ لاءِ فقط سندس ارادي ۽ حڪم جي دير آهي.

(الف) حضرت آدم عليہ السلام جو پيدا ٿيڻ

        الله تعاليٰ پنهنجي قدرت سان پهريائين آسمان سج، چنڊ ۽ تارا پيدا ڪيا ۽ پوءِ ملائڪ، جن جو ڪم هو هر وقت الله تعاليٰ جي تعريف ۽ ساراهه ڪرڻ. تنهنکان پوءِ پاڻي، واءُ. باهه، زمين، جبل ۽ وڻ ٽڻ خلقيائين. آخر ۾ الله تعاليٰ ملائڪن کي فرمايو ته: آءٌ زمين تي خليفو پيدا ڪرڻ گهران ٿو. تنهن تي اهي عجب ۾ پئجي چوڻ لڳا ته: اي رب سائين! تنهنجي تعريف ۽ تقديس لاءِ اسين گهڻا آهيون. تنهنڪري آدم پيدا ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور؟ ٻيو ته آدم، ڌرتيءَ تي فساد ۽ رت ڇاڻ ڪندو، تنهنڪري اسان مان ئي ڪنهن کي خليفو بنايو وڃي، جو هميشه شڪرگذاريءَ سان گڏ تنهنجي ساراهه ۽ پاڪائي ياد ڪندا رهون ٿا. ان تي الله تعاليٰ فرمايو ته: اي ملائڪو‘ سچ پچ آءٌ جيڪا حڪمت پروڙيان ٿو، سان اوهان کي معلوم نه آهي.

        پوءِ امر الاهي موجب چئن وڏن ملائڪن مان پهريائين حضرت جبرئيل، آدم جي بوتي ٺاهڻ لاءِ زمين تان مٽيءَ کڻڻ لاءِ آيو. اڃا مٽيءَ کڻڻ جو ارادو ڪيائين ته زمين وٺي دانهون ڪوڪون ڪيون ۽ خدا جا قسم وجهڻ لڳي. ان تي حضرت جبرئيل کي قياس پئجي ويو ۽ مٽي کڻڻ کانسواءِ موٽي آيو. ان جي اچڻ تي حضرت ميڪائيل مٽي کڻڻ لاءِ ويو، پر اهو به زمين جي آزي نيازي ڪرڻ تي موٽي آيو. اهڙيءَ طرح حضرت اسرافيل به آيو جو پڻ ساڳيءَ طرح موٽي آيو. آخر ۾ الله تعاليٰ عزرائيل کي موڪليو. زمين حضرت عزرائيل کي به منٿ ميڙ ڪئي. خدا جا قسم ڏنا ۽ روڄ راڙو ڪيو، مگر هن سندس دانهن تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ چيائينس ته: آءٌ به انهيءَ جي حڪم سان آيو آهيان. جنهن جا واسطا ٿي وجهين. ائين چئي ڪعبةالله واري جاءِ تان مٽيءَ جو چنبو کڻي الله تعاليٰ وٽ آيو. اهو ئي سبب هو جو الله تعاليٰ حضرت عزرائيل کي روح قبض ڪرڻ تي مقرر ڪيو. ڇاڪاڻ ته ان کي ڪنهن جو به قياس نه پوندو.

        چون ٿا ته: حضرت عزرائيل جي مٽي آڻڻ کان پو3 الله تعاليٰ، ملائڪن کي مٽي ڳوهڻ جو حڪم ڪيو. جن تيرهن مهينا مٽي پئي ڳوهي. ان بعد وري کين حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي ٺاهڻ جو حڪم ڏنائين. پر ملائڪن کي اها ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه پئي اچي ته بوتو ڪهڙي نموني جو ٿيندو. آخر هڪ بيڊولي شڪل تيار ڪري کڻي رکيائون. الله تعاليٰ کي اها شڪل پسند نه آئي ۽ پاڻ ”آدم“ جي شڪل ۾ ملائڪن کي ڏيکاري ڏني، جنهن کي ڏسي پوءِ ملائڪن حضرت آدم عليہ السلام جو بوتو سهڻي نموني ۾ تيار ڪيو.

