سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :16

مير باگو ۽ سنڌ راڻي*

 

ٻه سؤ کن ورهيه اڳ جي ڳالهه آهي: سنڌ ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪومت جو آخري دور هو، جو سنڌ جي قديم تاريخي شهر ’ٺري‘ جي آسپاس وارو علائقو سرسبز ۽ آباد هو. منجهس گاهه جا وڏا وِيَ ۽ ويڙهيون هيون. ان ڀيڻيءَ اُڍيجن جا ڀاڻ مشهور هئا. هي وڏا ڀاڳيا ماڻهو هئا، کير مکڻ جي وٽن ڪمي ڪانه هئي، پر سندن راڄ جي چڱي مڙس کي اولادئي ڪونه ٿيندو هو، جنهنڪري سڀ اُٻاڻڪا هئا. آخرڪار هن کي هڪ ڌيءَ ڄائي، جنهن تي راڄ وارن مڙني اچي مبارڪون ڏنيون. وڏيري سڀني کي چيو ته: ادا، ڀلي آئيو. ڌڻي پٽ ڏئي ها ته اوهان جون مبارڪون من لڳن ها، هيءَ ڌيءَ ڪهڙي جنهن جي ڄائي راڄ مبارڪون ڏين! پر اِن ۾ به ڪو قدرت جو راز آهي!

وڏيري پنهنجي ڌيءَ جو نالو ’مريم‘ ٿي رکيو، پر هوءَ اهڙي ته سهڻي سدا ملوڪ هئي، جو سندس نالو ڦيرائي ”سونيتي“ رکيائون ۽ کيس لاڏڪوڏ سان نپائڻ لڳا. ان کان پوءِ ستت ئي کيس ڌڻيءَ پٽ ڏنو، جنهن جو نالو ”سائين ڏنو“ رکيائين. راڄ وري اچي مبارڪون ڏنيون. وڏيري سڀني جي مرحبا ڪئي. ننڍڙي سهڻي سونيتي سندس آڏو پئي ٽلي. ڇوڪريءَ جي سونهن ڏسي، وڏيري جي عزيزن مان گهڻن کي خيال ٿيو ته هو کانئس سونيتيءَ جو سڱ گهرن. ڏينهون ڏينهن ”سونيتي“ جي سونهن نکڙندي وئي. ذرا وڏيرڙي ٿي ته سهيلين سان تلاءَ تي وڃي وندرندي هئي. سهيلين جي ساڻس گهڻي پريت هئي، ۽ هو پڻ سندس سونهن صلابت تي حيران هيون. ڀلا سندس نزاڪت جي به حد هئي! پاڻيءَ ۾ گلاب جا پن وجهي ڍُڪ ڀريندي هئي ته اهي پن نڙيءَ مان پيا نظر ايندا هئا. سندس سهيليون تلاءَ تي هلڻ وقت ۽ ٻين خاص موقعن تي سعيو ڪري گلاب جا گل پاڻ سان آڻينديون هيون ۽ پاڻي گهرڻ وقت سونيتي کي ورق وجهي ڏينديون هيون. هوءَ آهستي آهستي ڍڪ ڀريندي هئي ته سهيليون سڀ مڙي ويهي سندس چنڊ جهڙي منهن ۽ ڪونج جهڙي ڳچيءَ ڏي ڏسنديون هيون، ۽ نڙيءَ مان وهندڙ ورقن جو تماشو ڏسي، ٽهڪ ڏينديون هيون.

