سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :10

 

 (ب) سر ليلان چنيسر

متارن = متا = متان + رن (اشارو ليلان ڏانهن). زهرين = زَهرين زر تي. مٽ = بدل سدل، سودو. موکي = مون کي (اشارو چنيسر ڏانهن. ڀر گلاسين = ڀَرِي گلا سان يعني پاڻ کي گلارو ڪيائين. گهٽ ڪيو = مون کي به (ليلان) گهٽ ڪيو. ني هارتون = تون هار ني، تون هار کڻي وڃ.

چنيسر ٿو پنهنجن کي چوي ته ”متان ڪو منهنجي رَنَ کي (مهڻو ڏئي) چوي ته مون کي زر تي مَٽي ڇڏيو اٿس. پاڻ به گلا سان ڀري مونکي به گهٽ ڪيائين.“ چويس ٿو ته ”اي ڪلالڻ (ڪُوڙِي) هينئر اهو هار کڻي وڃ!“

2- سَرڳَم هاڻي سَر ٿيا، پوڪيون تريون کِينِ

ناهي تماچي تن ۾، ٻانڌي نيڪ نه نِينِ

وَهه ڄاريون ڏَس ڏيِنِ، دُرس اسان جي ديرن جو.

(الف) سر عمر مارئي

سرڳم = سر ۽ ڳم = گاهه جا قسم. سرٿيا = نِسريا، تيار ٿيا. پوڪيون = پو = ڪيون. پوڪيون تريون = پوءِ تريون ڪيون يعني ترين ۾ مهٽي، صفا ڪري. کِين = کائين. تماچي = طعما + جي = لالچي. ٻانڌي = ٻَڌي. نيڪ = معتبر. ڄاريون = کٻڙيون.

مارئي چوي ٿي ته ”جڏهن ڏُٿُ پچي راس ٿيندو آهي، تڏهن ماروئڙا سنگ پٽي، ترين ۾ مهٽي، ڦُڪي صفا ڪري، ڦَڪَ هڻندا آهن. منهنجا مائٽ اهڙا لالچي نه آهن، جو پرايون ڄايون زوريءَ ٻَنڌي کڻي اچن. اشراف ماڻهن جو اهو ڪم نه آهي ته پرايون ٻانهون زوريءَ کَنڀي کڻن! اسان غريب آهيون ۽ پري کان ئي کٻڙن جون ويڙهيون ڏَس ڏينديون ته غريبن جا گهر ڪٿي آهن!“

(ب) نوري ڄام تماچي

پوڪيون = پوئڪيون، ڄَرڪيون. تريون = تُريو.تماچي = ڄام تماچي، گندريءَ جو وَرُ. ٻانڌي = ٻانڌو، مڇي مارڻ جي جاءِ. ڄاريون = ڄاليون، مڇي مارڻ جا رڇ، ڄار.

جڏهن ڍنڍن ۾ گاهه جام ٿيو ۽ منجهن مڇي به گهڻي ٿي، تڏهن نوريءَ جا مائٽ، ڄرڪيون ماري تَري پيا کائين. جيتوڻيڪ ميربحر اَدلا گدلا آهن، تڏهن به کين اها ساڃهه اهي ته معتبر ماڻهوءَ کي ٻانڌي تي وٺي نه وڃجي. اهو ئي سبب هو، جو ڄام تماچي، سندن وچ ۾ ڏسڻ ۾ نه ايندو هو. ويچارن غريبن جي گهرن تي ڄاريون (آليون چاريون، مَنَهن تي سڪائڻ لاءِ) رکيل هونديون آهن، جن مان گهرن جو پتو پئجي ٿي سگهيو.

(3) جهل مهار، ڏي مَ ڏيرن

قطار جي ”ڪمال“ چئي، ڪُڻڪ نه پَئي ڪَن

جاڙَ ڪئي جَتن، وت روهن ۾ رڙهندي.

(الف) سر سهڻي

جهل = پَڪڙ، وَٺ. مهار = اُٺ جي واڳ. ڏي مَ ڏيرن = ڏي + مَ = نه + ڏيرن = ڏيرن کي نه ڏي. قطار = قطارڻ، ڪاهي وڃڻ. ڪُڻڪ = آواز، اُٺ جي دانهن. ڪَن = ڪن تي. جاڙ = جُٺ، حرڪت، ڏاڍائي. روهڻ ۾ = جبلن ۾.

اي سسئي، اٺن جي مهار، تون پاڻ جهلين ها ۽ ڏيرن کي نه ڏين ها. ڏس، اُٺن قطارڻ وقت تنهنجي ڪَن تي ڪا ڪُڻڪ به پئي! جَتن تو سان جيڪا جُٺ ڪئي آهي، تنهن لاءِ جبلن ۾ رڙندي رهه.

(ب) سر ليلان چنيسر

مهار = مَ = نه + هار. جهل مهار = هار نه جَهلِ يعني هار نه جهلين ها. ڏي مَ ڏيرن = ڏي + م = نه + ڏي + رن (ڪُونرو). ڏي نه، ڏي رن = رن کي ڏي نه! اهو هار رَن (ڪونرو) کي موٽائي ڏين ها. قطار = ڪي تار = ڪي تال = ڪا چالاڪي. جتن = جا تن انهن جيڪا (ڪونرو ۽ ماڻس). روهن ۾ = روحن ۾، اندر ئي اندر ۾.

