سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

 باب:

صفحو :1

سنڌ جون لوڪ آکاڻيون

خادم خديجه دائودپوٽو

ناشر پاران

پيشڪش

”سنڌ جون لوڪ آکاڻيون“ نالي سان هن ڪتاب ۾ سهيڙيل گهڻيون آکاڻيون جيتوڻيڪ ”لوڪ آکاڻيءَ“ جي هاڻوڪيءَ فني وصف هيٺ نٿيون اچن، پر جيئن ته اُهي گهڻو اڳ انگريزن جي صاحبيءَ واري وقت ۾ ڪٺيون ڪيل آهن، ۽ اُنهيء دور جي هڪ اهڙي باذوق عملدار جون قلمبند ڪيل آهن، جنهن ”لوڪ پسند“ کي معيار بنائي، هن ڏس ۾ بنيادي قدم کنيو هو، تهنهڪري هن ڪتاب جي اهميت انفرادي آهي.

”راجبالا“، ”بيرسنگ ۽ سندر ٻائي“، ”ڪامسين ۽ ڪامروپ“، ”سيف الملوڪ“ ۽ ”شهزادو امل ماڻڪ“ ۽ ”شهزادي حسيني“ – اهي لوڪ آکاڻيون آهن، جن مان ”سيف الملوڪ“ آکاڻي غير مڪاني هوندي به سنڌ ۾ آڳاٽي رائج آهي، جيئن هن ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته لوڪ ڪٿائون ملڪان ملڪ سفرڪن ٿيون.

سنڌ جي رزمي داستان ”دودو چنيسر“ ۽ پنجاب جي عشقي داستان ”هير رانجهو“ کان سواءِ باقي سڀ آکاڻيون دراصل سنڌ جا ”نيم تاريخي داستان“ آهن، جن کي اسانجن ڪلاسيڪي شاعرن ڳايو وڄايو آهي، ۽ اُهي ”شاهه جي سورمين“ جي سري هيٺ ڪتابن ۾ قلمبند ٿي چڪا آهن. پر هن ڪتاب ۾ انهن مڙني داستانن جي بيان جو انداز الڳ آهي، تنهنڪري اُنهيءَ ساڳيءَ جنس کي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ اسان وٽ جوڳو جواز آهي.

ڪتاب اصل انگريزيءَ ۾ لکيو ويو، جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو اسان جي احترام لائق، سانئڻ  بيگم خديجه دائودپوٽو ڪيو آهي. اُميد ته اسان جي هيءَ پيشڪش قدر جي نگاهه سان ڏٺي ويندي.

شمشيرالحيدري

8 – 2 – 1993ع

مصنف جي باري ۾ احوال

سندس ڪتاب “Forty Four Years - A Public Servant”  تان ورتل.

سي. آي. ڪنڪيڊ، بنيادي طرح آئرلينڊ جي مشهور ڪنڪيڊ گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، پر انڊيا سان به سندس رشتو نئون نه آهي. سندس پڙ ڏاڏو، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ آرمي آفيسر هو. جڏهن ته سندس پيءُ به مدراس آرميءَ ۾ آفيسر ٿي ڀرتي ٿيو ۽ 1849ع ۾ انگلنڊ کان انڊيا آيو.

ڪجهه وقت لاءِ آئرش ملٽري ۾ ڪئپٽن جي عهدي تي فائز رهيو ۽ وري ٻيهي انڊيا ۾، بائونڊري آفيسر جي حيثيت سان آيو ۽ 1887ع ۾ انڊيا ۾ ئي هڪ اعليٰ عهدي تان رٽائر ٿيو ۽ پنهنجي رٽائر مينٽ وقت ڀوپال ۾ ئي مقيم هو.

اهڙي طرح سندس ماءُ جو ڪٽنب به هندستان سان وابسته هو. سندس ماءُ جي چاچي جنرل اليگزنڊر ۽ سندس ٽن ڌين کي بلوي دوران اتي قتل ڪيو ويو، سندس ڌين جا لاش نانا صاحب جي فسادين ڪانپور جي هڪ کوهه ۾ اڇلايا هئا.