 

        الله تعاليٰ پنهنجي پسندي موجب بوتو تيار ڪرائي روح کي منجهس گهڙڻ جو حڪم ڪيو. جنهن پهريائين ته انڌاري ڪوٺڙي ڏسي منجهس گهڙڻ کان انڪار ڪيو. آخر جڏهن الله تعاليٰ واعدو ڪيو ته: توکي وري ٻاهر ڪڍيو ويندو. تڏهن هو حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي ۾ گهڙيو. روح جڏهن نڪ مان داخل ٿي مغز ۾ پهتو ته حضرت آدم عليہ السلام اکيون کوليون. پوءِ روح سڄي جسم مان گهمي وري مغز ۾ پهتو ته حضرت آدم کي نڇ آئي. نڇ اچڻ تي پاڻ ’شڪرالحمدلله‘ چيائين ۽ جواب ۾ ’يرحمڪ الله‘ جو آواز ٻڌائين. ان بعد نور سندس نراڙ ۾ چمڪڻ لڳو تڏهن روح ڏاڍو خوش ٿيو.

        پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي حڪمت سان حضرت آدم عليہ السلام کي سڀني شين جا نالا سيکاريا جي ملائڪن کي ٻڌايائين. شين جي نالن ٻڌڻ سان ملائڪ عجب ۾ پئجي ويا. ان تي الله تعاليٰ ملائڪن کي چيو ته: مون اوهان کي نه چيو هو ته جيڪي آءٌ ڄاڻان ٿو. سو اوهين نٿا ڄاڻو. ائين چئي کين حضرت آدم عليہ السلام کي سجدي ڪرڻ جو حُڪم ڏنائين. الله تعاليٰ جو حڪم ٻڌي ٻين سڀني ملائڪن سجدو ڪيو، مگر عزازيل سجدو نه ڪيو. ان تي الله تعاليٰ کانئس سبب پڇيو. عزازيل چيو ته: هيءُ مٽيءَ جي پيدائش، آءٌ باهه جي پيدائش، سو هن کي سجدو ڪيئن ڪريان جو مون کان هيٺئين درجي تي آهي. اهو ٻڌي الله تعاليٰ کيس ”شيطان“ جو لقب ڏنو ۽ لعنت وجهي تڙائي ڇڏيائينس.

 

        چون ٿا ته: حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي ٺهڻ کان گهڻو اڳي عزازيل کي آسمان تي هڪ گنبذ ڏسڻ ۾ آيو هو. جنهن کي اندر گهڙڻ لاءِ دري يا دروازو ٺهيل ڪونه هو. حيران ٿيو ته آخر هن گنبذ ۾ ڪهڙي شئي رکيل آهي. جنهن کي ايڏي حفاظت سان رکيو ويو آهي. پوءِ انهيءَ گنبذ ۾ دروازي ٿيڻ لاءِ الله تعاليٰ کي سوال ڪيائين. جواب مليس ته: ستر هزار سال عبادت ڪرڻ بعد ئي انهيءَ راز کان واقف ٿيندين. جڏهن عبادت جا ستر هزار سال پورا ٿيا تڏهن قدرت الاهي سان انهيءَ ۾ هڪڙو دروازو ٿي پيو. عزازيل اندر گهڙي ويو. ڇا ڏسي ته هڪڙي پيتي آهي جنهن کي ڪلف ڏنو پيو آهي. گهڻيئي ڪوشش ڪيائين پر ڪلف لهي نه سگهيو ۽ نه وري پيٽي کلي. وري به ستر هزار سالن جي عبادت جو حڪم ٿيس. ان بعد از خود ڪلف کلي پيو جا کڻي ڏسي ته پيتيءَ ۾ هڪڙي ڦرهي پيل آهي جنهن تــي ڪلمون لکيو پيو آهي. ”لااِله الاالله محمد رسول الله.“ عزازيل اهو ڏسي تڪبر ڪيو، جو الله تعاليٰ کي نه وڻيو. هڪ اهو سبب ٻيو ته عزازيل، آدم عليہ السلام کي سجدو نه ڪيو تنهنڪري هن کي تڙيو ويو.

