سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ڪافيون

(جلد پهريون)

 باب:

صفحو :4

ميون مڱيل

 

        ميون مڱيل، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر جو درويش هو. سندس هڪ وائي شاهه جي رسالي ۾ موجود آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي (1)

 

[48] وائي: سر حسيني

        شال هاڙهي پوءِ پچارَ، پيئي توارَ،

                                        ڪميڻيءَ جي ڪيچ ۾

        اُٺ چارينديس اُنِ جا، مَيا جهل مهارَ
2.      اَڙئا آهينِ انگ ۾، هن ويچاريءَ جا وارَ
3.      سسئي ميڙيين ساٿ کي، شرَم ساڻُ ستارَ
4.      ڪميڻيءَ جو ڪيچ ۾، ڪونهي ڌَڻِيان ڌارَ
5.      مَيَنِ جي، ميون مڱيل چئي، ڪاڏي ويئي قطارَ.

 

 

 

ٻڍو

 

        ٻُڍو، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر جو هڪ شاعر هو، جنهن جي هڪ وائي رسالي ۾ موجود آهي، جيڪا هتي  شامل ڪجي ٿي (1)

 

[49] وائي: سر راڳ

        آيو هو اَلله! لالڻُ آيو

چُئا، چندنُ، اَڳرُ، کٿوري، لالڻ لڱن لايو
2.      ڳاهُون ڏيئي ڳجهيون، مون پاڻِہ پرچايو
3.      لوڪاڻي لِڪَ ڪري، مون رات سَڄيائي رانيو
4.      ٻُڍو چئي، ٻاجهه ٿي، پريَم، تني گهر پايو.

 

 

احمد

 

        احمد نالي درويش پڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ هو. سندس هڪ وائي رسالي ۾ شامل آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي (1)

 

[50] وائي: سر جمن

        لايا عشق پَلِيتا، نيڻان يار وي، اَکيان دي پَرچي
1.      اُٿڻ ٻهڻ آرام نه آ وي، مَنُ نهين، دل کَسي نِيتا
2.      آکي احمد، نالي نماڻي دي، ڪِئا دل کس ڪِيتا،

 

 

کٽي

 

        ”کَٽي“ يا ”ڌوٻي“ جي نالي سان هڪ وائي رسالي ۾ موجود آهي، غالباً اهو درويش شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وقت ۾ ٿي گذريو. سندس اها وائي هيٺ شامل ڪجي ٿي(1)

 

[51] وائي: سر سراڳ

        ٻاجههَ ئي مَڱان، مِهر ئي مـڱان

        الله، يا الله، هو! آءُ ٿو ٻاجهه ئي مڱان

تون ئي ماريين تون ئي جيارين، لطف اُٿياريين لَڱان
2.      ڌڻيءَ جا، ڌوٻي چئي، ڪَمَ مڙيئي چَڱان
3.      هِت پڻ تونهين، هُت پڻ تونهين، ٻئي در ڪاڏي آءُ وڃان
4.      کَٽندين، کَٽي چوي، سُڻ صاحب  جي سَڱان.

 

 

محمود

 

        محمود، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر جو درويش هو. سندس هڪ وائي رسالي ۾ موجود آهي، جيڪا هيٺ ڏجي ٿي (1)

 

[52] وائي: سر سسئي

        ٻاروچا ٻاجهائِي، وي منهنجا لا،

                                مون کي نيندا پاڻ سين، وو

        ســاٿُ سلامت آئيو، ورتي اِيَ واڌائي

        پيرُ لڌائين پريَ جو، لڪن سر لالائي

        مِڙِي سا، محمود چئي، وَرَ کي اِيَ واڌائي.

 

 

پير صاحب محمد راشد ”روضي ڌڻي

        پير صاحب پاڳارن جي سلسلي جو پيشوا، عارف باالله، عالم ۽ ولي پير صاحب محمد راشد ”روضي ڌڻي“ 1170هه ۾ ڄائو. کهڙن جي مشهور عالمن، مخدومن وٽان تعليم حاصل ڪيائين. قادري ۽ نقشبندي طريقن مان عوام کي فيض عام ڏنائين. 7-شعبان 1233هه/1718ع تي وفات ڪيائين. سندن تصنيفات مان شرح اسماء الله الحسنى، مڪتوبات وغيره مشهور آهن. سندس ملفوظات کي خليفي محمود نظاماڻي ڪڙيي گنهور واري ۽ خليفي غلام محمد مهيسر جدا جدا جمع ڪيو، جنهن ۾ سندن اقوال ۽ ارشادات سان گڏوگڏ ڪيترن ئي جاين تي سندس بيت پڻ شامل آهن.

