سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :3

 

ڪـــــافــيــون

(جـــلــد پــــهريـــون)

 

ميون شاهه عنايت ۽ ان جي سلسلي جا شاعر

ميون شاهه عنايت*

ميون شاهه عنايت ولد نصرالدين ولد شاهه عثمان، رضوي ساداتن مان هڪ ڀلارو شخص ۽ سنڌي جو اعلى شاعر هو. اندازاً 1039-1035هه (1618-1623ع) ڌاري سندس ولادت ٿي. ٽنڊي الهيار کان چار ميل اتر طرف ”شاهه پور“ جي ڳوٺ ۾ سندس سڪونت هئي. ميون شاهه عنايت، شاهه ڀٽائي جو وڏو معاصر هو ۽ ڀٽائي صاحب ننڍي وهيءَ ۾ ساڻس صحبتون ڪيون . ميون شاهه عنايت پهريون شاعر آهي جنهن جي ڪلام ۾ 41 وايون ملن ٿيون، جن مان ٻه مولود آهن (1). سنه 1133هه/1820ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار ٽنڊي الهيار کان چار ميل اتر طرف شيخ موسيٰ آهيداڻي جي مقام ۾ آهي. سندس ويهه وايون هيٺ نموني طور ڏجن ٿيون.

 

وائي: سر ڪلياڻ

منهنجي سيّدُ سارَ لهندو، مون کي آهي اميد الله ۾
1. سجدي پئي سُپرين، زاري زور ڪندو
                                مون کي آهي اميد الله ۾
2. اُمت ڪارڻ احمد اچي، پرمل پاڪ پَسندو
                                مون کي آهي اميد الله ۾
3. جڏهن صُور ڌڪاءَ ڏيندو، اکيون سج ڪڍندو
                                مون کي آهي اميد الله ۾
4. مُهت ڏيندو مومنين، اُت محمد مير ملندو
                                مون کي آهي اميد الله ۾
5. ”نفسي نفسي“ سڀڪو ڪري داتا ڏي ڊڪندو
                                مون کي آهي اميد الله ۾
6. اچي رات، عنايت چئي، بديون بخشائيندو
                                مون کي آهي اميد الله ۾

 

[2] وائي: سر کنڀاٽ

ڪا جا ڳالهه ڪيائون، ياالا! مون مَنُ تهين موهيو
1. حال حقيقت، منهن معرفت، ڏسي ڏات ڏنائون
                                ياالا! مون مَنُ تهين موهيو
2. زر خريد جهان ۾، اُنِي جي آئون
                                ياالا! مون مَنُ تهين موهيو

 

[3] وائي: سر سريراڳ

اي ميان! اَسونهنِ ڏيکار، پريان سندو پيچرو
1. جهَر جهنگ جهاڳي پٽيون، آياسُون تو پار
                                                اي ميان!
2. شاههَ سونهارا، صاحبَ دولتَ، تِنين ڏونہ نهارِ
                                                اي ميان!
3. آنءُ آگلي آهيان، ڪم نه ڄاڻان ڪارِ
                                                اي ميان!
4. مَديَنِ مٿان مَنُ منهنجو، واحد ڪارِڻ وارِ
                                                اي ميان!
5. اَڀَرَنِ آسُونهَنِ کي، سائينء لڳ سنڀارِ
                                                اي ميان!
6. لُڙَ لَهرّيُنّ لَسَ ليٽَ تان، عربي! مون اُڪارِ
                                                اي ميان!

[4] وائي : سر مارئي

چونديس حال پهنوار، جي ٿر وڃان، پائُرِ وڃان، آءٌ اڃان
        1. ڇالَ مَ ٿيان ڪڏهين، ويڙهيچنئان ڌار

چـــونـــديــس حــالُ پــهـنوار

2. مَنان مور نه وسِرين، ساڻهه جا سنگهار

چـــونـــديــس حــالُ پــهـنوار

3. وڃي اَنءُ وطن ۾، واسيان پنهنجا وارَ

چـــونـــديــس حــالُ پــهـنوار

4، اِلاهي! عناتَ سين، سيل لهندم سارَ

چـــونـــديــس حــالُ پــهـنوار

[5] وائي: سر پرڀات

مدت مديني ڄامَ، ٿيُ اسان سين عربي!
1. اسان انديشو جن جو، سيئي ڪن سلامَ
                                ٿيُ اسان سين عربي!
2. هي جي داون دوس جي، آجا سين انعامَ
                                ٿيُ اسان سين عربي!
3. سنگوڙئا سڀ ساٿ سلامت، اوباهيين اَڀامَ
                                ٿيُ اسان سين عربي!
4. ننڍا وڏا پَهَيڙا، سَرَنِ تنهنجي سامَ
                                ٿيُ اسان سين عربي!
5. چئو صلواة صدق سين، اِيُ مولودُ مدامَ
                                ٿيُ اسان سين عربي!
6. اِلاهي! عنات جا، اگهايين ڪلامَ
                                ٿيُ اسان سين عربي!

