سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :16

 

ڏور

سگهڙن جي ڪچهريءَ ۾ ٻين سوکڙين سان گڏ ’ڏور‘ به ڏيندا آهن. پر اڄڪلهه جي ڪچهريءَ ۾ سُونَهن ڀريو سامان ۽ وندر ۽ ورونهه جو وکرُ ئي ’ڏور‘ آهي. يا ائين کڻي چئجي ته ڏور بنا ڪچهري آڌوري ۽ اَڻپوري آهي. ويجهڙائي کان ڪي اهڙيون به سگهڙن جون ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون، جن ۾ ڪچهريءَ جي مرڪزي مواد ڏور ئي پئي رهيو آهي. انهيءَ جا هيٺيان سبب آهن:

1. ڏَهَس، سينگار ۽ دُراهي جي فن کي ٺاهي، پيش ڪرڻ وارا گهڻو اڳ اُٿي ويا.

2. هاڻوڪا سگهڙ اڳين شاعرن ۽ سگهڙن جي مٿئين فَنَّ يعني ڏهس، سينگار وغيره کي رڳو پيش ڪرڻ به پنهنجي لاءِ ڏاڍي ڏکي ڳالهه سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪچهريءَ وارا به اَٽي مان وارُ، ڪڍن ٿا يعني انهن بيتن جي معنيٰ سان گڏ تشبيهون ۽ استعارا به طلب ڪن ٿا. تنهنڪري اهڙي مواد کي پيش ڪرڻ مناسب نٿا سمجهن ته هتان ڪچهريءَ ۾ ڪاڻيارا ٿين.

3. انهيءَ فن کي ٻُڌڻ، سمجهڻ ۽ همٿائڻ وارا بِنهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس آهن.

4. ڏور، هرهڪ شاعر ۽ سگهڙ سوالائيءَ سان ٺاهي پيش ڪري سگهي ٿو، ۽ معنيٰ ۽ مطلب کان به پوريءَ پَرِ واقف ٿي ٻين کي ٻڌائي سگهي ٿو.

ڏور جي ابتدا به، انهيءَ دور کان ئي سمجهڻ کپي، جنهن دور کان ڪچهريءَ ۾ ٻيو مواد پيش ٿيو. هرهڪ ڇاڙَهه، وقت جي تقاضا آهر پنهنجي پنهنجي زماني ۾ ظاهري ٿيندي رهِي؛ تنهنڪري ائين چئي سگهبو ته ڪيترين ڇاڙهن يا صنفن جي ظاهر ٿيڻ ۾ ڪجهه نه ڪجهه وقت جي وٿي ضرور آهي، پر ائين نه جو صديون شمار ڪجن! شاه ڪريم، شاه ڀٽائي، جلال کٽي توڙي ٻن جهونن شاعرن جي ڪلام مان ’ڏور‘ جا بيت ملن ٿا، جئن اڳتي ڏيکاريو ويندو.

جهڙيءَ طرح پرولي، ڳجهارت، ڏِٺ، دراهي وغيربه ۾ ڪانه ڪا لِڪَ رکيل آهي، تهڙيءَ طرح ’ڏور‘ ۾ به شاعرن ۽ سگهڙن ڪانه ڪا ڏاهپ ضرور ڏيکاري آهي. ڪچهريءَ ۾ جا چيز پيش ٿئي، تنهن ۾ لِڪَ ضروري آهي ته جئن ڪچهريءَ جو منڊل مچي. تنهنڪري ائين وِسهجي پيو ته ’ڏور‘ ۾ به ڏاهن، ڏِٺ وانگر ڪانه ڪا رمز ضرور رچي آهي، جنهن جي ڀَڃڻ، کُلَڻ يا ڏوري ڏسڻ سان ’ڏور‘ جو مطلب حَلُّ ٿيو وڃي. ’ڏور‘، ’ڏورڻ‘ (ڳولڻ‘ مان ئي سمجهڻ کپي. سگهڙ جلال ڀُٽي سان ڪچهرين ۾ ويندي، ڪيترن سُگهڙن کان ٻڌم، جن پنهنجي گفتي جي مَلُوڪَت ڏيکاريندي، ٻئي سگهڙ کي هڪل ڪري پئي چيو ته: ”’ڏور‘ نه ڏي، بلڪ سِڌي ڳالهه ڪر.“ يعني ڳالهه کي وِچڙائي (مُنجهائي، لِڪائي) بيان نه ڪر، پر صاف صاف چَو.