اي ليلان، توکي کپندو هو ته هار پاڻ وٽ نه جهلين ها، بلڪ رنن کي موٽائي ڏين ها.

انهن جي چالاڪي جو توکي ڪوبه پَرو ڪونه پيو، ڇاڪاڻ ته ڪا به باڦور تنهنجي ڪن تي نه آئي. جيڪا توسان جُٺ ڪئي اٿن، تنهنجي لاءِ اندر ئي اندر ۾ سڙندي رهه.

4- چَري ٿي ميهار تي، پاڻ وڌائين پاتار

سِيرَ نه ٻوڙي سُهڻي، ٻوڙي مَٽَ ميهار

تَري ڪهڙي تار، جنهن کان گَهِڙي ويئي هٿ مان.

 

 

(الف) سر سهڻي

پاتار = پاتال، اونهو پاڻي. سير = پاڻيءَ جو تيز وهڪرو. مٽ بدل، مٽاسٽا. تار = وڏو پاڻي. گهڙي = ننڍو دلو.

سهڻي، ميهار تي چري ٿي، پاڻ کي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو. سهڻيءَ کي درياءَ جي سِيرَ نه ٻوڙيو، پر دلي جي مٽا ماري وڌو. هاڻي ڪهڙيءَ طرح تري سگهي جو دلو ڀُرِي، هٿن مان ڪري ويس.

(ب) ليلان چنيسر

ميهار تي = مي = مُئي + هارَ تي = هارَ تي مُئي. پاتال = جهول. پاڻ وڌائين پاتار = پاڻ کي اجايو جهول يا اونهن خيالن ۾ وجهي ڇڏيائين. سير = ست، سيل، سهڻي = حسين. اشارو ليلان ڏانهن. مير نه ٻوڙي سهڻي = ليلان کي ستَ ڪونه ماريو. مٽ = مٽاسٽا، اَدل بدل. ميهار = ۾ + هار = هار ۾. ٻوڙي مٽ ميهار = هار جي مٽاسٽا ۾ مري وئي. تري = هلي. تار = آسرو، لالانگهرو. گهڙي = ساعت، مهل.

ليلان، هار تي چري ٿي، پاڻ کي جدائيءَ جي زندان ۾ وجهي ڇڏيو. کيس ست ۽ سِيلَ ڌَڪ نه چاڙهيو، پر سؤدي سٽي وڌس! هاڻي ويچاري ڪهڙي وهه وڃي، جو اها ساعت (سودي واري) هٿ مان هلي ويس.

(5) اَڊڪو اُوٺِيئڙن جو، رَکيُهءِ نه توڙُون تن

وٺ نه مُنڌَ مهارتون، هوند به ساڻ هٿن

ڏيئي کي ڏيرن، هٿون پيئي اَٿِي پانهنجي.

(الف) سر سسئي

ايڪو = انتظار، اوسيڙو، اونو. اوٺيئڙن = اُٺن وارن. اشارو سسئي جي ڏيرن ڏانهن. توڙون = توڙ کون، منڍ کون، اصل کون. وٺ نه = وٺ نِي، جهل نِي. منڌ مهارتون = اي منڌ (سسئي)، مهارتون. اي سسئي، تون اُٺن جي مهار وٺين ها ني! ڏيئي کي ڏيرن = ڏيرن کي (مهار) ڏيئي. هٿون پيئي اٿي پانهنجي = پنهنجي هٿان خطا پيئي اٿيئي.

اي سسئي، جڏهن اُٺي تو وٽ آيا، تڏهن اُن وقت کان وٺي خبردار نه رهينءَ. توکي هر وقت اُلڪي ۾ رهڻ کپندو هو، اي سسئي، تون پاڻ اُٺن جي مهار جهلين ها ني! تنهنجي ئي هٿان خطا پيئي آهي، جو ڏيرن کي مهار ڏنهءِ. هٿ جِي ڦَٽِي دارُون نه پٽِي!

(ب) سر ليلان چنيسر

اوٺيئڙن = اوٺيءَ = خراب + ڙن = رَنَ. خراب رَنَ. اشارو ڪونرو ڏانهن. وٺ نه = نه وٺ. مهار = م = نه + هار. هار نه. وٺ نه منڌ مهار تون = اي منڌ (ليلان)، تون هار نه وٺ نه! توکي هار نه وٺڻ کپندو هو. کي ڏيرن = کيڏي رن. رن (ڪونرو) تو سان (راند) کيڏي.

اي ليلان، تون منڍ ۾ ئي انهن بڇڙين رنن جو خيال نه ڪيو، تون هرگز هار نه وٺين ها. تو سان رَن (ڪونرو)، گويا راند (جوئا) کيڏي آهي. جنهن ۾ تو وَرُ کسايو! توکي پنهنجي هٿان پيئي آهي. پنهنجي ڪئيءَ جو نڪو ويڄ، نڪو طبيب!

(6) دَر پسِي سا جاءِ، ڪيائين سُرندي سعيو تندُن جو

ڪامِڻ کي هو ڪونه پيو، انهن تارن جو تر ڀاءُ

هِن مُٺي مڱڻهار مون، ٿيندو ورهه وڌاءُ

وئي تو ڳالهه هٿاءُ، ڇڏ تون ڪامڻ ڪِينرو.