        چون ٿا ته: حضرت آدم عليہ السلام جڏهن سڀني ملائڪن کي پنهنجي اڳيان سجدو ڪندو ڏٺو تڏهن حيران ٿي ان جو سبب الله تعاليٰ کان پڇيائين. الله تعاليٰ فرمايو ته: اي آدم! اسان تنهنجي نراڙ ۾ پنهنجي نُور کي داخل ڪيو آهي. ملائڪ ان کي ئي سجدو ڪن ٿا. ان تي آدم ’نور‘ ڏسڻ جي خواهش ڪئي. تڏهن الله تعاليٰ جي حڪم سان نور نراڙ مان نڪري آدم جي هٿن جي آڱرين ۾ آيو. حضرت آدم عليہ السلام، نور کي آڱرين ۾ ڏسي چمڻ لڳو. ان بعد نور وري اشهد آڱر ۾ آيو، اهو ئي سبب آهي جو نمازي، نماز ۾ اشهد آڱر اُڀي ڪن ٿا.

        پوءِ الله تعاليٰ جي حڪم سان ملائڪ، حضرت آدم عليہ السلام کي تخت تي چاڙهي بهشت ۾ وٺي ويا ۽ اتيئي رهڻ لڳو، پر هو ٻيو ڪوبه ملائڪ نه ڏسي، پاڻ کي اڪيلو سمجهي پريشان ٿيڻ لڳو، تڏهن الله تعاليٰ حضرت آدم عليہ السلام جي ڏائي ڪُک مان ننڊ جي حالت ۾ بيبي حوا کي پيدا ڪيو. جڏهن هو سجاڳ ٿيو ۽ بيبي حوا کي ڀر ۾ ويٺل ڏٺائين، تڏهن پاڻ جهڙو ٻيو انسان ڏسي حيران ٿي ويو. ايتري ۾ الله تعاليٰ جو فرمان ٿيو ته: اي آدم! هيءَ عورت اسان تنهنجي لاءِ ئي پيدا ڪئي آهي. پر نڪاح پوڻ کان پوءِ، پوءِ الله تعاليٰ، حضرت آدم عليہ السلام ۽ بيبي حوا جو نڪاح پاڻ پڙهيو ۽ کين حڪم ڪيو ته: هاڻي وڃي بهشت ۾ رهو، جتي توهان کي نه بک لڳندي ۽ نڪي شيطان جي چوڻ تي لڳجو، جو هو توهان جو دشمن آهي. ان کان پوءِ حضرت آدم عليہ السلام ۽ بي بي حوا ٻئي ڄڻا بهشت ۾ رهڻ لڳا:

        مٿئين بيان بابت ڏور ڏجن ٿا:

[1]

مارن عمر تي ڪيو، ڏک جو ڏوراپو:

ته عمر جي اچڻ جو، ناهي کاهڙ ۾ کاپو.

ڏسندين ڏکاپو، عمر جو ”احمد“ چئي.

(احمد خان مري)

        مارو = ملائڪ، عمر = حضرت آدم عليہ السلام

        کاهڙ = دنيا

 

 

        مراد: حضرت آدم عليہ السلام جي پيدا ٿيڻ جو ٻڌي، ملائڪن الله تعاليٰ کي چيو ته: ڌرتيءَ تي آدم جي ڪابه ضرورت ڪانهي، ڇاڪاڻ ته اتي وڃي فساد ڪندو. وري توهان کي ئي ان جو ارمان ٿيندو.

 

[2]

عمر ماڻهو موڪليا، چار چڻا چاري،

انهن منجهان هڪڙي، مَنڌَ وڃي ماري،

پوءِ عمر اختياري، اها ڏني اُنِ کي.

        عمر = الله تعاليٰ، چار چڻا = ملائڪ

        هڪڙو = حضرت عزرائيل، منڌ = ڌرتي

        اختياري = روح قبض ڪرڻ جي اجازت

        مراد: الله تعاليٰ حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي ٺاهڻ لاءِ چئن ملائڪن کي ڌرتيءَ تان مٽي کڻي اچڻ لاءِ واري واري سان موڪليو. جن مان حضرت عزرائيل کڻي آيو. تنهن تي الله تعاليٰ کيس انسانن جي روح قبض ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو.

