سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :15

روايت [2]*

 

ڄام نندي واري زماني ۾، ٺٽي لڳ هڪڙي ڳوٺ ۾، راٺوڙ قوم جا ڪي مالدار ماڻهو رهندا هئا. انهن ۾ ٻالو، پروز ۽ ڪؤڙو ٽي ڀائر مشهور هئا. ڪؤڙو راڄ جو چڱو مڙس هو. راٺوڙن جي ڳوٺ جي ٻاهران هڪ تلاءُ هو، جنهن ۾ راٺوڙ ڇوڪريون وڃي وهنجنديون هيون. غير مرد کي اتان لنگهڻ جي منع هئي.

راٺوڙين جو حسن ملڪان ملڪ مشهور هو؛ پر سڀني ۾ ٻالي راٺوڙ جون ڌيون ”ملهي“ ۽ ”همون“ برک هيون. همون ننڍي هئي، ۽ سونهن ۾ وڏيءَ ڀيڻ ملهي کان سرس هئي. ٻالي راٺوڙ کي هڪ رول ڇوڪرو هٿ لڳو، جو چون ٿا ته سيد هو، ۽ سندس نالو ”قبول“ هو؛ پر راٺوڙن سندس نالو ”ڳهڻو“ رکي، کيس پنهنجي گابن سان پهرائي ڇڏيو.

ڄام نندي کي اولاد ٿيندو ئي ڪونه هو. هن گهڻئي پير فقير پڇايا ۽ مڃتائون باسيون، پر وريو ڪي به ڪين. آخر هڪڙي فقير چيس: توکي اولاد ملندو، پر جهنگ مان. هڪڙي ڏينهن ڄام نندو شڪار تان موٽيو ته واٽ تي هڪڙيءَ جُوءِ ۾، هڪ ڇوڪرو وڻ هيٺ ستل ڏٺائين. ان سان سؤ کن گابا هئا، جي سندس چوڌاري ويٺا هئا. لڙيي سج، وڻ جي ڇانوَ اولهه طرف جي بجاءِ اوڀر طرف ڇوڪري جي مٿان هئا. اها حالت ڏسي بادشاهه حيران ٿي ويو، ۽ ڇوڪر کي جاڳائي چيائين ته:

ڇٽيهه لکڻا ڇوڪرا! مٿان ٽي پهر ٽريا،
هيءَ حڪمت تو ۾، ڪِ هيءَ گابَ ڌڻيا؟

 

اهو ٻڌي ڇوڪرو اکيون مهٽي اٿيو، ۽ جواب ڏنائين:

جهجهي برڪت مون ۾، جهجي گابَ ڌَڻيا؟
ڇوڪر جاڳائي ننڊ مان، توکي ڪهڙا ڪاڄَ سَريا؟

ان تي ڄام چيس: ”اي ڇوڪرا ! تو جهڙي سڀاڳي کي هٿ ڪري، منهنجا سڀئي ڪاڄ سولا ٿيا آهن.“ ائين چئي وري به آزمودي خاطر هن کي پاڻ وٽ سڏيائين، ته ڇوڪر سان گڏ وڻ جي ڇانوَ پڻ هلڻ لڳي، ۽ ڇانوَ ۾ ويٺل گابن تي اُس اچي وئي. تنهن تي بادشاهه کي پڪ ٿي ته هيءَ حڪمت ڇوڪري ۾ آهي. تڏهين چيائينس: هتي گابن ۾ ڇو پيو آداب کائين... ڇڏ گابن کي، هلي تخت تي ويهي موجون ماڻ. ڇوڪري وراڻيو ته: منهنجن مالڪن کان اجازت وٺو ته پوءِ بلاشڪ هلندس. بادشاهه چيس ته: تون ڪو هنن جو ملهه ڳڌل غلام ڪونه آهين، جو اجازت جي ضرورت پوي؛ تو ته پاڻ هنن جا گابا پئي چاريا، اهو تنهنجو هنن تي وڏو احسان آهي. ماٺ ڪري گابا ڪاهي ڌڻين کي ڏئي اچ ته هلون. تنهن تي هن وراڻيو ته: ائين آءٌ به ڪونه هلندس. اتي بادشاهه چيس ته: ڇوڪرا ! تون جو هيڏا ماڻا پيو ڪرين، سو ڇو؟ آخر هنن وٽان توکي ملي ڇا ٿو؟ اهو ٻڌي ڇوڪري ڇيو ته:

جهجهيون ملن عزتون، جهجها ملن کٿا،
موڪلينم مانيون، همونءَ جي هٿان.

 

ڇوڪري جو جواب ٻڌي، بادشاهه چيو ته:

کٿا مٿان ئي گهوريان، کٿا پهرين ڄٺَ،
ويهي حڪم هلاءِ تون، چڙهي ڳهڻا! ڳاڙهيءَ کٽ.

 

ڇوڪري چيو ته: سائين! اهو ته برابر آهي، پر جن جو نمڪ کاڌو اٿم، تن جي موڪل کان سواءِ هلڻ مناسب نه آهي. ڄام نندو، ڇوڪري جو جواب ٻڌي، نااميد ٿي، گهوڙي کي هڪلي اچي شهر ڀيڙو ٿيو.

ٻئي ڏينهن صبح سان ڇوڪري وارو سڄو احوال وزير کي ٻڌائي چيائين ته: ڪهڙي به نموني ڇوڪري کي پاڻ وٽ آڻڻو آهي. وزير وراڻيو ته: ڏاڍائي ڪرڻ بادشاهي شان جي خلاف آهي. جيڪي ڪجهه ڪجي، سو راضپي سان ڪجي ته بهتر ٿيندو. نيٺ صلاح بيهاري، ڳچ امير امراء ميڙ ڪري، راٺوڙن ڏي روانا ڪيائين.

نندل ميڙ هلائي، پهرين ”پروز“ ڏانہ،
ته گابن جو گابار، آئين مونکي ڏيو وياءُ.

