سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :7

واڻيو واٽ تي ڦل وڌي کي گڏيو، تنهن کان ڀوريءَ

جون خبرون پڇڻ

 

59-    ڀوريءَ سندي باب جي، سڻ نادر نيشاني،
منهن مهتاب پسڻ ۾ صورت خود پري پيشاني،
سڻي هاڪ حسن جي، ٿين حورون حيراني،
ڪجي خاڪ قدم تان، قمر قرباني،
نوَ لک گهنڊ نراڙ ۾، آهن جوڙ حُسن جواني،
صدقي تنهن صاحب تان، جنهن جوڙ جوڙي جاني،
هڪ دولت دائي در اُتي، آهي ٻائيءَ اڳ ٻانهي،
آڻي آڌيءَ رات جو ٿي پاڻي پرواني،
مرد قبولي ڪونه ٿي ڪو صورت ۾ ثاني،
ڪئين سي وير وري ويا تت اڙٻنگ اخواني،
جا بحث چڙهي باني، ڪنهن پر لهي ٿي ڪينڪي.

 

60-    ڪنهن پر لهي ٿي ڪينڪي، سڀڪجهه ٻڌو شاهه[1]،
سرهو ٿيو سرير ۾، سڻي هيءَ ساراهه،
هليو خان خوشيءَ سان وٺي ساڻ سپاهه،
جهاڳي جهر جبل کان ٿيا روان راهه صفا،
ڏورئون ڪنگرا ڪوٽ جا، آيا نادر منجهه نگاهه،
سڀئي سور لهي ويا، ڏسندي جانب جاءِ،
ترسي پاس تلاءَ، لهي وير ويهي رهيو.

 

61-    لهي وير ويهي رهيو، داناءُ رکي دم،
سڏي سڀ سپاهه کي، ڪيو حاڪم پاڻ حڪم،
آڻيو اڄ بازار مان عطر مشڪ اتم،
کڻي خزانا خان ويا، لکين نيل پدم،
جهر جهنگل ويو واسجي، هر ڪنهن جان جسم،
هاڪ هُلي هردم، آهي آديسي ڪو آئيو.

 

62-    آهي آديسي ڪو آئيو، ٿي هرهنڌ ڳالهه زبان،
”محمد“ ڪارڻ ملڻ جي، پيا پيش اچي پهلوان،
پيرين پيا اچي ڪاپڙي، دعا گهريائون دان،
بابو، ڀلي آئين، تنهنجي قدمن تان قربان،
ڌڻي لڳ تون ڪاپڙي، ڪج اسان تي احسان،
مانُ ڏيئي مهمان، نايئون ڪنڌ نياز سين.

 

63-    نائي ڪنڌ نياز سين، حاضر ٻڌئون هٿ،
کلي مير کيڪاريو، تن اعليٰ ساڻ عزت،
شاهه برابر شان سين، اوڍائيا ان وقت،
عطر اوتيائين تن اُتي، ٻيا دنگ هليا شربت،
سرها ٿيا سرير ۾، خان ڏسي خذمت،
پوءِ راءِ وٺي رخصت، ٿيا راڄ روانا خوش ٿي.

 

64-    ٿيا راڄ روانا خوش ٿي، ويا دهرا وٺي دان،
رکي مڻ مجاز جو، ويٺو خيمي اندر خان،
اصل انهي راڄ جو هو ويٺل ماڳ مڪان،
مرد مڙن ڪين ٿا، جي شاهه رکن ٿا شان،
مرڻ جيئڻ جي پاڻ تي آفت ڄاڻن ڪانه،
سوڀ بنان سلطان، مرد مڙڻ جا ڪينڪي.

 

65-    مرد مڙڻ جا ڪينڪي، آهن سوڀون وس ستار،
هِمت بندا، مددِ خدا، ڪن ارادو اختيار،
پوريون ڪري پاڻ ڌڻي، ڪم تنهين ڪلتار،
عاشق انهي ڳالهه کي اوس رکن اختيار،
گهمي گهٽيون گام جون پرين پڇي پار،
ماڙيون ماڳ رهڻ جا، راهه گهٽيون رفتار،
ڀوريءَ سندي باغ جا چوکي گس چوڌار،
دائي ڪهڙي در اُتان آب آڻي ٿي نار،
سمجهي سڀ سردار، دانا رکيا دل ۾،

 

باغ ۾ ڦل جو اچڻ، ۽ دائي دولت کي ڏسڻ رات جو.

 

66-    ڀيڄ ڀني هئي راتڙي، اوڻٽيهين اونداهي،
اٿيو آڌيءَ رات جو، وٺي هادي همراهي،
صاحب ساڻي جن رهي، تن ڪهڙي پرواهي،
ويو اڳ وقوف سين اندر باغ اڳي دائي،
خبر خاطر کوهه تي ويٺو شوق ڪري شاهي،
ناگهه نگاهي، آيس دائي لنگهندي در اُتان.

 

67-    دائي لنگهندي در اُتان، نظر آيس نروار،
آڏو آيو تنهن اڳيان، ويو لڳي شاهه شڪار،
روشن سارو باغ ٿيو، چوڏس ڪيو چمڪار،
دائي دهلي ديد کان، ويٺي نائي ڪنڌ نراڙ،
ڪاهي آيس ڪاپڙي، سر مٿي سردار،
خوف نه ڪيائين خيال جو، هيءَ دائي آهي درٻار،
صباح سائڻ هن جي ڪا باب رکي ڀلڪار،
انهي نينهن نهوڙيا، هاتڪ هت هزار،
اول عزازيل کي تڙيائين تڪرار،
ماريائين منصور کي، ڪيو سوريءَ سر سچار،
زڪريا مٿي پنهنجي واهيو ڪرٽ ڪپار،
يونس مڇيءَ پيٽ ۾ جر گهميو جالار،
يوسف کاري کوهه ۾، جت کڻون، نانگ خرار،
سسئي رلي سڃ ۾، ڪيائين بر بازار،
ساهڙ خاطر سهڻي هئي ترندي آڌيءَ تار،
تنهين وانگر توڙئين ڄام ڦاٿو منجهه ڄار،
پرس پڇي ٿو دائيءَ کان، ڏي حال مونکي هشيار،
آڌيءَ رات اچڻ جي توکي ڪهڙي پئي درڪار؟
گولي ڪر گفتار، ماهيت هن مذڪور جي،

 

68-    داناء دائي آهيان، خاص ڀوري خذمت،
آڻيان آڌيءَ رات جو پاڻي ساڻ پرت،
ڪنهن جي پوي ڪانڪا، نر پکي جي نرت،
روز پنهنجي راڻيءَ کي پياريان پنهنجي هٿ،
تر تفاوت جي ڏسي، هاج منهنجي حرڪت،
ته مارائيندي ”محمد“ چئي دير نه ڪري دولت،
اڄ ڪنيزڪ قسمت، موت مٿي مون آئيو.

