سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو

باب: -

صفحو :40

 

 

آفيمي بادشاهه

 

هڪڙو بادشاهه هو، جنهن کي آفيم کائڻ جي ڏاڍي عادت هئي. هڪڙي ڏينهن سندس وزير عرض ڪيو ته ”بادشاهه سلامت‘ گستاخي معاف ٿئي ته ڪجهه عرض ڪريان.“ بادشاهه چيس ته ”چئو“! وزير چيو ته ”حضور جن آفيم واپرائين ٿا، جو سراسر غلط آهي؛ ۽ انهيءَ جو نتيجو به خراب نڪرندو: سو ڪيئن جو توهان دشمن ۽ دوست کي ڪونه سڃاڻندؤ. ڪوڙ ڳالهائڻو پوندو، ۽ چوري ڪندؤ“. بادشاهه حيران ٿي ويو ۽ وزير کي چيائين ته ”اڙي وزير، اڄ وري اها ڪهڙي نئين ڳالهه ٿو ڪرين! آءٌ آفيم ته روز پيو کاوان: سو اچي اچي اڄ ڪيئن ٿو چوين ته آءٌ دوست دشمن ڪين سڃاڻندس، چوري ڪندس ۽ ڪوڙ ڳالهائيندس. وزير چيو ته ”بادشاهه سلامت، جئن آءٌ چوان ٿو تئن ٺيڪ آهي، ڪجهه ڏينهن مهلت ڏيو؛ آءٌ جيڪي چوان ٿو سو اوهان کي ثابت ڪري ڏيکاريندس.“

 

ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ بادشاهه کي شڪار جو خيال ٿيو، سو هڪڙي ڏينهن پنهنجي ساٿ سميت اُٿي شڪار تي روانو ٿيو. هلڻ کان اڳ بادشاهه هڪ شرط وڌو ته ”شڪار جنهن جي منهن ۾ نڪتو، اهو ئي انهيءَ شڪار پٺيان ويندو ۽ جي شڪار نه ڪيائين ته پوءِ ان کي سزا ڏني ويندي.“ سڀني اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پوءِ ڊنبلي جو ڊنبلو گهوڙا ڊوڙائيندو اچي شڪار گاهه ۾ رسيو. ٿورو ئي اڳتي وڌيا ته اچي هڪڙي گهاٽي جهنگ ۾ پهتا. اوچتو اوچتو هڪ سونن سڱن وارو هرڻ ڇلانگ ڏيئي بادشاهه جي گهوڙي جي سامهون آيو، ۽ شرط موجب بادشاهه پنهنجو گهوڙو پٺيان ڇڏيو. اڳيان هرڻ پٺيان بادشاهه. ڊوڙندي ڊوڙندي ڳچ دير کان پوءِ بادشاه ٿوري اُڃ محسوس ڪئي.... ... پر وچ وري شرط جي يادگيري پيس ته وري کڻي گهوڙي جو لغام ڍرو ڪيائين. ايتري ۾ هرڻ ٽپ ڏيئي هڪ گهاٽي ٻوٽي جي پٺيان گم ٿي ويو، ۽ بادشاهه ششدر ٿي بيهي رهيو. اوسي پاسي نظر ڪيائين ته ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيس. اُڃ به ڏاڍو اچي ستايس. ڏاڍو حيران ۽ پريشان ٿيو. نه ساٿ نه سنگت ڪري؛ سو ڪري ڇا! آخر هانوَ جي ٻل تي، آهستي آهستي وڌي اڳتي هليو.ٿوري پنڌ کان پوءِ هن کي پريان هڪ ٻڪرار ويٺل نظر آيو، جنهن وٽ پاڻيءَ جي کلي هئي. بادشاهه، ٻڪرار کي چيو ته اي ٻڪرار مون کي پاڻي پيار!  ٻڪرار بادشاهه سڃاتو ڪونه ۽ پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. بادشاهه ٻڪرار کان کَلي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻڪرار کَلي اڳ ۾ ئي کولي پاڻي هاري ڇڏيو. بادشاهه نااميد ٿي اڳتي هليو ته وري به ساڳيو ئي هرڻ ڏٺائين. بادشاهه وري به پٺيان پيس ۽ هرڻ ٽهي اُٿي ڀڳو...... پر بادشآهه تير هڻي هرڻ کي منڊو ڪري وڌو ۽ پوءِ گهوڙي کي ڊوڙائي وڃي هرڻ کي جهليائين، ۽ ان کي کڻي اچي هڪڙي وڻ هيٺان ويهي رهيو. بادشاهه جو هڪ طوطو هو، جو بادشاهه جو سڄڻ هو ۽ بادشاهه سان گڏ مٿي اُڏامندو پئي آيو، تنهن کي هن سڏي پنهنجي ڀرسان ويهاريو. اوچتو مٿان وڻ مان پاڻيءَ جي ڦڙن وانگر ڪجهه ٽمڻ لڳو. بادشاهه وڻ جي پن ۾ ڦڙو ڦرو گڏڪري پيئڻ ٿي چاهيو. ٽي دفعا هن ڪوشش ڪئي پر ٽئي دفعا طوطي ڀڙڪي ڏيئي اُهو پاڻي هاري ڇڏيو. بادشاهه کي به لڳي ڪاوڙ سو منڍيءَ کان وٺي جو مروٽو ڏنائينس ته سسي وڃي پري پيس! ناراض ٿي اتان به اٿيو.