انهيءَ وقت سنڌ جو حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، ڪڇ جي راءِ جي سهڻي ڀائٽِي راءِ ويسُوجي جي ڌيءَ پرڻجي ڌامڌوم سان پنهنجي لشڪر سپاهه سان پئي آيو ۽ اُڍيجن جي ڳوٺ جي ٻاهران گاهه جي سرسبز ميدان ۾ اچي رات جي منزل ڪيائين. ڳوٺ ڳوٺ ۽ ٻار ٻار جي وات ۾ اِها وائي هئي ته: ميان صاحب، سونهن ڀري ”سنڌ راڻي“ پرڻجي آيو آهي. سونيتي جي سهيلين به اِها ڳالهه ٻڌي، سو چيائون ته: جي ڪڇ جي راءِ جي ڀائٽي سهڻي ”سنڌ راڻي“ آهي ته اسان جي سونهن ڀري سهيلي به گهٽ ڪانهي. سو پاڻ ۾ پهه ڪري پنهنجي سهيلي کي ”سنڌ سونيتي“ سڏڻ لڳيون. پوءِ ته اِهو نالو سڄي ڳوٺ ۾ مشهور ٿي ويو.

هاڻي وڏيري جي عزيزن مان ٻه ڌريون وڏيري کان سونيتي جو سڱ گهرڻ لڳيون. وڏيري سندن ڳالهه ٻڌي کين چيو ته: ادا، آخرڪار اَنّ جو مُنهن جنڊ ڏانهن آهي. مون کي عزيزن کان عار ڪونهي، پر اڃان نياڻي ننڍي آهي. اوهين وڃي ڪي ڏهاڙا صبر ڪريو. جڏهن وقت آيو، تڏهن آءٌ اوهان کان پري ڪونه آهيان. هڪ ڌر چيو ته: ادا ! تو شانائتي ڳالهه ڪئي آهي ۽ جيئن چوين ٿو تيئن ڪنداسون. پر ٻي ڌر وڏيري کان رنج ٿي اُٿي، چئي: تون اسان کان عار ٿو ڪرين؛ هاڻي اسين توتي حاڪم چاڙهي اينداسين.

سونيتي جي عمر اُن وقت اٺ سال کن هئي، پر اوڙي پاڙي سندس سونهن جو پچارون پئي پيون. هن مخالف ڌر وڃي سنڌ جي حاڪم ميان سرفراز کي ٻڌايو ته: اسان جي وڏيري وٽ هڪ اهڙي ته سهڻي سداملوڪ ٻانهن آهي، جا جيڪر اوهان جي ڪوٽ ۾ سونهي. ان وقت ميان سرفراز ڪڇ ۽ گجرات تي چڙهائي ڪرڻ لاءِ سنڀريل هو. هنن ماڻهن صلاح ڏنيس ته اوهين اسان جي ڳوٺ وٽ ساڳي انهيءَ جاءِ تي اچي منزل ڪريو، جتي ميان غلام شاهه اچي لٿو هو، ۽ پوءِ وڏيري کي سڏائي سڱ لاءِ چئو. ميان سرفراز کين دلاسو ڏيئي روانو ڪيو. ميان صاحب پوءِ جڏهن لشڪر سپاهه ساڻ ڪري ڪڇ تي چڙهيو ته ساڳي انهيءَ جاءِ تي اچي منزل ڪيائين.

