سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب:مشهور سنڌي قصا

(سنڌ جا عشقيه داستان - 1)

 باب:

صفحو :9

ڦل وڌي جو ڀوري کان ڪاوڙجي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيڻ

 

196-  چڙهي چانگي تي هليو، موڙي مير مهار،
لاهي لاڳاپا هليو، ماڳ ڇڏي مختيار،
منهن نه موڙي پوئتي، ٿيو ياڪي يڪدل يار،
ڌرئون لاهي دل جا، پهريان پرت پيار،
آهي اکر هيڪڙو، دلبر دنيا دار،
حاڪم حڪم هٿ ۾، ساجن وٽ سينگار،
”محمد“ مثل موت جي، آهي پيش ٻنهي جي پار،
رکي راحم تن کان، واڳوڙي ويچار،
ڪڏهن ڪوٽ اُڏائيا نر پکي ٿي نار،
ڇٽو تير ڪمان مان موٽي ڪيئن ٻيهار،
پُوئٖي پورو ڪين ٿئي، جو هٿئون ڇنو هار،
ڪري ڪيهون ڪيتريون، هڻي هيين هٿ هزار،
ماري مون کي ڪانڌ ويو، ڪري خلقت منجهه خوار،
جيڪس بندي باب ۾، قلم لکيو ڪلتار،
کڻيو هٿ ڌڻيءَ ڏي، دعا پني درٻار،

ونگو ٿئي نه وار، هُئٖي سامي سدائين سنرو.

 

197-  هُئٖي سامي سدائين سنرو، ڪيائين دليئون دوست دعا،
ڪاهي هليو ڪرهو، روئندي راڻي راءِ،
پهريون عاشق پاڻ ٿيو، پوءِ ڪيائين ڪنوار فناءِ،
اصل عادت عشق جي، اهڙي چون آهه،
ڪري پسائي پاڻ ٿو، عجب رنگ الله،
پيادا چاڙهي پالڪي، چڙهيل پيادا پاء،
هڻي ڇٽ پٽن تي، ڪري شاهه گداءِ،
قسمت سندي قيد ۾، آهي قابو ڪل لقاء،
هت مڙئي ”محمد“ چئي، آهن ڪوڙا حرص هواءِ،
ويٺو پن پناهه، داور سندي در اتي.

 

198-  داور سندي در اتي، آهي توبهه جي تنوار،
صحي سمجهي ڪونه ٿو، انت ان جو اسرار،
مٺا ماڻهو پاڻ ۾ ڌڪي ڪيائين ڌار،
قسمت قادر ڪل اتي، سخت رکي سردار،
ڪاهي هليا قافلو، لهن ڪٿ لاچار،
چلندي چوٿين منزلين، آئيا راهه وٺيو رفتار،
ناگَہ نظر تن کي، آيو شاهي شهر شمار،
پاڻي پاڪ تلاءُ ۾، جر گهڻو جالار،
ڀر ۾ بيٺل باغ هو، ويڙهه وڏي وڻڪار،
ٽڪڻ جو تت ”ٽالپر“ چئي، ٿيو سڀني خيال خمار،
باغ ڪري بازار، لشڪر لام لهي پيو.

 

199-  لهي وير ويهي رهيو، خيما کوڙي خان،
سارو باغ ڀرجي ويو، ساميءَ جي سامان،
ڀڃي ساري باغ کي، ماڻهن ڪيو ميدان،
ڪونه اچي ڪو ڳوٺ مان، دل جهلي دستان،
مٺيون ڀيڙي ڀؤ کان، ڀڳو آرياڻي اڳوان،
حقيقت تنهن حال جي، ڪنهن کان پڇي ڪانه،
ويندي ويرم ڪانه ڪئي، دانهن وڌئين دربان،
ڪٽڪ آيو ڪو اوچتو، شاهه وڏي ڪنهن شان،
ڀيلي ساري باغ کي، ڪيو سڃ سارو بيبان،
ڏسجي ٿو ڪنهن ڏيهه جو، صوبو يا سلطان،
زوراور آهن زور جا، ڪل پيشاني پهلوان،
ريهه لهنديءَ آهن گهوٽيا، ڪُل هيڪي جنس جوان،
آهي برابري حاضري، ڦل اڳيان فرمان،
ظاهري ڪندي زيان، راڪس رهندا ڪينڪي.

 

بيان ڀوريءَ کي ڦل جو ڇڏي وڃڻ

 

200-  سالڪ سڻجو بيان، ڀوري سندي باب جو،
ڪامڻ ڪِري پٽ تي، منهن پٽي مستان،
هئي هئي ويو هٿن مان، جيءَ وندر جو جان،
تنهن کي شان شرم جي، ڪل پوي ٿي ڪانه،
پٽيو اڇلي پٽ تي، زر ڀڃي ڪيائن زيان،
ڇڪيو ڇني وارن مان، وانگوڙا ورجان،
ڪنگڻ، ڪڙولا، ڪيوٽيون، مُرکيون منجهه ميدان،
ڪڙيون، ڪتريا قيمتي بينسر بولا پان،
منڊيون، ڇلا، منهن رکيون، ڪري تعويذون طوفان،
هار، ڳچي هس مالهڙا، بَينا منجهه بيبان،
ٽڪر ڪيائين ”ٽالپر“ چئي، چوڙو منجهه چوغان،
ڪونه ڇڏيائين پاڻ اُتي، سون رُپي سامان،
آيا آري عشق ۾، ٿيا گداگر سلطان،
سک نه ڀانيو سرتيون! ڪو عشق آهي آسان،
آيو جنهن ايوان، ٿو تڏا ويڙهي تن جا.

 

201-  تڏا ويڙهي تن جا، ڪري صحن صفا،
وڃائيس وجود جا، سارا خيال خفا،
تڏهن اڱڻ تن جي، ايندو دلبر لک دفعا،
ڏيندس ڏٺي ڏينهن جو، نادر نينهن نفعا،
ڪندو شاهه شفا، جڏهن ”محمد“ رسي ماڳ تي.