ٿوري پنڌ کان پوءِ هن کي هڪ فقير جو آستانو نظر آيو ۽ اوڏانهن تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي ويو. فقير ويو هو پاڻي ڀرڻ سو به پريان پئي آيو. پنهنجي جهوپڙيءَ وٽ هڪ مسافر کي ڏسي ان جو آڌر ڀاءُ ڪيائين ۽ پاڻي به پياريائينس، ۽ پڇيائينس ته ”آفيم به کائيندو آهين؟“ بادشاهه چيو ”هائو“. فقير چيس: وٺ دٻلي، جيترو کائيندو آهين اوترو کاءُ ۽ ٻيو اتي رک ته آءٌ ٻاهران ٿي ٿو اچان. بادشاهه ڇا ڪيو جو کائڻ جيترو کائي ٻيو اوترو کيسي ۾ وجهي ڇڏيو، جو فقير ڏسي ورتو جنهن چيس ته ”مون توکي کائڻ لاءِ ڏنو هو، نه چوري ڪرڻ لاءِ! بادشاهه پڪو منهن ڪري چيس، ”مون چوري ڪانه ڪئي آهي.“ انهيءَ سوال جواب ۾هئا ته وزير به اچي نڪتو، جنهن فقير کان پڇيو ته ”ڇا ڳالهه آهي؟“ فقير ساري ڳالهه ڪري ٻڌايس ۽ بادشاهه کي کيسي مان آفيم ڪڍي ڏيکاريائينس. اتي وزير بادشاهه سلامت کي پنهنجي ڳالهه ياد ڏياريندي چيو ته بادشاهه سلامت مون اوهان کي چيو هو ته آفيم کائڻ سان ٽي ڳالهيون ڪندا، جي ٽيئي اوهان ڪيون. چڱو هاڻي ٻڌايو ته توهان جو سڄڻ طوطو ڪئي آهي“ بادشاهه چيس ته ”اهو وڻ هيٺان ماري ڇڏيم.“ وزير چيو ته ”اهو وڻ ڪٿي آهي، مون کي ته ڏيکاريو!“ بادشاهه اهو وڻ ڏيکاريس، جنهن جي چوٽيءَ تي ارڙ بلا کي ڪنهن ماري ڇڏيو هو، تنهن جو زهر پئي اُتان ٽميو. وزير چيو ته ”طوطي توهان کي اهو پاڻي پيئڻ نه ڏنو، جو ڏٺائين پئي ته اهو زهر آهي، پر اوهان ان سڄڻ کي نه سڃاتو، ۽ ان کي ماري وڌو. بادشاهه کي وزير جون ٽيئي ڳالهيون دل سان لڳيون ۽ ڏاڍو افسوس ڪيائين.

آخر پنهنجو جهليل سونن سڱن وارو هرڻ کڻي منزل ڏي موٽيا. رستي تي هڪ ٻي بادشاهي پين، جتي جي شهزاديءَ بادشاهه وٽ جڏهن هرڻ ڏٺو، تڏهن يڪدم ٻانهيءَ کي چيائين ته انهيءَ ماڻهوءَ سان آءٌ شادي ڪنديس. انهيءَ وٽ منهنجو پيارو هرڻ آهي!“ پوءِ ٻنهي جي شادي ٿي، ۽ بادشاهه راڻيءَ کي وٺي موٽي آيو، ۽ ٻئي اچي خوشيءَ ۾ حياتي گذارڻ لڳا..... ۽ پوءِ بادشاهه آفيم کائڻ ڇڏي ڏنو.

* * *

 

ڪم آيل ڪتابن جي فهرست

 

ننمبر

مولف يا صنف جو نالو

ڪتاب جو نالو

ڇاپائيندڙ

ڇاپو

سسال

11.

 

 

الهڏنو

عجائب ڳجهارتون 1-2

شولداس پڪرداس شڪارپور

پهريون

11914ع

22.

الهه بچايو سمون

سير ڪوهستان

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

ٻيو

11953ع

33.

الهه بچايو سمون

لاڙ جو سير

سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ ڪراچي

پهريون

11946ع

44.

امام بخش

نُوَ سرو

پوڪرداس شڪارپور

پهريون

1892ع

55.

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي

قديم سنڌ

سنڌي ادبي بورڊ

حيدرآباد

پهريون

1957ع

6.

ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

هندن جون ريتون رسمون

ڪوڙا ساهتيه منڊل حيدرآباد

پهريون

1918ع

7.