 

[6] وائي: سر پرڀات

ٻئي در وڃ مَ ڪيڏاهين، جان تون ڄام مڱندين مڱڻا!
1. اکيون ڦيرمَ ڪنڌ ڪياڙي، ٿيندءِ ڪم اِتاهِين
                    ٻئي در وڃ مَ ڪيڏاهين

2. موتي، ماڻڪ، مال گهڻيرو، ڏيندءِ ٻيلي سائين
                    ٻئي در وڃ مَ ڪيڏاهين

‍[7] وائي : سر ڌناسري

مُحيُ الدّين مِيران! اَسُونهَنِ کي واٽِ ڏيکار
1. گيلاني جيلاني تون ٿيون صاحب سَپُوران
                اســونهن کــي واٽ ڏيـــکار

2. نالي ڳِڌِي اَنهنجيَ لهن تقصيران
                اســونهن کــي واٽ ڏيـــکار

3. ڪوڙين ٿيا ڪيترا، آن کان آجا آسيران
                اســونهن کــي واٽ ڏيـــکار

4. اِلاهي! عناتُ چئي، شالَ ٿئي فيض فقيران
                اســونهن کــي واٽ ڏيـــکار

[8] وائي: سر ڌناسر

ســمن صـــالحن تـــوڙان طالبن، اصل آهي آمري

زاهــد، اولياء، انبيا، اڳي اُت اچن

اصل آهي آمري

2. هلئو سِڪَ حبيب جي، ٿا پُراڻ پَسنِ

اصل آهي آمري

3، سَئين سروري آئيا، ملتاني مَرڪـن

اصل آهي آمري

اَثـــر اســـانهين ٿئون، منجهان مُوحرن

اصل آهي آمري

5. جــــن ريــــلا رُنا ٿئون، منجهان مُوحرن

اصل آهي آمري

6. جَــــــکري نِڌوُءَ جينءَ، سُـــتا پُٽ سونهن

اصل آهي آمري

7. تني واسُ نه ڇڏئو، جي ترئا منجهه تڙن

اصل آهي آمري

8. عَقوُ ڪريين عنات سين، شال برڪت تن تَنن

اصل آهي آمري

‍[9] وائي: سر ڌناسر

شهباز لالَ! گنبذين نور جي ٿئو

هند سنڌ هاڪ هريل، آواز اصفهاني

قلندر شاهه ڪمال-گنبذين نور ٿئو
2. چارئي يار، ديندار

ڌرتي ڌاڪيا ڌمال-گنبذين نور ٿئو
3. شيخ بهاؤ الدين، صدر دين، شاهه رُڪن دينا

شيخ فريد جهانيان جي لال-گنبذين نور ٿئو

 

[10] وائي: سر ڌناسري

اَويس قرني، پاڻ پَرنِي، پوري آسَ، عنات جي
1. موسيٰ چئج پِرينِ کي، سهسين سلام سڀني

پوري آس عنات جي

2. مخدوم ڀِريا، لالَ لنجار، حيدر شاهه سَنّي

پوري آس عنات جي

3. ابوبڪر هارون ولي، لالين لالَ حسيني

پوري آس عنات جي

ڇڏ تڪبر، پڙهه حج اڪبر، پس مير مدني

پوري آس عنات جي

[11] وائي: سر جيتسري

اڄ گهر، اڄ گهر، ايندا سپرين، ويٺي ڪانگ اُڏايان
                                اِيهين ڀانيان

چُرندي مال، پروڙيم ڪالهه، سرتين ڳالهه سڻايان
                                اِيهين ڀانيان

2. اِلاهي! عناتُ چئي، راڻو راتوڌوءِ رانيان
                                اِيهين ڀانيان

[12] وائي: سر پورب

ٿيئڙا سک سبيل، غم گوندر گوشي ٿئا
1. پرين پرچي پاڻ ۾، ڌُران ڌنائون ڌِير
                                        ٿيئڙا سک سبيل
2. مون مَنُ موهئو، سيڻن جي سڌيرَ
                                        ٿيئڙا سک سبيل

 

[13] وائي: سر پورب

اڃا رات نه آئيو، منهنجون اکڙيون پرين ڏي
آهم آس، عناتُ چئي، پرين سين پاڻ پرچائيو
                                اڃا رات نه آئيو

[14] وائي: سر ليلا

آءُ پرين گهر پيهي، چنيسر! هارُ هٿان مون ڇڏئو
1. پڇن ليلا، اوءِ ڪن حيلا، ٻهران اچي ٻيئي
                چنيسر! هار هٿان مون ڇڏئو

2. دوسُ نيائون داسَڙو، ويساهي وَرُ ويهي
                چنيسر! هار هٿان مون ڇڏئو

3. اوڳڻ عيب مٺايون منهنجون، ڍوليا ڍڪ سڀيئي
                چنيسر! هار هٿان مون ڇڏئو