(الف) سر سورٺ

در پسي سا جاءِ = انهيءَ (راءِ ڏياچ جي) جاءِ جو دروازو ڏسي. سرندي سعيو تندن جو = سرندي جي تارن کي ڇيڙڻ يا وڄائڻ جي تياري ڪيائين. ڪامڻ = عورت، اشارو سورٺ ڏانهن. ترڀاء = سڌ سماءُ، خبر چار. مڱڻهار = ٻيجل. وره وڌاءُ = هميشہ جو وڇوڙو، جدائي. ڪينرو = ڪين = نه + رو = نه رو.

ٻيجل، ڪوٽ جي دروازي ڀرسان بيهي، سرندي کي ٺاهي وڄائڻ لڳو. سورٺ کي اها خبر ئي ڪانه هئي ته انهن تارن جي ڇِڙڻ تي، سندس ڪانڌ جو ڪنڌ لهندو ۽ هميشہ جو وڇوڙو وري ويندو! جڏهن ٻيجل پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي، تڏهن سورٺ هنجون هارڻ لڳي. سرتيون چونس ٿيون ته ”هينئر ڇا ٿيندو، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿيو. اها ڳالهه هميشہ لاءِ پنهنجي هٿن مان هلي ويئي، هاڻي نه رو.“

(ب) ليلان چنيسر

سرندي = هلندي، ايندي. تندن = تندون (ڪپهه جون). ڪونرو ۽ ماڻس ايندي شرط چنيسر جي در تي ويهي ائٽ ڪتڻ لڳيون. ڪامڻ = عورت، اشارو ليلان ڏانهن. مڱڻهار = مڱڻ = گُهرڻ + جار =گُرهيل هار. گُهر ڪري ورتل هار. ڪينرو = تال پخال، اجائي جهنجهٽ بازي، رنجهه ڪنجهه، رناڻو بکيڙو.

ڪونرو ۽ ماڻس، ليلان جي جاءِ ڏسي، ايندي شرط ويهي، چرخي تي تندون ڪتڻ شروع ڪيون. ليلان کي اندروني معاملي جي خبر ئي ڪانه هئي ته هارَ مان سندس هار ٿيندي! جڏهن چنيسر کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي ويئي ته ليلان سودي بازي ڪئي آهي ۽ توکي هار تي هنيو اٿس، تڏهن قلب تان ڪري پيئي ۽ کيس ڏهاڳ جو ڏَنڀ ڏيئي ڇڏيائين. تنهن تي ليلان دانهون ڪوڪون ڪرڻ لڳي. چنيسر چويس ٿو ته ليلان، تنهنجي هٿن مان هنيئر ڳالهه هلي ويئي. وڃي مڻئي کي مَنَ سان لاءِ. اجايا ٿي رناڻا تال پخال ڪرين.“

7- ڀَلي ميڪن ڄاريين، جن جي سُونَهنِ ٽوئر ٽَليُون

ڪُرڙيون قُوت اسان جو، ڇَتيريُون ڇليون

گل آڻين گام ڪري، گائِين پلن مٿي پليون

جيڪي حاڪم ڏانهن هليون، تن کي بخش زريون زربفت جون

(الف) سر عمر مارئي

ميڪن = ٻڪريون آواز ڪن. ڄاريين = ڄارين ۾، کٻڙن ۾. کوهي = کوهه تي. سونهن = ٺهن. ٽونر ٽليون = اشارو ٻڪرين جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڦندڻ ۽ چڙين ڏانهن. ڪرڙيون = ڪرڙ جو ڦل. ڇتيريون = ڇٻيون. ڇليون = ننڍيون کاريون. گل = ڏُٿ جا گل ۽ مور. گام ڪري = وک ڀري، جلدي. پلن = نِپجن. پليون = ڏٿ جا ڪچڙا گلڙا ۽ مور، چڻن ۾ مٽرن جي پلي.

مارئي چوي ٿي ته ”ٻڪرين کي گلن ڦلن ۽ چڙين سان سينگاري، جڏهن مارو کوهه تي پاڻي پيارڻ لاءِ آڻين ٿا، تڏهن ٻڪريون ڏاڍيون ٺهن ٿيون. کٻڙين جي ڄارين ۾ چرندي ٻيڪن ٿيون.“ مارئي خوش ٿي چوي ٿي ته ”ڀلي ٻيڪن، سدا ٻيڪن. سندن ٻيڪ وڻي ٿي. منهنجي مائٽن جو گذران ڏونرن، ڏيلهن ۽ ٻئي ڏٿ تي آهي، جنهن جون جهنگ مان ٽوڪريون ڀري آڻيندا آهن. مال لاءِ رتا گل به روڙيو اچن ۽ کائڻ لاءِ پلي ۽ ٻير ڏٿ پٽيو اچن.“ اي عمر، تون حاڪم آهين. آءٌ تو ڏانهن آئي آهيان، تنهنڪري زري ۽ زربفت جون پهراڻيون پهرائي، روانو ڪر.