 

ميڙ پِروز راٺوڙ وٽ پهتي، ته هن صاف جواب ڏيئي کين واپس ڪيو. ان تي ڄام نندي کي ڏاڍو ڏک ٿيو، پر وزير جي دلداريءَ تي صبر ڪري ويهي رهيو.

ٻه ٽي ڏينهن ترسي، وري ٻي ميڙ پروز جي ڀاءُ ”ٻاليٖ“ ڏانهن رواني ڪيائين.

نندل ميڙ هلائي، ٻِيءَ ”ٻالي“ ٻئي ڀاءُ،
ته گابن جو گابار، آئين مونکي ڏيو وياءُ.

 

ميڙ ٻالي وٽ پهتي ته هن ويچار ڪري، پنهنجي وڏي ڀاءُ ڪؤڙي کي گهرائي، کانئس پڇيو ته بادشاهه کي ڪهڙو جواب ڏجي:

پاڻ ۾ پَهه ڪري، آيا ڪؤڙي کي ڪوٺٖي،
ته نندل ميڙ هلائي، سا ويهي ڪِ موٽيٖ؟


 

ڪؤڙي ويچار ڪري چيو ته: بادشاهه کي اهو اختيار آهي ته هو اسان کان پڇي به نه، ۽ زوريءَ ڇوڪرو وٺي وڃي. جڏهن هن اسان جي دل رکي آهي، ۽ پنهنجو شان سڃاڻي، ميڙ موڪلي اٿس، تڏهن ان کي جواب ڏيڻ وڏي غلطي ٿيندي. اسين سندس رعيت آهيون. هيءُ ته هڪڙو غريب ڇوڪرو آهي، پر هو جيڪي گهري، سو وٺي سگهي ٿو. ڪؤڙي جي انهيءَ فيصلي کان پوءِ ڇوڪرو، بادشاهه ڏي روانو ڪيائون.

ڄام، ڇوڪري کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ يڪدم هڪڙو وڏو جشن ڪرائي، اميرن اُمرائن جي روبرو، ڇوڪري کي پنهنجو پُٽيلو ڪوٺي، سندس اڳوڻو نالو لاهي ”درياخان“ نالو رکيائين، جو پوءِ ”دولهه درياخان“ جي نالي سان مشهور ٿيو.

سهسين ڪٺائون ڦنڊرون، سهسين ڪٺائون سانَ،
پيڙهيءَ چڙهيو پنهنجي، دولهه درياخان.

 

اها ڳالهه راڻي ”مرکيءَ“ کي ڪين وڻي. هوءَ هميشہ پئي سڙندي هئي، ۽ وجهه ڳوليندي هئي ته ڪنهن به طرح دولهه درياخان کي پورو ڪجي. پر بادشاهه جو ڇوڪري تي اهڙو راض هو، جو هڪ پل به کيس پاڻ کان پري ڪين ڪندو هو. اهڙيءَ طرح هيءُ بادشاهي شان سان پلجڻ لڳو.

انهيءَ وچ ۾ راڻي مُرکي، ڪن اميرن وزيرن کي لالچ ڏيئي، هن صلاح تي بيهاريو ته دولهه دريا خان کي ڪنهن طرح شڪار تي وٺي وڃجي، پوءِ اتي ماري پورو ڪري ڇڏجيس. آخرڪار هڪڙي امير جي برغلائڻ تي، دولهه درياخان، بادشاهه کان موڪل وٺي، هنن سان گڏ ”خوني ٻيلي“ ۾ شڪار تي روانو ٿيو. ٻيلي ۾ پهچي اميرن هڪڙو ٿڪل گهوڙو درياخان جي حوالي ڪيو، پاڻ ڀلن گهوڙن تي سوار ٿيا. هلندي هلندي هڪ روجهه سامهون نڪتي. درياخان کي چيائيون ته: گهوڙو پٺيان هڪلي جهلينس. درياخان گهوڙو ڇڏيو روجهه جي پويان، ته اميرن وري پوئتي پير ڪيا. گهوڙو ويچارو ڪجهه وقت ڊوڙي آخر بيهي رهيو، ۽ اڳتي هلڻ جي نه ڪري؛ تنهن تي درياخان گهوڙي کي چيو:

وڃي اُڏاڻي روجهڙي، هاڙهو حب ڏيو،
تون رسين نٿو روجهه کي، توکي ڪوهه ٿيو؟

 

تنهن تي گهوڙي جواب ڏنو:

گيهه مليدا جن ڏئين، سو گهوڙا گهر رهيا،
ڇٻر جيٖ ڪکن تي، مون وڏا وس ڪيا.

 

تنهن تي درياخان چيس ته:

گيهه مليدا تو ڏيان، گهوڙا گهر هلي،
سيريون سڀ انعام ۾، جهلين روجهه هلي.

اهو ٻڌي گهوڙو روجهه جي پويان ڪاهي پيو، ۽ کن پَل ۾ وڃي روجهه کي رسيو. درياخان روجهه ماري، ان جا ڪن ۽ پڇ نشانيءَ طور پاڻ سان کڻي پوئتي موٽيو. گس به ڏٺل ڪونه هئس، سو ”جيڏانهن ڪنڌ تيڏانهن پنڌ“ وانگر نڪ سامهون کڻي رخ رکيائين. اتي اڃ به ڏاڍو هلاک ڪيس. هيڏانهن هوڏانهن واجهه وڌائين، پر ڪٿان به پاڻي نه مليس؛ لاچار اڳتي هلندو رهيو. هلندي هلندي گس ۾ هڪڙو ماڻهو مليس، جنهن جي حالت پڻ تمام بري هئي. درياخان کيس چيو ته:

گهوڙي وارا گهوٽيا، ڏي ڪو پاڻيءَ ڏس،
ڪيڏانهن ڪعبو قبلو، ڪيڏانهن ننگر گس.