سي. اي. ڪنڪيڊ پاڻ به هندستان ۾ ڄائو ۽ پهريان ٽي سال اتي ئي نپنو، ان کان پوءِ ڇهه سال ڏاڏيءَ سان Dublin ۾ رهيو، ڇهه مهينا پنهنجن مائٽن سان اٽليءَ ۾ هو ٻن سالن لاءِ پئرس جي هڪ  اسڪول ۾ داخل ٿيو، پنج سال انگلنڊ ۾ رهيو، ٻه سال Crammer ۾، ۽ ٻه سال آڪسفورڊ ۾. آڪسفورڊ ۾ پڙهائيءَ دوران هن مرهٽي پڻ سکي.  1889ع ۾، انڊين سول سروس ۾ پروبيشنر جي حيثيت سان داخل ٿيو، 1891ع ۾ هندستان آيو، بمبئي ۾ پهچڻ کان پوءِ کيس سنڌ ڪمشنر ڪيمپ لاءِ ڪراچي موڪليو ويو.

هت کيس لوئر ڊپار ٽمينٽل اسٽينڊ رڊ جو امتحان پڻ پاس ڪرڻو هو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پڻ شامل هو. ٻه ڀيرا هي سنڌيءَ جي امتحان ۾ ناڪام ٿيو، پر ٽيون ڀيرو مانَ شانَ سان ڪامياب ٿيو، ۽ انهيءَ کان پوءِ ئي کيس، ان وقت جي سکر ڪليڪٽوريٽ ۾ ميهڙ ۾ اسٽنٽ ڪليڪٽر جي خودمختيار  پوسٽ ۽ سيڪنڊ ڪلاس سب ڊويزنل مئجسٽريٽ جا اختيارات مليا. 1918ع ۾ سنڌ ۾ ائڊيشنل جوڊيشنل ڪمشنر پڻ مقرر ٿيو ۽ ٻن ٽن سالن کان پوءِ جوڊيشنل ڪمشنر سنڌ جي چارج اچي سنڀاليائين.

گورنمينٽ آف بمبئي ۾ سيڪريٽري جي حيثيت سان پڻ رهيو، ان کان سواءِ پونا، ساترا، ڪاٺياواڙ، ناسڪ بمبئي، چربرگ ۽ برن ۾ مختلف وڏن سرڪاري عهدن تي فائز رهيو. ۽ آخر ۾ برن Berne  مان ڪائونسليٽ جي عهدي تان 1933ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ جا چوئيتاليهه سال پورا ڪري رٽائرڊ ڪيو.

سرڪاري نوڪريءَ دوران مختلف جاين تي رهڻ دوران هن انهن ماڳن جي سماجي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو گهرو مشاهدو  ۽ مطالعو پڻ ڪيو، ۽ انهن کي ساڳئي وقت قلمبند پڻ ڪيو. سندس ڪجهه ڪتاب هن ريت آهن:

ٽن جلدن ۾ مرهٽن جي تاريخ.

                                                1. History of marhatha people.

2. Our Parsi Friends.

3. The Hindu Gods, how to recognize them.

4. Shri Krishna of Dwarka.

5. Teachers of India.

6. The Anchorite.

7. The Indian Heroes.

8. Tales from Indian Epics

9. Deccan Nursery Tales.

10. The Tales of Tulsi plant

11. Tales of old Sind.

12. Folk tales of Sind and Gujarat.

13. Forty four Years A public Servant. Etc

هن پنهنجي  نوڪريءَ دوران گذاريل زندگيءَ جي باري ۾ سمورو احوال، فارٽي فور ايئرس آي پبلڪ سرونٽ ۾ درج ڪيو آهي.

سنڌ ۾ نوڪريءَ دوران هن، هتان جو قديم ورثو ”سنڌ جون لوڪ آکاڻيون، پڻ سانڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو اوهان جي هٿن ۾ آهي.

