سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :33

 

 

سهرا

 

جهڙي طرح مرد خوشيءَ جي موقعن تي راڳ جي محفل مچائيندا آهن، تهڙي طرح عورتون وري ’سهرا‘ يا ’لاڏا‘ ڳائي دل وندرائينديون آهن. مڱڻو هوندو يا پرڻو، ڄمڻ ( پٽ جو) هوندو يا طهر، ڇَٺي هوندي يا باسَ ته پاڙي ۽ ڏيٺ وارن هنڌن سهرن جو سڏ ٻڌائي اينديون ۽ ڍَلِيءَ رات تائين سهرا پيون ڳائينديون. راڳ هڪ ڄڻو به ڳائي سگهي ٿو، پر سهرا گڏجي ڳائينديون آهن. توڙي گهڻيون نِڙيون هونديون، ته به دهل جي وڄت تي پوريون اينديون ۽ تاڙين جي ڦهڪي ۾ سريلو آواز ائين پيو معلوم ٿيندو، گويا ڪوئل ٿي ڪوڪي! دهل کان سواءِ ٻيو ساز ڪم نه آڻين. دهل نه هجي ته پوءِ ٿالهه يا ٿالهيءَ تي لئي ڪن. ڪڏهن ڪڏهن ڇيرن جي ڇمڪار سان به ڇيڄ ڪن. ’سهري‘ کي ڪي ’ڳيچ‘ ۽ ڪي ’ڳيو‘ چون.

 

سهري جي شروعات ڪڏهن کان ٿي سو يقين سان چئي نٿو سگهجي، پر گمان غالب آهي ته جئن انسان ذات جي پيدائش ٿي آهي ۽ مٽي مائٽي ڳنڍبي ويئي آهي، تيئن ئي اندر جي آلاپ شروع ٿيندا ويا آهن. تاريخ شاهد آهي ته دنيا ۾ پهريون خون هابيل جو ٿيو. ان قضئي تي حضرت آدم عليہ السلام توڙي بيبي حوا نيڻين نار وهايا هوندا ۽ بي اختيار دل مان ڪي آلاپ ڪڍيا هوندا. جئن ته مرد جي مقابلي ۾ عورت جو مزاج وڌيڪ جذباتي ۽ قربانيءَ وارو ٿيندو آهي، تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته عورت جي جذبن ۽ احساسن شعر جي صورت ورتي هجي، اهي جذبا، اهي احساس، اهي امنگ موقعن پٽاندڙ اُٿن ٿا. جيڪڏهن خوشيءَ جو موقعو آهي ته خوشيءَ جا گيت، جيڪڏهن غم جو موقعو آهي ته اوسارا ۽ پار پڌرا ٿيو پون، تنهن ڪري ائين چئي سگهبو ته ’سهرن‘ جي شروعات آڳاٽي ۾ آڳاٽي آهي، پر مليل مواد جي آڌار چئي سگهبو ته سنڌ ۾ به سهرا ڪافي وقت کان اُسريل آهن. ڊاڪٽر بلوچ جو خيال آهي:

 

”آڳاٽن قبيلن ۾ شادي جي مڙني رسمن ۾ ساٺن ۽ سوڻن کي وڏي اهيمت حاصل آهي. ساٺ ۽ سوڻ، انسان جي وهمن ۽ ويچارن، حيلن ۽ حڪمت عملين جا آڳاٽا يادگار آهن ۽ انهيءَ ڪري ڳيچن جي صنف ۾ ’ساٺ ڳيا’ غالباً ڪافي آڳاٽي وقت جا آهن... ...