(ب) سر نوري ڄام تماچي

ميڪن = ميڪا، مهاڻا، کوهي = کوهو، سکان (ٻيڙيءَ جو). ڪرڙيون = ننڍيون مڇيون. ڇتيريون = ڇتيرن سان = ڇَتِن سان. ڇت = مڇي مارڻ جو اوزار. گل آڻين = مڇيءَ کي لڙهه ڪري آڻين. حاڪم = اشارو ڄام تماچيءَ ڏانهن. بخش = عنايت ڪر، امداد ڪر. هر طرح سکيو رک.

نوري چوي ٿي ته ”منهنجا مائٽ مهاڻا، ڀلي پيا ڄارين سان مڇي مارين. سندن ٻيڙين جي کُوهن کي بيرقون ۽ ٽونر ڏاڍا ٺهن ٿا. سندن قوت ننڍڙيون مڇيون آهن، پر پلا ۽ وڏيون مڇيون ڇليون ڀري وڪڻي اچن. اي ڄام تماچي، تو حاڪم ڏانهن جيڪي اچن ٿيون (اشارو نوريءَ جو پاڻ ڏانهن)، تن جي صدقي سندن مائٽن کي ته زريون ۽ زربفت ڏي يعني کين هر طرح سکيو رک.

8- ڪاهي قاطارون آيا، ڪري ڪڇ مهار

ڏونگر ڏسي، جبل ڏٺئون، اُتي ڪيئون اظهار

سو، ادا ڏسي خوش ٿئي، حرس ڪيو سينگار

آءٌ ڀوري، تون ڀتار، سسئي، ڪانڌ متان ڪرين!

(الف) سر سسئي پنهون

قاطارون = قطارون اٺن جون. ڪري ڪڇ مهار = ڪڇ ۾ مهار ڪري. ڏونگر = ڏون (سرائڪي) = ٻه. هڪ سسئي، ٻيو پنهون. + گر = گهر = گهر ۾ ٻه. جبل = جاءِ = جو + بل = وجهه، سجهه، موقعو، ڀوري = بيوقوف، چري.

پنهل جا ڀائر، اُٺن جون مهارون ڪڇ ۾ ڪري، سسئيءَ جي گهر آيا. گهر ۾ ٻه ڄڻا سسئي ۽ پنهون ڏسي، خوشيءَ جو اظهار ڪيائون ته اسان ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ سان ملڻ آيا آهيون. انهيءَ ڪري سسئي، آدن کي ڏسي ڏاڍو خوش پئي ٿي ۽ سوايا سينگار پئي ڪري، جڏهن رات جو سسئيءَ کي غفلت واري ننڊ ۾ ڏسي، پنهل پاسي مان ڪڍي راهي ٿيا، تڏهن صبح جو ڪاريءَ وارا ڪک ڏسي، چوي ٿي ته ”او ڀتار، آءٌ بيوقوف آهيان، جو اعتبار ڪري سمهي رهيس. موٽي اچ!“ سگهڙ، سسئي کي صلاح ٿو ڏئي ته ”اي سسئي، متان جبلن ۾ ڪانڌ ڪانڌ ڪندي وتين. پنهونءَ جا ڀائر يا مائٽ اهو ٻڌندءِ ته هڪدم ماري ڇڏيندءِ، تنهنڪري صبر سان رڙهندي رهه.

(ب) ليلان چنيسر

قاطارون = ڪاتارون، ڪاتياريون، ڪَتِڻِ واريون. اشارو ڪونرو ۽ ماڻس ڏانهن. ڪري ڪڇ مهار = ڪري ڪَڇَ ۾ هار. ڪَڇ ۾ هار لڪائي کڻي آيون. ڏونگر = ڏون = به: هڪ ليلان ٻيو چنيسر + گر = گهر  = گهر ۾ به. سو ادا = سودا، سودو، مٽاسٽا. سسئي = سَسُ (گهوٽ جي زال جي ماءُ ) + ئي. سَسُ ئي. متان ڪرين = متان ٻي سَسُ ڪرين، يعني ٻي شادي نه ڪجانءِ.

ڪونرو ۽ ماڻس، ڪَڇَ ۾ هار لڪائي ليلان جي گهر آيون. وجهه وٺي (ڇاڪاڻ ته ٻيو ڪوبه ڪونه هو) اهو هار ٻاهر ڪڍيائون. ليلان هِرکجي پيئي ۽ مڙس جو سودو ڪري ڏاڍو خوش ٿي، پر جڏهن چنيسر کي واقعي جي خبر پيئي، تڏهن هڪدم تڙائي ڪڍيائينس. ليلان پڇتائي چويس ٿي ته ”او ڪانڌ، آءٌ بيوقوف آهيان، جو ههڙو ڪُڌو ڪم ڪيم، پر تون ته آخر منهنجو ڀتار آهين. متان ٻي سَسُ ڪرين يعني ٻي شادي (ڪونروءَ سان) نه ڪجانءِ.

9- ڀنڀوران ڀتار، وَرُ وڃايم ويسري

متان ڪا مون جيئن، ماڻي ڙي پيار

اوٺيئڙن آڙهِي ڪئي، ڪامڻ ناهي قرار

پورهيتاڻي پار، سسئي ڪانڌ متان ڪرين.