 

202-  ”محمد“ رسي ماڳ تي، تڏهن تن ۾ ”تُون هِين تُون“
باطن باغ بهاريا، ظاهر بت زبون،
ايندس ڪل ڏسڻ ۾، هيڪ ساريکي ڀُون،
جو من اندر آهي مون، سو نالو ويندو نڪري.

 

بيان ڀوريءَ کي ماڻس جون متيون ڏيڻ، محلات ۾ نيڻ واسطي

 

203-  آئي ميڙ منٿ لئي، ماڳ وٽس مادر،
ناحق نڀاڳي پاڻ کي، پائين پڳ پڌر،
ٿيندي خواري خلق ۾، ٻيا سڻندا خويش خبر،
ڪندا هت قتلام تو، ماري تيغ تبر،
رهيا اڳئي آهن راڄ کي، ڏاڍا زنگ زهر،
مت مڃي هل پوئتي، ڪر ڌيان پنهنجو دختر،
توکي خوار خسيس ڪيو، توڙ اصل تڪبر،
عشق پائي آپ ڪيئي، سامي سيڻ سڌر،
تن جوڳين جاءِ نه هڪڙي، آهن سرها منجهه سفر،
رهندڙ ڪنهن نه راڄ ۾، ڪٿ شامل منجهه شهر،
ڪڏهن ٻڌوسون ڪونه ڪو، گاروڙين جو گهر،
سدا سانگ سڌاريا، پنندا پٽ پهر،
رازق تن جو روز ڪيو، داڻا آهن در در،
ڪهڙي ڪندا ڪاپڙي، سندي ننگ نظر،
ويو ڇڏي تو ور، هاڻ ڪهڙا ويٺي هٿ هڻين.

 

204-  هئس هت حبيب لاءِ، جانسين ساهه سري،
محبت ماري آهيان، تنهن چوري ڪيس چري،
سڙي اڳي سورن ۾، تنهن کي ٻارڻ ڏي نه ٻري،
ڪيا سڀئي تو پاريا، جا دغا دل ڌري،
وسهيو وڻي ڪين ٿي، وڃ منهنجي منهن ٽري،
ٿي ڊڄان ڊاءِ ڌڻيءَ جي، نه ته هڻانءِ هانٌو ڇري،
وڃ تون هاڻ وري، مائي منهنجي منهن تان.

 

205-  وري وڃان ٿي پوئتي، تون مورک مرين شال،
هو ڌاريون ڌارئي ڏيہ جو، ڪوڙو قول ڪلال،
ڪين رکندءِ ڪڏهن سامي پوءِ سنڀال،
ڪڏهن ڏٺوسون ڪونه ڪو، آڌوتين عيال،
جن جي اهڙي چال، ڦڪي ٿئين تون ڦل سان.

 

206-  ڦڪي ٿيان ڇو ڦل کان، جو هوت هنئين جو هار،
سالم سارو سڦرو، دوست حسن هالار،
ريس نه ڪندو ٻيو راءِ سان، سوا لک سردار،
وڏو طالع تن جو، جني مليو ڪانڌ ڪنوار،
ڀوري ڀاڳين آئيو، مانَ وڏي موچار،
اچي اوچل ڪوٽ جو ڪيو سهائو سردار،
مشرق مغرب وچ ۾ نر نعرو نروار،
لهندو سڌ سڀن جي اوکي ۾ اولار،
سو وارث وسيلو واهرو، محب مٺو منٺار،
ڪين ڇڏيندم ڪڏهن، دوست سچو دلدار،
دولهه لکي لاڏڪو، ڪندم ور وهار،
ٻول نه ڪر ٻيهار، مون وٽ محب مٺي جو.

 

207-  ڇنڊي ڪپڙو ڇوهه مان، ماڳ وري وئي ماءِ،
سڏي سڀ سهيليون ٿي ساري ڳالهه سڻاءِ،
مون سين موٽي ڪين ٿي، جوڳي ڌاران جاءِ،
خلل خاطر خون جي تاب ڪري ٿي تاءَ،
وڃي ميڙ منٿ جي ڪا ڪريو سڀ صلاح،
منهن مٺيون ڳالهڙيون، پايو ننگ نياءِ،
مانَ رکي ”محمد“ چئي، راڻي اَهنجي راءِ،
ڏاهيون ڪري ڏاهه، ڀوري لاهيو بحث تان.

 

208-  سنڀري سڀ سهيليون، آيون مصلحت ڪري من،
ويٺيون وٽس ويجهڙيون، پائي پاند ڳچين،
ڀينر ڀوري تو ڪيو سڀني سڱ هٿن،
ڪري توکي ڪانڌ ويو حرڪت ري حرفن،
سامين سادا ڪپڙا، نانگا ناٿ وتن،
جيئري جوڳي پاڻ تي ڪريو ڳل ڪفن،
رهندا راهه مسافر، رلندا رڻ رهن،
”محمد“ اهڙي مرد کي، ٻائي ڏجي ٻن،
ڪر ڳالهه اسان جِي ڪن، موٽي هل تون ماڳ تي.

 

209-  موٽي هلڻ ماڳ تي، صاف نه چال سچن،
سڪ ٻڌا جن سندرا، سي ڪيئن ماڳ مرن،
سرتيون سڻو ڳالهڙيون، قلبي ساڻ ڪنن،
ناتو لائن نينهن جو، پوئتي پير رکن،
حيف تنهين جي حال کي، جي جيئريون جڳ گهمن،
ميلي محبت واريين، مرڪي منهن کڻن،
سامي سارو سڦرو پهريو پٽ وتن،
ناٿن نُوري ڪپڙا، خلعت خاص سندن،
جتي ٽڪن ٿا راتڙي، تن کي تت تمن،
حاڪم لک هجن، بابو مٽ نه ڀانئيان.

 

210-  بابُوءَ مٽ نه ڀانئيان، تنهن راءِ سندي راڻي،
ويٺي رهنديس ور لاءِ، ٿي جيئري جوڳياڻي،
دلئون پنهنجي دوست سين، ڪنديس پوري پڄاڻي،
ميلي محبت وارئين، ڪيئن اک ڪريان ڪاڻي،
ناتو نماڻي، سرهو سامين سان ڪندي.