صبح جو ميان صاحب اڪيلي سر پنهنجي ڇانوڻيءَ مان ڳوٺ واري تلاءَ ڏانهن پسار ڪرڻ لاءِ ويو. ان وقت سونيتي پڻ پنهنجي سهيلين سان گڏ تلاءَ تي پاڻي ڀرڻ آئي هئي. ميان صاحب سونهن ڀري سونيتي کي ڏسندي ئي سمجهي ويو ته لاشڪ وڏيري جي ڌيءَ آهي. پيار ۽ محبت سان ڇوڪرين سان ڳالهايائين، جن چيس ته: اسين اُڍيجون آهيون، هيءَ اسان جي وڏيري جي ڌيءَ آهي ۽ اسين کيس ’سنڌ سونيتي‘ سڏينديون آهيون. ميان سرفراز وري پنهنجي ڇانوڻيءَ ڏانهن موٽيو ۽ دل ۾ پڪو ارادو ڪيائين ته ان ڇوڪريءَ کي آءٌ پنهنجي ’سنڌ راڻي‘ ڪندس. ڇانوڻيءَ ۾ اچڻ بعد ڳوٺن جا سڀ چڱا مڙس ۽ وڏيرا سندس سلام تي آيا. ساڻن ملي ٻين سڀني کي موڪل ڏنائين، باقي سونيتيءَ جي پيءُ وڏيري کي ترسايائين، ۽ پوءِ خلاصو ويهي کانئس سڱ جي طلب ڪيائين. وڏيري هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: سائين، هرڪو پنهنجي لڄ ڪڄ وارو آهي، اسان پنهنجي راڄ کان ٻاهر سڱ ڪونه ڏيون. مون کي هڪ مخالف ڌر تازو دڙڪو ڏنو هو ته توتي حاڪم چاڙهي اينداسين. هاڻي تو اسان تي هلان ڪانه ڪئي آهي، پر مان ۽ عزت سان نياڻيءَ جو سڱ گهريو آهي. تون ملڪ جو بادشاهه آهين، ۽ تنهنجا اهي لائق ڏسي آءٌ توکي سونيتي جي سڱ ڏيڻ جو وعدو ڪريان ٿو. پر ڇوڪري اڃا ننڍي آهي، جڏهن وقت آيو تڏهن تون مون کي سنڀارج. ميان سرفراز اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ وڏيري کي عزت ۽ مانَ سان رخصت ڪيائين.

ميان سرفراز کي ’سونيتي‘ جي سونهن موهي وڌو هو، هُو ڪڇ فتح ڪرڻ لاءِ چڙهي نڪتو هو ۽ ’سونيتي‘ جي سڱ ملڻ واريءَ خوشخبريءَ کي پنهنجي پهرين فتح ڀانيائين. پهريون سوڻ سولو ٿيو، سو نه رڳو ڪڇ جي راءِ سندس آڻ مڃي، پر ميان صاحب گجرات ۽ اُتي جي راڄوڙن کي به وڃي مطيع ڪيو. اُتان ابوجبل ۽ سيروهي جي راجائن سان ناتا ڳنڍيندو، وڃي مارواڙ ۾ ’پوڪراڻ‘ جي ٺڪر تي ڪڙڪيو ۽ کيس شڪست ڏنائين. اهڙيءَ طرح سونيتي کي ”سنڌ راڻي“ بنائڻ جا پهه پچائيندو، فتحون ڪندو، ٻن اڍائي مهينن کان پوءِ اچي پنهنجي گاديءَ واري نئين ٻڌايل شهر ’خدا آباد‘ ۾ وارد ٿيو.

سنڌ ۾ اچڻ سان هن ’سونيتي‘ جي پيءُ کي نوازڻ شروع ڪيو. اتي خبر هُلي ويئي ته وڏيري، ميان صاحب کي سڱ ڏيڻ قبوليو آهي. ’سونيتي‘ خود ميان صاحب کي تلاءَ تي پيار ۽ محبت سان ڳالهائيندي ڏٺو هو، ۽ دل ۾ ميان صاحب جي مڱ بنجڻ تي راضي هئي. سهيلين کيس چيو ته: ياد اٿئي جو ننڍڙي هوندي اسان وڏي ميان صاحب جي سنڌ راڻي جو ٻڌي توکي ’سنڌ سونيتي‘ سڏيو هو. هاڻي ته تون سچ پچ هڪ ڏينهن ’سنڌ راڻي‘ ٿيندينءَ.

سونيتيءَ جو پيءُ، ميان صاحب جي نوازشن تي راضي ٿي، خداآباد ۾ وٽس ملاقاتن لاءِ وڃڻ لڳو. هڪ دفعي باقبائل ويو ۽ ميان صاحب شاهي ڪوٽ اندر کيس شان سان رهايو. بلوچ سردار ان وقت ميان صاحب جي ڪوٽ ۽ ڪچهريءَ جا محافظ هئا، ۽ واري سان ميان صاحب جي حفاظت ۽ خدمت لاءِ مقرر ٿيندا هئا. ان وقت مير مرزي خان پنهنجي پاران پنهنجي نوجوان پٽ مير باگي خان کي خدمت لاءِ خداآباد موڪليو. ڪوٽ جو انتظام مير باگي جو حوالي ٿيو. وڏيري جي روانگيءَ وقت اتفاق سان هن نوجوان جي نظر وڃي ’سونيتي‘ تي پئي، جنهن جي سونهن کيس گهائي ڇڏيو؛ پر پنهنجي مربي ميان صاحب جو ننگ سندس ننگ هو، انهيءَ ڪري ڳالهه کي وساري ڇڏيائين.