(الف) سر سسئي پنهون

ڀنڀورا = ڀنڀور (شهر) کان. ويسري = ويسلي، موڳي. اوٺيئڙن = اُٺن وارن. ارهي = خاموش، ناراص. ڪامڻ = عورت. اشارو سسئي ڏانهن. پورهيتاڻي پار = انهيءَ (پنهون) پار (طرف) جي نوڪرياڻي.

سسئي چوي ٿي ته ”ويلي ٿي، سمهي رهيس ۽ پنهنجو ور وڃائي ويٺيس“. سرتين کي هڪ ڪري چوي ٿي ته. متان مون وانگر پيار تي لڳي، اهڙي غفلت ڪريو! جتن (ڏيرن) سسئيءَ کي اهڙو ته بيتاب بڻايو هو، جو ويچاريءَ جو آرام ئي حرام!

اي سسئي، متان پنهل پنهل ڪندي وڃين! چوين! چوندي وڃ ته پنهل جي پار جي پورهيتاڻي آهيان.

(ب) ليلان چينسر

ڀنڀوران = ڀنڀور = سهڻو + را = راجا. سهڻو راجا. اوٺيئڙن = اَوٺي رن، ڪُهٽِي رَنَ، بڇڙي رَنَ، (ڪونرو). پورهيتاڻي پار = جنهن جا پار (نشان، اطوار، افعال) پورهيتن جهڙا آهن. سسئي = سَسُ + ئي = سَسُ ئي. سسئي ڪانڌ متان ڪرين = اي ڪانڌ، متان سَسُ ٿي ڪرين. ڪونروءَ سان لائون لڌءِ معنيٰ پورهيتاڻي تنهنجي سَسُ ٿي!

ليلان چوي ٿي ته ”بيوقوفي ڪري، سهڻو ڀتار هٿن مان مفت وڃائي ويٺيس! او سرتيون، مڙس جي پيار ۽ آرَتي ڀنڀلجي متان اهڙي چُڪَ ڪري ويهو1 بڇڙين رنن کانئس وَر کسي، کيس بيقرار بڻائي ڇڏيو. چنيسر کي ليلائي چوي ٿي ته ”مونکي ته ڇڏيهءِ، پر پورهيت سَسُ نه ڪجانءِ! ڇو ته ماڻهو مهڻا ڏيندم ته پورهيت جي ڌي سان شادي ڪئي اٿس.

10- تَرڪي ننگ تمام، فقيرن ڦٽو ڪيو

جوڳن بِن جواهر جي، دُرس دٻايس دام

وٽيون ڀري پاڻ ۾، ڪن پڇ پردي جُنگ جام

ڪاپي تارَ قندن جي ڪيو اَڌوتن آرام

ڀڃي مٽ ڀورا ڪري، ٿي تو تعريف تمام

نانگ ماري تو وڌو، هُئي ڪانه متارن مام

”عيسو“ چئي انجام، ڪيو هوءِ ته ڪُلال سان.

(الف) سر موکي متارا

ترڪي ڦٽو ڪيو = ترڪ ڏيئي ڦٽو ڪيو. فقيرن = متارن ڏانهن اشارو. بن = سراءِ. جواهر جي = جو هارجي = سواءِ هارڻ جي. پڇ پردي = پنهنجيءَ پر ۾، پنهنجيءَ پر ۾. ڪاپي = ڪپي، ڪٽي. تار = يادگيرو، لالانگهرو. ڪاٻي تار تدن جي = دنيوي حرص جي تند پنهنجي دل مان ڪٽي ڪڍيائون. ڀڃي مٽ ڀورا ڪري = شراب جو مٽ (اي موکي) ڀڃي، پرزا پرزا ڪرين ها. ڪلال = شراب پياريندڙ. اشارو ’موکي‘ ڏانهن.

متارن سڀ دنيوي لڳ لاڳاپا ترڪي ڇڏيا. اهي جوڳي متارا پوريءَ طرح شراب جي حوالي هيا، جو مٽ هاريل نه هو. انهيءَ ڪري پنهنجي رسم مطابق گهڻيون ئي پياليون ڀري پيا پيئن. شراب پيئڻ سان گويا دنيوي حرص جي تند سندن قلب مان ڪٽجي ويئي،جنهن ڪر کين آرام نصيب ٿيو. اي موکي، جيڪڏهن اهو زهر ڀريو مٽ هاري ڇڏين ها ته متارا نه مرن ها ۽ تنهنجي گهڻي تعريف ٿئي ها. نانگ ته تو ڄڻ هٿ سان وڌو، ڇاڪاڻ ته پيارڻ کان اڳ ڪا خبر نه لڌءِ ته مٽَ ۾ ڇا آهي. متارن کي اها (نانگ واري) مام معلوم نه هئي، تنهنڪري پي ويا. عيسو چوي ٿو ته ”اي ڪلال، هاڻي انهن متارن کي پيار ته ڀل تنهنجي وعده وفائي رهي.