 

211-   موٽي ڀوريءَ ماءُ سان، ڪيا سرتين سڀ بيان:
اسين پلي آسرو سڀ آيون سين امتحان،
بلڪل مڃي ڪين ٿي ڀوري ڳالهه نڌان،
دانهون ڪري ٿي دادلي، ظاهر زور زبان،
”محمد“ ماري پاڻ کي، ڪيو حال پري حيران،
ڇني ڪپڙا جيءَ تان، ڪيا زيور، زر زيان،
محبت سڀ مُنجهائيا، عشق سارا ارڪان،
نينهن نهوڙي ننگ کان، ڪيا ظاهر سڀ نيشان،
ڦل ڏيئي فرمان، ويو ڀوريءَ باب برهه جو.

 

باب عشق جو: بيان ڀوري جو خط لکڻ ونگ ورن ۽ اکڙياريءَ سؤٽ ڏانهن، ڦل کي ڪنهن ريت سان واٽ تان اوچل ڪوٽ ڏانهن وارڻ بابت.

 

212-  جوڙي مس قلم کي، خوني لکيائين خط،
ڪِريو پون پنن تي، اکين ريلا رت،
ڏکن ڏيل ڪنبائيو، لرزڻ لڳا هٿ،
اچي اکر نه هيڪڙو، سولي سِٽ سنوت:
وڃي راجا رنج ٿيو، مير مَٽيو مروت،
ڪارو ڪريو ڪانڌ مون، تاب رکيو تهمت،
وارج ’ونگ ورن‘ تون، ڪنهن حيلي ساڻ همت،
ڪج نه منهنجي ڪانڌسين، ڪا شوخي ڳالهه شدت،
منهن مِٺيون وڙ واريون، ننگ ڳالهيون نصيحت،
هٿ ٻڌي پيرين پئي، ڪج نياز گهڻي نوڙت،
من ڪري مصلحت، واٽئون وارج پوئتي.

 

213-  لکيا خط خوشيءَ مان، سارو سورن سيپارو،
اديون انهيءَ ڳالهه جو، آهي ساکِي سوڀارو،
ڀينر! منهنجي ڀاڳ جو، توڙ کڙيو تارو،
راضي هئم رهاڻ ۾، در مجلس موچارو،
ٻاڙو ٻولڻ جو ڪڏهن ڪيو گهوٽ نه گفتارو،
آئي عورت هيڪڙي، وجهي ويس سائو سارو،
ڪري ڪپڙا ڪانڌ جا، ڏنو عورت اشارو،
سامهون ديد دريءَ مان ڏنو ڏائڻ ڏيکارو،
ويئي ڦيرائي ڦل کي، ڏيئي فتنة ڦوڪارو،
ٿيو خان تڏهن کارو، دلبر هن دليل کان.

 

خط، قاصد جمال نالي کي ڏيئي، ونگ ورن ڏانهن موڪلڻ جوڌپور ۾.

 

214-  اوٺي اوچل ڪوٽ ۾، هو رهندو جت جمال،
ڪرهو وٽس هو هيڪڙو، جو سانڍيل ساڻ سنڀال،
ڪندو قاصد ڪم هو، تنهن ليڙي مٿي لال،
ساڍي سٺ ڪوهن جي هئي پير تنهن جي پائمال،
چانگو اهڙي چال، سانڍيو جت جمال هو.

 

215-   ادا ڇڏ آرام، اٿي جت جمال تون،
ڪرين قاصد ڪم ٿو مهري ساڻ مدام،
پهريون پورهيو ٿي ڏيئين، ٻيو ورندو هت انعام،
اٿي ٻڌ تون اُٺ کي، قابو تنگ تمام،
واقف آهين واٽ جو، ور پنڌ ورنہ گام،
رات رهڻ جي واٽ تي، پاڻي انّ حرام،
وڃج اُڏامي واءُ جيئن، ڪرهي ماري ڪام،
ڪنهن پر ڪنهين ڳوٺ ۾، ڪج اوٺي ڪين ڪلام،
يڪي منزل ماڳ تي، وڃج ويڙهي ڀُونٌ وريام،
ڪاغذ قابو جيءَ سان، جت سنڀالج جام،
ڏيئي ونگ ورن کي پورو ڪج پيغام،
ٻيو منهنجي ڀيڻ کي، ڏج ساري سؤٽ سلام،
ورنہ واري ڳالهڙي ڪج گوشي پاس غلام،
سڀئي سور سنديام، ورنہ واقف تون ڪجئين.

 

216-  کڻي خط خوشيءَ مان، ٿيو جودئون جت تيار،
پهري گاشا پاکڙي، زريون زينت دار،
پائي پير رڪيب ۾، ٿيو يڪدم سورهيه سوار،
الله ڪيائين آسرو، چيئين توڪل تت تنوار،
اُٺ! اڄوڪي ڏينهن ۾ هلي گجرن گام گذار،
ڪين رهائج راهه ۾، مون تي اُت ميار،
پارج منهنجا پنڌ ڪري ڪرها قول قرار،
چانگا! توکي چاريان، ميندي وڻ ولهار،
انب الاچي، ڪيوڙا، باغ چندن چوڌار،
ڇُٽڪي ڇوهئون سو هليو، جيئن تند پڄائي تار،
واءُ مثل ويو واٽ تان، پيو اڏري عرش غبار،
ٻئي ڏينهن پهتو پنڌ ڪري، وڃي توڏو تت تڪرار،
ڏَس پڇي ڪُل پار، لهي جت جمال پيو.

 

217-  لهي جت جمال پيو، جوان پڇائي جاءِ،
رهن راڻيءَ ڪوٽ کي ڦرندا سؤ سپاهه،
ري سڃاڻو آدميءَ هوءِ هر ڪنهن مرد مناہ،
ٿيو سلامي تن اڳيان وڃي ڏاڍي ناز نياء،
آيو اوچل ڪوٽ کان رند پڇائي راهه،
ڀوري پنهنجي ڀيڻ کي آهن خاصا خط لکيا،
ساري ڏجئين سؤٽ کي، ڪنهن پردي پوش پناهه،
دائي هجي دل گهري، جا داناهه منجهه درگاهه،
ايندي هت اُها، ڏيندس امانت ان کي.