اهو ٻڌي ان شخص چيو ته: ننگر هتان ويجهو آهي، پر ان کان اوريان واٽ تي هڪڙو وڏو تلاءُ ايندءِ، جتي ڪي سهڻيون ڇوڪريون پيون وهنجن، جن منهنجو به هيءُ حال ڪيو آهي. سو توکي به ان لاءِ ٻڌايان ٿو ته تلاءُ کان پاسو ڏيئي وڃج، متان توسان به مون واري حالت ٿئي! اهو ٻڌي درياخان به اُن طرف روانو ٿيو. تان جو اچي تلاءُ وٽ پهتو. گهوڙي کي هڪڙي وڻ سان ٻڌي، تلاءَ جي ڪنهن ڪنڊ مان لڪي پاڻي پِي، پوءِ انهن ڇوڪرين جا سڀ ڪپڙا کڻي، هڪڙي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. اهو راٺوڙن جو تلاءُ هو. ڇوڪريون به هن جون سڃاتل هيون، جي راٺوڙيون هيون. ”همون“ به انهن سان گڏ هئي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪريون ٻاهر نڪتيون.ڪپڙا نه ڏسي، پنهنجن ڊگهن ڪارن وارن ۾ ويڙهجي بيهي رهيون. آخر ڪنهن ڇوڪري جي نظر وڃي درياخان تي پيئي، جو ڪپڙا کنيو وڻ تي ويٺو هو. پوءِ ته سڀني گڏجي درياخان کي آزيون نيزاريون ڪيون. آخرڪار درياخان ٻين ته سڀني ڇوڪرين کي ڪپڙا موٽائي ڏنا، جي ڪپڙا پائي وٺي ڀڳيون، باقي ”همونءَ“ جا ڪپڙا رکي ڇڏيائين، جنهن تي ننڍي هوندي کان ئي عاشق هو. هينئر ته هوءَ به جوان هئي، سو هي اڳوڻي کان به وڌيڪ گهائجي پيو. نيٺ همونءَ جي گهڻن سوالن تي سندس ٻيا سڀ ڪپڙا ڏنائين، مگر سندس مڱڻي جو چولو ڪين ڏنائين، ۽ اهو پاڻ سان کڻي پوئتي موٽيو. سندس ساٿي اڃا پهتائي ڪين، ته هي اڳ ۾ گهر پهچي ويو. هن کي چڱو ڀلو آيل ڏسي، راڻي مُرکي سڙي وئي. رات جو اهي امير به اچي پهتا، جي درياخان کي سلامت آيل ڏسي وائڙا ٿي ويا. ڊپ ٿين ته متان درياخان، بادشاهه کي نه ٻڌائي، سو سڀني گڏجي اچي کانئس معافي ورتي، ۽ آئيندي لاءِ توبهه ڪيائون.

ٻئي ڏينهن درياخان اونڌو کٽولو وجهي سمهي رهيو. هن جي اها حالت ڏسي مُرکي ڊوڙي آئي، ۽ مٿينءَ دل سان هن جي خوشامد ڪري پڇيائين ته: ابا! خير ته آهي.. توکي ڇا کپي؟ درياخان جواب ۾ فقط ايترو چيو ته: همون. همونءَ جو نالو ٻڌي، مُرکيءَ کي باهه وٺي ويئي، ڇو ته اها سندس ڀاءُ ”ڪاهو ڏيري“ سان مڱيل هئي.

بادشاهه کي جو اها خبر پيئي، سو به ڊوڙندو آيو. درياخان سندس پڇا تي به جواب ۾ فقط ”همون“ جو نالو ورتو. بادشاهه ويچارو پنهنجي سالي جي مڱ جو ٻڌي ويچار ۾ پئجي ويو، ڇو ته راڻي مرکيءَ جي ناراضگيءَ جو خيال ٿيس. تڏهن هن کي ٽارڻ لاءِ چيائين ته: ابا! تو جيڪا همون ڏٺي هئي، سا هينئر ڪانهي، سندس ڏند ڪري پيا آهن، ۽ منهن ماتا سان خراب ٿي ويو آهيس. سدائين بيمار ٿي گذاري، تنهنڪري انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ. باقي ٻئي ڪنهن هنڌان چئو ته توکي پرڻايان. تنهن تي درياخان جواب ڏنس ته: بابا ! آءُ ڪالهه همونءَ کي پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان، اجهو هيءُ سندس مڱڻي جو چولو آهي. ائين ڳالهه ڪري پيءُ کي چولو ڏيکاري، چيائين ته:

سهسين ڀاڱا سون جا، ته به سونهن پريان جي سر،
ڌيءَ ٻاليٖ راٺوڙ جي، گهائيٖ گهوٽ ويٺي گهر.

 

تنهن تي بادشاهه انجام ڪيو ته: آءٌ همونءَ سان تنهنجي شادي ضرور ڪرائيندس. انهيءَ دلداريءَ تي دريا خان اٿي کڙو ٿيو، ۽ گهمڻ ڦرڻ لڳو. ڄام نندي ٻئي ڏينهن وزيرن ۽ اميرن جي هڪ ميڙ راٺوڙن ڏانهن سڱ گهرڻ لاءِ رواني ڪئي:

نندل ميڙ هلائي، پهريِن پروز ڏانهن،
ته سون ورني ڳڀڻي، جي ڏيو مونکي ٻانهن.

 

پروز ٺهه پهه جواب ڏنو ته: اسان کان اڳي هڪ ته اسان جو گابار وٺي ويا، ۽ هاڻي وري اهو سڱ گهرڻ آيا آهيو، جيڪو اڳ اسان ڏيڻو ڪري ڇڏيو آهي. ميڙ موٽي آئي. تڏهن وري ٻي ميڙ ”ٻالي“ ڏي رواني ٿي.

نندل ميڙ هلائي، ٻي ڏانهن ٻالي راءَ،
ته سون ورنو ڳڀڻو، ڏيو مون وياءَ.