(ب) سر ليلان چنيسر

ترڪي = ترڪ ڪيو، ڇڏيو. ننگ = ور، مڙس. فقيرن = ڦِڪي رن. جوڳن بن = جوئن ٻِن = ٻن زالن، اشارو ڪونرو ۽ ماڻس ڏانهن. جواهر جي = جو هارَ جي = هار لاءِ. وٽيون ڀري = ڀري پيا وٽين. يعني سڳي کي چڱيءَ طرح سنهو ۽ مضبوط ڪري پيا وَٽِين ته متان هار ڇڄي پوي. پڇ پردي = پس پردي، لڪ ڇپ ۾، ڳجهه ڳوهه ۾، منهنجو پاڻ ۾. ڪاپي تار تندن جي = تندن جي تار کي ڪتي. آڌوتن = آڌوتين = آ ڌوتين رَنن. اشارو ڪونرو ۽ ماڻس ڏانهن. ڪيو آڌوتين آرام = ڌوتين آرام ڪيو، يعني سڳو وٽي، هار پوئي دلجاءِ ڪيائون. مٽ = بدل، عوضو. نانگ = نانگ، مڙس. متارن = مَ = نه + تارن = نه تارن. ڪا نه متارن مام = انهن تارن ڪتيندڙين جي مام (ليلان کي) معلوم نه هئي.

ڦڪي رن (ليلان) پنهنجو وَر وڃائي ڇڏيو. ٻن جوئن يعني ڪونرو ۽ ماڻس، ليلان کي هار ۾ ڦاسائڻ لاءِ، پورو پورو دام اڏيو هو. پنهنجيءَ پرِ ۾ ڳجهه ڳوهه ۾ وڏيون وڏيون صلاحون به ڪن پيون ۽ تارون به ڪتِن پيون. تندن مان سنهو ۽ مضبوط سڳو تيارڪري (هار ٺاهي) پوءِ انهن ڌوتين دلجاءِ ڪئي. اي ليلان، هار جي بدل سدل ڀڃي ڀوراڪري ڇڏين ها يعني هار تي وَر نه ڏين ها ته ملڪ ۾ تنهنجي تمام گهڻي تعريف ٿئي ها. عيسو چوي ٿو ته ”اي ليلان، تو ڪُلال (بڇڙي رَن) سان انجام ڪيو هو ته هار جي مٽَ ۾ مڙس ڏيندي سانءِ، تنهنڪري اهو وعده پاڙ!

2- ٻن کان وڌيڪ معنائن وارا هنر

ڪڙي هلي گهر کي، ڪامِڻ مٿي تڙ

وَرُ ته واري ڇڏيئين، لڌئِين ڪانه خبر

واڳون ڏٺئين مهراڻ ۾، دهلي ڪين دلبر

ڪير لهندس ڪر، جو پهِي نه کيائين پاڻ سين.

(الف) سر عمر مارئي

ڪڙي = بند ڪري. ڪامڻ = عورت (مارئي). تڙ = کوهه جي تڙ تي. ورنه = وَرت = رسو، نوڙي. واري ڇڏيئين = وري ڇڏيئين هڪ ٻوڪو کوهه مان ڪڍي، وري ٻِئي ڀرڻ لاءِ کوهه ۾ وڌائين. واڳون = اُٺن جون مهارون. مهراڻ = مهري اُٺ جو قِسم. دهلي = ڊني. ڪر = خبر. پهي = قاصد، ساٿي.

مارئي، گهر جو دروازو بند ڪري، کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويئي. هڪ ٻوڪو کوهه مان ڪڍي، وري ٻئي ڀرڻ لاءِ کوهه ۾ رسي کوهه ۾ وڌائين پر پُٺ جي خبر ڪانه لڌائين. اوچتو مهري اُٺ ڏٺائين، پر هيءَ ڪانه ڊني. هينئر ويچاريءَ جي عمرڪوٽ ۾ ڪير خبرچار لهندو، جو ڪوبه ماڻهو ساڻ نه اٿس.

(ب) سر سسئي پنهون

تڙ = اُٺن جِي هڪل، ڊيهڙو. ور = مڙس. واري ڇڏيئين = وساري ڇڏيائين.

سسئي، گهر جو دروازو ڪڙي، جنهن پاسي اُٺن جي تڙ ٿي هئي، تنهن پاسي رخ رکيائين. سسئي پنهنجو ورُ (غفلت جي ننڊ ۾) وڃائي ڇڏيو ۽ ٻيو ڪو اڳواٽ خيال ڪونه ڪيو. جڏهن پنهنجي اڱڻ تي اُٺ ڏٺائين، تڏهن به ڪانه ڊني. سمجهيائين ته ڏير آيا آهن. هاڻي برپٽ ۾ ويچاريءَ جي ڪير سنڀال لهندو، جو ڪوبه ساٿي ساڻ نه اٿس!

(ج) سر سهڻي

واڳون = درياءَ جا خوفناڪ جانور. مهراڻ =درياء.

سهڻي گهر جو دروازو بند ڪري، دريا، جي تَڙ يا گهير تي آئي. مڙس کي ننڊ ۾ ڏسي، سندس خبر ئي نه لڌائين ته جاڳي ٿو يا ننڊ ۾ آهي. جڏهن درياء ۾ دَرندا ڏٺائين، ته به مٿن فَلڪ نه آندائين. هاڻي جڏهن درياء ۾ ٻُڏي ٿي، تڏهن سندس ڪير ڪَر لهندو، ڇاڪاڻ ته ڪوبه ساڻي ڪونه هوس.