 

218-  سڏي سپاهين تن چيو، جا دائي هئي دربان،
ڪچي ڦڪي جي تنهن اڳيان ڳالهه ڳجهي هئي ڪانه،
پهرين جت جمال کان ٿي پڇي نيڪ نيشان،
ڪير آهين ڪٿي رهين، تنهنجو ڪهڙو ملڪ مڪان،
ڪهڙي ڪم تي آئيو، تون مرد هتي مهمان،
تڏهن چيائين تنهن اڳيان ظاهر بات زبان،
سڌيون سڻاءِ خبرون، تنهن قاصد تان قربان،
ڪاغذ ڇوڙي ڪپڙي مان، خاص ڏنو تت خان،
ڀوريءَ ڏنا ڀيڻ ڏي، پاس لکي پروان،
سڀ حقيقت حال جي آهي دل گهري درميان،
پڙهي واقف پاڻهي ڪجو عرض سارو امتحان،
ڪجؤ پورو ڪم مون، اديون لک احسان،
ٻيا ڀوري لک بيان، ورنہ واتئون ڪيترا.

 

219-  توڙئون ڪاغذ تڪڙو، نيو دائي در محل،
آڻي اکڙياريءَ کي پهچايئين تنهن پل،
وٺي خط خوشيءَ مان ٿي ڇوڙي پاڻ ڇهل،
پڙهندي پيشيمان ٿي، هو سارو سور لکيل،
ڪهڙي ريتين ڪاپڙي ڪيو خالي خان خلل،
واجب آهي ويڄ جو درد وارن درمل،
آيم منجهه عقل، ته وارينديس وقوف سين.

 

اکڙياري ۽ ونگ ورن، ڦل کي باغ ۾ دعوت ڏيئي ٽڪايو، عقل جي کيڏ ڪري، ڦل کي ڀوريءَ ڏانهن وارڻ واسطي.

 

220-  راڻيءَ پنهنجي راز مان، خاص لکايو خط،
بيشڪ اسان جي باغ ۾ حاڪم لٿين هت،
ڪج قبوليت ڪاپڙي، دين سندي دعوت،
وڃي پيش وزير ڪيو، ماڳ وڏي محبت،
پڙهي پرزو خوش ٿيو، چمي چشمن هٿ،
جيڪس اسان جا اڄ هئا ڪڻا منجهه قسمت،
هيءَ آئي اڳ عزت، مانُ ڏيڻ مهمان کي.

 

221-  راڻي رهايو باغ ۾، ڪري عورت ڏيئي اعتبار،
وٺي پورهيت پاڻ سين، آڻي ويس مٽي وڻڪار،
هڻ ڪهاڙو انب کي، وڍ ٽڪر ڪر ڏار،
ڪپڻ خاطر وڻ اتي، ٿي ڪنيزڪ قهار،
وڍيو ٽاريون انب جون، ڏي نم لوڙهو چوڌار،
ڪين ڇڏيائين انب اُتي، ڪنهن پاسي پن قطار،
راجا پنهنجي روبروءِ سڀ رنگ ڏٺا سردار،
ڪنهن نه ڪنيزڪ وڻ وڍڻ جو آرائڻ اختيار،
مفت منهنجي تون هٿان ٿي مورک کائين مار،
هن جو ميوو آهي موچار، نم نه لائق انب جي.

 

222-  سامي سڃاڻي پاڻ ٿو، هي وڍيو جو مون وڻ،
اول مٺائي هن جي، چئجي ڇا چوڻ،
سهي سگهي ٿو ڪينڪي پنج ڏينهن پٽ پوڻ،
ڦٽي جهٽ ڦاڪون ٿئي، هي کارو منجهه کيڻ،
نم سدائين نمري، سرهي منجهه سڳڻ،
ڪِنو تنهن جو ڪين ٿئي، جو ميوو آهه آمڻ،
جنهن جي پڇاڙي آهي اوڳڻ،تنهن وڍي ويڙهو نم ڏيان.

 

223-  آرائڻ اها، سڌي سڻايس ڳالهڙي،
ترسڻ جو تنهن وقت ۾، رخ مٽي ويو راء،
حقيقت هن حال جي ڪنهن رمز رکيل ۾ آهه،
وڻ وڍيائين انب جو، ڪيو گولي ڪم گناهه،
صاحب نه آهي سلوڪ جي، هي منتر منڊ ملاح،
پارين ڏائڻ پڌريون آيون نادر منجهه نگاهه،
هلڻ گهرجي هن هنڌان، جيءَ جوکي آهه جاء،
ٽڪڻ جو هت ”ٽالپر“ چئي، وڏو خوف وِڻاهه،
کڻو خيما خان هتان، ڇانِئون ڪنديون ڇا،
باغ ڏيون هن باهه، ترسون پاس تلاءَ جي.

 

224-  ترسون پاس تلاءَ جي، ٿڪ ڀڃون اڄ ٿان،
صبح سوارو ڪوچ ڪري، هي مٽيون ملڪ مڪان،
دِس چِتائي دوسري ڪريون منزل منجهه ميدان،
هت رهڻ جي هاڻ ادا آهي موت پنهنجو مهمان،
ڏسجن ٿا هن ڏيهه جا ڪي جادوگر جوان،
آهن افلاطون ڪي منتر منڊ انسان،
رهجو اڄوڪي راتڙي چوڪي منجهه چوغان،
ڪنهن کي ڇڏيو ڪينڪي، توڙي هاٿي هُئي حيوان،
گنگي گذارجو راتڙي، ڪجو ظاهر ڪين زبان،
جيڪو ديو ڏسو درميان، ڌرتي داخل تنهن ڪجو.

 

اکڙياريءَ جو موٽي وڃڻ، ونگ ورن سان حال ڪرڻ، ونگ ورن جو هڪڙو ڇوڪر ساڻ وٺي هنر هلائڻ.