 

69-    ڊڄ نه ڪنهن جي ڊاء، موت نه ڪنهن جي وس ۾،
ڪونه ماريندو ڪنهن کي، آهي پرور هٿ پساهه،
هادي هرڪنهن روز ڏيندڙ جانورن کي جاءِ،
ماڪوڙي کي ڪڻ ملي، ۽ مڻ هاٿي کي ماهه،
سڀ خلقيا آهيون خاوند جا، سو رکندو پاڻ پناهه،
دل رکج داناهه، ماهيت هن مذڪور جي.

 

70-    ڏيئي دلاسا دائي کي، بابو ڪيو بيان:
مائي منهنجي حال جي، ٻي ڪل ڪنهين کي ڪانه،
ڏورئون آيو آهيان، آءٌ ڇڏي ملڪ مڪان،
ڀوريءَ سندي برهه جو، مونکي نينهن لڳو نشان،
راتو ڏينهان روح ۾ بات اها اٿم بان،
وڃي ويراهون وڌندو خيال سندو خفقان،
تون دائي آهين دربان، ڪر وسيلو ويڄ جو.

 

71-    دائيءَ دلاسي جو ڪيو گوليءَ وڏو گُن،
مونکي هن مذڪور جو، ورد وڏو منجهه من،
ڪيئن پسندين ڪاپڙي، جا مير رهي ماڙين،
چوڏس چوڪيون تنهن اُتي، راتو روز گهمن،
تيز تراريون هٿ ۾ ڀالا بندوقن،
ماريندي ”محمد“ چئي، ترس نه تِل جو ڪن،
ڪج بهانو بِکيا، جيئن سڃا سَين پنن،
ڪنهن جي ڏني ڪين ٿج راضي سؤ رپين،
جانٌ ڏيندي ساڻ هٿن، سُوري چاڙهي سر کي.

 

دائي جو پاڻي ڀري اچڻ، تنهن کان ڀوريءَ

جو پڇڻ، دير بابت.

 

72-    دائي دلاسو ڏيئي، ويئي سڏ ڪندي سبحان،
مولا منهنجو تون رکج شِير ڀرم ڪو شان،
دلو ڀري در اُتان سا آئي منجهه ايوان،
دير ٿيڻ جو دائي کان ٿي پڇي بات بيان،
اڳي روز اچڻ ۾ تون دير ڪندي هئين ڪانه،
اڄ ڏسندي مون کي ڏينهن ٿيو، تنهنجو مغز ڦريو مروان،
وٺي تنهن کي وارن مان هنيو پٽ مٿي پهلوان،
مونکي آهي پڪ ٿي تو اک ڏٺي انسان،
ڪر ظاهر منجهه زبان، حقيقت سڀ حال جي.

 

73-    حقيقت هن حال جي پيم پيٽ اندر ۾ پور،
وک وڌان نه هيڪڙي، چال چلڻ کان چور،
ويم وهاٽي جيءَ ۾، سڀ سنڌن ۾ سور،
آيم ڪل اونداهي ٿي نرت ڏسڻ کان نور،
مائي، پڃاڻا پهر جي درد ٿيو مس دور،
ٻيو ڪونه مون قصور، ٿي ناحق مونکي مارئين.

 

74-    اهي سڀ اجايا ٿي ڪرين وات ولل،
نه آهي تنهنجي بدن ۾ ڪا بيماري بلڪل،
مون سڀيئي سنڌ سهي ڪيا آهن البت منجهه عقل،
ڪرين رنگ رواز ٿي تون رکيو دل دغل،
اهي رن رمل، مون سين ڪر تون ڪونه ڪي.

 

75-    نڪو رنگ رواز اٿم، ڪم ڄاڻان قسمت،
ڪڏهن دائي در اُتي هئس اعليٰ ساڻ عزت،
ڪونه هنيو تو ڪڏهن آپ الاري هٿ،
اڄ ورڏيو ڪاڻ وڙهڻ جي، ٿي درس ڪرين دهشت،
هيءَ دائي آهي دولت، مارين خون مباح اٿيئي.

 

76-    ناتر سندي نياز تي، سائڻ ڪيو صبر،
وٺي ويهاريس وقوف سين، ڪري ڀيڙو پنهنجي ڀر،
تون اصل جي آهيئين دائي منهنجي در،
هر هميشہ حاضري، هت واقف منجهه وندر،
راتو روز رهاڻ ۾ پاڻ گڏ گذاريون گهر،
هاڻي کلي ڪر خبر، مون مڙئي توکي معاف ڪيو.

 

77-    مائي، مون کي معاف ڪيئي، سڀ سچي ڳالهه چوان،
بيٺل ماڻهو باغ ۾ آيو گولو در گمان،
منهن مبارڪ چنڊ جيئن، جهرڪن نُور نوان،
سامي ڪپڙا سون جا، مٿس رنگ روان،
ظاهر منجهه زمان، ڪونه ڏٺو مون آدمي.

 

78-    ڪونه ڏٺو مون آدمي، سو آيو ڪهڙي ڪم،
سامي سُئي هئي ڪانه ڪا، منهنجي هاڪ حڪم،
بنان موڪل باغ ۾ ڪونه اچي آدم،
هي بابو بي فهم، ڪو مورک ماڻهو ڀانئجي!

 

79-    مائي، مورک ڪينڪي، هو داناءَ دلاور،
وهواهه ٻولي وات مان، اوتي سڀ عطر،
عقل ۾ ڪو آدمي، ٻيو کڻندو ڪونه ڪثر،
ٻائي، مون ٻيهر، پار پڇج تون ڪينڪي.

 

80-    پڇڻ ڌاران پار، ڪين ڪنيزڪ آءٌ ڇڏيان،
جا تنهنجي من ۾، چئو ثابت ڳالهه سچار،
ڪوڙي ڪندي مون هٿان، مفت نه کاءُ تون مار،
ڪيا مون قول قرار، سي ڪوڙا ڪنديس نه ڪڏهين.

 

دائيءَ جي سچي ڳالهه چوڻ ڀوريءَ کي.

 

81-    راڻي رهين ٿي ڪينڪي، ويٺينءَ شرط رکي شاهي،
مون گهڻو پاڻ نٽائيو، وات نه ڪيم وائي،
تيئن تيئن اچين مون اُتي، مارڻ لئي مائي،
سڻ سائڻ سڀائي، سامي سنديون خبرون.

 

82-    هي سامي ڪاڇي ڪوٽ جو، آهي صاحب والي وقت،
راڄ ڀَٽين جو بادشاهه، توڙ پيڙهاتو تخت،
ٿين سلامي تنهن اڳيان، ڪل حاضر ٻڌيو هٿ،
سڀ سڏائن پاڻ کي تنهن راءَ سندي رعيت،
ورنهه وڻي ڪانڪا، آپ ثاني صورت،
تنهن تان مليس مهڻو، طعني وانگر تت،
تن ڪانه وڻئي ٿي هت، وڃي ڀوري پرڻج بادشاهه.