 

بالي، پروز کي گهرايو. پوءِ ٻنهي ڄڻن صلاح ڪري وڏي ڀاءُ ڪؤڙي ڏي ماڻهو موڪليو:

پاڻ ۾ پهه ڪري، آيا ڪؤڙي کي ڪوٺي،
ته نندل ميڙ هلائي، ويهي ڪ موٽي؟

 

ڪؤڙو آيو، ۽ ڀائرن کي چيائين ته: اڳ نياڻي ڏنل هئي بادشاهه جي سالي کي، هاڻي گهري ٿو پنهنجي پُٽيلي لاءِ... اسان کي ڪهڙو اعتراض آهي؟ ڪؤڙي جي صلاح مڃي سڱ ڏيڻ قبوليائون. ميڙ موٽي اچي بادشاهه کي مبارڪون ڏنيون. بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ عام ماڻهن پڻ خوشي ڪئي. اها خبر جڏهن راڻي مُرکيءَ کي پيئي، تڏهن اندر ۾ سڙي ويئي.

شاديءَ جا ڏينهن ويجها آيا ته درياخان، بادشاهه کي چيو: بابا ! منهنجو هڪڙو عرض توکي ضرور قبول ڪرڻو پوندو. اهو هيءُ آهي ته منهنجيءَ ڄڃ ۾ هڪ سؤ مون جيڏا ۽ ٺاهوڪا جوان ساڳئي لباس سان، ۽ سؤ گهوڙا هڪ رنگ ۽ ساڳين سنجن سان هجن، ۽ سڀني ڄاڃين کي ڪپڙا به هڪجهڙا هجن. بادشاهه لاءِ اها ڳالهه آسان هئي، جنهنڪري ٻن چئن ڏينهن ۾ اهو بندوبست به ٿي ويو. آخرڪار ڄڃ رواني ٿي. واٽ تي ”ڪاهو ڏيرو“ گڏين، جنهن درياخان کي چيو ته: تون منهنجي مڱ پرڻجڻ ٿو وڃين، تنهنڪري پهريائين مون سان مقابلو ڪر، پوءِ اڳتي هلي مقابلي ۾ جيڪو جيتيندو، همونءَ سان اُهوئي شادي ڪندو. درياخان اهو شرط قبول ڪري ٻئي ميدان ۾ آيا. پهريائين وار ڪاهو ڏيري ڪيو، جو گسي ويو. ٻيو وار دولهه درياخان ڪيو، جنهن ۾ ڪاهو ڏيرو قتل ٿي ويو. مقابلي ۾ درياخان جي کٽڻ تي ڄڃ خوشيون ڪندي، راٺوڙن جي ڳوٺ ۾ پهتي. شاديءَ جا سؤڻ ساٺ، ۽ رسمون رواج پورا ڪري، نڪاح پڙهائي، ڪنوار وٺي خير سان واپس موٽيا.

موٽندي وقت واٽ تي هڪ اگهاڙي تلوار ڏٺائون، جنهن تي مٿان لکيل هو ”ڦٺ لعنت“ ۽ هيٺان لکيل هو ته: اي درياخان! تو هڪڙي حقدار کي بيگناهه ماري، ان جي زال هٿ ڪئي آهي. هاڻي جيسين ”عيس“ ۽ ”عنبيس“ جو ملڪ فتح نه ڪري ايندين، تيسين توتي اها زال حرام آهي. اهو پڙهي درياخان ننگر ۾ پهچڻ سان ڄام نندي کان اوڏانهن وڃڻ جي اجازت گهري. بادشاهه هن کي خوشيءَ سان اجازت ڏني، ۽ گهربل لشڪر گڏي ڏنائينس. درياخان واٽ جو سونهون ”شاهن“ وزير به پاڻ سان کنيو.

دولهه درياخان وڃڻ وقت همونءَ کان موڪلائڻ ويو، جنهن هن کي هڪ مُنڊي ڏني، ۽ چيائين ته: هيءَ منڊي حڪمت واري آهي؛ مشڪلات جي وقت، رات جو هيءَ چيچ ۾ وجهي، اهو هٿ مٿي هيٺ ڏيئي سمهج، پوءِ جيئن خواب ۾ ڏسين، ائين ڪج؛ ٻيو ته جڏهن ملڪ فتح ڪرين تڏهن گهڻا ڪاٺ گڏ ڪري، سج لٿي مهل وڏو اوهس ڪجو، جيئن مون کي به اوهان جي فتح جي خبر پوي. پوءِ درياخان روانو ٿيو.

جڏهن ان ملڪ جي ويجهو پهتا، تڏهن خيال ڪيائين ته هاڻي منڊيءَ جو آزمودو وٺڻ گهرجي. سو سانجهيءَ جي وقت منڊي چيچ ۾ وجهي مٿي هيٺان رکي سمهي رهيو.

خان ستو خيال ۾، ڳهه ٿو ڳالهائي،
ته تراڙيون تراڙين جيڏيون، هل کاپون وڌائي.

 

(يعني ته تراڙيون اهي ساڳيون هجن، پر سندن مياڻ تمام وڏا ٺهراءِ.)

هن خواب ۾ مليل هدايت موجب هڪ ڏينهن اتي ترسي تراڙين جا وڏا مياڻ ٺهرايا، ۽ ٻئي ڏينهن وڃي دشمن جي ملڪ ۾ پهتو. دولهه درياخان جو لشڪر ڏسي ان ملڪ جي بادشاهه کي جاسوسن وڃي خبر ڏني ته هڪ بادشاهه ڪاهي آيو آهي، پر سندس ماڻهن وٽ تراڙيون تمام وڏيون آهن.