 

225-  ويئي ماءُ منجهه محل، پاڻ پلي سڀ آسرا،
ڪيا قصا تنهن توڙ کان، وڻ وڍڻ جا ڪل،
ڪين هليو ڪنهن ڳالهه جو، هن سان انگ عقل،
ويو ڀڄي نت باغ مان، سحر سهي ڪري ڦل،
ورنہ! وارو تو مٿي، وڃ ترت ٻڌي توڪل،
وارج ڪنهن وقوف سين، هي راڻو ساڻ رمل،
ڪج اهڙي ريت اصل، جيئن سمجهه نه سامي کي پوي.

 

226-  آهي وس الله، بندي پڄندي ڪيتري،
ورنہ واري پاڻ تي، ڪوجها ڪپڙا ڪيا،
ڌوئڻ خاطر ڪپڙا، ميرا ميٽ مليا،
ڇٺيءَ ڇورو هيڪڙو، هو ويڙهيءَ رن وياء،
سڀ حقيقت حال جي، ٿي ٻالڪ ڳالهه ٻڌاءِ،
محڪم مارون تو ڏينديس، گهوٻاٽن سان گهاء،
سهج سڀئي سر مٿي، درد وڏا داناهه،
”محمد“ مهرون تو ڏينديس، سونيون سؤ سوا،
بلڪل پرچج ڪينڪي، ڳالهه منهنجي ڪن لاءِ،
کڻي ڪپڙا کنڀ تي، ويا پاڻيءَ پاس تلاء،
پِٽي پيٽ مٿو اکيون هي جيڪو ٺاهيو ٺاهه،
مران اڄ اُڦٽ ٿو، ڏي ماني مون کي ماء،
ڪالهه نه کاڌم پيٽ ۾، اڄ نه هيڪ گراهه،
مائي! منهنجي پيٽ ۾، بک ٻاري آهه باهه،
هوندو ڇوڪر آءٌ ڏيانءِ، اڻ هوندو ڏيانءِ ڇا؟
هنيائينس نال نراڙ تي، ڀونڊا منهن برجاءِ،
ڏيئي لت نڙيءَ تي، چابڪ خوب چکاءِ،
”محمد“ ماري توکي آءٌ ڪڍينديس پاڻ پساهه،
سهي سگهيوئي ڪينڪي، ٿو ڦل اڳيان فرماءِ،
مارين مورک ڇو ٿي، ڪيو ڪهڙو گيم گناهه،
ڪينٌ ڪنيزڪ آهيين؟ ناتر منجهه نگاهه،
نالو نسب ٻڌاءِ، ڇوڪر تنهنجو ڇا ٿئي؟

 

227-  ڪهڙا پڇين ٿو ڪاپڙي، نام نسب آچار،
مائٽ مٽ منهنجا هئا ديس وڏا دهدار،
وٺندا سؤ وِرو هئا، تن جي پيش پگهار،
قيمت ڪمي ڪانه هئي، ناڻي کوڙ خرار،
نوڪر نائب ڪيترا، ڪم مٿي ڪمدار،
تن کي ڌرئون ڌيءَ هيڪڙي، ڄائي منجهه ڄمار،
دليئون ڪيائون دادلي، پيءُ ماءُ ساڻ پيار،
در اُتي دايون ڪيتريون، هيون خاصيون خدمتگار،
وڌندي ويرم ڪانه ڪيم، ٿيم بت ۾ بوءِ بهار،
صورت سهڻو مون ڏٺو، هڪ روپ تنهنجي رخسار،
ڀانيم بابُو هي ڪريان ڪنهن حيلي ساڻ ڀتار،
نينهن نهوڙي ننگ نيو، ويو عقل ڇڏي اختيار،
مائٽ متيون ڏيئي رهيا، گوش نه ڏيان گفتار،
ورچي سڀ ويهي رهيا، حيلا ڪري هزار،
مون هرگز ٻَڌي هيڪڙي، نڀاڳي ناڪار،
لوڌي ڪڍيائون ڳوٺ مان، ڏيئي بيزاري بيڪار،
ڪونه ٿئي ڪو ڪوٽ مان، پاڙي جو هڪ پار،
اڱڻ آئي کينڪار، ڪونه چوي ڪو آدمي.

 

228-  ڪونه چوي ڪو آدمي، ڇنو سڱ سڀن،
ٿيس توائي راڄ ۾، جيئن گوليون گام گهمن،
ڪيو نيٺ نڪاح جو، مون سامي ساڻ سمن،
لٿو لاڏ ڪنوار تان، گهر آئي گهوٽن،
ڪوڙيون ڪوجهون عورتون، نادر ننگ رکن،
گهر گذارڻ ماٺ مٺيءَ سين، مانُ وڏو مهرن،
گلا ڪرڻ آهي وڙ وڃائڻ، منهن ۾ ڌوڙ وجهن،
آهي ڇوڪرو هيڪڙو، هي آڏو آپ اکين،
ڏکيا بکيا مائٽين، طرحين تير لڳن،
خبر تن کي سور جي، جن پيٽان پٽ ڄمن،
بابُو پاڻ ڀڄي ويو، راهه رلايئين رن،
سانڍڻ پنهنجي ساهه سين، ڪيا سامي پاڻ سخن،
ڪيا قول نه ڪڏهن پارڻ پرديسن،
ڪڏهن ڌياڻي ڪوٽ جي، ڪڏهن در در منجهه ڌڪن،
سون وراڪي سڦري، ڪاري ڪيس ڪاڙهن،
ڪندي پورهيو پيٽ لئي، ڇنو جيءُ جنڊن،
ڌوئندي ڪپڙا داٻڙي، ريلا رت وهن،
تنگي روز توڻ جي، ڳاري آهيان ڳڻتين،
موٽي ماپي ڪينڪي، جو ڏڌو کير ٿڻن،
ڪيم هاج هٿن، سا پئي ڌوڙ مُٺيءَ جي منهن ۾.

 

ڇوڪر کي مار کائيندو ڏسي، ڦل کي پنهنجي پٽ جي يادگيري آئي، وري اوچل ڪوٽ ڏي موٽيو.