 

83-    مٽجي سا مست ٿي، جا ڀڙڪ لڳي ويس باهه،
اها ڳالهه اعتبار جي، ڪندو ڪير ويساهه،
راڻيون انهيءَ راڄ ۾ ڪين مليون ٿي راءَ،
مون کان اور ملڪ ۾ آهن خلقيون خاص خداء،
ايهي مڙيئي مڪر جا ٺڳ ٻڌا تو ٺاهه،
تنهنجي ڳالهه اها، اچي ڪيئن اعتبار ۾.

 

84-    اچيئي نه اعتبار، ته ڪوٺي ڏس تون ڪاپڙي،
جي برابر بحال هجي هن گوليءَ جي گفتار،
تر تفاوت جي ڏسين ته مائي مونکي مار،
سڏي ڏسي سرڪار، ته ڪوڙيءَ سچيءَ ڪل پوي.

 

85-    مائي کڻي ماٺ ڪئي، ٿيس ڳالهه ڳري،
سچ صفائي ڪوڙ جي ٿيندي ظاهر سڀ ذري،
تر تفاوت جي ڏسان تنهنجي وات وري،
مارائي ”محمد“ چئي، ڏيئين سوريءَ ڀر سِري،
هاڻي ڦيريدار ڦري، وٺي آءُ وقوف سين.

 

86-    ٻڌي ٻانهون حاضري، گوليءَ ڪئي گفتار،
پاڻهي ايندو پاڻ وٽ، دوست ٻڌي دستار،
سامي ڪارڻ سَينَ جي، دان پنڻ درڪار،
پاڻهي ٿيندي پڌري ڪوڙ سچي جي ڪار،
مائي! منهنجي ڳالهه جي لڪندي ڪانه لغار،
درس ڪجئين ديدار، راڻي روءِ بروءِ ٿي.

 

صبوح جو ڦل وڌي جو ڀوريءَ وٽ اچڻ، سَينَ پنڻ واسطي.

 

87-    دوست ٻڌي دستار، آيو سامي ساڻ صبوح جي،
مونگهٽ مالها ڪيوٽيون، جوڳي ڪيا جنسار،
ڪستا ڪنٺا قيمتي، سندي سون ستار،
قيمت لٽي ڪيتري آيو در لنگهي دربار،
سامي ٻولي سَين جي ڪئي پاڻ مٺي پينار،
مٺي نالي مون گهريو، اٿم داڻن جي درڪار،
ڪڻا ڪارڻ قوت جي، کڻان ڪين خرار،
ٻوليئين ٻاجهون وينتيون، ٿي نماڻيون نروار،
ڪن پئي وڃي اوچتي، سا راڻيءَ جي رخسار،
اٿي تنهن آواز تي ڀوري ٿي بهار،
ڪڏهن ٻڌي مون ڪانڪا، گولي هي گفتار،
آهي نماڻو نيڪ ڪو بک ڪيل بيزار،
کڻ مهرون ٽي چار، ڏي فاقه دار فقير کي.

 

88-    دائيءَ لنگهندي در اُتان، ناتر ڪِي نظر،
سامي ساڳيو آئيو، ويڙهو لنگهي ور،
جوڳي جيڪس آس پئي، داڻا پنڻ در،
ڏسي پنهنجي روبرو، پڪ مڙيائي ڪر،
ٻائي، مون ٻيهر، متان رکين حرف حساب جو.

 

89-    دائي تون داڻا، وڃي ڏينس وقوف سين،
موٽي وڃ تون ڪاپڙي، ٿي سامي سياڻا،
دائي داڻا جي پنان ته راڄ گهڻا راڻا،
پر هٿ پرچن ڪينڪي، آهن عارف ارڪاڻا،
اصل عادت هيڪڙي، آهن صابر ساماڻا،
جي پائي ڏي پاڻا، ته راضي ٿيان آءٌ روح ۾.

 

90-    ٿو سامي سرچي ڪين، بلڪل مائي مون کان،
بيٺو آهي در تي، ٿيو گوندر ۾ غمگين،
مون وڏائي وس ڪيا، تون حاضر آپ امين،
هر ڪنهن اجر هٿ جو، درس بهرو آهي دين،
سامي ڏيندي سين، ڪنهن کي منع ڪانه ڪا.

 

91-    ڀري موتين ٿال، کنيو ڀوري ڪارڻ بِکيا،
پورو ڪريان ٿي تنهنجو، سامي اڄ سوال،
وٺ فقير، ور پوئتي، ڪن هڻي ڪر ڳالهه،
جوڳي ڪستو ڪڇ مان حاضر ڪيو في الحال،
نائي وڌائين نياز سين، ويڙهي مڙ مال،
تان ڪستو ڪِريو هٿ مان، ٿي لعل نه ڀيڙي لعل،
هي برتن ڀڳئي منهنجو، ڪيئي ڀوري ڪهڙو ڀال،
هي سنگتي هوم سفر ۾، ٿي سانڍيم ساڻ سنڀال،
اهو مال حلال، راڻي رنج جو ڪين ٿيو.

 

92-    اهو مال حرام، ڪنهن پر چوين تون ڪاپڙي،
ڏنم خود خوشيءَ سان، آپ هٿئون انعام،
ڪهڙي آهي دين ۾ لکيو منجهه ڪلام،
توکي اڃان تن ۾ طمع زور تمام،
ناحق منهنجي نياز کي، تو بيحد ڪيو بدنام،
راز سڃاڻي رام، بابُو وٺ تون بِکيا.

 

93-    وري وٺان ڪيئن بِکيا، ٿي ماري منڌ ميار،
هي برتن ڀائي حال جو، ساري سڀ ڄمار،
اوس منهنجا هن سان، هئا ڪيل قول قرار،
ڪڏهن ڪندس ڪين تو، دنيا خاطر ڌار،
راڻي منهنجي روبرو، ٿيو ٽڪر ڀڄي ٽي چار،
مونکي هن مذڪور جو آهي وِرهه وڏو ويچار،
مڃيو موت قبول مون، تنهن در اُتي درڪار،
سياڻي قول سچار، ڪوڙا نه ڪندس ڪڏهن.

 

94-    ڪوڙا نه ڪندين ڪڏهن، ڪا توکي جوف جسم،
مايا ڏني لک ملن، هن کان اور اُتم،
تو ايڏو آڻي بحث ڪيو آهي ڪهڙي دين ڌرم،
هي نه اشرافن ڪم، وڏي واتينٌ هُل جو.

 

95-    وڏي واتين هل کان، سامي ڪر صبر،
وٺي ويس وقوف سين، محلي ماڳ اندر،
ڪيئن قبوليئي ڪاپڙي، پاڻ پنڻ جي پر،
ڏسان تو ۾ ڪين ٿي، ويس فقيري ور،
ڪستي سندي ڪوڙ جو تو ٻڌو فند فڪر،
رنج رهي ٿو ڪونه ڪو، ظاهر ملندي زر،
ڏي سامي سڀ خبر، دانا پنهنجي دل جي.