        حافظ گلشير مشوري واري قلمي مجموعي ۾ جناب پير صاحب محمد راشدي جا 22 ڪلام درج ٿيل مليا، جن مان اڪثر مولودن جي مضمون وارا آهن مگر انهن کانسواءِ يا ٻيا ڪلام ٻين مضمونن تي مشتمل آهن (1)

[53]

        مان سان ڪرمَ هيئن، آءُ تان ڪِيَس نماڻي نينهن

                        ادا ڙي ڏونگر ميان!

1.      ويچاريءَ وسائيا، سندا محبت مينهن
2.      محبت وڌيس مامري، نه ته ڪاف نهاري ڪيئن
3.      ”راشد چوي، رهنما! هت موهيس تنهنجي نينهن.

 

[54]

سڄڻ ڪولِ ڏٺم، جنهن لئي ڏونگر ٿي ڏوريم

دوستن ديرو دل ۾،

مون ٿي پَريان پهه پڇيم
2.      جڏهن قرب سڃاتم ڪيچ جو،

تڏهن بُغدي بار لٿم
3.      سڪ سَلايم ڳالهڙي،

سا ته ساهه سنئين سانڍيم
4.      واڳي واٽ ڏکن ۾،

مون تان سکن ۾ سمجهيم
5.      هوتن جي حضور ۾،

مان تان ڪارون ڪين ڪيم
6.      جڏهن پرين پاڻ پَسائيو،

تڏهين غير گمان ويم.
[55]

ڇَر ڇولي ڪيون ڇوليون،

سِڪَ سانڍڻ کان ويئي
1.      جانب تنهنجي جار کان،

ڳوٺ ڳليون مون ٿي ڳوليون
2.      سُنہ! سيباڻم ساه کي،

ٻهڳڻ تنهنجون ٻوليون
3.      محبت تنهنجي من ۾،

مون کي هوت ڪرايون هوليون
4.      سوين سِڪ بيهاريون،

گس تنهنجي تي گوليون .
[56]

توريءَ جيءَ نه جاءِ،

سگهومل محبوب موچارا، ميان!
1.      دل نماڻي دوست ريءَ،

آهي هيڪلڙي هن جاءِ
2.      سَمهون ويهي سيّدا!

ڪين تون ڳڻن ڀريا ڳالهاءِ
3.      رُوندن کي راحم تون،

اچي پاڻ پرين پرچاءِ
4.      ڪَش لڳي ٻيو ڪينڪي،

مون کي سيّد تو سواءِ
5.      عالَم اِجاري منجهان،

توکي سڀ ڇڏائڻ ڇاءِ
6.      ماڻا مشتاقن سان پرين،

جانب! تو نه جڳاءِ.

[57]

وڃي عرض چئو منهنجو پيش پرين
        سڻي حال منهنجو شال غور ڪَرَنِ
                  منهنجي پوي مانَ ٻاجهه پرين

1.      حاجي! چئج حبيبن کي سنيهو سيڻن
        پرين تنهنجي پيزار جي، او اکيون آس رکن
2.      احمد! تو درد عاجزي توڙي ڪوڙان ڪن
        بِنہ مِينهن بسنت جيئن لنگها لاڳ لهن
3.      عاشقن اَوسَر ڪن ٿا، ساريو سڪ مرن
        سار لَهين تون سيّدا، پاڻئون پرڏيهين
4.      ڀَلا ڏَنهُن ڍلن جي ڪيئن مُونهن ڪومائن
        جو وَڙُ جُڙي جن جو، سو وَڙ سيئي ڪن
5.      وارث وِيرَ ولهن جي لهج سار سڀن
        ”ارحم“ آن ريء جي ڪَر ٻيا ڪير لهن
6.      ”راشد“ چوي رهنما! هئان پاڙي سان پرين
        سيد سائين گڏ هوءِ، جدا تان نه جڙن.

