سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :31

 

 

شاعري لولي

 

(الف) سينگار لولي

 

هيءَ لولي به مجازي لوليءَ جو هڪ نمونو آهي. فرق فقط ايترو آهي جو ’سينگار لوليءَ‘ ۾ شاعر، محبوب جي وصفن کي سينگار جي بيتن وانگر عمدين تشبيهن سان پيش ڪندا آهن، ۽ پوءِ سارو مهينو ڪيئن ڏکن ۽ ڏولائن ۾ گذريو، تنهن جو بيان ڪندا آهن، ۽ پوءِ سارو مهينو ڪيئن ڏکن ۽ ڏولائن ۾ گذريو، تنهن جو بيان ڪندا آهن. يا وري هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ڏانهن ويندي، واٽ تي ڳوٺ ڳوٺ کي ڏسندي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندا آهن. مطلب ته هيءَ لولي به ’محبت ۽ مجاز‘ جو بنيادي نڪتو آهي.

 

لولي شاهه محمد ديدڙ *

 

تون هلي آءُ، سڄڻ تون هلي آءُ

تنهن جون جايون ٿَم جانِ ۾.

 

1-  اول نانءَ الله جي، منهنجي منت مڃ

گڏ گذاريون ڏينهرا، گهڙي ويل ته وڃ

سڄڻ سڪ وارن ڏانهن جيئري نه ڀيرو ڀڃ

ڄمندي پيتم ٿڃ، تنهنجي درد فراق جي.

 

2-  دلبر دل کسي وئين، دم ۾ ڌتاري

پوءِ وڃي ويهي رهين، ورنهه وساري

دلبر انهيءَ درد جو ڏکڙو ٿو ماري

اول جياري، پوءِ ماري وئين مسڪين کي.

 

3-    وسون مان نه وساريان، پرين پهريون ڏينهن

پورهيت جو پرديس ۾ نت نت نئون ڏينهن

ويٺي يار وسايان سندو محبت مينهن

نينهن چوان يا شينهن، ماريو مَروڙيو وجهي.

 

4-    سڄڻ تنهنجي سڪ ۾ ڪيو سورن سان سانگو

نينهن هڻي نادان ڪيو، نَڌَر کي نانگو

مُڪو ڪونه مئيءَ ڏي، ڪو قرب جو ڪانگو

ملڻ مهانگو، سڄڻ سهانگو ڪيو.

 

5-     سڄڻ تنهنجي سونهن جي صفت سڀ چوان

قد جي ثاني ڪونه ڪو، توڙي سور سنوان

هلڻ سان حبيب تون، ڪرين ناز نوان

عبرت منجهه پوان، جڏهن ٽلي ٽور سان

 

6-  زاري زلف سڄڻ جا، ڪارا ڪارا نانگ

ڏنگن ڏيهاڙي گهڻو، سڄڻ ڪن نه سانگ

اچيو عاشق اُتهين، ٿين ڊانگو ڊانگ

زاري زهر دانگ، جوڙيو ڏين جسم تي.

 

7-    محب تنهنجي منهن تي سج ۽ چنڊ چريا

نوڙي ٻنهي نياز سان ٿي قدمين ڪنڌ ڌريا

کنوڻ خجالت ۾ ٿي مجرا لک ڀريا

عاشق ڪين ٽريا، سجدا ڪن سڄڻ کي.

 

(8) پسي درجه دهن جو، غنچه منجهون گل

ڪري رشڪا ريس سان تان ڀي ٿئي نه تل

ڏاند داڻا ڏاڙهونءَ جان پر ڏاڙهون مٽ نه مل

ملڪ مڙئي ڪل مٽ نه محب جو ڏسان

 

9-    خوبي کاڏيءَ جي پسي ٿو صفت سيب ڪري

ڪونج ڳچيءَ کي ڏِسيو، محبت منجهه مري

ڪرڪي سوز فراق مون ٿي ٿڌا ساهه ڀري

هينئڙو هنياءُ ٺري، صفت ڪنري سڄڻن جي.