 

229-  ڏسي حقيقت حال جي، من ڪيائين مصلحت،
پٽ ڇڏيو مون پنهنجو، ڪيم هاج انهي حرڪت،
ڪاوڙ ويئي ڪاپڙيءَ، ڦل آيو فرحت،
ويئي سامي وسري، زنگ سندي زينت،
ڪجي ڇو نه قبول هي، عقل ڪيو عورت،
واٽئون واريو پوئتي، ورنہ ساڻ مِلت،
عقل وڏي ڪا سوکڙي، جا ڀاڳ ڀيڙي آهي بخت،
نيڪ نشانيون ڄاڻجو، جت جام هجي محبت،
خداوند خاصو خلقيو، هي آدم ڪاڻ عزت،
ڀاڳ بلندي بادشاهه، جنهن ويڙهي وسي وٿ،
نوَ لک نمن نياز سين، طلب ڪريو اچو تت،
عالمگير عقل جا پار پورا آهن پت،
سي جوڳي آهن جت، تڪيي وڃ تون تن جي.

 

230-  ٿيو نرم هِنيون نرمل، ڏسي حقيقت حال جي،
پرپٺ منهنجي پٽ جو، هوندو اهڙو حال اصل،
ڪونه ڏيندس ڪو ڳوٺ ۾، کاڻي مانيءَ کَل،
وهائي وريس پاڻ تي، خلق ساري جي کل،
موٽي وڃڻ ملڪ تي، منهن کڻڻ مشڪل،
کٽي آيو خان اڄ راڻي ڪوٽ اوچل،
مِهريون ڏيندم مهڻا، آتڻ واريون ڪل،
بَدي ڏيئي، ڀوريءَ سين ڪيم خالي خام خلل،
ڏٺم ڪين اکين سان، ماريس شڪ شڪل،
شريعت موجب شڪ تان، نه واجب دل دغل،
سوڍي سهي ڪين ڪيو مومل گڏ سومل،
ڀيڙي ساڻس ڀيڻ هئي، سومل گڏ ستل،
ڪري ڪارو ڪانڌ ويو، مدي ڏيئي مومل،
سَتِي مِهري صاف هئي جا جيئري چڙهي جل،
وجهي ڪاڪ مٿي ڪرڳل، راڻو رنج رکي ويو.

 

231-  واحد واڳون واريون، آهي مولا هٿ مهار،
قسمت نوڙي هٿ ۾، پنڌ ڇڪيندڙ پار،
قادر ڪري تيئن ٿئي، منزل مفت ميار،
وڻي چڱي واحد کي، ماڻهو ڇا مقدار،
رٿيل ڳالهيون روح جون، پوريون ڪج پينار،
ڪين نهارج ننگ ڀريا، آهن حرفن لک هزار،
ڪوڙن ڪنڌي ناهه ڪا، ريءَ دوست تنهنجي درٻار،
”محمد“ مڙئي معاف ڪندو، ڇڏ من سندا مونجهار،
ڪر قصو تون ڪاپڙي، وچ ۾ ڪين وسار،
کڻي خيما پٺ تي پاس هليا هالار،
ڏهين ڏينهن جو آئيا بر ڀلي بازار،
ڇنا ڳنڍي ٿو مون ڌڻي، آهي آگي هٿ اختيار،
هجي آدم وس ۾، ٿا ڪن قصائي ڪار،
ويو ڦل ڪري ڦلهيار، ڀوري باهن وچ ۾.

 

232-  ڀوري باهن وچ ۾، مٿان مچ ٻرن،
لکيا لوح نصيب ۾، ڪنهن پر ڪين ٽرن،
آيا ڪل قبوليا، صابر سور سهن،
ڀوريءَ بابٖينٌ ڪيترا لکيا انگ لکن،

مٿي آپ مليا هئا، ڌوم وڏي دردن،
”محمد“ ماري مونجهه ڪئي ساري غرق غمن،
سچا سانڍين ساهه سين، جيئن موتي منجهه سپن،
قدر تنهين جو ڪيترو، جڏهن اهڙي هنڌ هجن،
ٻاهر ڳوڳيندا ڪيترا، ڪنهن نا ڪم اچن،
مانَ وڏي مرڪن، جي گام گلا کان دور ٿيا.

 

233-  گام گلا کان دور ٿيا، منزل تن آسان،
ويٺي رهي هئي واٽ تي، نينهن ڪريو نيشان،
وري ويئي نه پوئتي، مورهين ماڳ مڪان،
کيڻ پيڻ جي ڪنهن هٿان، طلب ڪندي هئي ڪانه،
بکن ڏکن جا بار کڻڻ، عشق وٺي امتحان،
ڀوري باب برهه جا، سڀ پاريا هئا پهلوان،
ڦل ڪارڻ فرمان، ويٺي موت قبولي واٽ تي.

 

234-  ويٺي موت قبولي واٽ تي، دلبر پاتي دام،
رهندڙ راڻي روح ۾ هو نادر نينهن امام،
قادر ڪري ڪم ٿو، سچن جا سرانجام،
مشڪلڪشا مون ڌڻي، ڪري هيڻن پورو ڪام،
ڏهين ڏينهن جو آئيا، وقت لٿي سج شام،
رهيا ڪناري ڪوٽ جي، آسڻ ٿي آرام،
صبح سوارو قافلو آيو گڍ مٿي در گام،
سڀئي سڻي تت آئيا سامي ڪاڻ سلام،
ڀوريءَ سندي باب ۾ پاڻ پڇي پيغام،
چڱو ڀلو آهي ڇوڪرو منهنجو مير مدام،
ڪير نپائي نينگرو تازا ڏيندڙ طعام،
تنهن آدم ڏيان انعام، ڀوري بنگلي ڪٿ رهي؟

 

235-  وٺڻ پاڻ انعام جو، ڪنهن نه ڪيو منظور،
ڪنهن کان وسريا ڪين ٿيا، سامي تنهنجا سور،
ڪڙيون ڪري وئين ڪاپڙي، هنڌ حويليون حور،
جوڳي! تو هئي جت ڇڏي، دم نه چُري آهي دور،
روئي رت وڃائيا، نيڪ نماڻي نُور،
ساريو سامي ڳالهڙيون وڌوئي وهلور،
ماري آهي مذڪور، تنهنجي ڦل فراق ۾.