هيءَ پهرين لانءَ، چنڊ ٻائولي

ٻاٻل ڌيءَ ڪنوار، گهمندي نُوري

گهمندي نُوري، اڇڙي چوڙي

ماڻڪ پيڙا ماڻ، اسان جيءُ تو ڄائو

وَنو پرڻي رات، موڙن سين ڳُتو

سُرهي سيج لاءِ؛ اسان جو لاڏو چڙهيو

غالباً اهي ’ساٺ ڳيا‘ سمن جي دور جا آهن، ڇاڪاڻ ته سمن جي دور جي ’ڳاهن‘ ۽ مصراعن ۾ ’ٻاٻل‘ جو لفظ استعمال ٿيل ملي ٿو (1):

محمد سومار شيخ ’سهرن‘ جي باري ۾ لکي ٿو(2)

”مَرکان شيخڻ، سومرن جي ڏينهن جي شاعره آهي. سندس گيت درگاهه شيخ پير قرهيو ڀانڊاري سان وابسته آهن. مذڪوره پير اٽڪل روءِ 700 هه يا ٿوري اڳ 696 هه ڌاري وفات ڪري ويو. مَرکان پنهنجي مرشد جي وفات کان پوءِ به گهٽ ۾ گهٽ 25-35 سال زنده رهي هوندي. سندس ڪلام ۾ اهڙا اشارا ملن ٿا..... مرکان شيخڻ پنهنجي مرشد حضرت پير شيخ قرهيہ ڀانڊاري رحه کي ڳايو آهي:

بَيرقون مونجي پِير جون

قُلبان وڃان

سونهَن سماع وچ

جنين جو شاني، نڪو تَل...

 

مريد منهنجي قرهيل جا

قلبان وڃان

اچن وچينءَ ويل

جنين جو شاني نڪو تَل...

 

دهل منهنجي بير جا

قلبان وڃان

سونهن سماعِ وچ

جن جو شاني نڪو تَل...

 

دُنبا گهيٽا قرهيل جا

قلبان وڃان

سونهن سماع وچ

جن جو شاني نڪو تُل...

 

بهرحال ايترو معلوم ٿيو ته ’سهرا‘ به هڪ قدم صنف آهي.

’سهرو‘، هندي ’سِهرا‘، پراڪرن سهيَرَئو، سنسڪرت ’شيکر‘ = موڙ گلن جو هار)، جو پرڻي وقت گهوٽ جي مٿي کي ٻڌجي. ’سهرن’ يا ’موڙن‘ ٻڌڻ وقت عورتون جو ڪجهه ڳائين، تنهن کي ’سهرو‘ چون. ’شيکر‘ جو بنياد: شِک = وڃڻ (1) آهي. لفظ جي ڌاتو يا بيناد مان ظاهر ٿيو ته ’سهرا‘ ان کي ٻڌا وڃن ٿا، جو ڪنوار جي طرف وڃي ٿو يعني شادي ڪري ٿو.

 

’سهرن‘ لاءِ سنسڪرت ۾ ’سرَج‘ لفظ به نظر اچي ٿو، جنهن جي معنيٰ آهي: گلن جو هار. خصوصاً مٿي لاءِ (2). ائين ڀانئجي ٿو ته ’سهرن‘ کي ’سرج‘ چوندا هئا. پروفيسر ڀرومل رگ ويد جو حوالو ڏيندي لکي ٿو(3): ”مرد پنهنجي پيشانيءَ تي سهرا ٻڌندا هئا، جي گلن يا زريءَ جا ٺهيل هوندا هئا. اهي سرَج (Sraj) سڏبا هئا. اهي سهرا، شايد وهانءَ مهل يا ٻين ڪن خاص موقعن تي ٻڌندا هئا.“

’سهري کي هندو ’لاڏو‘ چون؛ پر گهوٽ کي به ’لاڏو‘ چون ۽ ڪنوار کي وري ’لاڏي (1). لاڏو، سنسڪرت لَڊ = چاهڻ؛ مان ٺهيو آهي.

 

لاڏو لاڏيءَ ڪاڻ، دُرڙي گهڙائيندو

 

او نيمي هي رنگ لايو،

ڀايلُ رات وني وٺي آيو.