 

10-  سينو صاف سَمن کون، کُليا باغ بهار

سونهن منجهه چمن جي، عجب گل انار

مٿي پيرن سوهڻو، جانب جو جنسار

وڃن وهم هزار، جانب ڏٺي جان مون

 

11- (1) محڪم محرم ماهه ۾، خوشيون لکي خط

پاسي پرين پار جي، روئي منجهون رت

قاصد وڃ ڪَهي، سينو ڪري سَت

ڪجهه وجهه نه قط، ملڻ منجهان پرين.

 

12- آيو صفر سُوهڻا، سفر ڇڏي ڇونه

توريءَ هيڻيءَ حال جي، ڪل لهي ٻيو ڪونه

ايڏي وِٿ وداع جي، مور مناسب تونه

اچي ڏٺئه پوءِ نه، هيڻو حال حقير جو.

 

13- آيو عرس عام لئي ورڻ وائي ڪر

نالي نانءُ الله جي ديدَ اسان تي ڌَر

سُورن منهنجي ساهه سان، پرين ڪئي آ پَرِ

گهوٽ اچي جي گهر، وڃن سور سنڌا ڪري

 

14-(2) ربيع الثاني روح ۾ اُتم ته ايندا

دلاسا دلگير کي ڏسڻ سان ڏيندا

پورهيت پنهنجي پاڻ سان نيٺ وٺيو ويندا

ٿَڪيءَ سان ٿيندا، ايڏا قرب ڪريم جا.

 

15- جاني جمادالاول جا، چاجوسيون چنڊ

ڪڍي موٽ قلوب مون، گهوٽ غصو ۽ گهنڊ

ڪين منجهون ڪين ٿيو آءُ کلي ٿيون کنڊ

محب هنيو منڊُ، لڏڻ لاهج ڪين ڪي.

 

16- جماد الثاني جوش ۾، آيو نه آرام

ڏيهان اورڻ ڏاکڙا، ماتم آءِ مدام

راحت راتيان نه اچي، نيڻين ننڊ حرام

لاڙي آءُ لغام، ايڏو غصو گهوريو.

 

17-(1) راڻا رجب آئيو، وَهَندوئي وَري

سورن واري سرتي، آندي برهه ڀَرِي

مان ٿي سِڪان ساريان، تنهنجي سڄڻ سري

چاڪن ڪيس چري، ڏک اوريندي ڏيل ۾

 

18-(2) شڪر ٿيو شعبان ۾، سڄڻ لڌي سارَ

قاصد آيو قريب ڏنهُه تنهن گوئي هي گفتار

عاشق جهل اندوهه کي، لٿُئه غم غبار

ملندءِ وارون وار، آهن اچڻ ۾ ادا.

 

19- رب! مليا رمضان ۾، جيءَ گهريا جيثي

جن لَئي سِڪان ساريان، سچ مليا سيئي

آيو روح رڳن ۾، پيڙَ پري ويئي

قرب ڪيا ڪيئي، ملڻ سان منهنجي پرين.

 

20-(1) سڪر ٿيو شوال ۾، مِهڻا موکيائون

سينو سيني سان گڏي درد ڌوتائون

اچي تنهن عشق جون، پڳيون من جون مدائون

ٻاجهون ٻڌائون، سنديون سورن ڳالهڙيون

 

21-(2) رنگ لٿو ذوالقعد ۾، جاني آيو جوءِ

هنڌ، حاويليون، حجرا، گل کليا خوشبوءِ

مليو محب، مبارڪون ڊهيون سوءِ بسوءِ

موءِ بمبوءِ، مان کي مبارڪون مليون.

 

22-(3) حج مهينو هوت سان گڏجي گذاريان

اکيون اوتارا ڪري، وَنيُون وهاريان

ڏِسان ڏسي ڪونه ڪو ڇوهه ڏيهه کي ڏيکاريان

جنهن ڏي نهاريان، سو ڏسڻ ٿيم ڏِسڻ ۾.

 

23-   شاهه محمد چوي شاديون اڄ ڪيون عجيبن

لکين لائق مون مٿي ڪيا منهنجي حبيبن

ڏني ٻُڪي ٻاجهه جي، تن جي طبيبن

مونکي نصيبن، ڪلمي ساڻ قرار ڪيو.