ان بعد، وڏيري جي رضا سان، ميان صاحب جي ’سنڌ سونيتي‘سان مڱڻي جي رسم ادا ٿي. ان وقت هن سونهن ڀريءَ جي عمر ڏهه يارهن سال کن هئي. وڏيرو پنهنجي اصلوڪي ڳالهه تي قائم رهيو ته شادي تڏهن ٿيندي، جڏهن نياڻي لائق ٿيندي. ميان صاحب اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي.

ان بعد، ميان صاحب جي دعوتن تي وڏيرو باقبائل خداآباد ايندو ويندو هو. ڪنهن موقعي تي ميان صاحب جي چاچي ’ميان عبدالنبي‘ سنڌ سونيتي کي ڏسي ورتو ۽ هوش خطا ٿي ويس. حسرت سان چوڻ لڳو ته: جيڪر هيءَ حور منهنجي مڱ هجي ها! ان عرصي ۾ ميان سرفراز جي وزير راڄي ليکي جي سازشن سببان ملڪ ۾ مانڌاڻ متل هو. راچي جي چورت تي ميان سرفراز، مير بهرام خان کي شهيد ڪرايو، ۽ انهيءَ ظلم سببان آخرڪار ميان سرفراز کي قيد ڪيو ويو ۽ سندس چاچي ميان غلام نبي کي گاديءَ تي ويهاريو ويو، جنهن جي پڻ ٽالپور امير سان اڻبڻت ٿي ۽ جنگ جي ميدان ۾ هارائي پنهنجي جان هٿان وڃايائين. انهيءَ عرصي ۾ ميان عبدالنبي، ميان سرفراز کي قيد جي ڪوٺڙيءَ ۾ مارائي ڇڏيو. انهيءَ دردناڪ واقعي جي خبر جڏهن وڏيري اُڍيجي کي پهتي، تڏهن ڏاڍو ڏک ٿيس. ’سونيتي‘ کي پڻ هي خبر ٻڌڻ سان وڏو صدمو پهتو. چيائين ته: منهنجو بخت مون کان پٺيرو ٿيو آهي؛ پر سهيلين کيس دلداري ڏني ۽ چيائون ته: جيئن ڌڻي گهريو هوندو تيئن ٿيندو.