 

[58]

هوت اسان کي حج ميان، ڪعبو مُنهن قريب جو
1.      دامن وٺي دوست جي، غازي ويٺو گج
2.      ڏسڻ قوت ڏکين کي، روُيَتُ آهي رڄ
3.      اِنّ اوليائي تحت قَبائي“، اهو سِرّ سمجهه
4.      اڱڻ آيا سپرين، عيد اسان کي اڄ.

 

[59]

مون کي سيد جي سڪ ٺاريو

ڇــا جــي ڪارڻ پهه پڇان!

هيءُ جَڳ هو جَڳُ هر دوجهاني

آهي پرين جو پاڇايو
2.      دوست ڇڏي جنهن دنيا در تي،

تنهن هاران هور وهايو
3. سُنہَ منجهان هڪ سُرڪي ساهڙ،

تنهن لئي سهڻي وَهڻ نه ساريو
4.      پر توو پرينءَ جو هيڪ پنهون تي

تنهن لئي سسئي سڀ ڄم ساريو
5.      قيد جي ڪوٽ ۾ ڪيئن سا گهاري،

جنهن مطلق ماڳ نه وساريو
6.      راءِ سين هئي هڪارمز اوهان جي،

تنهن تان گهائل ٿي سِرُ گهوريو
7.      سڱ ڇن، سڪ کڻ ساڻ سنڀاري،

آهي محب بنا منهن ڪارو.

[60]

رس رحيم يا رهبر سائين، پاڻئون ڪريو پوئواري

حيرت تنهنجي حُسن جي ميان لا،

آهــــي تارن ۾ تڪراري

سج چنڊ سجدي ۾ پيو ميان لا،

تنهنجي سونهن پسي سونهاري

طعام تنهن کي وِهُ ٿيو ميان لاء،

جن حُسن ڏٺو هڪواري

ٻانهي ٻئي در نه مُئنجو ميان لاءِ،

جنهن کي ناه تڳاء ٻي تاري

پَسڻ ڪارڻ پرينء جي ميان لاء،

هيءَ واجهه وجهي ويچاري.

 

 

[61]

آڻي لِکئي لَئون لائي وو

آءُ ڪا جوڙ جتن جو جيڏيون
1.      جي مون نينم، پاڻ سان ميان لا،

داين جي ٿيان دائي
2.      پسي پنهنجا ڪمڙا ميان لا،

لالڻ آهيان لجھائي
3.      ڪن فارسي پاڻ ۾ ميان لا،

آءُ تان ڪين سمجهان سا وائي
4.      وٺي وَرُ واٽَ ٿيا ميان لاء،

ڏيرن ڪئي ڏاڍائي
5.      سرتيون اِنهي سُور ۾ ميان لاءِ،

ڀينر ڪانهي ڀائي
6.      دروازي تي دوست جي ميان لا،

سو ته جيڏيون وينديس جائي
7.      اندر آڳ عشق جي ميان لا،

جانب آءُ جاڳائي.

 

 

 

صاحب ڏنو فاروقي

صاحبڏنو عرف ميان محمد حافظ سنڌ جي مشهور شاعر سچل سرمست جو ڏاڏو هو. سن 1101هه/ 1688ع ۾ ڄائو ۽ 1192هه/ 1776ع ۾ وفات ڪيائين. ڪلهوڙن حاڪمن طرفان وڏي عهدي تي فائز هو، پر پوءِ درويشي اختيار ڪيائين. شاهه لطيف به ساڻس روح رهاڻ ڪئي هئي. ميان صاحبڏني تارڪ ٿي درازن ۾ جيڪو لوڙهو هڻايو هو، سو اڄ قائم آهي. بيت ۽ ڪافيون چيائين (1)

 

[62]

ووڙيان ڇا کؤن وڻڪار، جيڏين آهي جيءَ ۾

صحيح سڃاتم سرتيون، دل ۾ آهه دلدار
2.      ڪاڪيون آهي قلوب ۾، ڪيچ ڌڻي ڪوهيار
3.      ناحق وندر ڇو وڃان، ڀاڪر ۾ ڀوتار
4.      ونحن اقرب ويجهڙو، لڌم لالن يار
5.      ساهون اوڏو سپرين، ڪوهه پڇان ٻيو پار
6.      ”صاحبڏني“ سمجهيو، تن اندر تڪرار.