1.              سسئي ۽ پنهون

جنهن زماني ۾ راجا دلوراءِ سنڌ تي راڄ ڪندو هو، تن ڏينهن ۾ نائونءَ نالي هڪ برهمڻ سندس وزير هوندو هو. هن برهمڻ وٽ وڏو خزانو هو ۽ هيرن جواهرن جو مالڪ هو، پر هو اولاد  جهڙي نعمت  کان بلڪل محروم هو. هن  جيتوڻيڪ هزارين  رپيا جوڳين ۽ سنياسين تي خرچ ڪيا، مگر تنهن هوندي به پاڻ ۽ سندس زال بي اولادي ۽ دکي رهيا، هڪڙي ڏينهن، وزير جي زال کي ڪنهن نجوميءَ  جي خبر پئي جو نه فقط هندي علم جو ڄاڻو هو، مگر يوناني حڪمت ۽ ٻين علمن کان به چڱيءَ ريت واقف هو. هن کي اولاد جي هيڪر وري اچي آس ٿي، سو مڙس کي چوڻ لڳي ته ”اولاد کان سواءِ زندگي  اهڙي آهي، جهڙي تارن کان سواءِ رات. بهتر آهي ته سفر ڪري هلي انهيءَ نجوميءَ کان ڏس پتو پڇون، ڇو ته هن جي ڏاهپ جي واکاڻ هر ڪنهن جي وات آهي“. برهمڻ ٿوري دل هڻڻ کان پوءِ ڳالهه مڃي  ۽ دولت جا انبار ساڻ ڪري زال سميت نجوميءَ جي آسان ڏانهن روانو ٿيو.

جو تشي جڏهن برهمڻ ۽ سندس زال کي ايندو ڏٺو، تڏهن اُٿي هنن کي کيڪاري پنهنجي جهوپڙيءَ ۾وٺي ويو ۽ کانئن حال احوال ورتائين. برهمڻ هٿ ٻڌي هن جي پيرن تي ڪري چوڻ لڳو ته:” اي ڀڳوان جا پيارا! ڌڻيءَ کان اسان لاءِ دعا گهر ته اسان کي ڪو اولاد ٿئي، ڇاڪاڻ ته اولاد کان سواءِ اسان جي حياتي ويڳاڻي ۽ ڪڙي ٿي پئي آهي“. جو تشيءَ ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ ڍاري جي دٻلي کنئي ۽ ڍارو  وڌائين. انگ وجهڻ کان پوءِ جادوءَ جي هڪ آرسي ڪڍي آيو ۽ ان ۾ ڏسي چوڻ لڳو ته: ”مون کي مشتري مريخ جي ويجهو ٿو ڏسجي، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته ڌڻي توهان کي نياڻي عطا ڪندو، مگر هن جو لکيو مسلمان سان ٿيندو“. اهو حال ٻڌي، ٻڍي برهمڻ  جي اکين ۾ ڳوڙها ڳڙي آيا ۽ ليلائي نجوميءَ کي چوڻ لڳو ته منهنجي ڌيءَ جو لکيو ڪيئن به ڪري بدلائي ڏيو. نجوميءَ کي نائونءَ  جي ليلائڻ تي قياس ته گهڻوئي آيو، پر هن جي وس ۾ ڪجهه به نه هو، سو وراڻيائين ته: ” جيڪي ڌڻيءَ لکيو، سو لکجي ويو“.  اهي لفظ چئي، هنن کي وڃڻ جي اجازت ڏنائين. وقت گذرندو رهيو، برهمڻ جي زال کي پوري ميعاد تي ٻار ڄائو. ڄمڻ سان دائيءَ کان پڇيائين ته ” ڇا ڄائو آهي؟“  ڇو ته هن کي هر وقت اها اميد هوندي هئي ته من ڀڳوان جي ديا سان پٽ ڄمي پوي! دائيءَ وراڻي ڏني ته نياڻي ڄائي آهي“. اها خبر ٻڌي برهمڻ جي دل ٻڏڻ لڳي، کيس پڪ ٿي ته نجوميءَ جي اڳڪٿي ضرور پوري ٿيندي، سو وڏي ارمان ۽ ڪاوڙ مان چيائين ته: ”مان انهيءَ نڀاڳي ڇوريءَ کي گهر ۾ نه رکندس، پٿر آڻي ڏيوم ته هڻي هن کي ٽڪر ٽڪر  ڪري ڇڏيان يا ڇڏيوم ته هن کي باهه ۾ اڇلي وجهان“. مڙس جا اهي لفظ ٻڌي، جوڻس به ساڻس شامل راءِ ٿي ته ڇوڪريءَ مان جند ڪنهن طرح ضرور آزاد ٿئي، مگر هوءَ نياڻيءَ جي مارڻ ۾ رضامند ڪانه هئي. هن جي مرضي هئي ته ٻار کي پيتيءَ ۾ بند ڪري، سنڌو درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏجي ته جيئن لڙهندي لڙهندي ڪنهن جي نظر چڙهي ۽ حياتي بچي پويس، ماءُ جي دل ائين ئي چاهيندي! برهمڻ کي به اها صلاح آئڙي، سو پيتي وٺي آيو ۽ معصوم  ٻارڙي انهيءَ  ۾ وجهي، پاسي کان سون ۽ جواهرن جي ٿيلهي  به رکي ڇڏيائون. پيتيءَ کي ڪلف لڳائي بند ڪيائون. ان کان پوءِ پيتي کڻي نديءَ جي ڪناري تي ويو ۽ وڃي درياءَ ۾ اڇلايائين. اها پيتي وهڪرن جي ور چڙهي، جن کيس لوڙهيندي لوڏيندي آڻي ڀنڀور جي شهر جي شهر ۾ ڪڍيو .  ڪناري تي محمد نالي هڪ ڌوٻيءَ درياءَ ۾ پيتي ترندي ۽ ڪناري ڏانهن ايندي ڏٺي. نظر پوندي ئي پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيئي،  پيتيءَ کي ڇڪي ڪناري ڏانهن گهلي کڻي آيو. قلف ڀڃي پيتي کي کوليائين، ڇا ڏسي ته هڪڙي ننڍڙي  سهڻي ڇوڪري اندر ستي پئي آهي. جان کڻي ان کي کنيائين ته هن جي ڀر مان هڪ ڳوٿري  سون ۽ جواهرن جي مليس، جنهن کي  ڏسي خوشيءِ جي حدئي نه رهيس ۽ پنهنجو ٻٽو خزانو کڻي گهر ڏانهن  راهي ٿيو. ڌوٻيءَ جي زال، جا اڳيئي اولاد  جي سڪايل هئي، سا بيحد خوش ٿي ۽ ٻنهي زال مڙس هن لڌل ٻار  کي کڻي گود ورتو. سڀني پاڙيسرين، دوستن ۽ برادريءَ وارن کي دعوت ڏنائون، جن ٻارڙيءَ کي ڏٺو ۽ هن تي ”سسئي“ نالو رکيو ويو. جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن هيءَ سهڻي نينگري ڏينهون ڏينهن سونهن ۾سرس ٿيندي ٿي وئي، ايتري قدر جو هن حسين ڇوڪريءَ کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو پنهنجو ڌنڌو ڌاڙي سيڙائي ڌوٻيءَ جي گهر جي گهٽين وٽ منتظر بيٺا هوندا هيا ته من هن جي سهڻي صورت جو ديدار نصيب ٿئين. سون ۽ جواهرن جي ڳوٿري جا پيتيءَ مان لڌي هئائون، انهيءَ مان ڇوڪريءَ لاءِ زيور ۽ سينگار جو سامان  ۽ رهڻ لاءِ ٻه طبقو گهر ٺهرايائين، جنهن جي چوگرد گلاب  جو باغيچو رکايو ويو. انهيءَ گهر ۾ سسي پنهنجون ساهيڙيون ۽ سرتيون سڏي انهن سان گڏجي ويهي ڪتيندي هئي يا وري باغيچي  ۾ سارو ڏينهن پسار پئي ڪندي هئي.