4. تو در اچي داسڙا! آر ڪنديس آنء ڪيهي
                چنيسر! هار هٿان مون ڇڏئو

[15] وائي: سر مومل-راڻو

چانگي چرهو چکئو، ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ
1.      ڪَرهو سَرهو ڏيہ ۾، تَهِين ڊپُ نه ڊاءُ
                                        ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ
2.      ڪَرهي ڪَرايون رَتيون، نائي ناگيلاءُ
                                        ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ
3.      پِڪُون جي پانن جون، هاريائين حلقاءُ
                                        ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ
4.      پاهُ پِرائي آئيو، لالِي لِڊوڻاءُ
                                        ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ
5.      وڳُ واسيائين پانهنجو، سڀئي سراهياءُ
                                        ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ
6.      پُّوڄ پياري هلئا، ڍاٽي ڍولَ ملاءُ
                                        ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ
7.      ٻنهي ڪاڪ ڪنڌين ۾، پيو وڃي پَرلاءُ
                                        ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ
8.      مومل محتاجيون ڪري، عاجزيون اڳياءُ
                                        ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ
9.      تون سوڍو، تون سپرين، تون راڻو، تون راءُ
                                        ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ
10.    مومل ماڻي مينڌري، لٿس گيربُ گاءُ
                                        ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ

 

[16] وائي: سر ديسي

ساٿين نِنڌا بارَ، تن تون رات سڄيائي سمهين
1.      سَليطا شترن تي، ڪاهيائون قطارَ
                                        ساٿين ننڌا بارَ
2.      پُڇي ڏِهَ ڏيرن جا، وڇايين نه وارَ
                                        ساٿين ننڌا بارَ
3. جي اوجاڳي تو ڪِئا، اکين ۾ اوتارَ
                                        ساٿين ننڌا بارَ
4. توکي نيائون نه پاڻ سين، ڪَهلئا نه ڪوهيارَ
                                        ساٿين ننڌا بارَ
5. آني جي، عناتُ چئي، پُڇي ونءُ پيزارَ
                                        ساٿين ننڌا بارَ


[17] وائي: سر سورٺ

مٿو ۾ کينڪار يارَ، اڃا ڏان ڏيندوسين مڱڻاٰ!
1.      هالا، جالا، چُوڙا سما، ڪاٺِي، ڪالي، پَهڻ وارَ
                                        مٿو ۾ کينڪار يارَ
2.      سي سڀيئي ملهائيا، سورٺ وَرَ سردارَ
                                        مٿو ۾ کينڪار يارَ

 

[18] وائي: سر سارنگ

سَڀتِ ٿئي سڻائي، ميان بادل!
                                        وس ته وسن ڏينهڙا
1.      ڍٽُ وُٺو پَٽ پار ڪر، سُنڄي اِيُ سَرهائي
                                        وس ته وسن ڏينهڙا
2.      هئي اَريجي عناتَ چئي، ريلي ڀُون رِجائي
                                        وس ته وسن ڏينهڙا


[19] وائي : ڪاموڏ

ٿي مَنُ موهئو ڄام

جـــو سُونهن سڀن ۾ وترِي گندرِي

ٿي مَنُ موهئو ڄام

سمي سونهاڻي، محبت هاڻي

مهاڻي مها سُوندري گندري

ٿي من موهئو ڄام

 

[20] وائي: سر ڪارائيڙو

هِيُ هنجهه هِت نه چُڻندو، چُوڻو جو چِڪ گاڏئون
1.      تانگهي ٿئي نه طالبُو، پَٻڻ منجهه پَرندو
                                        هي هنجهه هت نه چڻندو

2. جيلاه اِن لَلِ لَلو هنجڙو، تيلاه روه رسندو
                                        هي هنجهه هت نه چڻندو

3. ٻَچا پنهنجا ٻاجهه سين، پَکِي وڃي پسندو
                                        هي هنجهه هت نه چڻندو

4. ڍاٻَي سندي ڍٻَ کان، بِلي اِن بچندو
                                        هي هنجهه هت نه چڻندو

 

شاهه شريف

سيد محمد شريف عرف شاهه شريف، ميين شاهه عنات جو پٽ هو. درويشي ۽ شاعري ڄڻ کيس ورثي ۾ ملي. 1050هه بعد ڄائو ۽ 1115هه ڌاري غالباً شاهه عنات جي حياتيءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام شاهه عنات جي ڀران ۽ ساڳئي رنگ ۾ چيل آهي. شاهه شريف حقيقي معنى ۾ شاهه عنات جو همعصر ۽ هم صحبت شاعر آهي. سندس فقط هڪ وائي هتي ڏجي ٿي، جيڪا ”ميين شاهه عنايت جو ڪلام“ ۾ شامل آهي (1)

[21] وائي: سر ڌناسري

سَهِڙَ يار، لڳ ستار، اي ميان!