لاڏي کي گهوٽ، بَنو، وَنو ۽ بنرو به چون هاڻي ڏسون ته اهي ڪهڙي بنيادي معنيٰ رکن ٿا.

اڳي ته عام رواج هوندو هو، ليڪن هينئر به ڪٿي ڪٿي رواج ڏسجي پيو ته ’گهوٽ‘ کي گهوڙي‘ تي چاڙهيندا آهن. تنهن ڪري ائين ڀانئجي پيو ته ’گهوٽ معنيٰ گهوڙي چڙهندو. گهوڙو سنسڪرت ’گهوٽڪ‘ آهي (2).

بَنو، وَنو ۽ بَنرو ساڳي ڳالهه آهي. بَنرو هندي ’بَنرا‘ يا ’بَنا‘. سنسڪرت وَرڻَنَ = تيار ٿيڻ، سينگار ڪرڻ.گهوٽ کي شادي جي موقعي تي خوب سينگاربو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ’سهرن‘ ۾ ’آهر‘ کي به ياد ڪندا آهن:

”اَهَنر هٿن ۾، ڪاتي ته ڪُڏائي.“

”اَهنَرَ، سنسڪرت آهه (آهَن) = ڏينهن + نَرَ = مڙس. ڏينهن جو جوڌو (The best man of the day) ’اهنر‘ گهڻو ڪري ڀيڻويو ٿيندو آهي. ائين ڇو؟ تنهن لاءِ ڀيرومل لکي ٿو:

 

”اڳي ڪنهن ڇوڪريءَ جو جيڪڏهن چار ڄڻا سڱ ڇڪيندا هئا ته ڇوڪري ته نيٺ هڪ کي ملندي هئي، باقي ٽي ڄڻا ڦِري دشمن ٿيندا هئا. اهي يا گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي کي ماري پورو ڪندا هئا يا رڳو گهوٽ کي ماري، ٻانهن ڀڄائي ويندا هئا ۽ اهڙيون ڳالهيون اڄ به ٻڌجن پيئون. اهڙيءَ حالت ۾ سر جي سلامتيءَ لاءِ ڪو بندوقو يا بورائو هوندو هو. سالا، شينهن کي به پيارا آهن، تنهن ڪري گهوٽ توڙي ڪنوار جو ’اهنر‘ اڪثر سندن ڀيڻويو ٿئي ٿو.“ (1)

 

’ڳيچن‘ ڳائيندي، عورتون، ڪنوار جي ڳهن جو ذڪر به ڪنديون آهن ۽ ائين به چونديون آهن ته اهو زيور سونو هجي:

 

1-      دُري تنهنجي ســوا تــولو، مــلان مارن سان لهــي اولــو

2-     منڊي تنهنجي سوا تولو، ملان مارن سان لهي لولو.

 

’دري‘ سوا تولي مان ته نه ٺهندي. ’منڊي‘ به سوا تولي کان ڪن حالتن ۾ گهڻو کائي وڃي ٿي. ان مان صاف ظاهر آهي ته سوني زيور جو رواج هو ۽ تور وڌ ۾ وڌ (هر هڪ زيور جي) ’سوا تولو’ هئي. ڀيرومل، رگ ويد جو حوالو ڏيندي لکي ٿو:

”هن وقت جيئن سونيون گِنيون ۽ ڊالر آهن، تئن رگ ويد واري زماني ۾ به سونا سڪا هوندا هئا، جي نِشڪَ (Nishka) سڏبا هئا. انهنجو وزن هڪ جيترو نه هوندو هو، پر عام طرح منجهن سورهن ماسا يا سوا تولو کن سون هوندو هو.“ (1)

 

تنهن ڪري ائين چئي سهبو ته ’سهرن‘ مان ريتن رسمن ۽ تاريخي پهلوئن جو به پتو پئجي سگهي ٿو.

