سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:5 

ٽيهه اکري: سلوڪ

(چيل احمد بخش جتوئي جي)

 

[احمد بخش پٽ محمد خان جتوئي، ڳوٺ احمد خان جتوئي تعلقي دادو جو ويٺل هو. انگريزي ۽ عربيءَ جي چڱي ڄاڻ هيس. سندس چيل ڪلام جو مجموعو قلمي حالت ۾ سندس پٽ وٽ محفوظ آهي. ڪجهه عرصو فوج ۾ ملازمت ڪئي هئائين. اُتان فارغ ٿيڻ بعد ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ دادو ۾ ملازم ٿي رهيو. سندس ڪلام بيتن، ڪافين ۽ غزلن تي مشتمل آهي 1950ع ڌاري وفات ڪيائين.]

الف ئون اورج عام کان پاسو ڪري پاڻ،
”اَلست بربڪم قالو بليٰ“ ڄاڻي اهو ڄاڻ،
جيڪي اولي اندر ۾، سوئي سهي سڃاڻ،
اهڙيءَ پر اُهڃاڻ، پڙهج باب
بي سندو.
 

پڙهج باب بي  سندو، ٿي بانڪو بيپرواهه،
بَدي، بدعت بڇڙيءَ کان، پري ڪري پساهه،
بقاء واري بيک ۾، ناطق ڌري نگاهه،
بسم الله بربڪم قالو بليٰ وعدو آ والله،
ٻيو سڀ ڪري ڪپاهه، ترڪ وڃي ڪر  تي کي.
 

ڪري ترڪ تي کي، کڻ توبهه سندي تبر،
توڪل سندي ترهي سان، لنگهي زير زبر،
تبت يدا تبارڪ الذي واري والعصر،
ماسوالله ترڪ دنيا ڪر، سگهو ساڻ صبر،
ٿي اهڙي ريت ابر، ڇڏي ثواب ثي جو.

 

ڇڏي ثواب ثي  جو، وڃي ساري کڻ ثمر،
جاثيه ڇڏي جيءَ سان، قُل يا ٿي قمر،
”قل هو الله احد الله الصمد“ او بي بيک بشر،

احمد آيو اثبات ٿي، منجهان عناصر،
هر دم آهي حشر، جيم ئون جتوئي جان سان.

 

جيم ئون جتوئي جان سان، جوڙي ڪر جفا،
اذا جاء نصرالله والفتح لاهي خام خفا،
جا پسين احمد جيءَ ۾، سائي سڻ صفا،
”اهدنا الصراط المستقيم“ واري ڪر وفا،

پوءِ نوراني نفعا، هردم پسين حي ۾.

 

حي پڙهي حق جي، وٺي حُسن سندي حيرت،
ساڻ حمد حي جي، ڪر آفاقي عبرت،
في جنّات عدنٍ سندو. ماڳ پسي مروت،
حاضر حقي حال سان، ڪڍي جهالت،
پوءِ سڌاري حالت، رکج خاصو خيال خي ۾.

 

خي ئون خوب اخفيٰ، ڪر خاصو خيال خدا،
ونحن اقرب اليہ“ ناهي جان جدا،
خلقت الانسان من نوري آ موجودي مدا،
خودي خوءِ کائي، ڪر عالم سندي ادا،
درس ڪڍي دغا، پڙهج دال دل سان.

 

پڙهج دال  دل سان، ڌري درس ڌيان،
دين دنيا جي درس کان، ڌري ديد دوران،
موتوا مثل موج سان، ڪڍي غير گمان،
حمد پڙهي هو جو، هيءُ پڻ هت حيران،
ٿي صفاتي ميدان، ذڪر ڪر ذال جو.

 

ذال ئون ذڪر ذاتي ڪري، گم ڪر صفات،
تون آفتاب حسن جو، آ ٻي سڀ پرڀات،
واليل وشمس وضحيٰ عاشق دم اثبات،
رکي ذوق ذاتي، پس پاڻهي پنهنجي ذات،
ڪٽي ڪل ظلمات، راضي ٿي تون راز ۾.