شرم سميجا! رک منهنجو

1.      سيد اسحاق، حاجي جيسر، پاتئاڻي موچار -

اي ميان! شرم سميجا رک منهنجو

صابُو ليا مڱهون مهر ميان، ائين سچي ساڻ ستار -

اي ميان! شرم سميجا رک منهنجو

ڪامل ڀَٽِي، ستا کَٽي، سڪردين ديندار-

اي ميان! شرم سميجا رک منهنجو

سڌُو دائُو سُڻهو سائُو! اي سوال سينہ سوار -

اي ميان! شرم سميجا رک منهنجو

5.      سُپارِسَ، شريف جي، ڪرهوسين ڪلتار-

اي ميان! شرم سميجا رک منهنجو

 

 

بلال شاهه

سيد بلال شاهه، شريف شاهه جو پٽ ۽ شاهه عنات جو پوٽو هو. اندازاً 1075هه ڌاري ڄائو ۽ ميان نورمحمد ڪلهوڙي جي دور ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي ترتيب ۾ نه فقط اعلى شاعر ٿي ساماڻو، پر شاعري به ساڳئي رنگ ۾ ڪيائين. سندس فقط هڪ وائي شامل ڪجي ٿي، جيڪا ميين شاهه عنايت جي ڪلام ۾ ڇپيل آهي (1)

[22] وائي: سر ڌناسري

آهيئون سڪ سچاري، ڪؤنرَ ڪوريجي پير جي
1.      شاهه نصر دين، شاهه عنايت، پاڙي سڀ سُونهاري
                                        آهيئون سِڪ سچاري
2.      حاجي جوڳي هن حاجَ جو، ٿيندو پاڻ اُتياري
                                        آهيئون سِڪ سچاري
3.      شاهه حيدر خاص خراسان، رکو لڄ هماري
                                        آهيئون سِڪ سچاري
4. بالله لڳ، بلال چئي، عرض سُڻهو انصاري
                                        آهيئون سِڪ سچاري

 

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جي رسالي ۾ آيل شاعر

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنه 1102هه/1689ع ۾، ڀٽ شاهه کان اوڀر طرف پنهنجن ناناڻن ”ڏيرن فقيرن“ جي ڳوٺ ۾ ڄائو، ۽ 14 صفر 1165هه/1752ع ۾ وفات ڪيائين. رسالي جي مختلف نسخن ۾ سندس واين جو تعداد جدا جدا آيل آهي. مثلاً رسالي جي ڪن قلمي نسخن ۾ 118 وايون ته ٻين ۾ (ڀٽ واري گنج ۾) 287 وايون آهن. ۽ ڪافيون شاهه صاحب جي نالي ۾ چيون وينديون آهن(1). هتي شاهه صاحب جي رسالي مان 23 وايون شامل ڪجن ٿيون (2)

[23] وائي: سر ڪلياڻ

سڀڪا پِريان ڪُون پُوڄي

نيہ نيڻين ڳُڻ ڳال وو
1.      جا چِتايم چِت ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجهي
                                نيہ نيڻين ڳُڻ ڳال وو
2.      لات جا ”لطيف“ جي، سڏُ تِهجو سُڄي
                                نيہ نيڻين ڳُڻ ڳال وو

 

[24] وائي: سر ڪلياڻ

مَنڌ پِيئندي مون، ساجن سهي سڃاتو
1.      پي پيالو عشق جو، سڀڪي سمجهيو سون
                                        ساجن سهي سڃاتو
2.      پريان سندي پار جي، اندر آڳ اَٿُون
                                        ساجن سهي سڃاتو
3.      جيئن ناهي جڳ ۾، ڏِينہ مڙيئي ڏؤن
                                        ساجن سهي سڃاتو
4.      الا ”عبداللطيف“ چئي، آهين تون هين تون

 

[25] وائي: سر ڪلياڻ

ٿيندو تَن طبيب، دارون منهنجي درد جو
1.      ٻُڪي ڏيندم ٻاجهه جي، اچي شال عجيب
                                دارون منهنجي درد جو
2.      پِرين اچي پاڻ ڪِئو، سندو غور غريب
                                دارون منهنجي درد جو
3.      ڏُکندو سڀوئي ڏور ڪِئو، مَنجهون تَن طَبيب
                                دارون منهنجي درد جو
4.      اديون ”عبداللطيف“ چئي، هاتِڪ آهي حبيب
                                دارون منهنجي درد جو

 

 

[26] وائي: سر جمن

سيـڻن جــي سنــڀارَ، جَــڏڙو جيءُ جيارئو

پــريـن جـي پــچــارَ، جَـــڏڙو جيءُ جِيارئو

جيءُ جيارئو، سو ڪينَ مُنهڍنجو هارئو

اُڃئو تَنُ عميق مان، مون کي پِريَنِ پوڄ پيارئو
2.      مرض مريضن تان، آئين اشاري ساڻ اُٿيارئو
3.      ڪرمَ ڪريمن جي، مون کي اَهکيءَ مان اُڪارئو
4.      سئون مُنہُ ڪري سُپرين، آئين نرمل نُورُ نهاريو
55. سائل جئن سڏ ڪري، آئين طالعن جئن توراڻو

 

[27] وائي: سر کنڀات

سَڌين سيڻ نه هُون، نِيہ نياپي نه ٿي
1.      ڪاري راتِ رَت ڦُڙا، جان جان نيڻ نه رُونِ
                                        نيہ نياپي نه ٿيي
2.      موٽڻ جَنين ميهڻو، پِڙَ تي سيئي پوُنِ
                                        نيہ نياپي نه ٿيي
3.      جن مسافر سپرين، سي مر رويو رُونِ
                                        نيہ نياپي نه ٿيي