 

اهي ’سهرا‘ يا ’موڙ‘ ’گهوٽ‘ کي ڇو ٻڌندا آهن؟ ان لاءِ اهو دليل ڪافي آهي ته شاديءَ وقت گهوٽ کي خوب سينگاربو آهي. مٿي ڏيکاريل آهي ته گهوٽ کي بَنو يا بَنرو به چوندا آهن، جنهن جي معنيٰ آهي سينگاريل. مطلب ته گهوٽ کي ميندي، ڪجل، سرمي، ڏندڻ، ڦڻي ڦوڪاري وغيره سان نئون ننڍو، تازو توانو ۽ سهڻو شهزادو بنايو ويندو آهي، جنهن ڪري سندس حُسن گلابي گل وانگر ٽڙي بيهندو آهي. اُن مهل وڏڙن جي خيال موجب، هر ڪنهن جي اک گهوٽ جي ديدار لاءِ واجهائيندي آهي. اهي ’سهرا‘ ڪڏهن گلن ۽ زريءَ مان ٺاهيل ته ڪڏهن جافر، لونگ، ڦوٽا وغيره، سَڳن ۾ پوئي، لڙيون تيار ڪري، گهوٽ جي سر سان ٻڌن. جافر، لونگ ۽ ڦوٽا انهيءَ ڪري وجهن ته جيت جڻيو يا  ڪُهٽو ڪيڙو قريب نهاچي ۽ نه وري غليظ مَک ئي وهي.

 

مٿي ڏيکاريل آهي ته سهرن کي ڳيت يا ڳيچ به چون (1):

سِهرا راڳ سهاڳڻيون، ڳيت پڻ ڳايو

ڪيچيءَ ۽ ڪنوار کي لعل ميندي لايو.

 

شاهه ڀٽائيءَ سر سسئي آبريءَ ۾ ڳيچ لاءِ ”ڳاڄ“ ڪم آندو آهي (2).

”ميري آپ سرتيون، نڪي ڳايم ڳاڄ.“

 

لاڙ ۾ ’ڳيچ‘ کي وري ’ڳِيو‘ چون.

 

گيت يا ڳيچ، سنسڪرت ’گيت‘. ڌاتو يا بنياد آهي: ”ڳَي“ = ڳائڻ (3) يعني اها چيز جا ڳائي وڃي.

 

سهرن ۾ گهڻو ذڪر گھوٽ ۽ ڪنوار جو هوندو آهي. گهوٽ کي بار بار تاڪيد ڪيل هوندو آهي ته زيور ’سونا‘ گهڙائج، پر دُهرا يا نِهرا.

 

1-      دُهري گهڙاءِ جِنِيهورِي

2-     جهالر گهراءِ جِنِيهُوري

3-     چوڙيون گهڙاءِ جنِيهُوري

گهڙاءِ جنيهوري معنيٰ گهڙائج نهري، يعني دهري، جهالر ۽ چوڙيون سڀ نهريون (ڳؤريون) گهڙائج ۽ نه پوريون.

اهڙيءَ طرح ڪنوار جي ويس وڳي جو ذڪر به نهايت شد مد سان ڪنديون آهن ۽ ڪنوار لاءِ فراخدليءَ سان خرچ ڪرڻ جي تلقين ڪنديون آهن.

 

جيڪي لڳئي ته به لاءِ،

نينهن ونيءَ سان لاءِ

پنهل سائين ڙي... ...

يا

سؤ لڳئي ته به لاءِ

نينهن ونيءَ سان لاءِ

ٻاروچل سائين ڙي.....

جيڪڏهن وني (ڪنوار) جي نينهن نباهي لاءِ سؤ روپيا لڳئي ته به وهاءِ. هي ڏيکاري ٿو ته اهو سهرو آڳاٽو آهي، جنهن ڪري هڪ سؤ کي به وڏي ڳالهه سمجهي ويئي آهي اڄڪلهه ته لک لٽائجن ٿا ۽ خزانا کٽائجن ٿا!