واڳون اسان جي ملڪ تي، سدا ٻُجهن سَيرَ

ٻُلهڙيون ٻارن تي، ڪَٿي کَڻن ڪَرَ

جُهوڙَ اَچن جَرَ سين، ونگيو هڻن وَرَ

ڪامل ڪَڇون آڻِين، ڇڏين پَٽ پڌر

بحرن مٿي بحر، سانگين کي ”سيّد“ چوي. (*)

بيت ۾ علَم آبيءَ جا نالا آهن: واڳون، سيسر، ٻلهڙ (ٻلهڻ)، جهوڙ (نانگ جو قسم) ۽ ڪڇون.

(الف) سر نوري ڄام تماچي

ٻارن تي = ٻارن تان، پاڻيءَ جي ننڍن ٽڪرن مان. ڪٿي کڻن ڪَرَ = جاچي ڏسي نَرا کڻن. کائڻ لاءِ جانور اُڀا ٿي اچن. بحرن مٿي بحر = سمنڊن مٿي سمنڊ يعني پُورن مٿان پُور.

ڄام تماچي روازنو نوريءَ کي هار سينگار لاءِ چوندو هو. تنهن تي نوري چوي ٿي ”سائين، اسان جي ملڪ تي واڳُون ۽ سيسَرَ جام آهن. ڪٿي ڪٿي ته پاڻيءَ جي ٽُڪرن مان به ٻُلهڙيون، ٻارن کي کائڻ لاءِ ڪَرَ کنيو اچن. ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻيءَ مان ٻاهر نڪرندڙ جانورن جي ٽَنگن کي به وچڙيو وڃن ۽ مال ٻُڏيو مريو وڃي. جڏهن مڇي مارين تڏهن ته ڄاريءَ ۾ مڇيءَ سان گڏ ڪڇون (حرام شيءِ) به ڦاسيو پون. مسڪينن جي حياتي ياد ڪندي، پُورَن مٿان پُور پون ٿا، پوءِ تنهنجا پَٽ ڪيئن پهرينديس!“

(ب) سر سسئي

واڳون = اُٺن جون مهارون. ٻَجهن = ٻَڌجن، قابو ڪجن. سيسر = سي + سر (ٻُوڙا) = اهي ٻوڙا. ٻُلهڙيون = ٻيلهڙيون، ٻه ٻه ڄڻا گڏ. ڪٿي کڻن = جاچي جوچي ۽ ڏسي وائسي کڻڻ، رٿ ڪري کڻڻ. جهڙو = جُهوڙا، جهاٻا. ونگي = (چوکنڀو) ٻڌي. جهوڙا اچن جرسين = اٺن کي جار (عشق) ڪري، پيا جهوڙا ٻڌن، ڇاڪاڻ ته پنهونءَ کي کڻڻ ۾ ڪامياب ٿيا هئا. ڪامل = اشارو پنهونءَ ڏانهن. ڪڇون = ڪڇ مان، پاسي مان. پٽ پڌر = صاف پڌر، سڃ ئي سڃ. بحرن مٿي بحر = برن مٿي بر، سُڃ مٿي سُڃ، تڪليف مٿي تڪليف.

جيڪڏهن اُٺن جون مهارون ٻوڙن يا ٻئي ڪنهن شيءِ مان ٻڌي ڇڏجن ها ته سسئيءَ لاءِ ههڙو ويل نه ٿئي ها. سسئي جي ڀائرن اها رٿ رٿي هئي ته پنهون کي ٻيلهه سلهاڙي کڻجي، جئن ڪو ٻار نِجي! اٺن کي ڏاڍي شوق مان جهاٻا جهوڙا ٻڌي، پنهونءَ کي پوريءَ طرح ونگي هليا ويا. پنهل کي، سسئيءَ جي پاسي مان ڪڍي، سسئيءَ جو سڄو اڱڻ سڃو ڪري ويا. هينئر ته ويچاريءَ کي برپٽ ڀوڳڻا پيا.

(ج) سر مارئي

واڳون = وا = واهه + ڳون = ڳئون = واهه جو ڳئون. ٻجهن = ٻڌڻ ۾ پيئون اچن، ملڪين مشهور. ٻلهڙيون = ٻن ٻن دلِن واريون ٻارن تي = ٻارن سان. اسان جون عورتون ٻه ٻه دلا به کڻن ۽ ٻار به ڪڇ تي! ڪٿي کڻن ڪر = اوچي ڳاٺ هلن. يعني دلن ۽ ٻار جي بار جو خيال نه ڪن. جهوڙ = جُهڙ. جر = پاڻي (مِينهن جو). جهوڙ اچن جرسين = جُهڙ ٿئي ته مينهن به وسي. ونگيو هڻن وار = مال کي (ڏُهڻ مهل) ونگ وجهن. ڪِڇون = گاهه جون ڪڇون، ڪڇ ۾ گاهه کڻي، گاهه جا ڀاڪُر. مال کي گاهه جا ڀاڪر ڀري وجهن.