 

[28] وائي: سر کنڀاٽ

آهِينِم ڳالهَڙيون، ماءِ مرادون پِريَ سين
1.      جي مان پيُون پِريَ ري، کوءِ سي باتَڙيون
                                        ماءِ مرادون پِريَ سين
2.      جي مان اوريون پِريَ سين، وِرَ سي راتڙيون
                                        ماءِ مرادون پِريَ سين
3.      پَسڻ ڪارڻ پِريَ جي، پاتم جهاتڙيون
                                        ماءِ مرادون پِريَ سين
4.      آڌِي ”عبداللطيف“ چئي، ڪُهَن ڪاتڙيون
                                        ماءِ مرادون پِريَ سين

 

[29] وائي: سر سريراڳ

ڪنڌِي ساريان ڪانَ، يا اَمنُ اَمانَ،
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

ڳڻڻ ڳاڻيٽو ناهه ڪو، آپَر ٿِئا عصيانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

خبر ناه قبر جي، نِسورا نِيسانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

والي رسج وَهلو، آرَکَ ٿئا انسانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

سُڻ سٻاجها سپرين، نعرو نگهبانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

مديون پسي مهجيون، شرمايا شيطانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

هن مهجي حال تي، هَي هَي ڪن حيوانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

سائين سُکاڻي آهيين، سامونڊي سبحانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

تُرهو ڇنم تار ۾، رَسج تون رحمانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

ٻيلي جو ٻُڏن جو، مون تي موٽي مانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

ويٺو پِني پِنڻو، ڪر ڀيرو مٿي ڀانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

خالقَ تان خوب ڪِئا، گولَن، جا گذرانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

آءُ پڻ آندو اَن ۾، ويٺو پِنان پانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

سڀ سوالي سَمَگئا، داتا ڏيئي دانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

وِلها سڀ وَهيان ڪئا، تُنهنجي جودُ جوانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

متان مون کي ڇڏيين، ٻيلي سندا ٻانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

وِيرَ وسيلو آهيين، داڙُو ۾ ديوانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

لاءِ ڏُهارين ڏيهه کي، خيمو اڏئو خانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

اُتي ”عبداللطيف“ چئي، سُڻج ڪا سلطانَ
                يا اِلاهي، ٻاجههَ ٻيلاڻي ڀائِيان

[30] وائي: سر سامونڊي

آيَل ڪريان ڪِينءَ، مهجونيہ آ پلئو نه رهي
1.      وئو وڻجارو اوهَري، مون کي چاڙهي چينءَ

مهجو نيہ آ پلئو نه رهي
2.      سامونڊي جي سَڱ کي، رُئان راتو ڏينہَ

مهجو نيہ آ پلئو نه رهي
3.      اُڏوهي جِنءَ ڏُکڙا، چڙهئا چوٽي سينءَ

مهجو نيہ آ پلئو نه رهي
4.      گُندرَ مٿان جِندَڙي، ورئا وَلّن جِينءَ

مهجو نيہ آ پلئو نه رهي
5.      ماَدر! پائي مُنڊيون، وڃان هادي سِينءَ

مهجو نيہ آ پلئو نه رهي

[13] وائي: سر سهڻي

ڪهڙي منجهه حساب، هُئڻ مُهجو هوت ري، لا

گولي ڀڄ گناهه کان، ڪونِہ سُولُ ثوابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

2.      نَڪين تفاوت ۾، نَڪين منجهه ربابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

خُديائي خوب، ٿيين، لايين جي لُعابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

4.      پليتَ ئي پاڪُ ٿيي، جُنبئو منجهه جنابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

سو نه ڪَهين شيء ۾، جيڪي منجهه تُرابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

هوءِ جَبر ڪِئا جَرَ تي، سي تان سڀ حُبابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

هادي سين هُون پارَ ڏي، رِڙهين ساڻ رڪابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

چِنبو وجهي چورَ کي، آءُ ڇَڙَ عُقابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

دِيدَ وڃاءِ مَ دوست جو، هلي منجهه حِجابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

ڪسرت آهي قرب ۾ اِدغام ۾ اعراب

هئڻ مهجو هوت ري لا

فنا وجهي فَم ۾، ڪارڻ ٿي ڪبابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

12.    ڏي طهورا تن کي، جي سڪن لاءِ شرابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

مُٺِي ڪِئا مرضَ ۾، جاوا سڀ جوابَ

هئڻ مهجو هوت ري لا

[32] وائي: سر سهڻي

آيل اِمڻَ تي جِنيان لا، جي سارينِمِ سُپرين

ساهڙ مٿاءُ صدقو، ڏَهين ڏمَ ڏيان لاء
                        جي سارينم سپرين

مٿان ماڻِڪَ هيڪڙي، اَمُل اَٺَ ڏيان لاءِ
                        جي سارينم سپرين

آچين ”عببداللطيف“ چئي، ته جانب نِت جِيان لا
                        جي سارينم سپرين