 

 

[63]

غافل ٿي نه گذار، عاشق روز ازل جا، واحد ڪيم وسار

1.      صيقل ساڻ ثناء ذڪر جي، اندر قلب اجار
        لنؤ لنؤ منجهه لقاءُ پرينءَ جو، ديکين تان ديدار
2.      ”فاذ ڪروني اذڪر ڪم“ ٻاهر نا ٻاڪار
        ياد ڪندن کي ياد ڪري ٿو، ثابت صدق بيهار
3.      ترس نه توڪل ٻڌ ترهو، سر سڄڻ کي سپار
        پيهي اَنت عميق بحر ۾، اعلى اصل ابرار
4.      هوت ڇڏيو حيران وتين ٿو، ترڪو اندر تار
        بندا ناهه بقاءُ دنيا کي، غافل دم نه گذار
5.      صحيح سڃاڻ ته ساڻ وسئي ٿو، شڪ شبہ نه شمار
        ”وهو معڪم اَينما ڪُنتم“، پيهي ڏس پاتار
6.      ڪڍ ڪشالا سورمَ سل تون، من منجهيئي مار
        ”ليس في الدارين الا هو“، پُر مَ ٻئي ڪنهن پار
7.      ”صاحبڏنا“ سمجهه صحي ئي، پاڙئون ٽڪر ٽار.

 

[64] (2)

سڄڻ هجن مون سان سنوان، سچ ٿي چوان
                                ڇا ڪنديون ڏيهه جون ڏنگايون
1.      پائي پاند ڳچيءَ ۾، پيش پرين ٿي پوان
2.      سڄڻ پنهنجي سور جي، ناهي ڪَلڙي اوهان
3.      ”صاحبڏنو“ چوي سڄڻ جا، اٿم دل تي بار نوان.

 

 

روحل فقير زنگيجو ۽ ان جي سلسلي جا شاعر

 

 

روحل فقير *

روحل فقير پُٽ شاهو خان، بلوچن جي زنگيجا قبيلي مان هو. اندازاً 35-1830ع ڌاري ڄائو. سندس وڏا تعلقي عمرڪوٽ ۾ مومل جي ڪاڪ لڳ ”پدماد جي ڀٽ“ ۾ ويٺل هئا. شاهوخان، ميان نور محمد وٽ ملازم هو. هن روحل کي سنڌي، عربي ۽ فارسي جي تعليم ڏياري. ان بعد روحل به ميان نور محمد وٽ ملازم ٿيو. روحل فقير جلد ئي ملازمت کان بيزار ٿي، فقيري ويس ڍڪي، جهوڪ ۾ پنهنجي مرشد (شاهه عنايت شهيد جي فرزند ۽ سجاده نشين) عزت الله شاهه جي خدمت ۾ وڃي رهيو. ڪجهه وقت بعد جهوڪ ڇڏي سنڌ ۾ گهمندو رهيو ۽ آخرڪار موجوده ڪَنڊڙي مڪان ۾ ديرو دمائي ويهي رهيو، جتي 1219هه/1804ع ڌاري وفات ڪيائين. سنڌي، سرائڪي، هندي، مارواڙي ۽ پارسيءَ ۾ ڪلام چيائين. روحل فقير نه فقط شاعري ۾ نالو ڪڍيو، پر سندس درويشي جو ذڪر پڻ پري پري تائين پهتو. ”ڪنڊڙي وارن جو ڪلام“ ۾ سندس فقط 16 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون شامل آهن، جن مان 6 ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون.

 

 

 

[65]

سڄڻ مون پاڻ پرکيو، رهيو اندر روح
        رهيو اندر روح، سَنئِيان سنجهه صبوح
1.      اَڇو ڪنديس اَنُ جان، تاري مٿان تُوهه
2.      منهنجو من مِٺي پيو، ڇڏي کارا کوهه
3.      وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي، پِريان جي پاٻوهه
4.      نانگا نڪتا ننگ مؤن، تن نانگن ڪهڙو نَنگُ، وو
5.      لڳو لاهوتين جو، ”روحل“ توکي رَنگُ، وو

 

[67]