 

236-  سڻي حقيقت حال جي، ٿيو لڄي آپ اندر،
هليو اوڏانهين تڪڙو سامي پاڻ سڌر،
ويٺي منجهه مراقبي، ڪيو ڌرتيءَ کي دفتر،
ڪنڌ نه ڦيريئين ڪڏهن، هئي ناريءَ هيٺ نظر،
ڪپڙن مٿي ڪيتري ڪِي ڪاري مير ڪلر،
اکين آب تلاءَ ڪيو هو روئي پٽ پلر،
ويهي آپ اجاريو سچيءَ سيل ستر،
ساميءَ تنهن کي سڏ ڪيو، دانهن منجهان دلبر،
ميڙي محبت وارين ڪونج وڌائي ڪر،
معافي ڪج ”محمد“ چئي، هي حرف مون کي هيڪر،
ٻائي! آءٌ ٻيهر، راڻي رسندس ڪينڪي.

 

237-  راڻي رسڻ هيڪڙي، بات ڪيس بيزار،
توسان وري تڪبر جي، مون ڇڏي سڀ ڄمار،
ويڙهائي وڻواند ڪيو ديسئون دلبر ڌار،
اُٿئي ويٺي مون هئي تنهنجي تن اندر ۾ تار،
وِسهين، وسرين ڪين ٿي ساکي آپ ستار،
تون پنهنجي حال جون ڪر سور ڳالهيون نروار،
پڇئين پاڙيچن ٿي، ماءُ پيءُ ڪهڙي پيار،
ڪنهن دلاسو داد ڪيئي حال سندئي هرڪار،
ڪيئن وهايئي ڏينهڙا، سورن جا سنسار،،
اُڃ اوسيڙا ڪيترا، بکن ڏکن جا بار،
سڀئي سٺئي سر مٿي، ڪيئن نازڪ پري نار،
ڪهڙي حالت هت ڏٺيئي، دانہ منجهه ديدار،
ڪر البيلي اظهار، راڻي پنهنجي روح جا.

 

238-  ڪهڙا پڇين ٿو ڪاپڙي، بنديءَ هن بيان:
وئين ويچاري ڇڏي تون ختمو پڙهي خان،
تارو نحس نڀاڳ جو آيو منجهه آسمان،
ڪاهي آيم ڪاپڙي جيئري قيام جهان،
وِسهين، وڻي ڪونه ڪو آيو اڳ انسان،
پاڻي ماني پيٽ ۾ جوف ڇڏي جيءُ جان،
سامي! صورت تنهنجي، آيو مَلڪل ٿي مهمان،
پڇي داربقا جا منهنجو حال ڪيئين حيران،
ڪهڙو دين ڌرم تو، ۽ ڪلمون قيام زمان،
سامي سچي دل سين ڪيم عشق پنهنجو ايمان،
جهنڊو جابر هٿ ۾ ڪيم نينهن وارو نيشان،
صحي سڻايم تنهن اڳيان، ڦل پڙهي فرقان،
ٿيم ديد تنهنجو درميان، واهر وسيلو اُتهين.

 

239-  الله عاشقن جا معاف ڪيا مشڪل،
پرين پرتا پاڻهي ٿي راءُ راڻي رلمل،
وٺي خان خوشيءَ مان ويو ماڳ محل،
ٿيون سرهائيون ساڻيهه ۾ بنيو شهر شغل،
جهڙو ميلو تن ٿيو، ٿئي تهڙو جڳ جمل،
وڄي نوبت نادري، ميڙهي ويٺو مَل،
ڏسندا ڀؤ ڀڄي ويا، چرندا چور چغل،
ڪوڙ تن جا ڪيس ٿيا، جي لکيا اڳ اصل،
معافي ٿي ”محمد“ چئي، ڀوريءَ مٿان ڀُل،
ڪوڙن تان ڪرڳل، معاف ڪندو سڀ مون ڌڻي.

 

240-  معاف ڪندو سڀ مون ڌڻي، هي لاکو لهراڻي،
هيڻن مٿي هٿڙا، رکندو صاحب سڀاڻي،
وارث ٿيندن واهرو، ڏکن ڏيهاڻي،
دنيا دم گذر جو، آهي ويئي وهاڻي،
ڪندين قصا ڪيترا، آهي ڪوڙي ڪهاڻي،
هٿ ٻڌي هاڻي، ڪر توبهه ڌڻي در اُتي.

 

241-  ڪر توبهه ڌڻي جي در اُتي، بندا تون بلڪل،
وارث ٿيندئي واهرو، محب مٺو مرسل،
چارئي رهندا چاڳلا، شاهه اڳيان شامل،
هيڻن مٿي حال جي، قياس ڪندو ڪامل،
ڪوڙن مٿان ڪست جو هو لاهيندو هل،
برڪت ڪلمي ڪل، ڇٽندا سڀ ڇيهن کؤن.
                   لاالہٰ الالله محمد رسول الله.

 

 

تمام شد

تاريخ 17 مهينو جمادي الاول سنه 1335 هجري

مطابق 11 مارچ 1917ع

 

 

 

 

 

روايت [3]*

 

سنڌ جي ڪنهن حصي تي، آڳاٽي وقت ۾، هڪڙو بادشاهه حڪومت ڪندو هو. کيس اولاد ڪونه هو. آخر ڪن فقيرن ۽ ولين جي دعا سان هن کي هڪ نياڻي ڄائي، جنهن جو نالو ”ڀوري“ رکيائون. ڀوري نهايت لاڏ ڪوڏ سان نپجڻ لڳي. جڏهن جوان ٿي، تڏهن سندس حسن جي هاڪ هرهنڌ پکڙجي ويئي. بادشاهه هن جي رهڻ لاءِ جدا خاص محلات ٺهرايو هو، جنهن کي ”ڀوري جي ماڙي“ ڪري چوندا هئا. ڀوريءَ جي ماڙيءَ کان سر-ڏکڻ، چئن ميلن جي مفاصلي تي، هڪ ٻيو حاڪم هو، جنهن کي وري ”ڦل وڌو“ نالي پٽ هو. ڦل وڌو به تمام سهڻو ۽ جوڌو جوان هو. ٻنهي بادشاهن جي وچ ۾ اَڻبڻت هئي، تنهنڪري ٻئي هڪٻئي جا جاني دشمن هئا.