 

96-    دانا توسين دل جا، ڪل حال ڪريان ٿو پيش،
راجا پنهنجي راڄ جو آهيان خود وڏيرو خويش،
ڪوٽ قلعي ڪُستان جو، هئس حاڪم پاڻ هميش،
ڀوري تنهنجي برهه جو، مون کي نينهن لڳو ئي نيش،
ڪهڙا پڇين ٿي ڪيش، واتان منهنجي دل جا.

 

97-    چوڻ سولي ڳالهه، پارڻ ڏکي پوءِ ٿي،
لکين لافون ٿا هڻن، ڪوڙا قول ڪُلال،
جيڪي چون اڳ ۾، سا بات نه ڪن بحال،
پهرين پسبو تن کي ماکي ميٺ مثال،
ڪمتر لٿي ڪم جي، خود نه ڀانئين خيال،
ميان! کپئي مال، ته سامي سؤ مڻ سون ڏيئين؟

 

98-    سامي سؤ مڻ سون جو، ٻائيءَ وٽان ٻول،
ڪن، پارين ڪين سي، رنگ روازي رول،
ڪيئين ڪٽاري هٿ ۾، هوئي جاني پاسي جهول،
وٿ وڃائي ويجهڙي، ڪن مورک مرد وڙول،
”محمد“ ماري پاڻ کي، ڪندس رنگ رتول،
ڏسي ساري ڏيهه جا، غازي مرد گلول،
تڏهن ڀوري لٿا ڀول، ٻائي جهليس کڻي ٻانهن ۾.

 

99-    ٻائيءَ جهليس ٻانهن ۾، وٺي عاشق جو امتحان،
مونکي ساميءَ ماريو، هو اول غم گمان،
ڀلي آئين تون بادشاهه، تنهنجي قدمن تان قربان،
”محمد“ ملهايئي پاڻ کي، منجهه محبت جي ميدان،
ڪنديس تو تان صدقو، جيءُ جثو ۽ جان،
آءٌ ٻانهي تون سلطان، حاڪم هميشه تنهنجي.

 

100- آهيان حاڪم هميشه تنهنجي، ٻول ٻڌي آءٌ راءِ،
موٽي وڃ تون ڪاپڙي، شرط ڇڏي ڪل شاهه،
متان ٿئي ملڪ ۾ ٿي ظاهر ڳالهه اهاءِ،
راڻا رهي هيڪڙي، ٻي نه ٿيندي ڪاءِ،
دوست ڪري دلجاءِ، موٽي وڃ تون ماڳ تي.

 

بيان ڀوريءَ جو پاڻ تي بيمار بنائڻ جو بهانو ڪرڻ.

101-   هاڻي سڻو هيءَ ڳالهه، مائيءَ جي مذڪور جي،
بلڪل ڄاڻي ڪانه ڪا، سا نَوَ سؤ تيرهن تال،
هي ماڙين منجهه رهي هئي، ويهه سڄائي سال،
ڪڏهن نڪتي ڪانه ڪا، زَيل موافق زال،
جنهن ڏٺو ٻڌو ڪونڪو، ٻاهر حال احوال،
عورت تي اعتبار جو، خان نه رکجو خيال،
لاٿا لاکيڻن جا عورتن اقبال،
سڻ صاحب هي سوال، پرور رکج پت سين،

 

102-  سچا اڳي سال هئا، هاڻي چوڏهون سن چون،
تنهن مان پنج ۽ ٽيهه ٽري ويا، ليکي انگ لکن،
جنهن کان مرن ٿي پناهه پني، سو ڏسو اڄ اکين،
بلڪل ويئي ماٺ ٿي، سوڀيا وات سچن،
کوٽي پهري ڪوڙ جو لڳو ٻنگ لچن،
اوڇو سو اشراف تي دانهي وجهي دڙڪن،
ادب ننگ نياز جي، ويئي چال چلي طرفن،
عالم ۾ انصاف جو، ويو واءُ ڦري ورهن،
مائٽ مٽ جدا ٿيا، جيئن هڏي هوڏ ڪتن،
صحبت ساک سلوڪ جي، ريت ڇڏي راڄن،
نڪو داد فرياد جو پاند لڳو پئسن،
خان ڪمينا هيڪ ٿيا، منجهه دريافت درسن،
ڪيو سمجهي صبر جن، تن مردن مانُ بچائيٖين.

 

103-  ڇڏي پر پچار، هل اڳي ڪر ڳالهڙي،
عاشق جي انصاف جو ويهي لک ويچار،
ٻڌي ڪمر ڪوڙ جي، ڀوري ٿي بيمار،
ٻيءَ صورت ۾ سچ هو، درد دلي درڪار،
رکيو هٿ هنيٖين تي، چئي: سور سيني سر پار،
”محمد“ منهنجي جيءَ ۾، ٻيو باري غم غبار،
اڄ انهي آزار، بلڪل ماري آهيان.

 

104-  بلڪل ماري آهيان، جان ڦٽيم جميعت،
ڪنهن پر اچي ڪانه ڪا، روح منهنجي راحت،
سور نه اٿم سرتيون، هي ڄاڻان ڪا آفت،
پلنگ پاٿاريون ريشمي، سيج ڀانئيان ٿي سخت،
جا پر منهنجي جيءَ سان، سو ويري ملي نه وقت،
لڳم هنيٖين هٿ، اديون عزرائيل جو.

 

105-   سرتيون ڀڳيون سيگهه مان، دانهن وڌائون در،
ماڻس سان مذڪور جا، دائيءَ ڪيا دفتر،
ڪو جو سُور سرير ۾، پيو درد تنهنجي دختر،
ماري آهي ”محمد“ چئي، زور ايذاء زَبر،
ڀڄي وٺ ڀوريءَ جي، تون مائي خود خبر،
دير نه دم جي ڪر، مائي نه اڳ مري وڃي.

 

106-  مائي ماڳئون نڪري، آئي ساڻ اڪير،
پڇي پنهنجي ڌيءَ کان، ٿيئي ڪهڙو سور سرير؟
کاڌئي خوشي کاڄ جو، ماهه مڇي گڏ کير،
نظر نڀاڳي جو پيو ڪو طعام مٿي تاثير،
تو لئي اصل ڪيترا پاڻ پوڄيا آهن پير،
ڌيءُ نه ٿي دلگير، ويهون ويڄ گهرائيان.

 

107-  سوين سڏايائين تنهن گهڙي، جي لائق هئا لقمان،
اڪابر عقل جا آزمودي امتحان،
ٿي سڻائي تن اڳيان، ڀوري سور بيان،
ماري آهي ”محمد“ چئي، حور پري حيران،
ڪنديس هن جي سر مٿان، مال مڏيون قربان،
واتئون واريو پنهنجي ظاهر منجهه زبان،
تهتا هت سڏائيان، سئو سئو ڀَتين سامان،
توڙي عرش هجي آسمان، يڪدم هت گهرائيان.