اها خبر ٻڌي بادشاهه، دولهه درياخان ڏي ماڻهو موڪليو ته: ٻه چار ڏينهن مهلت ڏيو ته اسين به جنگ جي تياري ڪري وٺون. درياخان کين خوشيءَ سان موڪل ڏني. هنن انهن ڏينهن ۾ ڪوشش ڪري تمام وڏيون تلوارون تيار ڪرايون، جي ٻن هٿن ۾ مس ٿي کنيون. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ تيار ٿي ميدان تي آيا. جنگ شروع ٿي. درياخان جي فوج، پنهنجي هلڪين تراڙين سان دشمن جي فوج ۾ اهڙو اچي لابارو وڌو، جو شام کان اڳ ”عيس“ ۽ عنبيس“ مارجي ويا، ۽ درياخان جي فتح ٿي. فتح کان پوءِ درياخان، همونءَ سان ڪيل واعدي موجب ڪاٺيون گڏ ڪرائي وڏو مچ ڪيو. همون اُهاءُ ڏسي خوش ٿي، ۽ يقين ٿيس ته درياخان سلامت آهي ۽ جلد ايندو.

درياخان جنهن ڏينهن کان جنگ تي روانو ٿيو هو. ان ڏينهن کان وٺي راڻي مرکيءَ، همونءَ تي ظلم ٻاري ڏنو هو. جيڪي کانئس ٿي سگهيو اهو سڀ همونءَ سان ڪيائين. هيڏانهن هيترو ظلم، ۽ هوڏانهن وري همونءَ جي صبر جي اها حالت جو هڪ اکر به ڪين ٿي ڪڇيائين. جنهن ڏينهن کان درياخان جي ٻارايل مچ جو اُهاءُ ڏٺائين، تنهن ڏينهن کان پنهنجي رهڻ جي جاءِ کي مشڪ ۽ عنبير سان واسيائين ۽ سينگاريائين؛ ۽ پنهنجي سهري کي به ٻڌايائين ته درياخان فتح سان واپس اچي رهيو آهي.

فتح کان پوءِ درياخان ان ملڪ تي مڪمل قبضو ڪري، اتي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪري وطن ڏي وريو. واٽ تي وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ اچي منزل ڪيائون. انهيءَ منزل واري هنڌ درياخان ٻين ماڻهن کان الڳ هڪ وڻ هيٺ ويٺو هو ته مٿي ٻن پکين جي گفتگو ٻڌائين. وڏي پکي ننڍي پکي کي چيو ته: منهنجي ۽ منهنجيءَ ماديءَ جي پاڻ ۾ ايتري ته محبت آهي، جو جيڪڏهن ڪو مون کي اچي چوي ته تنهنجي مادي مري وئي آهي ته آءٌ ان مهل مري پوان؛ ۽ پوءِ وري وڃي منهنجي ماديءَ کي چوي ته تنهنجو نر مري ويو آهي، ته هوءَ به اتي جو اُتي مري پوي. پر وري جيڪڏهن اسان ٻنهي جا لاش آڻي گڏي رکن ته اسين يڪدم جيئرا ٿي پئون. پکين جي اها گفتگو ٻڌي، درياخان کي ڏاڍو عجب لڳو، ۽ اهو سڄو ذڪر شاهن وزير سان ڪيائين، جنهن چيو ته: اها ڪهڙي عجب جي ڳالهه آهي، جيڪڏهن ڪو مون کي ۽ منهنجي زال حليمان کي اهڙيءَ طرح موت جي خبر ٻڌائي، ته اسين به مري پونداسين، ۽ وري گڏجڻ سان جيئرا ٿي پونداسين.

درياخان اها ڳالهه رکي دل ۾. جڏهن ڳوٺ کي هڪ منزل باقي اچي رهي، تڏهن هڪڙو گهوڙي سوار ڊوڙائي، شاهن وزير جي زال حليمان کي چوائي موڪليائين ته: شاهن جنگ ۾ مارجي ويو. سوار جي واتان اها خبر ٻڌڻ شرط حليمان کڻي دم ڏنو. تڏهن اهو ماڻهو يڪدم اُتان موٽيو، ۽ شهر کان ٻاهر ئي اچي درياخان جي لشڪر سان مليو. اتي شاهن کي اها خبر ٻڌايائين ته: تنهنجي زال حليمان گذاري ويئي. اها خبر ٻڌڻ سان شاهن به دانهن ڪري ڪِري پيو ۽ مري ويو. درياخان يڪدم ماڻهو ڊوڙائي حليمان جو جنازو پنهنجي اچڻ تائين روڪايو. ٿوريءَ دير کان پوءِ پاڻ به شاهن جي لاش سميت وڃي اتي پهتو. ٻئي جنازا گڏي رکيائون. ٿوريءَ دير بعد قدرت خدا جيءَ سان ٻئي ڄڻا اُٿي ويٺا. اها ماجرا ڏسي ماڻهن کي ڏاڍو عجب ڪيو.

ان کان پوءِ، درياخان وڃي ڄام نندي کي مليو ۽ کيس فتح جي خوشخبري ٻڌائي، پنهنجي محلات ڏانهن روانو ٿيو. مُرکيءَ کي درياخان جي اچڻ جي خبر پئي، تنهن يڪدم زهر ۾ ٻڏل چُني کڻي همونءَ کي اوڍائي، ۽ چيائين ته: اسان جو رواج آهي ته جڏهن مڙس ٻاهران فتح ڪري موٽي، تڏهن نڪي زال ان جي سامهون وڃي، ۽ نڪي مڙس کي منهن ڏيکاري، پر ويڙهجي سيڙهجي ڪاڙهي ۾ ٿي ويهي؛ تنهنڪري توکي به ائين ڪرڻو پوندو. همون ويچاريءَ مجبوراً سس جو چوڻ مڃي، زهر ٻڏل چُني اوڍي وڃي ڪاڙهي ۾ ويٺي. درياخان جو ٻاهران پئي آيو، تنهن کي اميد هئي ته همون کيس مبارڪون ڏيڻ لاءِ ضرور دروازي وٽ اچي ملندي، پر هن ان بجاءِ همونءَ کي چنيءَ ۾ ويڙهيل ۽ ڦٿڪندو ڏسي، ڏاڍو عجب کاڌو. ايتري ۾ مُرکي ڊوڙي اچي درياخان کي چيو ته : ابا! هيءَ تنهنجيٖ سُورانٌ وِهُه گڏيل چُني اوڍي وِهاٽجو ٿي مري. هيءُ يڪدم همون وٽ پهتو، ۽ اها زهر گڏيل چني لهرائي، مٿس سندس ئي ڏنل ڪرامتي منڊي ڦيريائين ته زهر جو اثر لهي ويو. پوءِ اٿاري چيائينس ته: تون منهنجي سورانٌ وِهاٽجي نه مَرُ، توکي موڪل آهي، وڃ هلي مائٽن ۾. ائين چئي ٻانهن کان جهلي، دروازي کان ٻاهي ڪڍي آيس.