‍[33] وائي: سر سسئي آبري

هوت جي هلئا هوتَ سُنهارا، مون نه وَهيڻا، پنهوءَ سڱيڻا
1. سسئي پڇي ساٿَ جا، اوطاقون اوتارا

مون نه وهيڻا، پنهوءَ سڱيڻا
2. آن ڪي ويندا گَڏئا، آرياڻي اِهَ پارا

مون نه وهيڻا، پنهوءَ سڱيڻا
3. ٽليون ٽؤنر هِلويون، مِين سِرء موچارا

مون نه وهيڻا، پنهوءَ سڱيڻا
4. مون کي نيندا پاڻ سين، ڪامل ڪر اُجارا
                                مون نه وهيڻا، پنهوءَ سڱيڻا
5. آديون ”عببداللطيف چئي، دوسَ آيا دلدارا

مون نه وهيڻا، پنهوءَ سڱيڻا
[34] وائي: سر معذوري

اچي لالَن لَٽِ ميان، مُئيءَ جو لوڙُه لَڪَنِ ۾
1.      هو کانءُ کٿوري هيرُئون، مون ۾ صابڻَ ڇَٽِ
                        مُئيءَ جو لوڙه لڪن ۾

آرياڻي اَچي ڪري، ڪا گهڙي مون وٽ جَٽِ
                        مُئيءَ جو لوڙه لڪن ۾

کٿوري کُشبوءِ سين، هاريائون هَٽِّ هَٽِ
                        مُئيءَ جو لوڙه لڪن ۾

درد منهنجي دل جو، تون ڪامِلَ اچي ڪَٽِ
                        مُئيءَ جو لوڙه لڪن ۾

اَديون ”عبداللطيف“ چئي، سِرَ تائين آهي سَٽِ
                        مُئيءَ جو لوڙه لڪن ۾

[35] وائي: سر ديسي

ڏاگهن ڏيرن ساڻُ، ڪَرهَن ڪيچين ساڻُ
                        متان ڪا ٻي لَنءُ لائي

آءُ سُتِي هُو هلئا، وِئڙا ڪَرهَل ڪاهي
                        متان ڪا ٻي لَنءُ لائي

آسَڻ اڳيان اُن جي، ٻَرِ ٻَرِ ڪَئو ٻاڏائي
                        متان ڪا ٻي لَنءُ لائي

چَترُ ڏيئي چِتَ کي، وئڙا هوت ڇُپائي
                        متان ڪا ٻي لَنءُ لائي

جيڪا هُيَنّ مِن ۾، وئا پهجي پُڄائي
                        متان ڪا ٻي لَنءُ لائي

اَديون ”عبداللطيف“ چئي، اِيندم واڳ وَرائي
                        متان ڪا ٻي لَنءُ لائي

[36] وائي: سر ڪوهياري

گِلا ڪامَ ڪري، لِکئو تان نه ٽَري، ٻڙي جيڏيون!
1.      جو سينگارُ سرتيين، سو مون ناهِ ڳَري
                        مهنجي وو شهر ڀنڀور ۾

جهڙي تهڙي حال سين، وڃان پيرَ ڀري
                        مهنجي وو شهر ڀنڀور ۾

جِنہ وڻَ هيٺان هلئا، سڄڻَ سانگ ڪري
                        مهنجي وو شهر ڀنڀور ۾

لامُون تنهن وڻ سنديون، لوڏيان لايان ڳَري
                        مهنجي وو شهر ڀنڀور ۾

قضا جا ڪريم جي، ڪِنہ تان ڪين ٽري
                        مهنجي وو شهر ڀنڀور ۾

جيڪين لکئو لوحَ ۾، پاريان سو پَري
                        مهنجي وو شهر ڀنڀور ۾

اديون ”عبداللطيف“ چئي، شل قادر ڪرم ڪري
                        منهنجي وو ٺشهر ڀنڀور ۾

[37] وائي: سر حسيني

شادي جو سينگارَ آيل، آيل! مَرَڪُ منهنجو مون پرين
1. آهي ڳَههُ ڳچي جو، ڏي هالورا هارَ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

2. آهي آگهاڙين کي، جانبَ جو جنسارُ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

3. آهين کاڄ بُکين جو، تون تان طعام تيارُ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

4. اعليٰ اَڇو عيدَ ۾، دوستاڻو ديدارُ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

5. حُسن هوت پُنهوءَ جي، ڪَڪورئو ڪوهيارُ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

6. سُڃَ ڪيائين سُرهي، واسيائين وڻڪارُ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

7. ڇَپر ڇاٽون مُڪيون، عطر ٿيو اَوارُ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

8. ڪوڙيين ٿئا ڪيترا، نالي تان نثارُ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

9. سدا صلابت جي، گولي گرفتارُ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

10. گهوريان گَهر گهَٽي تان، اچي جئا اَڌارُ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