اتفاق اهڙو بڻيو جو حڪومت جون واڳون ميان عبدالنبي جي هٿ ۾ آيون. سوڀياوان سونيتي اڳ ئي سندس نظر تي چڙهي هئي، ۽ ان وقت کان ئي سندس نيت ۾ خلل پيدا ٿيو هو. انهيءَ ڪري هن وڏيري اُڍيجي ڏانهن پنهنجا ماڻهو روانا ڪيا، ۽ چوائي موڪليو ته: ٻانهن اسان جي حوالي ڪر، جو اهو شاهي سڱ آهي ۽ اسان جو آهي. وڏيرو ڪڙ وارو مڙس هو، تنهن کي هن دڙڪي ۽ زوربار تي خار لڳا ۽ ميان جي ماڻهن کي کتو جواب ڏيڻ وارو هو، پر سوچيائين ته سونيتي به وڏيرڙي ٿي آهي، انهيءَ سان حال ڪرڻ ضروري آهي. سلڇڻي سونيتي اکين ۾ پاڻي آڻي چيو ته: ميان سرفراز رحمدل هو ۽ ساڻس مڱڻي تي آءٌ راضي هيس، پر هن ميان سان آءٌ ڪڏهن به شادي ڪانه ڪنديس. انهيءَ تي وڏيري، ميان جي ماڻهن کي صاف جواب ڏيئي موٽائي ڇڏيو. ميان عبدالنبي کي مدي من ۾ هئي، سو ظاهري طرح وري به وڏيري ڏانهن ماڻهو موڪليندو رهيو، پر وقت گذرندو ويو ۽ ميان جي پيغامن جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. انهيءَ تي ميان بهاني سان وڏيري کي پاڻ وٽ سڏائي، مارائي ڇڏيو، ۽ سونيتي جي ڀاءُ سائينڏني تي زور آندائين، جنهن لاچار ميان سان پنهنجي ڀيڻ جي مڱڻي جي رسم ادا ڪئي، ۽ ميان عبدالنبي، سونيتي کي پنهنجي ’سنڌ راڻي‘ بنائڻ جو اعلان ڪيو. پر سونيتي پنهنجي ڀاءُ کي چيو ته: آءٌ ميان سان ڪڏهن به شادي نه ڪنديس. کيس چيائين ته: هو بلوچ سردارن جي مدد وٺي ميان کان ڪنهن طرح منهنجي جند ڇڏائي.

مير باگي خان کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن سائينڏني کي مير فتح علي خان جي ڪچهريءَ ۾ وٺي آيو ۽ سائينڏني، مير صاحب کي عرض ڪيو ته: ميان صاحب منهنجي پيءُ کي راهه گناهه مارايو آهي. منهنجي ڀيڻ، ميان سان شادي ڪرڻ تي راضي نه آهي. جنهن تي مير صاحب چيو ته: جي ميان تنهنجي پيءُ کي پنهنجي مطلب خاطر مارايو آهي ۽ اوهان جو گهر کيس سڱ ڏيڻ لاءِ راضي نه آهي، ته پوءِ اسين ميان کي سمجهائينداسون. سائينڏني چيو ته: اسين هاڻي اوهان وٽ سام آهيون. جنهن تي مير صاحب، سائينڏني ۽ سندس آڪهه کي پنهنجي پناهه ۾ رهايو. انهيءَ عرصي ۾ ميان عبدالنبي بلوچن سردارن سان پائي کنئي، ۽ مير بجار خان ۽ ٻين کي مارايائين. آخرڪار عبدالنبي ۽ مير فتح علي خان جي پاڻ ۾ جنگ لڳي ۽ ميان عبدالنبي هار کائي، سنڌ ڇڏي ڀڄي ويو. ۽ حڪومت جون واڳون ٽالپورن اميرن جي هٿ ۾ آيون.

سنڌ راڻي ۽ سندس ڀاءُ سائينڏنو، مير فتح علي خان جي پناهه هيٺ رهيل هئا. ’سنڌ راڻي‘ پنهنجي ڀاءُ کي چيو ته: هاڻي ڪوٽ مان نڪرڻ نٿو جڳائي، منهنجو سڱ مير صاحبن جي حوالي ڪر، پوءِ جيئن قسمت ۾ لکيو هوندو تيئن ٿيندو. انهيءَ تي اچي ڳالهيون هليون ته ’سنڌ راڻي‘ جو سڱ ڪنهن سان ڪجي. سنديس سونهن جي ته اڳيئي هاڪ هئي. هينئر سنديس عمر سورهن سال کن هئي، ۽ ڄڻ وڄ ٿي چمڪي. سنڌ جو فاتح مير فتح علي خان هو، ۽ چيائون ته ’سنڌ راڻي‘ سندس ڪوٽ ۾ جڳائي. مير باگي جنهن ڏينهن کان ’سنڌ سونيتي‘ کي ڏٺو هو، تنهن ڏينهن کان مٿس فدا هو. تنهن هينئر ڪوشش ڪئي ته ’سنڌ راڻي‘ سان سندس شادي ٿئي. اهڙيءَ طرح ڪن ٻين اميرن جي پڻ ’سنڌ راڻي‘ سان شادي ڪرڻ جي خواهش هئي.