سنڌ جي مشهور شاعر ڇَتي فقير سانگيءَ (1) به ڏور لاءِ اهڙو ئي خيال ظاهر ڪيو آهي ته:

”ڀَڃُ پرولي اُن جي، ڏِنگِي ڏورِ ڏيڻ.“

ان مان صاف ظاهر آهي ته ’ڏور‘ به پرولي، ڳجهارت وغيره وانگر ڍڪ پردي واري صنف آهي. ’ڏور‘، پراڪرت ’ڊول‘. سنسڪرت ’دولَيهۡ.“ ڌاتو يا بنياد آهي: ’دُلۡ‘، = ٽُڪَلَڻُ، ڀُڻَڻُ، گُهمڻ، ڦِرڻ. ڏو ۾ به ائين ئي آهي، جو ڏور ڏيڻ کان پوءِ، ڀَڃندڙ يا ڳولو ڏور ڀڃڻ يا ڳولڻ لاءِ خيالن سان گڏ پيو ٽُلڪَندو، جيستائين ڪو هارائي يا هڻي هنڌ ڪري (2).

جئن ’پروليءَ‘ ۾ تشبيہ ۽ استعارو؛ ۽ ’ڳجهارت‘ ۾ ’تجنيس‘ ۽ ’تلميح‘ لازمي جزو آهن، تئن ’ڏور‘ ۾ وري ’تمثيل‘ لازمي جُزو آهي. ’تمثيل‘ کان سواءِ ’ڏور‘ بيهي نه سگهندي. ڏور هميشہ بيتن ۾ هوندي آهي، جنهن جو تاڃِي پيٽو، حضرت رسول ڪريم صلعم جن جا معزا، اسلامي قصا ۽ واقعا آهن. انهن معجزن، اسلامي قصن ۽ واقعن جي معلومات رکڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي، تنهنڪري بقول ڀُٽو جلال: ”ڏور، شَهه زور، ڏور سان ڪونهي زور“. ڏور جو ظاهري مطلب هڪڙو، ليڪن اندروني ڪنهن نه ڪنهن اسلامي روايت ڏانهن منسوب هوندو آهي. تنهنڪري اهڙن بيتن ڀڃڻ لاءِ مذهبي قصن ۽ واقعن جي پوري پرور هئڻ لازمي آهي. حاجي موچي (جلال جو ساٿي) چوندو هو (1): ”ڏور آهي، پيو ڏور (ڳول) اهڙيءَ طرح ڏورِ جو ڏور سان ڌاڳي جي اوڊَڙ ڪري، اوبڻيءَ تي چاڙهي، پانديءَ جي اصل تي وڃي بيهجي“. مطلب آهي ته اجايو ڌَڪو نه هڻجي، پر ڳالهه جو ڳُرُ ڳولي، پُورو پيرِي ٿجي.

ڪچهريءَ جا ٻول

’ڏور‘ جي بيتن ڀڃڻ يا ڏيڻ وٺڻ لاءِ به ڪچهريءَ يا ڪي خاص ٻول (اصطلاح) ٿيندا آهن، جي هيٺ ڏجن ٿا:

1. ڏور يا بيت ڏيڻ: ڪچهريءَ هلندي چون ته اَچيوَ ٿي ’ڏور‘: معنيٰ ته ”ڏور جو بيت“. يا اچيوَ ٿو ’بيت‘: معنيٰ ته ’ڏور جو بيت‘.

2. شاهد ڏيڻ: ڏور جي بيت جهڙو ساڳئي قصي تي ٻَڌل، ٻئي بيت کي ’شاهد‘ چون. جيڪڏهن ’ڏور‘ نه ڀڄندي ته ڏيندڙ کي چَوندا ته: ادا شاهد ڏي يعني ٻيو بيت ڏي، جا ساڳئي قصي تي بيٺل هجي. هڪ ’بيت‘ جا ڪيترائي ’شاهد‘ ٿي سگهن ٿا.

3. مراد ڪڍڻ: ’بيت‘ جي ڀڃڻيءَ کي ’مراد‘ چون. جيڪڏهن ڪو بيت ڪچهريءَ تي بيهي وڃي يعني ڪچهري ڀڃي نه سگهي ته ڏيندڙ کي چوندا ته: ”ادا، ’مراد‘ ڪڍ.“ يعني بيت ڀڃي ٻڌاءِ. ڪهڙي به معجزي يا اسلامي قصي تي ’بيت‘ ٻڌل هوندو ته به ان جي ڀڃڻيءَ کي ’مراد‘ چون.

4. ’ها ادا‘  چوڻ يا ’ورائي ڏيڻ‘: جيڪڏهن ڳوليندڙ يا بيت جي ڳولا ڪندي، وري بيت ٻُڌڻ جي مرضي ڏيکاريندا ته ڏيندڙ کي چوندا ”ها، ادا.“ جنهن جو مطلب آهي ته ادا، وري بيت ٻُڌاءِ. ڪي وري چون ته ”ادا، ورائي ڏي“.

ڏور جي ٻڌ ۽ خوبيون

جئن ته ڏور جو سلسلو هميشہ بيتن ۾ هوندو آهي، تنهنڪري هيٺين ڳالهين جو خاص خيال رکيو ويندو آهي.

1. ’بيت‘ جي ٻَڌَ اهڙي هجي،جا اول کان آخر تائين هڪ ڪَرِي هجي يعني لفظي پوچ، قافين جي بيهڪ، سلسلي جي سُوڌائيي، ماترائن جو ميلُ يا تورَ تَڪَ ساڳئي سطح تي بيٺل هجن.