ان محلات ۾ ڄام نندي جي هڪ پوڙهي ٻانهي رهندي هئي، جنهن همونءَ سان ظلم ٿيندو ڏسي، ان مهل ئي درياخان کي سڏي، همونءَ سان ٿيل سمورو ظلم بيان ڪيو. اتي درياخان جي اک پٽي، سو يڪدم ڄام وٽ ويو، ۽ ان کي سڄي حقيقت ٻڌائي؛ پوءِ ٻئي ڄڻا همون جي پوئتان روانا ٿيا.

هي اڃان پوئتي ئي هئا ته همون اڪيلي وڃي گهر پهتي. همونءَ کي اڪيلو آيل ڏسي، سندس مائٽن کي ڏاڍو عجب لڳو. سڀ سوڙها ٿي اچي ويٺا ۽ همونءَ کان اڪيلي سِر اچڻ جو سبب پڇيائون. تنهن تي همون جواب ڏنو ته: مون سان گڏ ڄام نندو ۽ درياخان ٻئي هئا، جي واٽ تي سهو ڏسي، ان کي شڪار ڪرڻ جي خيال سان بيهي رهيا، ۽ هاڻي اچڻ ۾ هوندا. اهو ٻڌي هو ٻاهر نڪتا ته ايتري ۾ ڄام نندو ۽ درياخان ٻئي اچي پهتا. راٺوڙن هنن جي ڏاڍي تعظيم ڪئي. ڄام نندو ۽ درياخان اتي ٻه چار ڏينهن ترسيا. انهيءَ وچ ۾ ڄام نندو، همونءَ جي وڏي ڀيڻ ”ملهيءَ“ تي عاشق ٿي پيو. پوءِ درياخان کي اها حقيقت ٻڌايائين. تنهن تي درياخان چيو ته: اها ڳالهه ته آسان آهي.

ٻئي ڏينهن راٺوڙن کان موڪلائي، همونءَ کي وٺي گهر پهتا. ڄام نندي کي همون جي واتان راڻيءَ مُرکيءَ جي دغابازيءَ جي سموري حقيقت پئجي چڪي هئي، تنهن يڪدم هن کي جهلائي هڪڙي ميدان تي بيهاريو، ۽ رعيت کي حڪم ڪيائين ته: هر هڪ ماڻهو هڪ هڪ ڀتر هن کي ضرور هڻڻ اچي. ٿوريءَ دير ۾ مُرکي، ڀترن جي ڍڳ ۾ پورجي ويئي. شام کان اڳ اتي هڪ وڏو دڙو بنجي ويو.

هفتي کن گذرڻ کان پوءِ، درياخان ۽ همون، ڄام نندي جي سڱ لاءِ راٺوڙن ۾ ويا. اتي سڀني کي گڏ ڪري کانئن ”ملهيءَ“ جو سڱ گهريائون، جو هنن ٿوريءَ گهڻيءَ ريڙهه پيڙهه کان پوءِ ڏيڻو ڪيو. پوءِ ٻئي ڄڻا ڳوٺ موٽي آيا، ۽ ڄام کي مبارڪون ڏنائون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ”ملهي“ جي شادي ڄام نندي سان ٿي، ان بعد سڀني حياتيءَ جا باقي ڏينهن قرب ۽ خوشيءَ ۾ گذاريا.

 

 

 

روايت [3]*

چون ٿا ته دولهه درياخان، شاهه ڪبير جو پٽ هو، جنهن جو قبو ’جُوڻ‘ ۾ آهي. شاهه ڪبير، شاهه جلال جو پٽ هو. قدرت سان درياخان يتيم ٿي پيو، تڏهن آخر ٻالي راٺوڙ وٽ ڌنار ٿي بيٺو. ٻالو راٺوڙ، خيرپور گَنٌبيٖ پِراڙيٖ وٽ رهندو هو. ”همون“ ٻالي راٺوڙ جي ڌيءَ هئي. درياخان انهن جا گابا چاريندو هو. هو ”واڳ ڊهي“[1] ۽ ”پُورَسَر جي ڍوريءَ“[2] وارين جُوين ۾ گابا چاريندو هو.

ڄام نندي کي اولاد ڪونه ٿيندو هو. کيس ڏاهن چيو ته: ”ڇٽيهه لکڻو“ ڇوڪرو جهنگ مان لڀندين ۽ ان کي سانڍيندين، جو پوءِ تنهنجي لاءِ سڀاڳو ثابت ٿيندو. هڪڙي ڀيري ڄام نندي، شڪار ڪندي، جهنگ ۾ هڪڙي هنڌ درياخان کي ڏٺو، جو هڪڙي وڻ هيٺ ستو پيو هو. گابا پڻ وڻ هيٺان ويٺل هئا. ڄام نندي کي ڏاڍو عجب لڳو، جڏهن ڏٺائين ته وڻ جا پاڇولا مٿانئس بيٺا آهن، جيتوڻيڪ سج لڙي ويو هو. ڄام نندي ڇوڪري جي سڀاڳائي ڏسي، ٻالي راٺوڙ کان سندس ٻانهن وٺي وڃي پاڻ وٽ سانڍيو.