 

سهرن ۾ گهوٽ جي وڌ ۾ وڌ تعريف هوندي آهي. جيڪڏهن گهوٽ جون اکيون ڪاريون مرچن جيڏيون هونديون ته به چونديون:

 

1-      اکيان ابل ديان، ٻرن مشعالا

ڪجل جوڙ بنايا... ... (سرائڪي سهرو)

2-     اکيون لاڏل جون، ٻرن مشعالا

ڪجل جوڙ بنايو... ... (سنڌي سهرو)

جيڪڏهن ڪورو ڄٽ هوندو، ته به چونديون:

منهنجو ايميءَ چڙهيو

منهنجو ٽيهئي پڙهيو

توڙي جي گهوٽ جي در تي پِنگِي به پُڇ نه هڻندي هوندي، ته به چونديون:

 

1-      اَبل ايندو ساهرين، سَمُند سينگاري

عطر شيشي هٿ ۾، ڄاڃن ته هاري

 

ڏسو! سمند گهوڙي تي سوار ٿي اچڻ لاءِ اشارو ڪن ٿيون.

2-     هيٺ سهڻل جي هرڻا مَهري.

 

سهڻل گهوٽ هيٺان جيڪو مَهري هوندو، سو هرڻ جهڙو تڪڙو ڀڄندڙ هوندو ۽ انهيءَ تي ئي چڙهي ساهرين ايندو.

 

جيڪڏهن گهوٽ جا ڏند خراب هوندا، ته به چونديون:

 

ڏند سهڻل جا ماڻڪ موتي

سُرخيءَ چوڙ بنايو.

 

مطلب ته گهوٽ جي تعريف ۾ ويهون وڄائي ڇڏينديون.

 

هڪ عورت سهري جو مُنڍ (ٿلهه) ڪڍندي، ته پوءِ ٻيون وري سر جهلائينديون. هڪ مصرع چئي وري مُنڍ دهرائينديون. اهڙيءَ طرح سهرو پورو ڪنديون.

سهرا، شاعريءَ خاطر نه بلڪ ڳائڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن؛ تنهن ڪري سِٽا به سادي، ته خيال به سادا، ته لفظ به سادا! جيڪڏهن عمدين تشبيهن ۽ ترڪيبن سان جوڙيل هجن ها ته نه ايترو اثر پذير ٿين ها ۽ نه ايترو حَظ ئي حاصل ڪري سگهجي ها. سهرا عورتن جي گهرو ماحول جو عڪس آهن. سهرا، عورتن جي مزاج جو ترجمان آهن. پر جئن ته سهرا عموماً عورتن جا ئي جوڙيل آهن، تنهن ڪري هنن پنهنجي زندگيءَ جي هر پهلوءَ کي، ڪنهن نه ڪنهن نموني کولي بيان ڪيو آهي، جو عاقل مرد جي سمجهڻ لاءِ ڪافي اشارو آهي.

 

سهرن ڳائڻ وقت پهريائين آنحضرت صلعم، پنج تن پاڪ، پيران پير وغيره جي تعريف ۾ سهرا چون، تنهن کان پوءِ گهوٽ جا اسلامي عقيدي موجب حضرت محمد صلعم جن ئي پهريان گهوٽ آهن.

 

سهرا هر موقعي محل جا ٿيندا آهن. مثلاً: طهر هوندو ته ان قسم جا ڳاني ٻڌڻ جو وقت هوندو ته ان قسم جا مطلب ته وقت سارو سهرن کي ڳائينديون. پر شرط اولين اهو رهندو ته پهريائين حضرت محمد صلعم جي شان ۾ سهرا ڳائينديون ۽ پوءِ موقعي آهر.

حضور جي شان ۾

سهرو چوان سردار نبيءَ جو

نُور نبيءَ جو، نروار نبيءَ جو

سهرو چوان.........

پنج تن پاڪ پيارا آهن

چڱا چارئي يار نبيءَ جا

سهرو چوان.........

پَريُنِ ميندي مشڪ ملي هئي

حورن ڳُتا هار نبيءَ جا

سهرو چوان.........