سانول تنهنجي سِڪَ سِڪَ، ڏاڍي شهر ڀنڀور ۾
1.      ڳجهيون ڳالهيون شهر ڀنڀور جون، لوڪؤن ڪر لِڪَ لِڪَ
2.      راتيان ڏينهان روح ۾، چولي ڪيو چِڪَ چِڪَ
3.      سر ڏئي سُرِڪي سي پين، وَٽيءَ ۾ پِڪَ پِڪَ
4.      ”روحل“ روح الله سان، وڃي ٿيو هِڪَ هِڪَ

 

[68]

يار طبيبا، وي ميان! دوست طبيبا وي ميان!
                                تيڏي ڳالهيين مُول نه ڀاوين
1.      سُول هي ميڪون يار سڄڻ دا

نبضان نُون هٿ نا لاوين، يار طبيبا
2.      اڱڻ عجيبان دي ويندي

هيڻا حال سڻاوين، يار طبيبا
3.      ٻُڪيان ڦَڪيان ٻئي ڪونه ڏيوين

مَئن ڪونه محبُ مِلاوين، يار طبيبا
4.      ڦَڪيان تيڏيان فرق نه ڪرينديان

ناحق هرج نه لاوين، يار طبيبا
5.      آکي ”روحل“ رب حسنين دي

درسن پاڪ وِکاوين، يار طبيبا!

 

[69]

ماهي ميڏا مير ٿي آيا، سَنڌ سَنڌ وچ مِل جيءُ جڳايان

ڏيوو مُبارڪ مِل مِل سَنئيان، گود حبيب دي آڻ ڪي پَئيان

او ميڏا مَئن آهندِي ٿئيان، ديکيا درس بهت سُک پايا

اڱڻ آيا پريتم پيارا، باجي نوبت نينهن نقارا
        لُون لُون وسدا مليا ڇٽڪارا، سُن سُن ڌُن پريت گيت ڳايا

مئن آياڻي نينهن ڪيا ڄاڻان، نال نماڻي دي ڪر ناماڻا

روحــل“ دي تون ساهه سيباڻا، مئن ٻانهڙي ڪونه چاڳَل لايا

 

[70]

لڳڙا ٻاڻ ماهي دا من وچ، هو حيراني کڙيان
1.      خوني چشمان يار ميڏي ديان، زور دناليان لَڙيان
2.      دردمندان دي مارڻ ڪيتي، فوجان حسن ديان چَڙهيان
3.      ”مَئن“ دا ڪوٽ ڪڍ تي اٽڪن، پَهن جگر وچ وَڙيان
4.      ”روحــــل“ روپ رانجهن ديان رمزان، پاڪر پيچ اُٿائين اَڙيان

 

 

 

 

[71]

ايهه دل ڍولڻ سائين، جند وڇوڙا سهندا ناهين
        اکيان سڪندي ويکڻ ڪيتي، کول گهونگهٽ چا سائين
1.      تو بن دل هي درماندي، سيج سُتي نيڻان ننڊ نهين آندي
        کَڙ رستي اُتي پڇان پانڌي، ٻولي ٻولي ڪانگ اُڏائين

ڪنهن سڀاڳي سَڏ سڻايا، جان جاڳان تان جاني آيا
        اکيان ويک ماهي ڳَل لايا، شادي مئن ڪن هڻ ڍول وڄائين
3.      عشق سوداگر اِهه ڪم ڪيتا، سِر دا سودا رانجهن نيتا
        ”روحل“ آءُ مليا مَن ميتا، ڏي ڳل ٻانهن سدا سُک پائين

[72]

سَنئيان ڙي مئن اي نه ڄاتا ڄاڻ

وَسدا دل وچ

مئن متوالي ٻاهر ڍونڍيندي

جهنگل روهه پئي ووڙيندي

شهر رانجهن دي ڪاڻ -

وَسدا دل وچ

لؤن لؤن وچ هي جهوڪ جَنهيندي

ڳالهه نهين هي چوڻ آکڻ دي

او ميڏا تي مين اُهندي اَماڻ-

وَسدا دل وچ

پانچ سَکي مِل منگل ڳايا

روحل“ رات ڳئي دن پايا

ڇوڙيا ممتا ماڻ-

وَسدا دل وچ

[73]