[3]

ساراهيان سچو ڌڻي، خالق خلقڻهار،

چستئون چارڻ هليو، ٿي سو ترت تيار،

جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾، آيو گڍ مٿي گرنار

هت ته ڪيئي قوال ڪهي ويا هئا، تند وڄائي تار،

پر هيءَ ڀان ڏٺئين وڏي ڀير سان، ٿيس دل مٿي دهڪار،

هن سورٺ مڱڻهار سان، ڪيا حيلا لک هزار،

پر مڃائينس ڪين ”مري“ چئي، نڪا ٻڌائينس ٻاڪار،

 

جاءِ انهيءَ ”جاڙو“ چئي، هنيائينس ڪنڍو منجهه ڪاپار

 

مُنڍي ميراثي هٿ ۾، آيو ڪري شوق شڪار،

هاڻي جوان اوهين جونجهار، ڏاها! ڳوليو ڏور کي.

(جاڙو خان مري)

 

        چارڻ، جاجڪ = عزرائيل، جهونا ڳڙهه = ڌرتي،

        گرنارگڊ = ڪعبةالله وارو هنڌ،

        قوال = ٻيا ٽي ملائڪ، ڀان = عزرائيل

        سورٺ = ڌرتي. مڱڻو = عزراعيل

        ڪنڊو = چنبو، مُنڍي = مٽيءَ جو چاڻو.

مراد: حضرت عزرائيل ڌرتيءَ تان مٽي کڻڻ آيو. ڌرتيءَ گهڻيئي ئي منٿون آزيون ڪيس پر حضرت عزرائيل نه مڙيو ۽ ڪعبةالله واري هنڌ کان مٽيءَ جو چنبو کڻي آيو.

 

[4]

پورب ۾ پورا هئا، سهڻا سڀيئي،

وڃيو وير وريو اچن، هوءَ گهورن ئي گهائي

”ادريس“ چئي اها ئي، گوهر گڏِي هئي گس ۾.

(ادريس)

پورب = عرش عظيم، سهڻا، وير = ملائڪ

هوءَ = ڌرتيءَ ڏانهن اشارو. گوهر = عزرائيل

گس = ڪعبةالله وارو هنڌ.

مراد: ڌرتيءَ تان مٽي آڻڻ لاءِ ڪيترا ملائڪ آيا. پر واپس موٽي ويا. آخر عزرائيل ڪعبةالله واري جاءِ تان مٽيءَ جو چنبو ڀري کڻي آيو.

 

 

[5]

عمر! آڻي مارئي، تو ڪيرو خان خلل،

مارن ڪاڻ ملير ۾، تو ظاهر ڪيو ذَلل
وڻندئي واحد کي ڪينڪي، تنهنجو طرح طبل،

موٽائي منج ماڙ ڏي، اها امانت اَصل،
ته وڃي ويڙهيچن سان، ڪري وير! وصل،

ڪري ”سولنگي“ سنبل، هن ک’ي پڄاءِ پيڪن ڏي.

(لاکيڻو عرف نظام الدين سولنگي)

عمر=حضرت عزرائيل. مارئي= مٽي. مارو= ملائڪ.

ملير = عرش عظيم. ماڙ = ڌرتي.

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي ٺاهڻ لاءِ جڏهن حضرت عزرائيل مٽي کڻي آيو تڏهن ٻيا ملائق کيس چون ٿا ته آدم جي پيدا ٿيڻ تي هتي گهڻو فساد وغيره ٿيندو. تو جنهن نموني سان اها امانت آندي آهي. اهڙي ئي نموني سان وري به توکي واپس ڪرڻي پوندي.

[6]

طنبو تيرهن ماهه، کتا ڪينجهر ڪنڌئين

مڙي ملاحن پاڻ ۾، ڏني در تماچي دانهن:

تو جا طلبي ٻانهن، سا نوري پس نگاهه سان.