 

108-  آيا انهيءَ وقت ۾، اڪابر امير،
سور سڃاڻن پارکو، عاقل پوڙها پير،
جهونا ڪنهين جُڳ جا ورنهه وير وزير،
ڏورئون ڏسندي ڏيل کي، ترت رکن تدبير،
”محمد“ ڏٺي منهن جي، سمجهن سور سرير،
آبي، خاڪي، آتشي، بادي بت بهير،
ڪشف رکن ٿا ڪيترا مغز اندر مهمير،
ناٿ، نجومي، ناکئا، افلاطون اڪسير،
ابجد منجهه امير، سمجهن ستارا اُڀ جا.

 

109-  سمجهن ستارا اُڀ جا، فائق پايو فال،
اول اڇليئون تن کي، خانا ڳڻيندي ڳالهه،
ڍارو ڍري ڏيڍ پيو، ويو ڀلجي هٿ بتال،
وري اڇليئون ٻيو دفعو، چئو سچي ڳالهه مقال،
تان پڻ پنج ٽي اَٺ پيا، ٿيو ڪوڙو قرعو ڪلال،
واري اڇليئون ٽيو دفعو، ڏي سمجهي پورو سوال،
تان پڻ ڇهه ٽي نَوَ پيا، راند هارائي حال،
”محمد“ مڙني ماٺ ڪئي، خانا ڏسندي خيال،
اهڙي مرض مثال، ڪڏهن ڏٺوسين ڪونڪو.

 

110-   ڪڏهن ڏٺوسين ڪونه ڪو، اهڙي مرض مثل،
سمجهه انهي سور جي، ٿي اچي ڪانه عقل،
ڪريون ڪهڙيءَ ريت سان، درد انهي درمل،
نحس نڀاڳا ٿا پون، راڻي پاس رمل،
طالع تارو ٿا ڏسون، مائيءَ تي مشڪل،

ويٺل واگهه وجود ۾، آهي ڀوريءَ نانگ بغل،
پارٖينٌ ايذاءَ عشق جو، جانٌ ماري موت ازل،
مائي! ڏي موڪل، دعا پنون درويش کان.

 

111-   ڏَسي ڏاهن ڳالهڙي، سندي درد دواءِ،
زير زبر جون باتيون، ٿي ساري ڌيءَ سڻاءِ،
سمجهي ساري خبرون، موٽي چيائين ماء،
ته سامي سمجهيم هيڪڙو، فڪردار فناءِ،
راول سندي راڄ ۾، آهي ساري گام سماء،
تنهن کان وڃن ڪيترا پنيو پيش دعاء،
سامي سڀن لکڻين آهي نافع نيڪ نگاهه،
”محمد“ منهنجي مرض جي، ٿيندي سامي هٿ شفاء،
سو جوڳي جلد گهراءِ، مانَ ٿئي مون فائدو.

 

112-   مادر ماڻهو موڪليو، سامي سڏيائين،
پريان ڪِري پيرن تي رتا رنائين،
تنهن کي سُڌيون سور جون، چٽيون چيائين،
اصل ٿي اولاد ۾، هي دختر ڌريائين،
تنهن کي پيا آهن پيٽ ۾، ڪي ڪامڻ ڪٿائين،
ڏينهان وڃي ڏيل ۾، پاڻ ٿيندي پاهين،
دعا ڪري هيءَ دادلي، منهنجي ڀوري بچائين،
تون سامي آهين سائين، دعا ڪريو هن دادليءَ.

 

113-   جهلي ٻائي ٻانهن کي، ڏني سامي سڀ خبر،
درد رسيو آهيس دماغ جو، پيو جاڳي منجهه جگر،
ڪين جهليو ٿيو ڪامڻيءَ، جوانيءَ وارو جر،
هر گز هلندو ڪونڪو ٻيو هن سان هاڻ هنر،
مائي هن کي ماڳهين آڻيو شرع منجهه شهر،
سڳو وٽيان ٿو سور جو، سمجهي سوز سحر،
مانَ قبولي مون ڌڻي، دعا پنهنجي در،
سڳو ٻڌو اوهين سيگهه مان، دعا سندو دختر،
پاڻ ڪندو پرور، درد دفع هن دادليءَ.

 

114-   درد دفع ٿيندو دادليءَ، سج ناسيندي ساڻ،
جوڳيءَ سندي جهاڙ جي، هي اهل آهي آڻ،
تڏهن منهنجي ڳالهه جي پڪ رکجو پاڻ،
ٿيندي پاڻهي پڌري، هن ساميءَ جي سرهاڻ،
نه ته وِلها آهن وٿاڻ، ڪونهي جوڳي جوءِ ۾.

 

115-   سڳو ٻڌندي سور، درد لهي ويو دل جو،
ڪنهن پر سمجهي ڪونه ڪو، دانهه منجهه دستور،
محبت واري مرض کي ڪري دوا دلبر دور،
”محمد“ انهي درد ۾ ماريا لک مغرور،
وڍين ويڄ تن هٿين، شطرنج راند شعور،
ڪن ماريو ڪن مارايو، مير مثل منصور،
راڻي پنهنجي راڄ ۾، هيڪ وڏي هئي حور،
ڪوڙيون سچيون پاڻ تي، مِڙ ڪيائين منظور،
آڌيءَ رات اَسُور، پڙهيئين ڪلمون پاڪ تي.

 

ڀوريءَ جو پنهنجي زبان سان ماءُ کي شاديءَ لاءِ چوڻ.

 

116-   روءِ مقابل ڳالهڙي، منهن تي چيائين ماءُ،
اڳي ڪين مڃي مون، سندي سَڱ صلاح،
ڪريان هاڻ قبول ٿي، امڙ ڳالهه اهاءِ،
شرع شريعت پنهنجي، آءٌ ڪنديس ننگ نڪاح،
ڏي روح پنهنجي راءِ، تون مائٽ منهنجي آهيئين.

 

117-   ڀلين ڄائي ماءَ، جا مرضي رکي منهنجي،
اصل انهي ڳالهه جي، روح گهڻي مون راءِ،
ڪڇي سگهيس ٿي ڪينڪي، ڊپ تنهنجي کان ڊاءِ،
راڻا گهڻا راڄ ۾، آهن سهڻا سڀ سياءِ،
ويٺي اڳ اميد ۾، ورهيه ويچارن ٿياءِ،
مائٽ مٽ ملهاءِ، راضي سارو راڄ ٿئي.

 

118-   راضي سارو راڄ ٿئي، توڙي ڪل راڄ رسن،
مڄو مِٽ تُنهين جا مورهين مون نه وڻن،
رلندا راڄ برادري، پسندا پاڻ وتن،
ڪنهين ڪين قبوليا، لوڪ پسي لکڻن،
سهڻا سَوَ هجن، آءٌ نه اوڏي تن کي.