* * *

 

 

اسلامي لولي

 

هيءَ به لولين جو هڪ قسم آهي، ليڪن هن قسم جي لولين ۾ خدا پاڪ ۽ حضرت محمد ﷺ جو شان اقدس بيان ڪندي، پنهنجي دل جي ماجرا پڻ بيان ڪئي ويندي آهي. لولين جي شروعات مختلف نمونن سان ٿيندي آهي. مثلاً:

 

1-  احمد عرب عزيز الله

وارث وِير ولي الله

لا اِلله اِلا الله

 

2- منهنجا سونهارا سردار

سڻ ڪا گوليءَ جي گفتار

ڪر نه مون کي پاڻان ڌار

ڇو ته آءُ آهيان لاچار

آهيان تو ڌار

 

3- تون آءُ سگهو، شل راضي رب ٿيندو

سيد آءُ سگهو، ڪر ماڙِ مسڪين تي

مرسل مل سگهو.

 

ڪن لولين ۾ حضرت محمد ﷺ جي ديدار فرحت آثار جي تمنا سمايل هوندي آهي، جنهن ڪري شاعر ويچارو پنهنجي ڳوٺ کان وٺي.عرب ملڪ تائين مشهور هنڌن جو ذڪر ڪندو آهي ته ڪن ۾ وري الاهي آفتن کان بچاءُ ۽ من جي مدعا پوري ٿيڻ جي التجا ڪيل هوندي آهي.

 

لولي: چيل ابو صالح جي *

 

نِيلان نرمل نور جون، الله لولي

جي ڏسان ته ٺران، اله لولي

1-  ’مِٺي ديري‘ مون هلي ڪري، نينهن کڻي نيشان

’لاڙڪاڻي‘ مون لنگهي ڪري سائين، ’باقراڻي‘ ڪيان بيان

’باڊهه‘، ’راڌڻ‘، ’باليشاهه‘ لنگهي، ’سيتان’ کون ته وڃان

الله لولي...

 

2-  ’پُلجي‘، ’دادوءَ‘ کون لنگهي، بيشڪ ’ڀان‘ ڏسان

’بوبڪ‘ بلاشڪ لنگهي، ’سيوهڻ‘ صاف رسان

پرتئون نَئِي پسان، چانئٺ سهڻل لعل جي

الله لولي...

 

3-  ’لڪيءَ‘ کون لنگهي ڏسان، ’آمري‘ ’سن‘ سگهي

’مانجهند‘، ’گوپانگن‘ کون ’ٻُڍاپور‘ ٻُجهي

دل کي صاف سُجهي، لنگهان ڪپر ’ڪوٽڙي‘

الله لولي...

 

4-  ’ٻولهاڙيءَ‘، ’ميٽگ‘ کون لنگهي، جاءِ ڏسان ’جهمپير‘

’جنگ شاهي‘ جلدي وڃي، سڪ جو رکي سير

ڪندو ماڙ منير درس ’داٻيچين‘ وڃان

الله لولي...

 

5-  ’لانڍيءَ‘ کون ته لنگهي ڪري، ڏسان وڃي ’ڇانوڻي‘

محبت مرسل مير جي، ويَڙي واهه وڻي

ڪندو خير ڌڻي، ڪاهي ’ڪراچيءَ‘ وچان

الله لولي...

 

6- ’بندر ڪياماڙيءَ‘ کَون چڙهندس منجهه جهاز

مڙئي لهندا من تَون، دل جا دک دراز

تيزون تار به تاز، سدا ’مسقط‘ ۾ وڃان

الله لولي...

 

7- بيشڪ چوبارون لنگهي، ’لِنگها بندر‘ ڏسان

’ابو شهر‘ بندر کون، ’بندر عباس‘ رسان

هيجون يار هَسان، مان بندر ’بحرين‘ ڏسي

الله لولي...

 

8- ’هامري‘ بندر کَون هلي، ڏسان ’علي مڪان‘

پڙهان حمد حڪيم جا، سريان مان سبحان

تازو ٿيان توان، بنا ’بصري‘ جا ڏسي

الله لولي...