شهزادو ڦل وڌو، ڀوريءَ جي حسن جي هاڪ ٻڌي، مٿس اڻ ڏٺو عاشق ٿي پيو. دشمنيءَ هئڻ سبب ڦل وڌو، ڀوريءَ جو سڱ به گهري نٿي سگهيو. وري ائين به مناسب نه هو ته جنگ ڪري، ڀوريءَ جو سڱ حاصل ڪري. پوءِ ته فقير بڻجي، ڀوريءَ جي ماڙيءَ کان ميل کن مفاصلي تي، هڪڙي ٻنيءَ ۾ دونهون دکائي ويهي رهيو. خدا جي قدرت سان، سندس ڪرامتن جي هاڪ هُلي ويئي، جنهنڪري ڪئين ماڻهو وٽس دعائن ڦيڻن لاءِ اچڻ لڳا.

فقير جي هاڪ ٻڌي، ڀوريءَ کي به خواهش ٿي ته انهيءَ فقير جي زيارت ڪجي. سو، هڪ ڏينهن فقير وٽ آئي. ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو، ۽ اکين ملڻ شرط هڪٻئي تي عاشق ٿي پيا. ڦل وڌي پنهنجي سموري حقيقت ڀوريءَ کي ٻڌائي. جڏهن ڀوريءَ کي اهو معلوم ٿيو ته ڦل وڌو شهزادو آهي، ۽ منهنجيءَ محبت ۾ فقيري اختيار ڪئي اٿس، تڏهن هوءَ به مٿس هيڪاري فدا ٿيڻ لڳي.

ان ڏينهن کان پوءِ، ڀوري روزانو ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ڦل وڌي وٽ ايندي ويندي هئي. ڀوريءَ جي پيءُ اها حالت ڏسي، ڀوريءَ جو محلات کان ٻاهر نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. ڀوريءَ تي بندش پوڻ ڪري، ڦل وڌو بلڪل بيحال ٿي پيو. آخر، هڪ ڏينهن وجهه وٺي ڀوري هن وٽ آئي، ۽ چيائينس ته: هتان کان وٺي منهنجي ماڙي تائين سرنگهه هڻي اچين ته پوءِ ملڻ ٿي سگهندو، ٻيءَ حالت ۾ ائين سڄي عمر جدائيءَ ۾ گذاري، مري وينداسين. ائين چئي، ڀوري موٽي پنهنجي ماڳ تي آئي. هوڏانهن ڦل وڌي سرنگهه هڻڻ شروع ڪئي. اهو ڪم هن کي چپ چاپ ۾ ڪرڻو هو، تنهنڪري رات جو سرنگهه هڻندو هو. آخرڪار، سالن جي محنت بعد، ڦل وڌي اُها سرنگهه آڻي ڀوريءَ جي ماڙيءَ ۾ پوري ڪئي. پوءِ سرنگهه مان روزانو رات جو ڀوريءَ سان ملڻ لاءِ ايندو هو، ۽ ڏينهن جو پنهنجي ماڳ تي موٽي ايندو هو.

ائين، هنن ٻنهي عاشقن کي ملاقاتون ڪندي ڪو عرصو گذري ويو. پر چوندا آهن ته ”عشق ۽ مشڪ لڪڻا نه آهن“ سو آخر اهو راز پڌرو ٿي پيو. جڏهن بادشاهه جي ڪنينٌ اها خبر پهتي، ۽ معلوم ٿيس ته ڦل وڌو اهو شهزادو آهي، جنهن جي پيءُ سان منهنجو وير آهي، تڏهن يڪدم جنگ جو سانباهو ڪيائين. پر، وزير جي سمجهائڻ تي انهيءَ راز هٿ ڪرڻ لاءِ جاسوس ڇڏيائين ته ڪهڙيءَ طرح ڦل وڌو، ڀوريءَ جي محلات ۾ اچي ٿو. آخر ڀوريءَ جي ٻانهيءَ کان معلوم ٿيس ته هڪڙو سهڻو جوان، فقيراڻي لباس ۾، اوچتوئي اوچتو، الائجي ڪٿان ماڙي ۾ داخل ٿئي ٿو. پوءِ ٻئي ڄڻا سڄي رات محبت ونڊين ٿا ۽ صبح جو اهو فقير وري هليو وڃي ٿو.

ڦل وڌي جي انهيءَ راز معلوم ڪرڻ لاءِ، بادشاهه پاڻ فقير بنجي، وڃي ڦل وڌي جي آستان تي ويٺو. ڪن ڏينهن کان پوءِ، ڦل وڌي آخرڪار پنهنجي ۽ ڀوريءَ جي محبت جو سمورو احوال بادشاهه کي ٻڌايو. بادشاهه کي جڏهن سرنگهه جو راز معلوم ٿيو، تڏهن ٻئي ڏينهن پنهنجي محلات ۾ موٽي آيو، ۽ رات جو پاڻ سان ٻه ٽي سپاهي ساڻ ڪري، ڀوريءَ جي محلات ۾ لِڪي ويٺو.

ڦل وڌو به دستور موجب ڀوريءَ سان ملڻ لاءِ، جيئن ئِي سرنگهه مان نڪري ماڙيءَ ۾ پهتو، تيئن ويرين جي وَر چڙهي ويو. بادشاهه اُتي جو اُتي مارائي ڇڏيس. ڀوري ويچاري سڄي رات ڦل وڌي جو انتظار ڪيو، پر هونه اچڻو هو، سو نه آيو. صبح ٿيڻ تي ڀوريءَ کي ڦل وڌي جي مارجڻ جي خبر ملي، ۽ انهيءَ صدمي کان بيحال ٿي ڪري پئي، ۽ اُتي ئي دم ڏنائين.

 

--��--


*  هيءَ روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان ”آصف“ کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org