 

ڪينجهر = مٽي، ملاح = ملائڪ تماچي = الله تعاليٰ

نوري = مٽي، ملاح = ملائڪ تماچي = الله تعاليٰ

 

مراد: عزرائيل جي مٽي کڻي اچڻ بعد، الله تعاليٰ جي حڪم سان ملائڪن تيرهن مهينا مٽيءَ کي ڳوهي، بوتي ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٺاهي نه سگهيا، پوءِ جڏهن الله تعاليٰ کين آدم عليہ السلام جي شڪل ۾ ڏيکائي ڏني، تڏهن انهن آدم جي سهڻي صورت ٺاهي الله تعاليٰ کي پيش ڪئي.

 

[7]

اَول جلول، لڱين لولُ، هيو ڊول بلاڙو ڊول

ٺُولهي منجهان ٺُول، چَن ڏيئي چاڙهيو چؤڏول تي.

 

ٺولهو = حضرت آدم عليہ السلام جو بوتو

چؤڏول تي چارهڻ = روح کي بوتي ۾ داخل ڪرڻ.

 

مراد: ملائڪن آدم عليہ السلام جو بي ڊولو بوتو تيار ڪري رکيو. جڏهن الله تعاليٰ کين انساني صورت ۾ ڏيکائي ڏني تڏهن آدم جي سهڻي صورت تيار ڪري الله تعاليٰ جي اڳيان پيش ڪئي. جنهن کان پوءِ منجهس روح کي داخل ڪيو ويو.

[8]

چَڙا! تو تنوار، ڪٿي پرائي پرين جي؟

ڌَنوڻين ڌڌڪا ڪيا، ڪئي سانڌاڻي سڏڪار،

اَنبون اُلا اُٿاريا، ڏنئون مترڪن جي مار،

اڳي جي آڌار، پيئي لار چڙي ۾

 

چڙو = حضرت آدم

تنوار = الحمدلله

مراد: آدم عليہ السلام کي ساهه پيو ۽ ڇڪ آيس تڏهن ’شڪر الحمدلله‘ ڪيائين. پوءِ خدا پاڪ جي طرفان کانئس جن شين جا نالا پڇيا ويا، اهي چئي ٻڌايائين. ملائڪن چيس ته، توکي هي علم ڪٿان آيو؟ چيائين، هي سڀ الله جي عنايت آهي.

[9]

اُن نه هُيم سُن، عشق اُٺاسي اُن جي،

اُتي ڪيئي واهڙ وهي ويا، ڪڙڪا ڪرين ڪُن،

ساهڙ سان سَمن، مون ڪُن ويهڻ جي ڪانه ڪئي.

 

هيم = آدم جي بوتي ڏانهن اشارو

ساهڙ = الله تعاليٰ.

مراد: جڏهن روح کي حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي ۾ گهڙڻ جو امر ڪيو ويو، تڏهن ان واعدا ورتا هئا ته: مون کي هتان وري ڪڍيو ويندو. جواب مليس ”هائو“، پوءِ بوتي ۾ گهڙيو. اندر پهچڻ تي جڏهن دنيا جو واءُ سواءُ لڳس، تڏهن ان ورتل واعدي تي پڇتائڻ لڳو.

[10]

پکي سانڍيو پڃري ۾، سالڪ وجهي ساهَه، لولي نه ڏني ماءَ، ساماڻي سُرهيال ٿيو.

پکي = روح، پڃرو = آدم جو بوتو.

سالڪ = الله تعاليٰ

مراد: حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي ۾ الله تعاليٰ ساهه وڌو. ان جي ڪابه ماءُ ڪانه هئي جا کيس لولي ڏئي ها.

 

[11]

پنجن ڄڻين پٽ ڄائو، جن مان هڪ به نه سڏائي ماءُ،

پرس اڳي سو پاڪ هو، اميرن وياءُ

 

نڪي پينگهي لڏيو، نڪي ببو ڏنس ماءُ

خلقيو پاڻ خداءِ، ٿيو اُمتي رسول جو.

 

پنج ڄڻيون = پنج زمينون

پٽ = حضرت آدم ڏانهن اشارو

اميرن وياءُ = ملائڪن جو ٺاهيل بوتو.

 

مراد: حضرت آدم عليہ السلام کي نڪي ڪنهن ڄڻيو نه ڪنهن ببو ڏنو پر مٽيءَ جي پيدائش هو.