11. اَديون ”عبداللطيف“ چئي، مِلئو مون منٺارُ
                        آيلَ! مرڪ منهنجو مون پرين

[38] وائي: سر ليلا  - چنيسر

آءُ پرين گهر پيهي، ميان چنيسر! هارُ هٿان مون ڇڏيو
1. پُڇن لِيلا هو ڪن حيلا، ٻهران اچئو ٻيئي

هارُ هٿان مون ڇڏيو

2. دوسُ نِئائون داسڙو، ويساهي وَرُ ويهي

هارُ هٿان مون ڇڏيو

3. اوڳُڻَ عيبَ مَٺائيون، ڍولا ڍَڪُ سڀيئي

هارُ هٿان مون ڇڏيو

4. تو دَر اچي داسَڙا، آرَ ڪرينديس ڪيهي

هارُ هٿان مون ڇڏيو

5. آيس ”عبداللطيف“ چئي، دوسَ تو دَر پيهي

هارُ هٿان مون ڇڏيو

[39] وائي: سر مومل - راڻو

مِيو تون موٽاءِ، مون رُوندي رات وِهاءِ
        سائينءَ ڪارڻ سپرين لا، ميو تون موٽاءِ
1.      گهر مَهارا گهوريا، سُرهو مون نه سُهاءِ
2.      ڪاڪِئا وڃڻ ڪيڏهين، راڻا تو نه رِهاءِ
3.      سَٺم ساهيڙين جا، طَعنا توهين لاءِ
4.      سوڍا سُکياڻي ٿِيان، پيرُ پَرچي پاءِ
5.      آسائتي کي ”عبداللطيف“ چئي، مولا محب ملاءِ.

 

[40] وائي: سر مارئي

کَٿي مَنجهه کَٽيائين، مارُو جھامُ ملير جو
1.      پَرچي پهنوارن سين، لوئي ڏيجُ لَڌائين

مارو ڄام ملير جو

سِيلُ نِهاهي سومرا، پنهنجو پي پُڇيائين

مارو ڄام ملير جو

جُهوپو جهانگيڙن جو، ماڙيَ سان نه مَٽيائين

مارو ڄام ملير جو

سَڱر ساهيڙين سين، کاٽُونبا کاڌائين

مارو ڄام ملير جو

ماروءَ پاس ملير ۾، چَسا سڀ چکيائين

مارو ڄام ملير جو

اُتي ”عبداللطيف“ چئي، شرم رکين رب سائين

مارو ڄام ملير جو

[41] وائي: سر ڪاموڏ

هيري هٿ وڌائين، ويهي ساٽِينِ وچ ۾
1.      نــــوازش نُــــوريَ جـي، آهي تــماچيَ تائين

ويهي ساٽين وچ ۾

گـندگيَ گوشو ڪيو، عَطر اوتَ اوتيائين

ويهي ساٽين وچ ۾

3.      انڌا مَـــــــنڊا آئـــــــــيا، ســــــــخا ســـــڏَ وّڌائـــيـــن

ويهي ساٽين وچ ۾

4.      پَسو جُود جوان جو، ڪو هنڌ ڪونه مَٽيائين

ويهي ساٽين وچ ۾

قيمت ڪَميڻن سين، جِهڙي وَٽَ وَٽيائين

ويهي ساٽين وچ ۾

6.      پسو جو پيدا ٿئو، جوهري جِئائين

ويهي ساٽين وچ ۾

موتي مڇيَ هَٽَ تي، ڪوڏّن جئن ڪڍيائين

ويهي ساٽين وچ ۾

ماڻِڪَ مياڻن ۾، ڇِلرن جئن ڇٽيائين

ويهي ساٽين وچ ۾

ڏيئي سونُ سوال ۾، رُپي راند ڪيائين

ويهي ساٽين وچ ۾

پاڻيٺَ آڻي پاڻ سين، لَعلون سڀ لُٽيائين

ويهي ساٽين وچ ۾

فيروزا فقيرن تان، گهوري سڀ گهوريائين

ويهي ساٽين وچ ۾

12. اُتي ”عبداللطيف“ چئي، اُڇلي امُل ڏنائين

ويهي ساٽين وچ ۾

[42] وائي: سر گهاتو

جيڪَس جَهليا مَڇَ، گهاتُو گهر نه آئيا

ڪاهي وڃو ناکئا، ڪَرئو بُري تي بَڇَ

گهاتو گهر نه آئيا

ڪاٿي سندين ڪُنڍيون، ڪاٿي سندن رَڇَ

گهاتو گهر نه آئيا

ڪُن ڪڙڪو ڏاڍو، اٿَوَ اڳيان آڇّ

گهاتو گهر نه آئيا

اَديون ”عبداللطيف چئي، سڀ لنگهيندا ڇَڇَ

گهاتو گهر نه آئيا

 