انهن ڏينهن ڪيچ، مڪران ۾، ڄام آريءَ نالي هڪ بلوچ رهندو هو، جنهن جي بهادريءَ جي ايڏي  ته هاڪ هئي، جو اتان جي بلوچن هن کي پنهنجو سردار مقرر ڪري سڄي ڪيچ ۽ مڪران جي پڳ ٻڌائي، ڄا۾ آريءَ کي پنج پٽ هئا اچنو، پنهون، هوتو، نڪرو ۽ نوتو، هو نئن ته سڀئي حسين جو ڌا جوان هئا، پر سڀني کان بهادري ۽ سونهن ۾ سرس ٻيو نمبر پٽ، ”پنهون“ هوس. بلوچن جي سردار کي پنهنجي پَٽَ مان ايندڙ ويندڙ قافلن تان محصول ملندا هئا ۽ جيڪي ڏيڻ کان انڪار  ڪندا هئا، تن تي هن جا پٽ حملا ڪندا هئا. بدقسمتيءَ  سان ”سسئيءَ“ جي حسن جي هاڪ هن ڏورانهين ملڪ ۾ پنهون، جي دماغ تي وڃي واسو ڪيو. هڪ ڏينهن، ٻاٻيو نالي هڪ سوداگر، ڪيچ ۾ آيو،  ڄام آريءَ هن جي گهڻي آجيان ڪئي ۽ هن جي گفتگو ءَ ۽ هلت چلت  کان ايترو متاثر ٿيو جو کيس محصول معاف ڪري ڇڏيائين. ٿورن ڏينهن ۾ ٻاٻئي پنهنجو سڀ سامان وڪڻي ٻيو خريد ڪري وري ٻئي پاسي واپار لاءِ اُسهيو. وڃڻ وقت ڄام کان موڪل ورتائين، جا هن خوشيءِ سان ڪانه ڏنيس، ارهو ٿي ڏنس. پر جڏهن پنهونءَ کان ٿي موڪلايائين، تڏهن هن ڪن ۽ چيس ته ” ڀنڀور ۾ ”سسئي“ جي ڳولا ڪج ۽ مون کي مخفي نياپي ذريعي ٻڌائج ته سسئي واقعي اهڙي سهڻي آهي جهڙي ماڻهو چون ٿا.“