بلوچن سردارن ڏٺو ته ”سنڌ راڻيءَ“ جو قدم ڳرو آهي. هن کان اڳ جنهن جي به نالي سندس سڱ ٿيو، سو سلامت ڪونه رهيو. ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، پر هاڻي ٽالپورن ۾ سندس سڱ تان ڪو فساد نه مچي. سو صلاح ڪري، ڀري ڪچهريءَ ۾ ڳالهه آندائون ته ”سنڌ راڻي“ سان اهو شادي ڪندو، جو ملڪ ۽ ملڪيت ڇڏيندو. اهو هڪ وڏو شرط هو. اڃان ٻئي ڪنهن ڪڇيوئي ڪين ته مير باگي خان چيو ته: مون ملڪ ۽ ملڪيت جي حصي تان هٿ کنيو. بلوچن سردار کي پنهنجي وڏي اڳواڻ مير فتح علي خان کي، جنهن جي قوّت بازو تي ملڪ ۽ حڪومت جو مدار هو، هن سڱ کان پري رکڻ جو ارادو هو، سو يڪ مشت ٿي چيائون ته: بس فيصلو ٿي چڪو، پر ”سنڌ راڻي“ جي پيءُ کي ميان مارائي ڇڏيو، هاڻي ڪو سندس پيءُ بنجي کيس لاڏڪوڏ سان پرڻائي. اتي وري چپ ٿي ويئي. سڀني ۾ وڏو مير فتح علي خان هو، جنهن ڳالهايو ۽ چيائين ته : آءٌ اِهو حق ادا ڪندس، پر اول مائيءَ کان پڇان ته هوءَ پنهنجي خوشيءَ سان مير باگي کي قبولي ٿي، يا نه؟

مير صاحب ڪچهريءَ مان اُٿي ڪوٽ ۾ ويو ۽ پهريون دفعو وڃي سنڌ راڻيءَ سان ڳالهايائين ۽ کيس سڄي خبر ٻڌايائين. سنڌ راڻيءَ ادب سان سندس آڏو بيهي چيو ته: جي اوهان منهنجو حق ادا ڪرڻ قبوليو آهي ته مهرباني ڪري خنجر ڪڍي مون کي هتي ئي پورو ڪريو؛ منهنجو خون اوهان کي هت توڙي قيامت ۾ بخش آهي. مير صاحب اُن جو سبب پڇيو، جنهن تي سنڌ راڻيءَ چيو ته: جي ڪچهريءَ ۾ مير باگي جو نالو مون تي پئجي چڪو آهي ته مون کي قبول آهي. وري ٻيو نالو کڻي پاڻ تي ٽڪو ڪونه لائينديس، پر آءٌ راڄن توڙي حاڪمن تي علامت آهيان: پنهنجن ۾ وير وڌم، ميان سرفراز سان منهنجو سڱ ٿيو ته هو بيگناهه مارجي ويو؛ ميان عبدالنبي منهنجي پيءُ کي ماريو ۽ آخر پنهنجي حڪومت وڃايائين. اوهان ۾ پڻ منهنجي سڱ تان نفاق پوي ها، پر اوهان دورانديشي ڪري هي فيصلو ڪيو آهي، اڳتي الاجي ڇا ٿئي! هينئر پڻ اوهان جي شرط موجب هو مون سان سکڻين هٿين شادي ڪندو ۽ مفلسيءَ ۾ گذاريندو. مير صاحب اهو ٻڌي ويچار ۾ پئجي ويو. پوءِ چيائين ته: مائي! خود منهنجو ارادو هو ته توکي پنهنجي ڪوٽ ۾ آڻيان، ۽ باگي کي جيڪر پاڻ وٽ ٻني ڪرڻ لاءِ به ڪونه ڏيان، پر هاڻي آءٌ تنهنجي پيءُ برابر آهيان ۽ تنهنجي ٻانهن باگي کي سکڻين هٿين ڪونه ڏيندس. باگي کي چوندس ته ”گُوني“ مان وڃي واهه ڪڍائي، پوءِ جيڪا سرڪاري غيرآباد زمين آباد ڪيائين، سا کيس جاگير ڪري ڏيندس.