 

9-  بصري مون ته هلي ڪري، ڏسان ’طلحا اصحاب‘

زيارت ڪيان ته زبير جي، پهچي صاف ثواب

منجهون شوق شتات، رڙهان پاڪ رسول ڏي

الله لولي...

 

10- ’گرني بندر‘ کَون، ’بدينان بندر‘ وچان

سوين ٿورا سِر تي، مرسل جا ته مڃان

آهن اميدان اڃا، حامي ٿيندو حشر ۾

الله لولي...

 

11- سڌو ’شيخ شيوق‘ کَون، ’مرڪس‘ گهٽ گهمان

منجهون عشق شفيع جي، رستي منجهه رقمان

عربي ڏيج اَمان، شافع شاه ڇِيهن کَون

الله لولي...

 

12- پُسي تنهن پرينءَ کي، ٿيندو ساهه سڌير

ڪنديس عرض عجيب کي، ڪوڙين آءٌ ڪثير

رکي عشق اُڪير، ڪاهي ڪربلا وڃان

الله لولي...

13- سڌو ’سماوات کَون ’سناقيه‘ کَون سنوان

’شاهه نجف‘ شهر ڏي، پيرين پنڌ ڪيان

ذوقون زيارت ڪيان، هلي حيدر شاهه جي

الله لولي...

14- حضرت شاهه حسين جي، ذوقون زيارت ڪيان

اڪبر ۽ اصغر تَون ادا، صدقي صاف ٿيان

رکي حبّ هِنيان، مان هلي پسان حُرَّ کي

الله لولي...

 

15- ڏسان گنج شهيد کي، سائين جاٿي شاهه قاسم

آهي شهيدن جو ادا، گهڻو هينئڙي غم

سدا ڪيان ماتم، ڏسي ڪِيس قتل جو

الله لولي...

16- ڏسي قتل گاهه کي، رُئان زارو زار

توبہ زاري آهه مون قادر آهه قهار

جلدي ڪري جارُ، ويندس شاهه عباس ڏي

الله لولي...

 

17- ڪري پنڌ پيرن سان، محموديہ کُون سنوان

هلندي حبّ حبيب جي، رستي منجهه رُئان

مداحي مدح چوان، دستگير جي در تي

الله لولي...

 

18- روضو رهبر جو ڏسي، ڪيان مان شرڪرانا

بيحد بي انداز کَون، تنهنجا بيانا

شاهي شهانا، آهن شاهه عجيب جا

الله لولي...

 

19- ذوقون زيارت مان ڪيان، سندي عجيب جبار

اعليٰ اَجر مون ميلن، بيحد بيشمار

آهي طلب تنوار، ”ابو صالح“ عجيب جي

الله لولي...

 

مٿي آيل لوليءَ ۾ شاعر ’ابو صالح‘ پنهنجي ڳوٺ مِٺي ديري ــــ تعلقي لاڙڪاڻي کان بيان شروع ڪيو آهي ۽ پيغمبر ﷺ جي روضي مبارڪ تائين، وچ وارن هنڌن جو ذڪر نهايت عقيدتمندانه انداز ۾ ڪيو آهي.

* * *


* . قلمي نسخي 1896ع تان ورتل.

(8) . درج = دٻلو ڪري رشڪاريس = ريس کان رشڪون پيو کائي.

(1) . قسط = وِگهن، چِر؛ دير (؟)

(2) . اُتم = چيم.

(1) . وهندو = جلدي جهٽ پٽ.

(2) . گوئي = چئي ٻُڌائي.

(1) . مهڻا موکيائون = مون کي مهڻن کان بچايائون، مهڻي هاب نه ڪيائون.

(2) . دل تي جدائيءَ جو جيڪو ڪٽ چڙهيل هو، سولهي ويو. سوءِ بسوءِ = هرطرف کان.

(3) . ونيون وهاريان  اکين ۾ جايون ڏيان.

* . قلمي نسخو مهدي شاه بخاري؛ مليل سيد علي حِدر شاه کان، نسخي جو سال 1332 هه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org