سودا گر مشڪندي  واعدو ڪيو  ۽  پوءِ پنهنجي اُٺ  ڏانهن وڌيو. لانگ ورائي، مهار کي ڇٻي ڏني ۽ قافلو  روانو ٿيو. سڀني جي اڳ ۾ مشڪي مهري ڏاڍي شان سان تيز قدم کڻندو ٿي هليو. اهڙيءَ ريت اهو قافلو ڏينهن جا ڏينهن هلندو اچي ڀنڀور پهتو. ٻئي ڏينهن ٻا ٻئي پنهنجو مال اسباب ڪڍي ٻاهر ڪيو، جنهن تي سڄي ڀنڀور شهر ۾ سندس سودي ۽ سامان جي هاڪ پکڙجي ويئي. جوان توڙي ٻڍو، زالون ۽ مرد، سڀ اُتي اچي ڳاهٽ ٿيڻ لڳا. ڏينهن ٻن کان پوءِ، ٻاٻيو سسئيءَ جي گهر وٽان اچي لانگهاڻو ٿيو. اتفاق سان اوڏيءَ مهل سسئي پنهنجي ساهيڙين سان راند پئي ڪئي ته اوچتو ماڙيءَ جي دريءَ مان سندس نظر وڃي ٻاٻئي تي پئي  جو هيٺ گهٽيءَ مان پئي ويو. سسئيءَ کي هن جي سونهن ۽ صورت موهي وڌو ۽ پنهنجي ساهيڙي ساقيءَ کي منت ڪيائين ته وڃي انهيءَ سوداگر کي مٿي وٺي اچ. ساقي ڊوڙندي گهٽيءَ ۾ وئي ۽ ٻاٻئي کي سسئيءَ جو نياپو وڃي ڏنائين. ٿورو مشڪيو ۽ پاڻ سان وڪري جو ڪجهه قيمتي سامان کني ساقيءَ سان گڏجي سسئيءَ جي گهر ويو. جيئن پنهنجو سودو سسئيءَ کي ڏيکاريائين پئي، تيئن سسئي سندس ڪن ۾ ڀڻڪو ڪري چيو ته ”سوداگر! تو ته منهنجي دل ڄڻ ڪنڍيءَ ۾ ڦاسائي آهي ۽ هاڻي مان توکان سواءِ رهي نٿي سگهان.“ ٻاٻئي اهي اکر ٻڌي پهريائين ته ڪو جواب ڪونه ڏنو، هو سسئيءَ جي منهن ۾ نهارڻ لڳو، جنهن جي حسن خود ٻاٻئي کي به موهي وتو هو. هو دل ۾ سوچڻ لڳو ته ”هيءُ ڇوڪري ڀلي کڻي کٽيءَ جو ٻار هجي، تڏهن به پنهونءَ جي لائق آهي. چنڊ جهڙو چهرو اٿس ۽ هن جي قد قامت ۾ مون کي ڪوبه نقص نظر نٿو اچي. ههڙو حسن  ته ڪنهن شهزادي جي ڪنوار کي سونهين.“ ان کان پوءِ ٻاٻئي، سسئيءَ ڏانهن ڪنڌ ڌوڻي چيو: ”اي حسين نينگر ، منهنجي ڳالهه ٻڌ! تون مون تان پنهنجو خيال لاهي ڇڏ. مان هڪ جوان سڃاڻان، جنهن جو نالو ”پنهون“  آهي، جو مون کان وڌيڪ تنهنجي لائق آهي. مان ته عام رواجي  ماڻهو آهيان، پر سڄو ڪيچ ۽ مڪران پنهونءَ جي تابع آهي. مان ته فقط هڪ سوداگر آهيان، پر پنهون هڪ شهزادو ۽ وڏيءَ دل وارو سخي آهي. جيڪو هن وٽ آيو سو پنهنجي غرض پوري ڪرڻ کان سواءِ نه موٽيو. هن وٽ اُٺ گهوڙا، آنبار سون ۽ چانديءَ جا، سپاهي، دربان ۽ منشي هن جي حاضريءَ ۾ رهن ٿا. مان به حقيقت ڪري هن جي خذمتگارن مان آهيان. مون هن جي حسن جي تعريف نه ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو حسن اهڙو آهي، جنهن جي تعريف لاءِ مون وٽ لفظ نه آهن. فقط ڏسڻ سان ئي ان حسن جو اندازو لڳائي سگهندينءَ . خدا شال اهو ڏينهن آڻي، جڏهن تون هن سان ملي سگهين.“