مَلڪن موجون خوب ملهايون

ڳائي ڳاچ هزار نبيءَ جا

سهرو چوان.........

 

دستگير پيران پير جي شان

دستگير؛ مان تنهنجي در جي ٻانهي

پنهل پِيرَ، مان تنهنجي در جي گولي.

 

1- آهين تون محبوب سُبحاني

آهيان مان ظاهر زباني

او دستگير، مان.....

2- اکيون مرشد جون ٻرن شعلا

او ڪجل جوڙ بنايو.

او دستگير، مان.....

3- ڏند مرشد جا ماڻڪ موتي

او چنڊ جيان چمڪن

او دستگير، مان.....

 

اولاد لاءِ مرد توڙي ضعفائون ٻئي سڪايل رهن ٿا. پُٽ لاءِ پيرن تي پَڙ باسيندا. نَر (پُٽ) وٺڻ لاءِ (نر جانور: ٻڪرو، گهٽو وغيره) جو وعدو ڪندا. مطلب ته هر هنر ۽ حيلو هلائيندا ته من پُٽ پڌري ٿئي! جڏهن الله سڃاڻندو آهي، تڏهن گهر ۾ خوب خوشيون ڪندا آهن.

 

پٽ ڄمڻ تي (1)

پڄايون ٿم پير مرادون منهنجي من جون

او مرادون منهنجي من جون ڳالهيون منهنجي دل جون

 

1-  پٽ ته ڀايڙي کي ڏياريو مرشد

پٽ ته اَدل کي ڏياريو مرشد

گهلي ڏکڻ جي هير

پڄايون ٿم پير.....

 

2- ڀائم! هلي کائو اوهان شادمانو

ڀينر! هلي کائو اوهان شادمانو

کائو کنڊون ۽ کير

پڄايون ٿم پير.....

 

3-  اُلهه اَدل کي بخشي ڏيندو

وڏي هوندي پرين پوندو

جنهن ڏَينهن آ اُڪير

پڄايون ٿم پير.....

ڇٺيءَ تي

 

راڄ گهرايان ڇٺيءَ تي، سون ورهايان ڇٺيءَ تي

چڱو ڪيو آ ڀاڳ ننڍڙي جو موليٰ

 

1-  وڏڙو ٿيندو، کَٽي ڪمائي ڏيندو

چڱو ڪيو آهي ڀاڳ... ... ...

 

2- پنجئي پڙهندو ٽيهئي رکندو

چڱو ڪيو آهي ڀاڳ... ... ...

 

3- وَني ماڻيندو خوب ڪاڄ ڪندو

چڱو ڪيو آهي ڀاڳ... ... ...

 

 

طهر تي (1)

 

پٽڙو ٿيو سو ڀائن وارو، بابي مَلهي طهرايو

جيڏيون! منهنجون ارڏو لاڏو آيو

نينگر ٿيو سو مامن وارو، چاچن مَلهي پڙهايو

جيڏيون! منهنجو ارڏو... ...

 

اکيون اَدل جون ٻرن مشعالا، ڪجل سدا رنگ لايو

جيڏيون! منهنجو ارڏو... ...

 

ڏند لاڏل جا ماڻڪ موتي، سَرخيءَ سدا رنگ لايو

جيڏيون منهنجو ارڏو... ...

 

مٿي اَدل جي ڀاڳ هَمِيڻان، موڙن سدا رنگ لايو

جيڏيون! منهنجو ... ... ...

 

مڱڻي تي (1)

 

وَنُل جو جورو ڍڪي آ رومال سان

ڍڪي آ رومال سان، وڏي اقبال سان

 

1-      اکيون اَدل جون ٻرن شعلا، ڪجل جوڙ بنايو

وتل جو جورو... ...

 

2-     ڏند ڀائڙي جا ماڻڪ موتي، سُرخيءَ جوڙ بنايو

ونل جو جورو... ...