[43] وائي: سر سورٺ

مَٿو ۾ کِنڪارَ يارَ، ڏاڻُ ڏيندوسَنءِ مَڱڻا

جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾، هَلُ ته ٿِيهون يارَ

ڏاڻ ڏيندوسنءِ مڱڻا

مَتان ڪا مُهجي ڪرين، گِلا جي گفتارَ

ڏاڻ ڏيندوسنءِ مڱڻا

مَٿي اُتي منهنجي، جي هُون سِرَ هزارَ

ڏاڻ ڏيندوسنءِ مڱڻا

4.      هَر هَر وَڍيان هيڪڙو، تُهجي تَند تَوارَ

ڏاڻ ڏيندوسنءِ مڱڻا

5.      لڄيندي ٿو لاهيان، ڪِنِہ منجهه ڪَپارَ

ڏاڻ ڏيندوسنءِ مڱڻا

اديون ”عبداللطيف“ چئي، لڳيس لَنءُ لَغارَ

ڏاڻ ڏيندوسنءِ مڱڻا

[44] وائي: سر رامڪلي

ويڙين منجهه وَڙولَ، اُوءِ آن ڪي گڏئا هوت منهنجا
1.      ڪڪو رٿائون ڪپڙا، رَتائون رومالَ
2.      جَڏو جيُ جِيارئو، تن سامين جي سنڀالَ
3.      تن ڄاڻي ڄَٽائون ڇڏيون، چوٽا چڱي چالَ
4.      وتن ڌوُڙ ڀَڪُلئا، ڪَنہ سان ڪن نه ڳالَ

ووءِ ووءِ هڏ نه وسري، هَي تنين جي حالَ
6.      بابو بيراگي ٿئا، وطن منجهه وصالَ
7. کامي کوري وچ ۾، پاڻان ٿئا پَيمالَ
8. لاهوتي ”لطيف“ چئي، جڏا منجهه جمالَ.

 

[45] وائي: سر رامڪلي

آئي مُندَ ملار، اي يار، آءُ کُهنبا ڪنديس ڪپڙا
1.      وَسَڻ جا ويس ڪِئا، اڄ منهنجي يارَ
2.      لارَ لَئيندي وَڇڙا، ڀِنَس ڀَنڀا وارَ.

تمر فقير

تمر فقير، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيارو فقير، خليفو ۽ ”شاهه جي راڳ“ جو پهريون اڳواڻ هو. ڪيترن ئي سرن مان بيت چيائين ۽ پڻ ڪي وايون چيائين. سنه 1181هه/1867ع ۾ وفات ڪيائين. سندس تربت حضرت شاهه صاحب جي روضي جي ٻاهر اولهه طرف آهي. سندس چيل هڪ وائي هيٺ ڏجي ٿي. (1)

[46] وائي: سر معذور

هاڙهي هَلي روءِ، هيڻي پير هٿانَ سان

مُٺي ماتم آئيو، ڪو پُوري پنهل کي چوءِ

هڻي پير هٿان سان

2.      وندر جي وڻانَ ۾، ٿي جَربون هڻي جوءِ

هڻي پير هٿان سان

آريءَ  جي اولاد مان، شل ڪيچ مَ وڃي ڪوءِ

هڻي پير هٿان سان

طالب کي، تمر چوءِ، ڪو ڏس ڏيرن جو پوءِ

هڻي پير هٿان سان

 

 

جُبير

هي درويش شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور جو هو ۽ ڪن روايتن موجب هو حضرت شاهه صاحب جو معتقد هو. سندس هڪ وائي رسالي ۾ موجود آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي. (1)

[47] وائي: سر راڻو مومل

جتي راڄ رَهن، سي تڙ سُک وَسَنِ

آءُ جبل مٿڙان گهوري، لا، جتي راڄ رَهنِ

اَمان، ليمان، ڦُلَ ڦاڙُوها، جت کٽڻهار کڙن
2.      ٻاروچاڻيون ٻانهيون، ڪهڙيَ چال چَلن
3.      جِئان ويهي اُٿئا، هينئَڙو تن هنڌن
4.      مٿي پوتا پَٽ جا، گَهگها ساڻ گُلنِ
5.      سُونهنِ سپيرين جا، پکا سين موتينِ
6.      جَردالو، جُبير چئي، شفتالو سُونهنِ.


 


* ميين شاهه عنايت جو ڪلام“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1963ع

(1) ايضاً، ص ص 3، 5، 84

(1) ميين شاهه عنايت جو ڪلام“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1963ع، ص 114

(1) ميين شاهه عنايت جو ڪلام“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، 1963ع، ص 115

(1) محترم غلام مرتضى شاهه صاحب اهڙو ڪلام گڏ ڪري شايع ڪرايو. ان کان اڳ شاهه صاحب جون ڪجهه وايون ۽ ڪافيون پوڪرداس ۽ هريسنگ پڻ ڇپايون هيون.

(2) نمبر 1 کان 21 تائين گربخشاڻي جي رسالي تان ۽ باقي ٻه وايون ڊاڪٽر بلوچ جي تصحيح ڪرايل رسالي (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1977ع) تان ورتل آهن.

(1) شاهه جو رسالو“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مطبوع ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، 1974ع، ص 240

(1) شاهه جو رسالو“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1974ع، ص 392

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org