لوڪ آکي هي ”روحل“ ٻوليندا

ڪوئي آکي هي ذات زنگيجا

نهين ”روحل“ نهين ذات زنگيجا

اي ڪو سر اِلاهي هي
1.      ڪفر اسلام ڏونهان تؤن نيارا

جيوين جَل دي اندر ڏيکن تارا

دل دريا وچ کيڏي آساڏا

جيوين پاڻي وچ ماهي هي
2.      ڪيئي ڪوڙا ڪيئي سچا سڏيندي

رمز رندي دِي نهين سمجهيندي

او ڪيا ڄاڻي حال آ ساڏا

جنهن دل داغ سياهي هي
3.      ڪامل مرشد راهه باتايا

روحل“ وچون روح الله پايا

آخر ذات ملي وچ ذاتا

ڏيندا عشق اوگاهي هي

 

 

 

 

مراد فقير*

مراد خان ولد حيات خان، زنگيجا بلوچن مان هو، ۽ روحل فقير جي سؤٽن مان هو. سندس جنم اندازاً 45-1740ع ڌاري ٿيو. سنڌي، هندي، سرائڪي ۽ فارسي ٻوليون پڙهيائين، ۽ ننڍي هوندي کان ئي روحل فقير جي صحبت ۾ فقيري اختيار ڪيائين. ڪلهوڙن جي دؤر کان پوءِ ڪوٽ ڏيجي جي ڀرسان ڪوٽلي نالي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. روحل فقير کيس پنهنجي نياڻي پرڻائي، جنهن مان مشهور شاعر دريا خان ڄائو. مراد فقير سنه 1796ع/1211هه ۾ وفات ڪئي. کيس ڪوٽلي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس سنڌي ۽ سرائڪي ۾ 16 ڪافيون ”ڪنڊڙي وارن جي ڪلام“ ۾ ڇپيل آهن، جن مان ست ڪافيون هيٺ ڏجن ٿيون.

 

[74]

وارو ڙي وارو، يار، هوت اچي پس حال مون
1.      آءُ پيادي ڪين پڄان، موٽج سيڻَ ستار
2.      آئي ويل وصال جي، وِٿ نه سهان وار
3.      صبح سندي آسري، هو تان وِرسيون لک هزار
4.      مون کي اڄ ”مراد“ چئي، ڏي دوست پنهون ديدار

[75]

آ ويڙهي وچ اَٺا سائين، ميڏا رانجهن سائين!
1.      چولي اندر ٻيٺا ٻولي، ٻَهون، لڳا مئنون مِٺا
2.      ڪنان دي نال سُڻنداهم، اکيان دي نال مئن ڏٺا
3.      پريم حسن ديان فوجان چڙهيان، بِم ڪاتي دي ڪُٺا
4.      آک ”مراد“ مليوسي ماهي، فضل ڪريسي مرشد مِٺا

 

[76]

سؤدا عجب سامان هي، مئن گهر آيا ڍول
1.      سِر سَرواهه سڀ سؤدي دي وچ

تن من ڏٺم تون
2.      سُرت نِرَت سڀ گنواڪي آکان

وسن هميشه ڪول
3.      گهَر گهَروندا سڀ ڪجهه ڏتڙم

ساهه سڄڻ تؤن گهول
4.      مفت ”مراد“ ڪيتوسي سؤدا

جنهن دا تول نه مول

 

[77]

ياران دي نال بسَنت هميشه

گهر آپڻي وچ رنگ، رَلَيسان

رُت بسنت تان آوي جاوي، نال نه غيران وَيسان
        باغ آساڏا باغ بهاران، نال سڄڻ سُک پَليسان
3.      بي حجاب مليم دل جاني، ڏي ڳَل ٻانهن ”مراد پڄيسان

 

[78]

اڄ ڍولڻ آسي ميڏي گهر، سڀڪا آکي هَلو هَلو!
1.      وَنحن اَقرب نيڙي لڌڏوسي، نال سڄڻ دي مِلو مِلو
2.      دوست مليا، مَن ٺريا ميڏا،  سڀڪا آکي کِلو کِلو
3.      ڳاوڻ آوڻ، رلمل، سينگيان، گيت سڄڻ دي آلو آلو
4.      نِت بسنت مبارڪ ميڪون، پاڪي ”مراد“ پلو پلو

 

[79]

چرخي چِت لاءِ ڙي، چرخي چِت لاءِ

1.      آتڻ سَنئيان سڏ ڪريندي، سُتي ڪِهڙا ساءُ
2.      جِنهان ڪِيتا اوجاڳا تِنها کٽيا، ٻيٺيان ڍول مَتاءُ
3.      جي تون نال صراف دي ريجهين، تند پر تئون پاءِ
4.      يار ”مراد“ ماڻيس اُها، جا جيندي مَر ڪر ڄاءِ