خير شاهه

ٽوپي ۽ پڳ

پوڪرداس شڪارپور

ٻيو

1912ع

8.

رمضان واڍو

لولي نامه

هريسنگ ڪتب فروش سکر

ٻيو

1910ع

9.

علامه آءِ. آءِ. قاضي

صدارتي خطبو

سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد

پهريون

1957ع

10.

عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي

سڳنڌ

سفقت حسين شاهه موسوي

پهريون

1950ع

11.

عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي

سرهاڻ

شفقت حسن شاهه موسوي

پهريون

1958ع

12.

عبدالڪريم سنديلو

وينجهار

عبدالڪريم سنديلو لاڙڪاڻو

پهريون

1951ع

13.

عبدالڪريم سنديلو

سنڌ جو سينگار

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1956ع

14.

عبدالڪريم سنديلو

ڪليات حسين ديدڙ

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1971ع

15.

عبدالڪريم سنديلو

ڪليات شاهه محمد ديدڙ

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1977ع

16.

عبدالڪريم سنديلو

ڏهس نامون

اسلم منزل، نزد پاور هائوس لاڙڪاڻو

پهريون

1969ع

17.

ڪوڙو مل چندن مل

سنڌي ڳجهاروتن

قيصريه پريس حيدرآباد

پهريون

1901ع

18.

محمد سومار

ڪلام مرکان شيخڻ

جيلاني پبليڪيشن بدين

پهريون

1971ع

19.

محمد اسماعيل عرساڻي ۽ الهه بخش ٽالپر

وطايو فقير

آر. ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد

پهريون

1952ع

20.

محمد صديق ميمڻ

سنڌ جي ادبي تاريخ

سنڌي مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد

پهريون

1937ع

21.

مخدوم امير احمد (مترجم)

تحفة ڪلام

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1957ع

22.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

ڪليات حمل

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1953ع

23.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

مداحون ۽ مناجاتون

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1959ع

24.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

لوڪ ڪهاڻيون -1

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1960ع

25.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

مناظرا

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1961ع

26.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

معجزا

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1960ع

27.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

ٽيهه اکريون

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1960ع

28.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

مولود

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1961ع

29.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

ڳيچ

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1963ع

30.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

لوڪ گيت

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1965ع

31.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

پروليون، ڏٺون، معمائون ۽ ٻول

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1965ع

32.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

ڏور

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1970ع

33.

نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر

ڳجهارت

سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

پهريون

1970ع

34.

نارايڻ ڀارتي

هو جمالو

لوڪ ساهتيه پرڪاش الهانس نگر 3

پهريون

1960ع

35.

نارايڻ ڀارتي

لوڪ ڪهاڻيون

لوڪ ساهتيه پرڪاش الهانس نگر 3

پهريون

1960ع

36.

نارايڻ ڀارتي

سنڌڙي ٿي ڳائي

لوڪ ساهتيه پرڪاش الهانس نگر 3

پهريون

1961ع

37.

نارايڻ ڀارتي

مينديءَ رتڙا هٿرا

لوڪ ساهتيه پرڪاش الهانس نگر 3

پهريون

1962ع

38.

نطاماڻي الهه بخش

سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي

پهريون

1971ع

39.

نارايڻ ڪاشي ناٿ باپٽ

ڳائن سکيا ڀاڱو 2

سنڌيز يونين سوسائٽي حيدرآباد

پهريون

1916ع

40.

نارايڻ بٺيجا (مترجم)

پنجتنتر

هندستاسن ساهتيه مالا بمبئي.

پهريون

1957ع

41.

هوتچند مولچند گربخشاڻي

مقدمه لطيفي

ايڊيوڪيشن پبلڪشنگ ڪمپني ڪراچي

پهريون

1936ع

42.

هوتچند مولچند گربخشاڻي

شاهه جو رسالو 2

ايڇ ايم گربخشاڻي ڪراچي

پهريون

1924ع

43.

هوتچند مولچند گربخشاڻي

شاهه جو رسالو 3

ايڇ ايم گربخشاڻي ڪراچي

پهريون

1931ع

44.

آغا غلام نبي صوفي

سچل سرمست

شڪارپور

پهريون

1933ع

45.

حاجي عنايت الله زنگيجو

لاڙاين جون لاتيون

حاجي عنايت الله زنگيجو

پهريون

1970ع

46.

رمضان واڍو

لولي نامه سنڌي

هريسنگ سکر

ٻيو

1910ع

47.

نور محمد

ڏهه سور

منشي پوڪرداس شڪارپور

پهريون

1892ع

48.

غلام نبي

ست سرو

محمد يوسف ميمڻ تاجر ڪتب ڪراچي

پهريون

1896ع

49.

علي محمد مهيري

قصيده برده (سنڌي)

حسين علي شاهه ميرپور بٺورو

پهريون

1902ع

50.

اي ايم بزمي

بهترين ڳجهارتون

آر. ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد

پهريون

1969ع

 

 * * *

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org