ري ئون روز شب، رياضت روح رقصا،
راضي ٿي راز ۾، رهبر روءِ رضا،
”ڪل نفس ذائقته الموت“ ڪامل ڪر قضا،
مام مڃي مخفي، وٺ معن
يٰ ’موتوا‘ مزا،
ڏي جسم کي جزا، زي زوراور زر کان.

زي زوراور زر کان، سدا لهج سماءُ،
ڪري زوال زال وڃي، موڳا مارج ماءُ،
ري وصال واحد جي، ڪم نه ايندو ڀاءُ،
بقا واري بندر جو، احمد لهي لقاءُ،
ڇڏي سمهڻ ساءُ، سين  ئون سچو رهه سخن ۾.

سين  ئون سر سڃاڻي، ڪر سر سندو تون سير،
ڪل  سيرو  فـــــــــي الارض  پــــــــڌر  پائي  پير،
سچ سخن سيني رکي، ڪڍ غفلت وارو غير،
سمجهه ري سر ناهه ڪو، احمد قضا ڪير،
ٻيو ڀُلي نا ڀير، شين ئون شوق شهيد ٿي.

شين ئون شريڪ شڪايت کان، شاهي ٿي شاعر،
شوق رکي شريعت جو، ٿي مدامي ماهر،
شڪ، شيطان، شهوت کان، ٿي نوراني ناظر،
حق پسي هرجاءِ مٿي حُسن ٿي حاضر،
اهڙي ذوق ظاهر، رهه صاد ئون صاف صبر۾.

 

صاد ئون صاف صوفي، ڪن سيني ۾ صبر،
پڙهي فرض فنا جو، فائق! ڪر فڪر،
وتـــــواصــــوا باالـــــصبر  کــــڻـــــي  ســــــــاڻ  ثمر،
ٻيو نا اوڏو آڻ، ڪو واهياتي وکر،
جتوئي ٻاري جگر، ضاد ئون ڪڍ ضلالت کي.

ضاد ئون ڪڍ ضلالت کي، ضايع ڪر زر،
جا عليٰ هئي عدم ۾، سائي پارج پر،
غافل گهارين ڇو؟ سدا آ گهوٽ تنهنجي گهر،
هئڻ وڃائي حال سان، ڪامل قرب ڪر،

احمد بڻي بهتر، طوئي طالب طلب ۾.

طوئي طالب طلب ۾، ڇڏ طمع کي تمام،
طالب الموليٰ مذڪرٌ اهڙي سر انجام،
التحيات لِله الصلواة ساري ڪج سلام،
پيهي پنهنجي پاڻ ۾، وڃ پروڙي پيغام،
محبت ماڻي مدام، پس ظوئي ظهورو ذات جو.

ظوئي ظهورو ذات جو، پسي ٿيج پَڻِي،
ڪڇ پڇ ڪنهن سان ڪينڪي، جيڪا باب بڻي،
ظاهر باطن تو هي آ، عاشق! عشق اَڻي،
العشق نارالله وبينڪم آ وحدانيت وڻي،
هي ثمر سارو کڻي، آجو ڪر عين کان.

عين ئون عبادت ڪري، وٺ عبرت عظيما،
عدم اسم ڪنهن جو، ڇا راحم رحيما،
عاشق چوان الفت سندو، ڪامل ڪريما،
ڪڇ پڇ ڪڏهن ڪينڪي، نه عاجز عزيزا،
هردم حليما، رهه نه غافل غين کان.
 

عين و غين  فرق ڪهڙو، آ نقطو نيشانا،
پاڻ ڇپائي پڌرو، آ عاشق انسانا،
”قم باذني“ حڪم هلائي ٿو، هردم حيرانا،
گوناگون ورن وٺي ٿو، سالڪ سچانا،
ٿي طالب ترانا، ٿو ڳائي فڪر في سندا.

في ئون فنا في الله ٿي، سدا ساڻ فڪر،
پڙهي ’فاتح‘ ’فاذڪروني‘ واري ’والفجر‘،
”في نار جهنم خالدين“ لاهي خام خطر،
”الانسان سري واناسره“ ڌري نيڪ نظر،
پائي پير پڌر، پوءِ آيو قربان قاف
 ۾.