سسئي ءَ جا خيال هاڻي ٻاٻئي تان لهي وڃي شهزادي تي کُتا، جنهن جي ديدار ڪرڻ لاءِ اندر ۾ آس جاڳيس. دل ۾ دعا گهرڻ لڳي ته شل خدا منهنجي اها تمنا جلد پوري ڪري ته مان شهزادي پنهونءَ کي اکين سان ڏسان. ان بعد ٻاٻئي کي مخاطب ٿي چيائين، ”سوداگر! تون انهيءَ حسين  جوان کي وڃي وٺي اچ، جو منهنجي دل هاڻي هن جي ڏسڻ لاءِ بيقرار آهي.“ ٻاٻيو هن موچاريءَ  ڇوڪريءَ کان موڪلائي اچي گهر پهتو. گهر پهچڻ شرط خط نويس ڏانهن ماڻهو موڪليائين. خط نويس کي ٻن خطن لکڻ جو حڪم ڏنائين، هڪڙي جو مضمون هن ريت هو: ” مون سسئي ڏٺي آهي، جا هڪ ڌوٻيءَ جي ڌيءَ آهي، مگر هن کي خدا ڪمال جو حسن ڏنو آهي. هن جو حسين چهرو چنڊ جي سونهن ۽ سج جي روشنيءَ کي مات ڪيو ڇڏي. اوهان سوداگر جي ويس ۾ جلد هليا اچو ۽ پاڻ سان عطر ۽ عنبير جو ذخيرو آڻجو. ٻئي خط جو مضمون وري هن ريت هو: ”جلد منهنجي مدد لاءِ اچو، جو ڀنڀور جي ماڻهن جي تقاضا ٿا ڪن، سو ڀلائي ڪري شهزادا پنهون! تون اچ، ڇاڪاڻ ته توکان سواءِ مان ڇُٽي نه سگهندس. “ اهي ٻئي خط لکرائي ، قاصد کي ڏنائين جو هڪ ڀلي اٺ تي روانو ٿي جلد پنهونءَ جي ڳوٺ پهتو. اتي پهريون خط پنهونءَ کي ڏيئي چيائينس ته ٻيو خط تنهنجي پيءُ لاءِ آهي. پنهون، سسئيءَ جي سونهن جي ساراهه پنهنجي خط ۾ پڙهي ته اکيون تجلا ڏيڻ  لڳس ۽ پوءِ ٻيو خط ڄام آريءَ وٽ کڻي ويو، جنهن خط پڙهايو. جڏهن معلوم ٿيس ته سندس سوداگر ٻاٻئي سان بدسلوڪي ٿي آهي، تڏهن، کيس سخت غصو آيو ۽ پنهونءَ کي گهرائي چيائين ته ” تون ڀنڀور وڃ ۽ ٻاٻئي کي آزاد ڪرائي پاڻ سان وٺي اچ.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org