 

[80]

ڪيتئي يار دي نال جو وَعيد ميان

درد والي رک ديد ميان
1.      وحدت دي وڻجاري هو ڪي ڏيندي

در در ”هَلُ مَن مَزيد“ ميان
2.      سر دي سودي سورهيه ڪريندين

سوُلي چڙهه ٿيوَن شهيد ميان
3.      ماري ”مدد ڪونه مِل ڪر دور ڪرو (1)

ڇوڙ وڃي يهودي يزيد ميان
4.      حب الوطني ايمان اساڏا

مراد“ ڪرين ايهه عيد ميان

 

 

شاهو فقير

شاهو فقير زنگيجو، روحل فقير جو پٽ هو. سندس ڪلام هيٺ ڏجن ٿا.

 

[81] روپ پهاڙي*

تن جو ڇُٽڻ ڪين ٿئي ميان، جي پيا عشق جي دام ۾

تن جو موٽڻ ڪين ٿئي ميان، سر ڏيئي ڪنهن پر پيا

اُتي پکي تان پهچن ڪينڪي ميان، شهبازن جي گام ۾
2.      عاشق ازل سامهان ميان، ري سِسي ڪاهين ٿا
        اُتي ڏسي شمع پروانا ٿيا ميان، ڪين گڏجن عام ۾
3.      جن سڃاتو پاڻ کي ميان، تن جو ڪينو ناه ڪين
        اُهي وتن ويڳاڻا سدا ميان، پَسي اَنڀَي رس جام ۾
4.      عشق جي آزار جي ميان ڪل ڪِٿائين ڪانه پوي
        اها ڪنهن سان ڳرهج ڪينڪي، ”شاهو“ پروڙج مام ۾.

[82] روپ آسا

سائين دي سُنهُن اسان مسافر، ڏُور دِي آندي قسمت چاء

ڪل ڪلان وچ تيڏي، ڏِتڙي نهين آدم نه حوا
2      اساڏا آوڻ آسي طرف ڪنون، جِٿي مَلڪ نه لهندي جاء
3.      تيڏي ڪارڻ در در ڍونڍان، سر جهولي وچ پاء
4.      شاهو فقير داسُڻ ڪر آيس، مئن هان شاهن دا شاه.

 

 

غلام علي

غلام علي فقير زنگيجو، روحل فقير جو ٻيو نمبر پٽ هو.

[83] روپ بروو*

دلبر ناهي سَنتان ڏُور، رهڻ هر دم سُون حضور
1.      ويک حسن ۾ هئي هئي حيراني، نهين سُهڻي دا ٻيا ڪوثاني

ڪِيا جو حُور قُصور

نعرا انا الحق مَريندا، سُولي تي چڙهه سَير ڪريندا
                        مڙد هويا منصور

سڄڻ دا سينگار وِکيندا، جيڏي تيڏي يار ڏِکيندا
                        ڀر رهيا ڀرپور

زمين تي آسمان جو ناها، روز ازل ڪنون اڳي آها
                                محبت دا مذڪور

سهي ڪرين تون هي سِرُ سارا، عاشق ماريا نينهن نغارا
                                مُلڪان وچ مشهور

پريم ننگر ڪي اُلٽي چالي، سمجهيگا ڪو مست موالي
                                ظاهر ذات ضرور

اکيان دي وچ رنگ لڳايا، شاهو شاهن پُور پِلايا
                                پُورا اُتي دا پُور

غلام علي“ آپ سڃاڻين، آپ بنان ڪُڇ اوور نه ڄاڻين
                                نُور نظارا نُور.