درياخان، ڄام نندي وٽ نپجي جوان ٿيو، ۽ آسپاس ۾ سير شڪار جي بهاني گهمڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن بادشاهي باغ ۾ ويو، جو سڄو ڀيليل هو. پڇا مان معلوم ٿيس ته رات جو ڪي روجهه اچن ٿا، جو لوڙهو ٽپي، باغ ڀيلي وڃن ٿا. درياخان پوءِ روز رات جو روجهن جي جاچ ڪرڻ لڳو. هڪڙيءَ رات وجهه وٺي روجهن پٺيان پيو. هلندي هلندي ٻاهڙمير جي پريان ”ٻن جهل“ ۾ وڃي روجهه ماريائين. ان بعد پوئتي موٽيو. مٿان ڌرتتيءَ جي مهل اچي ٿي، جنهنڪري اُڃ ۽ بک ڏاڍو هلاڪ ڪيس. نيٺ هلندو هلندو اچي ٻالي راٺوڙ جي جُوءِ ۾ رسيو. ان جُوءِ ۾ هڪڙي ديوَ جو آستانو هو، جو سندس پيءُ شاهه ڪبير جو مريد هو. ديوَ کان پاڻيءَ جو ڏس پڇيائين، جنهن چيس ته: اڳيان ”همونءَ جو تلاءُ“ اٿيئي، اُتان وڃي پاڻي پيءُ.

ان تلاءَ ۾ ٻالي جي ڌيءَ همون، پنهنجي ساهيڙين سان وهنجڻ لاءِ ايندي هئي. ان وقت به هوءَ ويٺي تلاءَ ۾ وهنتي ته هي به اچي سندس ڪپڙن تي چڙهي ويٺو. همون ۽ دولهه درياخان، هڪٻئي کي ننڍي هوندي کان سڃاڻندا هئا. همونءَ کيس ڪپڙن تان اُٿن لاءِ گهڻيون منٿون ڪيون، پر درياخان نه مڃيو. تڏهن هن طعنو هنيس ته: تون اسان کي ڇا ڪندين، جڏهن سڄي عمر اسان جا گابا چاريئي. درياخان چيس ته: جي ٻيو ڪجهه نه ڪندس، تڏهن به توکي ضرور پرڻبس. ائين چئي هو پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽيو.

ٻئي ڏينهن دولهه درياخان، ڄام نندي کي چيو ته: مون کي همونءَ سان پرڻاءِ! ڄام نندي جي گهر ۾ ”مُرکائين“ نالي راڻي هئي، جا ”ڏانٌوَر“ ذات جي هئي. ان وقت ڏانوَرن جي به حڪومت هئي، ۽ همون، مُرکائين جي ڀائٽئي ”ڪاهو“ سان مڱايل هئي. مُرکائين کي جڏهن اها خبر پئي ته درياخان، همونءَ سان پرڻجي ٿو، تڏهن ڄام نندي کي چوريائين؛ پر هو درياخان جو راضپو ڏسي، ٻالي راٺوڙ وٽ آيو، ۽ ان کان همونءَ جو سڱ گهريائين. ٻالي وري پنهنجي ڀاءُ پيروز سان صلاح ڪئي، جنهن ڄام کي سڱ ڏيڻو ڪيو. ٻالي چيو ته: مون همونءَ جو سڱ ڏانوَرن سان ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ساڳيو ڏينهن ٻنهي کي ٻڌي ٿو ڏيان، پوءِ پاڻ ۾ ڄاڻو.

شاديءَ واري ڏينهن ڄام نندو ڄڃ ڪري راٺوڙن ڏانهن هليو. پاڻ سان ڦلاڻو وزير به کنيائين. مُرکائين اڳئي بهانو ڪري ڄڃ ۾ شريڪ نه ٿي هئي، ويتر ڦلاڻي وزير کي به چوري ڇڏيو هئائين، سو اُهو اڌ واٽ تان پنهنجا ماڻهو موٽائي ويو. باقي دولهه درياخان ڄڃ وٺي اڳتي هليو. راٺوڙن جي ڳوٺ ٻاهران، ڪاهو به پنهنجو لشڪر وٺيو بيٺو هو. ٻنهي ڌرين جي امينن فيصلو ڪيو ته دولهه درياخان ۽ ڪاهو پاڻ ۾ وڙهن، پوءِ جيڪو کٽي، سو همونءَ سان پرڻجي. ٻئي ڄڻا انهيءَ فيصلي موجب ميدان ۾ آيا. قدرت سان ڪاهو مارجي ويو. پوءِ هن همونءَ سان شادي ڪئي.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ دولهه درياخان، ڪنوار کي وٺي پنهنجي شهر ۾ آيو. راڻي مُرکائين، ڪاهو جي مارجڻ ۽ همونءَ جي دولهه درياخان سان شاديءَ جي خبر ٻڌي هئي، سا اٽڪل ڳولڻ لڳي ته ڪنهن به طرح دولهه درياخان کي مارائجي. سو ڇا ڪيائين جو هن جي اچڻ کان اڳ شهر جي ٻاهران لکائي ڇڏيائين ته: دولهه درياخان جيستائين ڪهنگ قنڌار جو ملڪ فتح ڪري نه ايندو، تيستائين همون مٿس حرام آهي. هو اهو لکيو پڙهي همونءَ کي پيءُ ڏانهن موڪلي، پاڻ اتي ئي ويهي رهيو، ۽ ڄام نندي کي چوائي موڪليائين ته: مون کي پنهنجي لشڪر لاءِ اهي پهلوان چونڊي موڪل، جيڪي سنوان ستل هجن ته سندن ساڄو هٿ ڇاتيءَ تي ۽ کاٻو هٿ نراڙ تي هجي. ڄام نندي اهي سپاهي ڏنس. پوءِ انهن کي پيتين ۾ ڪڙائي، اُٺن تي کڻي روانو ٿيو.