ائين چئي مير صاحب ٻاهر ڪچهريءَ ۾ آيو ۽ چيائين ته: ’سنڌ راڻيءَ‘ جو سڱ مير باگي جي حوالي آهي. ملڪ ۽ ملڪيت ۾ سندس حصو ڪونهي، پر کيس اجازت آهي ته هيٺ گوني مان وڃي واهه ڪڍائي، پوءِ جيڪا غيرآباد زمين آباد ڪيائين، سا سندس جاگير ٿي رهندي. مير باگي کي سنڌ راڻي سان گڏ هڪ ڀلي گهوڙي پڻ پتيءَ ۾ ملي. پوءِ فتح علي خان سنڌ راڻي کيس پرڻائي.

مير باگي خان کي ’سنڌ راڻي‘ سان دلي محبت هئي. سوچيائين ته تخت ويو پر بخت مون کي مليو؛ پوءِ سنڌ راڻي جي ڀاءُ سائينڏني کي ساڻ ڪري هيٺ لاڙ ڏانهن روانو ٿيو. راڄن ٻڌو ته مير باگي ملڪ ۽ ملڪيت کي ڇڏي ’سنڌ راڻيءَ‘ سان شادي ڪئي آهي، سي کيس ملڻ آيا ۽ چيائونس ته: مير صاحب، ڇيڙون تيار آهن، تون هلي واهه کڻاءِ. پر مير باگو ’سنڌ راڻي‘ جي محبت ۾ اهڙو ته مست ٿي ويو  جو، سڄا سارا ٻارهن مهينا ڪوٽ کان ٻاهر ڪونه نڪتو. تڏهن سندس پيءُ مرزي خان اچي کيس سمجهايو ته: تون اُٿي راڄن کي منهن ڏي ۽ پنهنجي گذران جو بندوبست ڪر. ’سنڌ راڻيءَ‘ چيس ته: جيئن بابا چوي ٿو تيئن ڪر.

بس انهيءَ اشاري تي مير باگو ڪمر ٻڌي نڪتو. راڄن ۾ سڏ وڌائين ته ڇيڙون اچي گڏ ٿيون ۽ هڪ شاهي واهه ٻئي فصل کان اڳ کڄي تيار ٿي ويو. جنهن تي هزارين ايڪڙ زمين جا آباد ٿيا، جي سڀ ميرباگي کي جاگير ٿي مليا. اهو واهه سندس نالي سان ’باگو واهه‘ سڏجڻ لڳو. ڪيترائي غريب غربا لڏي اچي سندس ڪوٽ وٽ ويٺا، ۽ اهو هڪ شاهي ڳوٺ ٿي ويو، جو مير صاحب جي نالي سان ”ٽنڊو باگو“ سڏجڻ لڳو. سنڌ راڻي جي ڀاءُ ’سائينڏني‘ کي مير باگي گهڻو نوازيو ۽ کيس پنهنجي جاگير جو ڪاردار بنايائين. اهڙيءَ طرح ٻن ٽن سالن ۾ مير باگي خان وٽ سڀ رنگ لڳي ويا. اندر حويليءَ کي سنڌ راڻيءَ پنهنجي حسن ۽ سمجهه سان سينگاريو ته ٻاهر مير صاحب جي قرب ۽ ڳرهاٽيءَ ڪچهريءَ جي رونق وڌائي. اوسي پاسي جا سردار ۽ زميندار، ويندي عمرڪوٽ جي راڻيٖ سميت، مير باگي وٽ رس رهاڻ ۽ شڪار لاءِ ايندا هئا، ۽ مير صاحب، سائنيڏني کي ساڻ ڪري وٽن ويندو هو.