 

3-     هيٺ اَدل جو هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو

ونل جو جورو... ...

 

 

ونواهه تي (1)

 

ادل جي ڪنوار کي، ويهاريو ونواهه ۾

ويهاريو ونواهه ۾، بنگلي جي ڇانو ۾

 

1-      هٿ ادل جا مينديءَ رتڙا، ڳاني جوڙ بنايو

 

2-     هيٺ ادل جي هرڻا مهري، گاشي جوڙ بنايو

 

3-     ڏند ادل جا ماڻڪ موتي، مِسِيءَ جوڙ بنايو.

 

ڳاني وقت

 

ڳانو ٻڌ، نه ڪر دير، اسين وڃڻ وارا

اسين وڃڻ وارا مٺيءَ محبت وارا

 

1-      دهري بني جي مان لاڙون آڻيان

 

2-     پازيب بني جا مان لاڙون آڻايان

 

3-     نَٿ بني جي، مان لاڙون آڻايان

 

 

ميندي لائڻ وقت

 

ميندي ڀِڄايو موني ٿالهه ۾، ميندي ماروئڙي لايو

ماروئڙي کي لايو، هڪجيڏيون لايو، ڏاڏي پوٽيون لايو

 

1-      اکيون ادل جون ٻرن مشعلا،

ڪجل جوڙ بنايو

 

2-     منڊيون ڀائڙي جون، مان لاڙون آڻايان

تنهن تي ويهي جواهر جڙايان

 

3- هار ڀائڙي جو مان لاڙون آڻايان

تنهن تي ويهي نِيمي چڙهايان

 

موڙڻ ٻڌڻ وقت

 

گهوران گهوريندءِ پنهنجي ماءُ، صدقو وڃانءِ جيءُ الله

موڙ ٻڌندُءِ پنهنجو پيءُ، گهوران گهورينديءِ ماءُ

 

1-      هار گهڙايئي سون جو، راڻل تنهنجي صاحبي

 

2-     دهري گهڙايئي سون جي، راڻل تنهنجي صاحبي

 

3-     نَٿ گهڙايئي سون جي، راڻل تنهنجي صاحبي

 

خوشيءَ جا سهرا

 

منهنجا اُميدن وارا اَدل، رب توسان راضي

منهنجا مرادن وارا ڀائڙا، رب توسان راضي

 

رب توسان راضي، مالڪ توسان راضي

رب توسان راضي، الله توسان راضي.

منهنجا اميدن وارا... ... ...

 

1-      خاصو جَهمَر گهڙائي آءُ تون ڍولا

توسان پِير سلامت موليٰ

منهنجا اميدن وارا...

 

2-     خاصي بينسر گهڙائي آ تون راڻا

توسان پير سلامت ڄاڻا

منهنجا اميدون وارا...

 

3-     خاصو هار گهڙائي آ تون جاني

توسان پير سلامت آ ني

منهنجا اُميدن وارا....

گل باغن ۾ ٺهندا، گل ٻوٽن ۾ ٽڙندا

او راڻل هوريان هوريان آءُ

منهنجي دل جا گُل کُلندا

او سهڻل! هوريان هوريان آءُ

 

1-      خاصا نيلم گهڙائي ڏي ڍولا

توسان پير سلامت موليٰ

او سهڻل هوريان...

 

2-     خاصيون منڊيون گهڙائي ڏي ڍولا

توسان پير سلامت موليٰ

او سهڻل هوريان...

 

3-     خاصيون چوريون گهڙائي ڏي ڍولا

توسان پير سلامت موليٰ

او سهڻل هوريان...

 

کاري تي چڙهڻ وقت

 

تنهنجي سولي ڪئي ستار، منهنجا مور لاڏا

منهنجا مور لاڏا، شهزور لاڏا

تنهنجي سولي ڪئي ستار...

 

1- رک کاري تي پير، آهين بيشڪ مرد دلير

کِل خان، اي جوان، ڪڍ شور لاڏا

تنهنجي سولي ڪئي ستار...