ڪاهي قربان قاف ۾، ڪر قسم  قرآني،
’قد سمع قل يا‘  قول ۾، سمجهه سري سبحاني،
’قصص الانبيا‘ قصو تنهنجو، آهين نظر نوراني،
لاريب احمد آئيو، پائي پوش انساني،
ٿي صحيح سيراني، ڪُڏي آيو ڪاف ۾.

ڪاف ئون ڪلي ڪلمون، آ تو وٽ ولايت،
آهين در دوزخ جو، تون پاڻ شفاعت،
ڪَنبۡ واري ڪوٽ جي، ڪر بيشڪ بغاوت،
احد، احمد هيڪڙو، ناهي قائم قيامت،
ساڻ نظر نهايت، لام
پڙهي تون لعل ٿي.

لام ئون ’لا‘ پڙهي، ٿيءُ لاهوتي تون لال،
”لا اِلٰہ اِلا الله“ اهڙي موج مثال،
”ﷴ رسول الله“ ماڻي وحدت جو وصال،
”ڪل سيرو في الارض“ ڪري قرب ڪمال،
پاڻ ڪري پيمال، مري مزو وٺ ميم
جو.
 

ميم ئون مزو ماٺ جو، وٺ مخفي مام مچي،
”موتوا قبل انت موتوا“ پتنگ جان پچي،
موجود رهي من ۾، ٿو ”احمد“ عام اچي،
”العشق نارٌ بينڪم“ اهڙي رنگ رچي،
رکي سرت سچي، پس نون ئون نقطو نانهۡه جو.

نون ئون نقطو نانهه جو، آ نسوروئي ناز،
نفيءَ ۾ نابود ٿي، سڻي صورت ساز،
پيهي پنهنجو پاڻ ۾، رند پروڙج راز،
ڳجهه پراهون ڳالهڙيون، ناطق ڌري نياز،
اولي ڪري آواز، واو ئون ويهه وصال ۾.

واو ئون ويهه وصال ۾، وحدت واري ورق،
لوڪ ملامت مهڻو، آ عاشقن مرڪ،
گم گروءَ جي گيان ۾، اٺئي پهر غرق،
اسان مڙيوئي اسين، هونه ڄاڻي فرق،
تهان پوءِ ترڪ، ڪر ”جتوئي“ هي ’هُو‘ سان.

هي ئون هُل ’هُو‘ جو، ڪر هردي ۾ هڪوار،
ڪڍي ٻهڳڻ ٻيائي، ڪر پِر سندي پچار،
عاشق انهي ملڪ تي، سدا ٿي سرشار،
اوڏو الک سامهون، ڪر گوناگون گفتار،
سورهيه ڪر سنڀار، اءلف
ئون عشق الله جي.

الف ئون اُلٽي اَر ٿا، عاشق اڄ اچن،
پاڻ وڃائي پاڻ ۾، ٿا پتنگ جان پچن،
”هوالاول هوالاٰخر“ اها سُرت سچن،
”لا الٰہ اِلا هوالحي القيوم“ ٿا نانگا ناٿ نچن،
رندي راز اچن، لا ئون لامڪان ۾.
 

لا ئون لا مڪان ۾، وڃ ’لا‘ جي پاس لڙي،
چپ چپاتي چاهه سان وڃ چوٽان چوٽ چڙهي،
لڌي لامڪان ۾، ڪر خاصي خوءِ کڙي،
جان جثو ”جتوئي“ چوي، آ جانب سان جڙي،
ويا صفاتي سڙي، يڪو رهي يار سان.
 

يي ئون يڪو يار سان، يوگي رهي ياڪي،
ڪڍي ڇڏ بدن مان، بندي بوءِ باقي،

”ڪل شيءِ يرجع اليٰ اصلہ“  ”احمد“ عشاقي،
فائق فڪر ڇڏي ٻيا، ٿج محبن ملاقي،
بڻي سر ساقي پيالا پيءُ پريت جا.
 