 

119-   ناحق تون نادان، ٿي اهڙيون ڪرين ڳالهڙيون،
تو اسان جي راڄ جو، شرم وڃايو شان،
جيڪس توکي جوڳيءَ جو خر لڳو خفقان،
ڀانيان ڀڃئين ڪنڌ کي، هي ڪوجها ڪيئي ڪردان،
ٿي ڊڄان ڊاءِ ڌڻيءَ جي، محشر روز مڪان،
مُٺي کڻي ماٺ ڪر، ظاهر بند زبان،
لکيو ڪل ڪتاب ۾، مائٽ مٽ جو مانُ،
اُتم ڳالهه عزيز جي، آهي فرمودو فرقان،
تنهن کي مڃي ڪين ٿي، ڌِيا! رک ڌِيان،
ڪا سمجهه ڏيئي سبحان، والي وارث وڙ جي.

 

120-  والي وارث وڙ جو، مونکي آپ ڏنو آهيس آب،
تون توڙئون مون سين تنگ پيو، رکين خيال خراب،
ويس وڏائي ڪونه ٿئي، آپ سڏي ارباب،
اسين ليکيون تن کي، جو هوئيٖ نيت نيڪ نباب،

”ڪل مومن اخواني“ هڪ سيّد ذات صواب،
محشر روز حساب، وٺندو تاب ڪندن کان.

 

121-   وٺندو تاب ڪندن کان، هي وڙ سندو وهنوار،
تون نڪري پنهنجي ننگ کان، تحت پوين ٿي تار،
ويندئي نالو نڪري، ڪنوارين منجهه قطار،
راڻيون ساري راڄ ۾، ڪندئي ڪل ڪُوار،
پنهنجي ذات ذمات جو، نڪ وڍين ٿي نار،
ڪيئن تون وات وڪيل ٿيو، ڪرين آديسي تي آر!
ڪهڙي ايندي تنهن مٿي، ڪنهن آکيٖي تي اعتبار،
اصل اوڇي ذات جو، ڪو آهي دز ڌرار،
سامي سڄا سون جا، پَرِ سندن پينار،
ڀانيان ڀوري توکي تڪ ڪريان تلوار،

لهي راڄ آزار، مارئيٖ تنهنجي مائٽين.

 

122-  مارڻ خاطر مون مٿي، موز ڪرين ٿي ماءُ،
ڇڏيو خوف خدا جا، راڄ رکين ٿي رياءُ،
تنهنجي ڄاتي لوڪ ۾، آهن سهڻا صاف سِياء،
توکي پيا آهن پيٽ ۾، ڏاڍا ننگ نياء،
سامي سندي سور جي، ڀڙڪ وٺي ويَئي باهه،
هي جوڳي ڪنهن جُوءِ جو، آهي آندو هت الله،
پارس پني ڪين ٿو داڻا ڪنهن داناهه،
مڻيادار مجاز جو شان رکي ٿو شاهه،
تنهن گڏ رهن ڪيترا، ٻيا ساڻس سوَ سپاهه،
راڻا اچيو راڄ جا، پيش پون ٿا پاء،
تون توڙئون ڪر تسليٰ، ته سامي وڏي ڪا سوکڙي.

 

ماڻس سهاڳڻ جو قاصد موڪلڻ، ڀوريءَ جي پيءُ انيراءُ ڏانهن، ڀوريءَ جو احوال ٻڌائڻ

 

123-  ماڻس ماڻهو موڪلي، آندو انيراءِ،
نينگر سندي ننگ جي، ٿي ساري ڳالهه سڻاءِ،
ته منهنجي مڃي ٿي ڪينڪي، ڀوري بلڪل راءِ،
خواري ٿيندي خلق ۾، سڀ سڻندا سيڻ سياءِ،
داناءُ پنهنجي ڌيءَ کي، هن حرص مٿانهين لاهه،
”محمد“ ماري تنهن کي، ڪر انهيءَ مت مَنجهاءِ،
جنهن سين چئي راڄ ۾، تنهن سين تون پرڻاءِ،
آهي ويٺٖي هاڻ وڻاهه، ڀوريءَ سندي باب ۾.


 

124-  پيءُ: پياري ماٺ ڪر، مت مڃ منهنجي ماءُ،
اهو آهي برابر ڪينڪي، شان برابر شاهه،
سڀڪو سونهي سٿ ۾، پنهنجي سڱ سياء،
سندي ننگ نگاهه، آهي واجب رکڻي آدمي.

 

125-   نڪو ڇڏيو ننگ مون، نه مائٽ سندو مانُ،
آءٌ انهيءَ تي آهيان، جو فرمودو فرقان،
اصل لکيو انگ ۾، سٽ مٿي سبحان،
ميٽڻ سندي مس جي، آهي طاقت ڪنهن کي ڪانه،
اهي ڪل اجايا، خيال آهن خفقان،
سسئي اصل ڪير هئي، جتُ ڪٿي جو جوان،
راڻو رهندڙ راڄ جو، ڪٿ مومل ماڳ مڪان،
ليليٰ شهر مصر ۾، ڪٿ مجنو ٿيو مستان،
ڪٿي سيفل سعد هو، ڪٿ ملڪہ بديع الزمان،
لکئٖي ليکيا تن جا، سي پاريا پاڻ نيشان،

پوءِ ڪهڙي قاضي تن اُتي، سَهوَ رکي سلطان،
اوهين ڀانيو ڪونه ٿا آپ جهڙو انسان،
هي شيطان جا شان، آهن مايا جي مغرور کان.

 

126-  ڪيَئين مايا جي مغرور کان، هيءَ سهڻي ڳالهه سنوت،
هر هميشہ ٿو گهري آدم پنهنجي پت،
جيئڻ هن جهان ۾، آهي اڪثر ساڻ عزت،
ٿيندي خواري خلق ۾، هي خام سڻي خصلت،
تنهن لاءِ توکي ٿو چوان، مائي! مڃ منٿ،
آهي هاج انهي حرڪت، اور ماڻهوءَ سان مائٽي.

 

127-  اور ماڻهوءَ سان مائٽي، آهي ٻيڻي پاڻ پيار،
سينو ساهي ڪينڪي، دم نه دعويدار،
هردم هوندو حاضري، دست ٻڌيو درٻار،
بابا! انهي ڳالهه کي تون بلڪل ڪج اعتبار،
پنهنجو ڪندو پاڻ اُتي، ترت گهڻو تڪرار،
جو سڱيڻو سڱ ۾، سو حجتي ٿئي حقدار،
ٻيڻي آڪڙ پاڻ اُتي آڻيندو اختيار،
وڙ وڃائي پنهنجو، گندو ڪندو ڪل گار،
آپ مٿي احسان جو، ڀاڙ نه ڄاڻي بار،
ڪهڙو آهي ضرور پيو، آپ وجهون آزار،
”قتل الموذي قبل الايذاء“ آهي لکيو لکڻهار،
ويهي ڪر ويچار، ته رولو هر هنڌ رَت کي.

 

128-  رولو هر هنڌ رت کي، بيشڪ ڳالهه بحال،
مائٽ سندو مانکو، ڪن ظاهر جهٽ زوال،
ڏٺم ساري ڏيهه جي، چوڏس هلندي چال،
ڀوري انهيءَ بحث تان، ڇڏ پنهنجا خام خيال،
ڇُٽي باز دوال، هٿ نه ايندئي ڪڏهين.