 

[12]

پهرين تون پاريج، پارڻ پوءِ پنهون تي

ٻول مَ وساريج، هُو جو ڪيئي هوت سان.

(شاهه)

 

تون = روح ڏانهن اشارو. پنهون = الله تعاليٰ

هُت = روح جو بوتي ۾ داخل ٿيڻ واري جاءِ

ڏانهن اشارو. هوت = تعاليٰ

 

مراد: روح کي خدا تعاليٰ چيو ته تون ”الست بربکم“ جي جواب ۾ ”قالوابليٰ“ جو جواب ڏيئي، جيڪا ذميواري پاڻ تي کنئي آهي. هاڻ ان تي عمل ڪري ڏيکارج. ان کان پوءِ جيڪي مون کي ڪرڻو آهي سو توکي يقين سان ڪري ڏيکاريندس.

[13]

هُونئن چئي هيئن چيئي، ڀلا! انهيءَ ڀت،

 

 

مان وسوڙيل کي ويساهه ڏيئي، تو پرس! ڏني هئي پت

 

مون کي ته ڏنئي مت، پر ٻيون به ڪنبنديون ڪيتريون

 

هونئن چئي هيئن وڻ = پهريائين چوڻ ته

فقط هڪ خدا کي سجدو جڳائي، پوءِ آدم

جي سجدي لاءِ چوڻ، ڀلا = رب اڪبر.

 

مراد: آدم عليہ السلام جي بوتي ٺهڻ بعد، ملائڪن ۽ مقررين کي حڪم ٿيو ته آدم عليہ السلام کي سجدو ڪيو وڃي. سڀني ملائڪن سجدو ڪيو مگر عزازيل نه ڪيو. چيائين ته سجدو فقط الله تعاليٰ کي جڳائي، سندس چوڻ به اهو ئي آهي. پوءِ جڏهن تڙيو تڏهن چيائين ته: مون کي ته سزا ملي، پر ٻيا به ڪيترائي ڪنبندا رهندا.

[14]

چنيسر جي راڄ ۾، وڏيري هياس،

هت ڇهندي هار جي، ڪڙي ڪانڌ ٿياس،

ڍوليي ڍيلياس ۾، آيم ڏُنءُ ڏهاڳ جو.

(شاهه)

چنيسر = الله تعالي، هياس = عزازيل ڏانهن

اشارو. هار = آدم جو بوتو، ڪانڌ = الله تعاليٰ

ڏهاڳ اچڻ = تڙجڻ.

 

مراد: عزازيل چئي ٿو ته: جيتوڻيڪ آءٌ سڀني ملائڪن ۾ وڏو هوس. مگر جڏهن حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي کي سجدو نه ڪيم تڏهن الله تعاليٰ مون کي تڙائي ڇڏيو.

 

[15]

 

چنيسر جي چِت، ڪي بڻ اڳيئي هو،

مڻيي سندو مامرو، تنهان پوءِ ٿيو،

ڪانڌ اڳيئي ڪٽريو، پوءِ حرف رکيائنس هارجو.

(شاهه)

 

چنيسر = الله تعاليٰ، مڻيو = سجدو

هار = سجدو.

مراد: ائين نه آهي ته عزازيل، حضرت آدم عليہ السلام کي تعظيمي سجدو نه ڪيو، تنهن ڪري ڌڪار جي ويو، بلڪ اهو معاملو نهايت پراڻو هو. جڏهن عزازيل حضورﷺ جن جو نالو ڦرهيءَ تي ڏٺو ۽ هوش خطا ٿي ويا هئس. اُن وقت کان ئي خدائيءَ جي خلاف گهاٽ گهڙڻ لڳو، قدرت پڻ هن کان خبردار هئي، جنهن آخر آدم عليہ السلام کي سجدي نه ڪرڻ جي بهاني سان کيس تڙي ڇڏيو.

 

[16]

ڇا مڻيو، ڇا مامرو، ڇا هار مٿي حرڪت!

ڏس بانور جي برڪت، جو ليلان لاڏ ڦٽا ڪيا.