2. ٻاهريان لفظ، اندرين لفظن سان ٺهڪندڙ هجن، يعني ڏور ۾ ’اصلي ڳالهه‘. جن موزون ۽ مناسب لفظن ۾ لڪايل هجي، تن (لفظن) سان ’نقلي ڳالهه‘ جا ملندڙ جُلندڙ لفظ ڪم آندل هجن. جئن ته ’تمثيل’، ڏور جي جانِ آهي، تنهنڪري ٻاهرين تمثيل (نقلي ڳالهه)، اندرين تمٿيل (اصلي ڳالهه) سان هر حالت ۾ ٺهڪندڙ هجي. يعني ڏور جو ’ٻاهريون قالب‘، ’اندرين قالب‘ سان پورو اچي. مطلب ته جيڪي ڳالهيون ڏور جي بيت ۾ ٻاهران ڏيکاريل هجن سي جڏهن کُلن تڏهن اندرين ڳالهين سان ’لَفّ و نَشر‘ وارو خيال ڏيکارين. مثلاً هيٺيون بيت ظاهري ته ”عمر مارئي“ جي قصي تي ٻڌل نظر اچي ٿو:

عمر جي مارئيءَ سان ڪيڏي هُئِي آرَ

ڪِينَ ڇڏي ها ڪامِڻِ کي سالڪ سڀ ڄمارَ

پانَوَ انهيءَ پاڙي مان، گوهر ٻُڌي گفتارَ

ڪڍي ڇڏيائين ڪوٽ مان قرب ڪري ڪوهيارَ

”حلال“ چوي جڳ ۾، اَٿَوَ عام پچار

ٻَهڳُڻَ سو ٻِيهارَ، ماڳ نه آندي مارئي. (*)

بيت ۾ هيءَ تمثيل سمايل آهي:

عمر = حضرت اويس قرني رضه

مارئي = ٻَٽيِهي (ڏندن جي)

ڪامڻ = مارئي. هت ’ٻٽِيهي‘.

پانوَ = عمر ـــ هت ’حضرت اويس قرني رضه.‘

پاڙو = عمر جو محلو، آس پاس، ڀرسان رهندڙ. هِت ’جنگ جو ميدان‘.

گوهر = عمر. هِت ’حضرت اويس قرني رضه.‘

ڪوٽ = عمر جو محلات ــــ هت ’وات مبارڪ‘.

ڪوهيار = عمر ــــ هت ’وات مبارڪ‘.

ٻهڳڻ = عمر. هت ــــ ’حضرت اويس قرني رضه.

انهي مثال ۾ ’اصل ڳالهه‘ ۽ ’نقل ڳالهه‘ يا ’اندرين‘ ۽ ٻاهرين ڳالهه‘ پاڻ ۾ ٺهڪندڙ آهن.

مراد: اُحد جي لڙائي ۾ حضرت محمد صلعم جن جو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو. جڏهن اها خبر حضرت اويس قرني رضه کي پيئي، تڏهن سخت پريشان ٿيو. هڪدم سندن سِڪ ۾ هڪ ڏند ڪڍي ڇڏيائين. وري خيال آيس ته حضرت جن جو الاجي ڪهڙو ڏند مبارڪ شهيد ٿيو هجي، تنهنڪري سچي سِڪ وچان پنهنجي ٻٽيهي ڪڍي ڇڏيائين.

هاڻي جيڪڏهن ظاهري ۽ اندروني قصو ڏسبو ته، ٻَٽي (قصا) پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهن.

3. ڏور جو اُهو بيت ڪچهريءَ ۾ قبول پوندو، جيڪو حقيقت تي بيٺل هوندو، جنهن کي ڪچهريءَ جي ’ٻول‘ ۾ ’حديث تي بيٺل‘ چوندا آهن. جئن مٿيون ڏور جو بيت حقيقت تي ٻَڌل آهي.

4. ڏور جو اُهو بيت ڀلو ليکبو آهي، جنهن کي هڪ کان وڌيڪ شاهد هجن.

ڏور کي معجزن، قصن، واقعن، روايتن وغيره جي مَدِ نظر، هيٺين نمونن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:


 


(1) . محمد ڇتل عرف ڇَتو سانگي، پيٽهڙي ڳوٺ (تعلقو لاڙڪاڻو) ۾ رهندو هو.

(2) . حاجي هوت موچي (ويٺل ڳوٺ رَتوڪوٽ، تعلقو لاڙڪاڻو) ڏور جو سگهڙ هو. جلال ڀُٽي سان گڏ هوندو هو.

(1) . حاجي هوت موچي (ويٺل ڳوٺ رَتوڪوٽ، تعلقو لاڙڪاڻو) ڏور جو سگهڙ هو. جلال ڀُٽي سان گڏ هوندو هو.

 

(*) . جلال ڀٽو، لاڙڪاڻي جو ويٺل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org