 

129-  هٿ نه ايندئي ڪڏهين، آهي آگي کي اختيار[2]،
بابا، منهنجي باب ۾، هوندو لکيو لکڻهار،
ڪنهن پر ٽرندو ڪينڪي، لکئي لوح لغار،
انگ اصل کان ئي بنيو، سو پارڻ ٿيو مون پار،
ڪنهن کان مٽيو ڪين ٿئي، جو لکيو رب قهار،
بحر وڃي بازار، ته به ساڳيو تنهن کي سامهين.

 

130-  پڻس پلي آسرو، هليو انيراء،
خان ڪچهري خاص ڪئي، تت ڪوٺي ڀيڙا ڀاء،
ڀوريءَ سندي باب جون سُڌون سڀ سڻاء،
وسهو، وريٖ ڪين ٿِي، ويئي ڇني ننگ نياء،
”العشق نارالله“ پئي آڳ وڃي آڙاهه،
ڪري قربئون پاڻ ٿي، هوءَ سامي ساڻ نڪاح،
”محمد“ ماري پاڻ کي، ڪيو راڻي رت فناء،
موڪل تنهن کي مون ڏني، ويس ورچي ساڻ وياء،
سڀن راڄ رهيا، حرف هزارين مون مٿي.

 

131-   حرف هزارين پاڻ تي ٿو باسي بات بيان:
ڳڻي ڳوپي ڳالهڙي، روح رکي ٿو ڪانه،
ڌارين ماڻهو ڌيءَ ڏيڻ جو آيئي نه ارمان،
چڱو چوندو ڪونه ڪو عالم ۾ ارڪان،
تون اسان جو آهين، راڄ ساري سلطان،
مَٽ نه ڀانئي پنهنجو، شاهه برابر شان،
ڪنهن کان پڇي ڪين ٿو، مانُ ڏيئي مهمان،
وري ورن ڪين ٿا، مردن ڏنا جي ڏانَ،
ڪن ڪمينا ڪيترا، هر هر هنڌ زبان،
سچن ٻولي هيڪڙي، آهي در اڳيان دربان،
مالڪ رکي مانکانٌ، سچ وارن سبحان[3]،
تري ٻيڙو تن جو، نوح مثل طوفان،
آهي چال چڱي انسان، ٻيا جنس جيجائو ڪيترا.

 

ڀوريءَ جي شادي ڪرڻ جي بيان ۾.

 

132-  موڪل مير وهانٌوَ جي، جمعي رات جُڙي،
بگل باجا بينسريون، ٿي دُهلن ڌُم ڌڙي،
بٺيون ٻوڙ پالاهه جون ويون چئني طرف چڙهي،
اول عشق امام ٿيو، تنهن ڀري گهوٽ گهڙي،
”محمد“ روءِ مقابل، دعا دوست پڙهي،
ڪُل ڪشالا صاب پيا، ويڙا لڙ لڙي،
ڪنهن جي ڪانه اڙي، قادر ڇڏي ٿو ڪڏهن.

 

133-  پهت پياري بادشاهه، ڏنا ڏاج هزار،
هَس ڪڙولا ڪيوٽيون، چاندي چندن-هار،
ڪنگڻ، ڪڙيون، ڪَتريا، مينا مڻيادار،
جهالر، جهومڪ، جهامٽيون سهڻيون سونَ ستار،
مُنڊيون، ڇلا، ٻانهرکيون، جڙيون جوت جوهار،
دستيون، دُهريون ست سَريون، هيرن ساڻ هزار،
بينسر، بولا، ڏاوڻيون، روپ سونهن رخسار،
وار وانگوڙين واسيا، چوٽي-ڦل چوڌار،
چوڙو چاڙهيو چاندني، ٻيا بازوبند بهار،
ڪپڙا قيمت ڪيترا، اطلس پٽ انبار،
ڳڻي ڳڻيندين ڪيترا، شاعر منجهه شمار،
چئو صفت سچي سردار، جنهن جوڙيو مير ملوڪ کي.

 

134-  جوڙيو مير ملوڪ کي، آهي آگي رنگ عجب،
ڪٿان آڻيو ڪنهن مٿي، ڪري سائين پاڻ سبب،
هڪڙا ڀريا ڀاڪرين، ٻيا لوڪ چٽيندا لب،
هڪڙا انب انبار ڏي، ٻيا تَوڻ ڪاڻ طلب،
ڌڻي هر ڪنهن دل گهريون، راز پڄائي رب،
مالڪ ڪيو مطلب، جنهن لاءِ جوڳي پاڻ ٿيو.

 

135-   جنهن لئي جوڳي پاڻ ٿيو، سا ملي حور همير،
ويا وڇوڙا عاشقن، کنڊ ماکي ٿيا کير،
پين پيچ پريت جا، زياده ذوق زنجير،
راتئون روز رهاڻ ۾ هئا سرها منجهه سرير،
انهي رس رهاڻ ۾ ڪئي وات وراڻي وير،
مون سان اصل آيا آهن سهڻا سٺ وزير،
تن جا ٻول ڪچيءَ ۾ مون پيش پيا آهن پير،
اوهان جا اونچل ڪوٽ ۾، آءٌ ڪندس سڱَ سڌير،
هاڻي ڪجي تدبير، ته ڪري پُٽ پرڻائيون.

 

136-  ڪري پُٽ پرڻائيان، مير! تنهنجا مِٽ،
رهن هميشہ حاضريءَ، خاص سهيليون سٺ،
سڀ وڏيري وياء جون، پاند پوي مَ پٽ،
صورت سڀئي سهڻيون، ڪانه تنهين ۾ گهٽ،
جا جنهن جي مَٽ، ترت پرڻائيان تنهن کي.

 

137-  ساراهيان سبحان، جو مالڪ ساري ملڪ جو،
ڪٿي ڪاڇو ڪوٽ ٿيو، ملڪ سُڄي مڪران،
ڪنهن کي ڪونه ڪنوار جو هو اوچل گام گمان،
تن کي آڻي تنهن تڏي، قسمت ڪيو مهمان،
سٺ سهيلين مؤن سڱ ٿيو، جوڙ موافق جوان،
ويٺيون سڀ وناهه ۾، مجلس هيڪ مڪان،
دائي هرڪنهن هيڪڙي ملي در مٿي دربان،
سٺا صابڻ عنبري جود مَلائيون جان،
پون پيش پرين جي، موتي لک مرجان،
خبر پڇيو تن خان، ٻين ٻوليون وات جون.

 

138-  ٻين ٻوليون وات جون، واپس وڙ نه وڃاءِ،
ڪوڙيون ڳالهيون قلب جون، ماريا حرص هواءِ،
بکيو ڍاپي ڪينڪي، توڙي پائي پيٽ گراهه،
لکين خارج کاريا، طالب توڙ طماع،
”محمد“ موت مقابلو، رک هنڌ هنئين همراهه،
ڳڻتي پنهنجي ڳوٺ جي کي ڏي توڻي هيٺ فناء،
جو دل وهي درياء، تنهن نيا لک نڪونج ۾.