بخت جي ياوريءَ سببان مير باگي خان جا پنج ڇهه سال انهيءَ رس ۽ رنگ ۾ گذريا، پر پوءِ وري اچي بخت ڦيرو کاڌو. مير صاحب جي بيحد مهربانين ۽ نوازشن سببان سائينڏنو نهايت سرڪش ٿي پيو، ڪنهن تي به سندس اک ڪانه ٿي ٻڏي. هڪ ڀيري عمرڪوٽ جو راڻو دستور موجب اچي مير صاحب وٽ لٿو. ڪچهري لڳي پئي هئي. مير صاحب، راڻو، سائينڏنو ۽ ٻيو هڪ بلوچ سردار چوپڻ راند ڪرڻ ويٺا. راند ۾ ڪنهن ’چالي‘ تان راڻي ۽ سائينڏني پاڻ ۾ ڳالهايو، جنهن تي سائينڏني، راڻي کي ڪو ويڻ ڏنو. مير صاحب انهيءَ تي سائينڏني کي سمجهايو ۽ راڻي پڻ اُن وقت مير صاحب جي تڏي تي کڻي ماٺ ڪئي. عمرڪوٽ پهچي راڻي اها ڳالهه پنهنجن ۾ ڪڍي، جنهن تي ڪي ٺَڪر وير وٺڻ لاءِ تيار ٿيا. ڪي ڏينهن گذريا ته مير صاحب، سائينڏني کي ساڻ ڪري نئين ڪوٽ طرف، ڍوري تي شڪار لاءِ ويو. اتي راڻي جي ماڻهن وجهه وٺي ”روهلڙي جي گهيڙ[1]“ وٽ سائينڏني کي ماري وڌو. سنڌ راڻيءَ کي هيءَ خبر ٻڌي وڏو صدمو رسيو ۽ انهيءَ ڏک ۾ بيمار ٿي پئي. ان وقت سندس عمر چوويهه پنجويهه سال کن هئي. ’سنڌ راڻي‘ جي بيماريءَ ڪري، مير صاحب کي پڻ سڀڪجهه وسري ويو. گهڻا حيلا ڪيائين، پر مائي ڏينهون ڏينهن وئي وڌيڪ بيمار ٿيندي. مير صاحب کي به ڏينهن رات جهڄڻ ۽ جهوري هئي. آخر ڏينهن اچي پورا ٿيا ۽ ’سنڌ راڻي‘ مير صاحب کان روئي موڪلايو ۽ کيس وصيت ڪيائين ته مُئي کان پوءِ مون کي پنهنجي مائٽاڻي مقام ۾ دفن ڪرائجو. تاريخ پنجين رمضان سنه 1204هه هو، جو سنڌ راڻيءَ دم ڏنو. مير صاحب وصيت موجب پاڻ ڪلهي ڪانڌي ٿي، سنڌ راڻي کي وڃي ٺري لڳ ”ديواني شاهه“ جي قبرستان ۾ ”اُڍيجن جي مقام“ ۾ دفنايو ۽ سندس ياد ۾ مٿس سهڻي سنگتراشي ۽ سنگمرمر سان قبر جوڙائي، جا اڃا تائين سلامت آهي، ۽ سنڌ راڻيءَ جي داستان تي شاهد آهي.


*  ’مير باگو ۽ سنڌ رڻي‘ جي ڳالهه، سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ عام مشهور آهي، جيتوڻيڪ تفصيل سان ڪنهن به سگهڙ يا راوي کي ياد نه آهي. جدا جدا سگهڙن ۽ راوين سان ڪچهريون ڪندي اسان کي هن داستان جا ڪي ٽاڻا ۽ اهڃاڻ مليا، جن جي اَڌار تي اسان هي داستان تفصيل سان لکيو آهي. ن.ب.

[1]  هاڪڙي ڍوري جو اهو گهيڙ ”نئين ڪوٽ“ ۽ ”فضل ڀبڀري“ جي موجوده اسٽيشنن جي وچ تي آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org