 

مڻيو = سجدو، هار جي حرڪت سجدي جو عذر

ليلان = عزازيل

مراد: حضرت عزازيل، عليہ السلام کان الله تعاليٰ گنبذ واريءَ ڳالهه سبب ناراض هو. حضرت آدم عليہ السلام جي سجدي بابت رڳو عذر هو. پوءِ سجدي نه ڪرڻ جي بهاني سان کيس تڙائي، سندس سڀ حجتون ختم ڪري ڇڏيائين.

 [17]

ڪين ساڱايم سپريم، جاڙون ڪيم جي.

سوڍا! مون کي سي، موٽي آيون منهن ۾.

 (شاهه)

 

سپرين = خدا تعاليٰ، جارون ڪرڻ = سجدو نه ڪرڻ.

سوڍو = خدا تعالي. مون = حضرت عزازيل عليہ اسلام

 ڏانهن اشاو

 

مراد: شيطان الله تعاليٰ سان واعدا ڪيا هئا ته: جيڪو تنهنجي امر کي نه مڃي، تنهن تي تنهنجي ۽ منهنجي لعنت. جڏهن پاڻ حڪم نه مڃيائين. تڏهن پاڻ ئي پاڻ تي ملامت ڪندي چيائين ته: جيڪي مون ڪيو. سو موٽي مون کي ئي منهن ۾ لڳو.

 

[18]

ڪين ساکايم سپريم، جارون ڪيم جت،

سوڍا! مون کي تت، موٽي آيون منهن ۾.

 (شاهه)

 

سپرين = خدا تعاليٰ. جاڙون ڪرڻ = سجدو نه ڪرڻ.

سوڍو = خدا تعاليٰ. مون = عزازيل ڏانهن اشارو.

 

مراد: عزازيل جنهن جي جاءِ تي (الله تعاليٰ جي حڪم نه مڃڻ واري تي لعنت) واعدو ڪيو هو، خدا جي قدرت جو انهي ساڳي جاءِ تي کيس لعنت جو طوق پيو.

 

[19]

آيو مير ملير ۾، جڏهن رنگ جوڙي ٿيو راس،

 

 

موليٰ سڀ مطيع ڪيا، تنهن پانوَ جي پاس،

 

تن جي ڪري تپاس، حيرت لڳي هوت کي.

 

مير = روح. ملير = آدم جو بوتو

رنگ = آدم جو بوتو. سڀ = ملائڪن ڏانهن اشارو

 

مراد: جڏهن آدم جو بوتو تيار ٿيو ۽ منجهس روح داخل ٿيو، تڏهن الله تعاليٰ ملائڪن کي سجدي لاءِ حڪم ڪيو، ملائڪن کي سجدو ڪندي ڏسي حضرت آدم عليہ السلام حيران ٿي ويو.

 

[20]

حيرت لڳي هوت کي، ٿيو ورنهه کي ويچار،

قاصد قريبن ڏاهون، اچي ٿيس اظهار،

مان رکايو آ مخفي، ڪيچ ڌڻي ڪوهيار،

ڪن ٿا تابعداري تنهنجي، تيڏانهون تڪرار،

ڪيائين سوز سميع کي، ٿيو نڪري سو نروار،

چؤرنگ چشمن تي رکيو، دُر سندو ديدار،

”غلام محمد“ جو گلزار، پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو.

(غلام محمد)

هوت = حضرت آدم. قاصد = هاتفي آواز.

ڪيچ ڌڻي = نور. ڪن ٿا = ملائڪن ڏي اشارو

سو = بنور ڏانهن اشارو. چؤرنگ = حضرت آدم

دُر - نور

مراد: حضرت آدم عليہ السلام جي بوتي ۾ الله پاڪ روح وڌو. تڏهن ڏٺائين ته. ملائڪ کيس سجدو ڪري رهيا آهن. آدم عليہ السلام حيران ٿي پڇيو ته: هي مون کي سجدو ڇو ٿا ڪن؟ تڏهن هاتفي آواز ٿيو ته توهان ۾ هڪ نور پيدا ٿيندو. جڏهن اهو نور حضرت آدم عليہ السلام جي هٿن جي ڏهن ئي آڱرين مان تجلا لڳو، تڏهن سڀئي آڱريون اکين تي رکي چمڻ لڳو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org