 

ڦل وڌي جو شادي ڪري، تخت تي ويهڻ

 

139-  اوچل ڳالهه امير جي، سرس ڪئي سردار،
ڏنس ساري ڏيهه جو انيراءِ اختيار،
راجا پنهنجي راڄ جي، رکي دوست مٿي دستار،
مالڪ آهين ملڪ جو، اسين دايا آهيون درٻار،
مرد ويٺو تنهن ميڙهي تي، ملهه مانجهي مختيار،
ڪري قابل ڪورٽون، نياء چڱا نروار،
نبيري نوشيروان کان عدل جا آچار،
ٻڪريون چرن ٻيلي ۾، جن جو شينهن نه ڪن شڪار،
سارو ملڪ مطيع ٿيو، مڃي حاڪم جي هرڪار،
پڇن ساري ڏيهه جا، اچيو وير ڪنان ويچار،
ٿيو سوڀارو سردار، راجا سڄي راڄ ۾.

 

140-  راجا جي تنهن راڄ ۾، ٿي هر ولايت واه،
ويٺو اُت وطن ڪري، جُنگ جوڙائي جاءِ،
مرد لتاڙي ملڪ کي، ڪيو پيرن هيٺ فناء،
ڪونه ڪڇي ڪو ڳوٺ ۾، دل جهلي داناء،
ريت رهاڪو راڄ ۾، ٿي رلمل رسمي راءِ،
جن کي سڪ صفاء، ڪري صاحب سجوڙيون تن جون.

 

141-   ڪري صاحب سجوڙيون تن جون، جنهن جي نيڪ نيت،
وس نه آهي ويچار جو، ڪم کٽي قسمت،
ڏاها پون ڏاکڙي، چريا چاڙهي تخت،
وٺندڙ اڳ وِرو هئا، تن جا حاڪم ڌئارين هٿ،
پاڻ پڏائي ڪونه ڪو، دؤر پسي دولت،
آهي عقل جي عبرت، صاحب جي سنسار جي.

 

142-  صاحب جي سنسار جي، آهي وڏي وڏائي،
رکي هوڏ هنر جنهن، تنهن هر ڪنهن هارائي،
قارون لک خزانا ڪيا، جنهن کي پاند نه پئي پائي،
ويو هڄي هيٺ زمين جي، وات نه ڪيائين وائي،
ڏيندس نام ڌڻيءَ جي ڪو حصو هر گاهي،
دنيا ڄاڻو ٿا دادلي آهي دوزخ جي دائي،
جنهين سانڍي ساهه سين اڱڻ تن آئي،
ڀڄجو هن کان ڀائرو، آهي نانگي نڀائي،
ڪهڙي ڪئي قارون سان هن بي وڙ وفائي،
لاف لکين نمرود ڪيا، رکي شرطون شوخائي،
منڊو مڇر تنهن کي ويو کاڄ ڪري کائي،
فرق فرعوني پيٽ هو داور دعوائي،
پيو پيٽ درياءَ جي، ٿيو قوت ڪڇون ماهي،
ڀريا ڀانڊا هت رهيا، هئا وقت سندا واهي،
”محمد“ پنهنجي مغز جي ڇڏ ڀورا بڙائي،
جن ٿي شان رکيا شاهي، سي لاکون هت لڏي ويا.

 

143-  سي لاکون هت لڏي ويا، ٻيا راڻا راڄ رهن،
سڀڪو ساعت پنهنجي ڪاٽي ٿو ڪرمن،
ڪن کي نيڪ نصيب ۾، ڪي اوَتڙ ڪين ڪرن،
ڊڄن ڊاء ڌڻيءَ جي، ڪِيڙيءَ ڀر ڪنبن،
سختيون سور سهن، ايذاء اوڏا ڪينڪي.

 

144-  ايذاء اوڏا ڪينڪي، سي مرد وڏا آهن مور،
راجا انهي راڄ جا غم ڪيا ٿي غور،
مسڪينن کي مانَ ڏنائين، چوٽ وڍيائين چور،
نوشيروان کان نيڪيءَ ۾ تخت هلايئين تور،
منجهه زماني زور، پورو پيس ٿي ڪونڪو.

 

145-   پورو پيس ٿي ڪونڪو، هو عالم ۾ آرام،
سڀئي ڪن صبح جو صاحب اڳ سلام،
ويٺو تت وطن ڪري خان خوشيءَ ۾ گام،
ٽئين ورهه منجهه ”ٽالپر“ چئي، پٽ پيدا ٿيو ڄام،
لٿا گوندر گهوٽ جا، ڪيا والي وڙ وريام،
”شيراز“ سندو تنهن ولد تي نيڪ رکايو نام،
سون ڪيائين صدقو، آپ هٿئون انعام،
هئا غني نيچ غلام، آجو ڪيائين ان کي.

 

146-  آجو ڪيائن جن کي، اسين به تنهن قطار،
”محمد“ ساري ملڪ جو مير بنيو مختار،
وچ ولايت واهرو سو نيڪ ٿيو نروار،
وريو ڀاڳ انهن جو، جن جو ساماڻو سردار،
پائي پاند ڳچيءَ ۾، پوءِ دولهه جي درٻار،
باغ بني بازار، درد لهي ويا دل جا.

 

147-  درد لهي ويا دل جا، هت گردش ڪل گمان،
ڪڏهن چاڙهه چوٽيءَ تي، ڪڏهن ذوق زيان،
هڪ سوڀيا آهي سونهن جي، ٻيو تخت مٿي سلطان،
ٽي اميد آهي ٻيٽي جي ساب رکي سبحان،
چوٿين راڻي روءِ پسند هئي، پنجون جوڀن وقت جوان،
ڇهين سڀني پاس ڪئي سگائي سرجان،
هي مڙئي ”محمد“ چئي، آگي ڪيس احسان،
راجا راڻي پاڻ ۾ هئا ڏاڍي رس رهاڻ،
پرت پورا هئا پاڻ، ويهه وراڪا روح ۾.

 

148-  ويهه وراڪا روح ۾، دم نه ٿيائي ڌار،
ڀوريءَ سندي ماءُ کي خود لڳل هو خار،
منهنجي مرضي سڀ ڇڏي ڀوريءَ ڪيو ڀتار،
تنهن سان ڪري ٿي ڪيترا پرتئون پاڻ پيار،
هن اسان جي راڄ جو نڪ وڍيو آهي نار،
منهن رکي مختيار، نار نڀاڳي ڪانه ٿئي.


 


[1]  هيءَ مصرع ٻئي ڇاپي تان ورتل آهي.

[2] پهريون ڇاپو: آگ اڳي اختيار. ٻيو ڇاپو: آگ لڳي اختيار.

[3]  پهرئين ڇاپي ۾: مالڪ مان لکان سچ وارن سبحان.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org