 

[84] روپ بروو

دم دم هو يا دل ديدار، رهڻا هردم سين هوشيار
1.      دل درياء ديان لکين لهريان

سوين سهڻي ديان نؤ نؤ نهريان

رهڻا هر دم سين هوشيار
2.      راهين ”الله ديان ڪروڙيان ڪيئي

جيوين ڄاڻين تيوين هوئي

محبت هي مختيار
3.      ايڏي اوڏي مُول نه ڳولين

راهان دي وچ روح نه رولين

ڪر آپ اُتي اعتبار
4.      محبت مست ڪيتا هي مينون

تنهن دي ڳالهه مئن آکان ڪنهن نون

ويک سارا اسرار
5.      شاهو شاهن شاهه سهڻي دا

غلام علي“ عشق آهين دا

آ ٿيا اظهار

 

[85] روپ بلاولي

عشق ٻولين ٻولڙَيان، نؤن نؤن ناز
                                نيڻان دي ناز

عشق آرام وي ميان ڏيندا ناهين
                وِره وساريان وي ميان ٻيان ڪُل واهين
                حُسن ڪنهن ڏي هولڙيان هولڙيان
2.              پُڇين نا تون وي ميان پَهه ڪَنهين
                مُڙين مُول نه وي ميان ڳالهه اِهين
                ٻي ڪنهين تڪ تولڙيان تولڙيان
3.              سڀ سيالين وي ميان ٽوڪان لائن
                گهٽ نه ڪائي وي ميان سڀ سير سڏائن
                اسان جهليا تان جهولڙيان جهولڙيا
4.              دردوندان دِي وي ميان دِل رنجائِن
                ايڏُون اوڏُون وي ميان چولي چائن
                اسان جهليا تان جهولڙيا جهولڙيان
5.              ٻي ڪَل نهين وي ميان ڪوڙي چالي وي
                دلبر لڌڙم وي ميان وچون چالي وي
                اي سِر گهتين گهولڙيان گهولڙيان
6.              ”غلام علي“ هي وي ميان طالب  تهين دا
                شاهو شاهه وي ميان هي پير مُنهيندا
                ڀَن گهتيان تنهن ڀولڙيان ڀولڙيان.

[86] روپ بلاولي

نينهڙا لڳا نال تيڏي نال ني

نال تيڏي، نال تيڏي، نال تيڏي

1.      ته ڪو اسان وي ميان ناز تيڏي تي
                راتين ڏينهان وي ميان دل ميڏي تي
2.      پريم پيالا وي ميان پُر جو پيتا وي
                مَن ميڏي نون وي ميان مست جو ڪيتا وي
                آوي جانب تان جمال نِي، جمال تيڏي
3.      پريت جو پائين وي ميان نال جو ميڏي
                ٻئي طرف ڏهون وي ميان ويکان ڪيڏي
                نيتا وره تان وصال نِي، وصال تيڏي
4.      وِره تيڏا وي ميان وس وسان تي
                بخش ڪيتوئي وي ميان اڄ اسان تي
                آوي محبت جهين مال نِي، مال تيڏي
5.      ڏيندئين ڪيئي وي ميان ڏَس ٻِنهان تون
                پل پل پوندي وي ميان پُور اسان تون
                آوي هر دم هر دم حال ني، حال تيڏي
6.      اقرب ڪنون وي ميان نيڙي جليندا
                سڀ صورت وچ وي ميان هل هليندا
                آوي وِٿ نهين هڪ وال ني، وال تيڏي
7.      پير اساڏا وي ميان شاهو شاهه وي
                ”غلام علي“ ني وي ميان نينہ لڳا وي
                آوي ٻَهُون ڀال ني، ڀال تيڏي


 

(1) شاهه جو رسالو“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1974ع، ص 311

 (1) شاهه جو رسالو“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1974ع، ص 71

 (1)شاهه جو رسالو“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1974ع، ص 31

(1)شاهه جو رسالو“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1974ع، ص 75

(1)شاهه جو رسالو“، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1974ع، ص 57

(1) راقم جي 1952ع ۾ قلمبند ڪيل ذخيري تان ورتل.

(1) تفصيل لاءِ ڏسو ”سچل جو سرائڪي ڪلام“، مولانا محمد صادق راڻيپوري، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.

(2) کان [64] ”جوتيون جواهرن جون“، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1091ع تان ورتل.

* تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪنڊڙي وارن جو ڪلام“، لطف الله بدوي، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع

* تفصيل لاءِ ڏسو ”ڪنڊڙي وارن جو ڪلام“، لطف ا: بدوي، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ، 1964ع

(1) مدد خان پٺاڻ، جنهن سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪئي.

* [81] ۽ [82] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

*  [83] کان [86] ڊاڪٽر بلوچ جي قلمي ذخيري تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org