قنڌار ۾ پهچي پاڻ کي کٿوريءَ جو سوداگر سڏايائين. اُتي جي پهريدارن آزمودي خاطر هڪڙيءَ پيتيءَ ۾ ڀالو هنيو. اهو ڀالو پيتيءَ ۾ ويٺل پهلوان کي ران ۾ لڳو؛ پر هو ڪڻڪيو به ڪونه؛ بلڪ رت اُگهي، ڀالي کي کٿوريءَ جو ٻڙو هڻي ڇڏيائين. چون ٿا ته اهو پهلوان ”چانڊيو“ هو، جو پوءِ ”کٿوريو چانڊيو“ سڏجڻ لڳو[3]. پوءِ پيتيون کولي وڃي مورچا جهليائون، ۽ رات جو حملو ڪري قلعو فتح ڪيائون.

قنڌار جي فتح کان پوءِ درياخان لسٻيلي مان لنگهيو، جتي سپڙ ڄام جي بادشاهي هئي. ان وقت ملڪ ۾ ڪا ازغيبي بلا ساماڻي، جا مقام مان پوريل مڙدا ڪڍي کائي ويندي هئي. جنهن ڏينهن دولهه درياخان اتي پهتو، ان رات سپڙڄام جو پٽ گذاري ويو هو. رات جو مقام ۾ ويهي پهري ڏيڻ لاءِ ڪوبه ماڻهو تيار نٿي ٿيو، تڏهن دولهه درياخان پاڻ قبر تي پهرو ڏيڻ لاءِ سنڀريو. سج لٿي مهل هٿيار پنوهار کڻي قبر تي ويهي رهيو. اڌ رات جو بلا قبر تي آئي. دولهه درياخان ساڻس مقابلو ڪيو، ۽ آخر ان کي ماري، نشاني طور ڪَنَ ۽ پُڇ وڍي، صبح جو آڻي سپڙڄام کي ڏنائين. سپڙڄام هن جي بهادريءَ تي تمام گهڻو خوش ٿيو، ۽ کيس سڱ ڏنائين.

دولهه درياخان ٻه سوڀون ڪري، پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽيو، پر سندس اچڻ کان اڳ ڏانٌوَرَ، راڻي مرکائين جي چرچ تي ڄام نندي تي حملو ڪري آيا، ۽ همونءَ جي عوض سؤ سميون کڻي ويا. پوءِ راڻي مُرکائين وري به شهر جي ٻاهران لکائي ڇڏيو ته: دولهه درياخان جيستائين سؤ سميون نه ورائيندو، تيستائين همون مٿس حرام آهي. دولهه درياخان به شهر ۾ گهڙيوئي ڪين، ۽ اتان ئي ڏانورن تي چڙهائي ڪيائين. لڙائي لڳي، جنهن ۾ ٻنهي پاسن جا پهلوان مري ويا. آخرڪار ڏانورن وچان شرط وجهي قاصد موڪليو ته: جيڪڏهن هڪڙيءَ هڪڙيءَ سميءَ لاءِ ٻه-هزاري گهوڙيون ڏين ته سمين جو ٻانهون ڏيون. دولهه درياخان شرط قبولي پنهنجي لشڪر مان جيڪي ٻه-هزاري گهوڙيون هيون، سي هنن کي ڏنيون. اتفاق سان هڪڙي گهوڙي کٽي پئي. نوانوي سميون ته آزاد ٿي هن وٽ پهتيون، باقي هڪڙي سمي رهجي ويئي. گهڻي ڳولا ڪيائين پر ٻه-هزاري گهوڙي هٿ نه آئي، تڏهن لشڪر مان هڪڙي مگسي سپاهي چيس ته: هڪڙي گهوڙيءَ جي عوض مون کي ڏئي ڇڏ. آخر اهو شخص ڏئي، سمي آزاد ڪريائين[4]، ۽ سؤ سميون وٺي واپس آيو.

راڻي مرکائين اتي به دولهه درياخان جي سوڀ ڏسي اندر ۾ سڙي ويئي. جڏهن دولهه درياخان کي مارائڻ جون سندس سڀ رٿون ناڪام ٿيون، تڏهن وري هٿ ڌوئي همونءَ کي مارڻ پٺيان پئي. هڪڙي ڏينهن همون مائٽن ڏانهن ٿي ويئي ته مرکائين ڇا ڪيو، جو هن جي هنڌ ۾ وِهُه ڊَبيٖ ڇڏيائين. همون مائٽن ۾ پهچي، رات جو هنڌ تي ستي، ته وهاٽجي مري ويئي. هوڏانهن وري ڄام نندي کي کاڌي ۾ وهه ملائي ڏنائين ته اهو به مري ويو. اهو حال ڏسي، دولهه درياخان کي پڪ ٿي ته اهو ڪم مرکائين جو آهي، سو هن کي به بڇڙو ڪري مارائي ڇڏيائين.

نبي ولي ڪيترا، خلقيائين سکر ۽ سلطان،
همون هزارين ڪيتريون، ٻيا دولهه درياخان،
”جنات عدن تجري“ ڏنائين ڏوڙا ڏان،
پر ڪنهن کي ڏنائين ڪانه، معافي مايت موت کان.
                            --
��--


 


*  هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمر ڪوٽ) مان محمد عمر ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

*  هيءَ روايت خليفي محمود نوحاڻيءَ جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

[1]  اها جُوءِ ”گاب ڊهي“ سڏجڻ ۾ آئي، جتي هينئر کوسا رهن ٿا.

[2]  جا سمن شاهه جي درگاهه جي ڀرسان ڏکڻ طرف، واڳ ڊهيءَ کان سؤ ڪوهه پنڌ تي آهي.

[3]  چون ٿا ته دولهه درياخان خوش ٿي کيس وڏي جاگير ڏني، جا اڄ تائين ”غيبي خان“ وارن وٽ آهي.

[4]  چون ٿا ته ڏانورن پوءِ ان مگسيءَ جي وفاداري ڏسي کيس آزاد ڪيو ۽ دولهه درياخان انهيءَ قرباني جي عوض کيس ”جهل“ جي جاگير ڏني.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org