2-  اُٿ ٿاڻي ٻڌ ڳانو، آهين مانجهي مردانو

ٻڌ موڙ، مُڇ موڙ، چپ چور لاڏا

تنهنجي سولي ڪئي ستار...

3- اُٿ هلي لهه لانورَ، تو تي نبيءَ جي آ ڇانوَ

وڃي ماڻي اچ هاڻي، تو تان گهور لاڏا

تنهنجي سولي ڪئي ستار...

 

وڳي پهرڻ وقت

 

اديون اَسر ويل لاڏي بني کي

ڀينر اسر ويل سُرهي بني کي

زريدار زر بَفت وڳو پهرايو

اديون اسر ويل...

 

1-   ڪر سٿڻ سهڻي، جُتي جوڙ واري

سچي سِيمَ تنهن تي عجب بنايو

اديون اسر ويل...

 

2-   ڪر سٿڻ سهڻي، جُتي جوڙ واري

سچي سِيَم تنهن تي عجب بنايو

اديون اسر ويل....

 

3-  اکيون ادل جون ٻرن مشعلا

ڪجل جو تنهن ني عجب بنايو

اديون اسر ويل....

 

3- ڏند ادل جا ماڻڪ موتي

مِسِي جو تنهن تي عجب بنايو

اديون اسر ويل...

 

دعائيه سهرو

لاڏ منجهان لوڏ ٻانهن ڙي بنا

آس پڄايهءِ الله

آس پڄايئه مير محمد شاهه

لاڏ منجهان....

 

1-  پير پيرن جو توسان حامي

پنج تن تنهنجي پناهه ڙي بنا

لاڏ منجهان....

2-  مدد توسان چئن پنجن جي

حاجي ٿيو شهنشاهه، ڙي بنا.

لاڏ منجهان...

 

* * *

 


(1) . ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڳيچ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1963ع ص 12

(2) . محمد سومار شيخ، ڪلام مَر کان شيخڻ، چيلاني، پبليڪيشن بدين، 1971ع، ص 17-18.

(1). رام گلام رام، رام گلام شبد ڪوش، گنگا وِشڻ شري ڪرشنداس ڪلياڻ (بمبئي) سنبت 1967ع، ص 310.

(2). ور ايس آپٽي، دي پرئڪٽيڪل سنسڪرت انگلش ڊڪشنري، گوپال نارائڻ بمبئي، 1924ع، ص 1015.

(3). ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1957ع، ص 306.

(1) . نارايڻ ڀارتي، سنڌڙي ٿي ڳائي، اشوڪ پريس الهاس نگر 3، 1961ع، ص 10.

(2) . عبدالمجيد لاهوري، جامع اللغات اردو، لاهور چوٿون جلد، ص 334.

(1) . ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، هندن جون ريتون ۽ رسمون ڪوڙومل ساهتيه منڊل حيدرآباد، 1918ع، ص 77.

(1) . ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، قديم سنڌ، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1967ع، ص 305.

(1) . سنڌي چوٿون ڪتاب، مشڪلمن ائنڊ ڪمپني، بمبئي. سال 1909ع ص 76.

(2) . ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جو رسالو 2، ڪمشنر پريس ڪراچي، سال 1924ع، ص 88.

(3) . پنڊت گنيش دت شاستري، پدم چندر ڪوش، سنسڪرت پستڪه آليه لاهور، 1925ع، ص 180.

(1) . حمزده علي ابڙي جي قلمي نسخي مان اتاريل. نسخي جو سن 1892ع.

(1) . پروفيسر الله بخش تُنئي ميرو خاني (ضلعو لاڙڪاڻو) کان مليا، 12-8-1954ع تي.

(1) . پروفيسر الله بخش ميروخاني کان مليا، 12-8-1954ع.

(1) . پروفيسر الله بخش ميروخاني کان مليا، 12-8-1954ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org