مارئي چوي ٿي ته ”اي عمر، مال ته اسان جي ملڪ جو! اُتي ڪو ڀؤ ڪونهي. ٻوڙن سان ئي ٻڌي ڇڏيون. اسان جي ملڪ جون زالون به پهلوان جو ٻه ٻه دلا به کڻڻ ۽ ٻار به ڪڇ تي، تنهن هوندي به سندن ٻانهن لڳندي اچي! مينهن بعد پوٺن تي گاهه جام ٿئي. ڀاڪرن جا ڀاڪر ڀري مال کي ڏين، تنهنڪري کِير جام ٿئي. مال کي ونگ وجهيو پيا ڏُهن. اهڙن سانگيئڙن جا پُورن مٿي پُورَ پون ٿا.

3- ٽن کان وڌيڪ معنائن وارو هنر

پَريو پَنِي ميان سڄڻا، سُرهِيجييري ڦوٽَن ۾

جافر لونگن ۾، سا اُماڻج ”امام بخش“ چوي (*)

هن هنر ۾ وکرن جا نالا آهن: پريو، پَني، سُرهيجيري، ڦوٽا، جافر ۽ لونگ. هُنر ۾ انهن لفظن جو استعمال ۽ انهن جون معنائون هن ريت بيهنديون.

(الف) سر سهڻي

پريو = پَڙيو، پورو ٿيو. پئي = پُنِي، پُڳِي، پوري ٿي. جو قسمت ۾ لکيو هو، سو پَڙيو ۽ نه ٽَريو. سُرهيجيري = سَرُ + هِيءَ جِيري = جيئري = هي سر جيئري، جيئري ئي هي سر. ڦوٽن ۾ = حُبابَن ۾، پاڻيءَ جي بوڙين با ڦوڪڻڻ ۾. جافر = جاڦر = جا ڦِري. لونگن ۾ = لانگهن ۾، پاڻيءَ جي گهٽن گهيرن ۾.

جڏهن سهڻيءَ جو ڀيلو ڀُرڻ لڳو، تڏهن ٿي چوي ته ”اي سڄڻ ميهار، ازل کان پُنل هئي، تنهنڪري انگ پڙيو ۽ نه ٽريو! تقدير ۾ ائين ئي لکيل هو ته جيئري ئي منهنجو سر پاڻيءَ جي ڦوٽن ۾ گم ٿيندو، اي منهنجا پالڻهار! جا پاڻيءَ جي لانگهن ۾ تڙپي ٿي، تنهن کي پار (ميهار ڏي) اُڪار“.

(ب) سر ليلان چنيسر

ڦوٽن ۾ = جدائي ۾، وڇوڙي ۾.

ليلان چوي ٿي ته ”اي سڄڻ چنيسر، ٻئي جو ڪهڙو ڏوهه! قسمت ۾ ائين لکيل هو ته جيئري ئي منهنجو سر جدائي (تنهنجي) ۾ جلي ويندو. اي چنيسر! جا تنهنجي ڪوٽ! جي لانگهن ۾ ڦِري ٿي، تنهن کي معنيٰ ڏيئي ڪوٽ ڏانهن اُماڻ.“

(ج) سر سسئي

ڦوٽن = جبل جي غارن. لونگ = جبل جي لڪن ۽ لانگهن.

سسئي چوي ٿي ته ”تقدير ۾ ائين لکيل هو ته منهنجو سِرُ جيئري ئي جبلن جي غارن ۾ گم ٿيندو. اي پرور پاڪ! جا جبلن جي لڪن ۽ لانگهن ۾ ڀٽڪي ٿي، تنهنکي پنهل طرف پهچاءِ“.

(د) سر عمر مارئي

پريو = پهريو، ڪپڙا پايو. پني = پَوان ني. ڦوٽن ۾ = ٻوڏن ۾، ڦِٽ لعنت ۾.

مارئي، عمر کي چوي ٿي ته ”اي ڀاءُ سڄڻ، آءٌ ته تنهنجا ڪپڙا پهريان، پر جيئري ئي منهنجو سر ڦوٽن ۾ اچي ويندو. ڪنهن کي به سڏينديس ته چوندا ’ڦوٽ‘ ٿي. اي عمر، جا تنهنجي ڪوٽ جي گهٽين ۾ مارن لاءِ ڦِري ٿي، تنهن کي ملير اُماڻ.“


(3) . گل محمد ڪورائي، ڳوٺ مير حسن شر، تعلقو سنجهورو کان، تاريخ 2 – 4 – 1949ع تي ڪچهري ڪندي مليو.

(5) . پير بخش پنهور، ڳوٺ ملدسي، تعلقي شهدادپور کان 4-6-1949ع، تي مليو.

(6) . قلمي نسخو، سيد علي حيدر شاه، وڳڻ تعلقي لاڙڪاڻو کان مليو. تاريخ 1-1950ع.

(*) . سيد حاجي روشن علي شاه ولد حاجي محمد شاه، ويٺل ڪرم پور (پوسٽ آفيس هالا) ضلع حيدرآباد سان 10-3-1949ع تي، سندس ڳوٺ ڪچهري ٿي، هي بيت سندس ئي ٺهيل آهي. شاه صاحب لوڪ ادب فن ۾ وڏو ماهر آهي.

(*) . خدا بخش، ويٺل ڪوٽ گل محمد خان لغاري، نزديڪ ٻوٻِي تعلقو سنجهورو کان مليو، 1-4-1948ع. سگهڙ امام بخش شر، هنر جي بيتن جو بادشاه هو. سندس وفات 1942ع ڌاري ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org