ٽيهه اکري: سسئي

(چيل ڪرم شاهه جي)

 

 [ڪرم شاهه ويٺل ڳوٺ ٻرڙا، لڳ ڪرن، تعلقي شڪارپور ۾، 2-1903ع ڌاري ڄائو. عربي ۽ فارسي جو ڄاڻوهو. شعر جي ڪيترين ئي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، جن ۾ خاص ڪري سندس مولود مشهور آهن. پنجاهه ورهين جي عمر ۾ 1953ع ۾ وفات ڪيائين. هتي سندس ٻه ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون.]

 

(1)

الف ئون اکر هڪڙو، جيڪو سانڍيو ٿِي سسئي،
’بي‘ ’تي‘ جون باتيون ڇڏيون، تنهن ڌوٻڻ سندي ڌيءَ،
خان کڻي ويس کٽ تؤن، نيو ڏيرن موڪل ريءَ،
وَستيون ويچاري کي هيون، جانب جون منجهه جيءَ،
جنهن ٻڌي ڪمر ڪيچ لئي، سا هلڻ لڳي هئي،
سڻج سوال سميع! زاريون هن ضعيف جون.
 

بي ئون بات اندر جي، ڪئي سسئي کي سرتين،
ته سي هلنديون هوت ڏي، جي ڪهنديون منجهه ڪافن،
هلي ووڙي لهون وَرَ کي، رُلي منجهه روهن،
شل! وَرَ ريءَ ولهي ڪانه ٿئي، مون جهڙي منجهه ملڪن،
جي اهنجيءَ ڏين آسرو، سرتيون سي سڏجن،
ڇني سنڱ سياڪت جا، هلي جُوءِ جتن،
پوءِ ٻيون ڏيئي ٻن، پئون ڪڍ ڪيچين جي.
 

تي ئون تن سسئي کي، ڪيو اندر جو احوال،
جيڪي ڇڏي ويڙا ڇپر پن، ڇڏ تن جو خام خيال،
هُتِ بر ۾ بلائون گهڻيون، ٿي ڪوٺي ويٺي ڪال!
يا هن مهل ميسر مرد ڪر، ڏيئي مَڏيون مال،
پر زَنۡ هلي ريءَ زور جي، هي ڀي هڪڙو تال،
سي مشڪل لهڻ محال، جيڪي ڀڳا هن ڀنڀور کؤن.
 

ثي ئون ثابت سرتيون، هلو ساٿن ڏانهن سَتَت،
جي پاڻ هلن پرينءَ ڏي، سي لکن ڪڏهن نه خط،
آريءَ بنا عليل جو، هت آهي رهڻ اَپت،
ويهڻ ور ري هتڙي، اِهو ناهي سرتيون! سَت،
”ڪرم شاهه“ ڪوهيارل جي، ٻيو جوڙ نه ڀانيان جَت،
ازلئون آري ڄام سان، هو پيچ پيل پاهت،
روهن مٿي رت، هلي هاري لهون هوت کي.
 

جيم ئون جَت هليا، ويا کڻي ساٿ سوير،
ڪيو ڪونه قياس تن ڪو، ڏاڍا ٿيئڙا ڏير،
ڇا هٿ ايندءِ هوتن مؤن، جن وڌءِ ايڏا وير،
ڇڏ تون طمع تن جي، هن فريبن کي ڦير،
ڀڄڻ هن ڀنڀور کئون، هيءَ هوتن جي ٿي هير،
هو رسيا ڪنهن هنڌ تي، تون هِت ٿي سوجهين سير،
پوءِ پهاڙن ۾ پير، اُهي ڊوها ڊاهيندا ويا.
 

حي ئون حجت هوت سان، هلندي ڪڏهن ڪين،
ڪڍ بنا ڪيچن جي، توهين ٻولي ٻوليو ٻي نه،
 هيءَ دل هوتن هٿ ڪئي، سا سختين کان سنگي نه،
سا هٿ ٿِي وڃي هوت جي، منهنجي وس ٿي نه،
حيلا ڪيم هوت سان، جنهن ڇوري ڏانهن ڇڏي نه،
رِيءَ دل، رِيءَ ور، راڄ ۾ آءٌ ڪڏهن رهنديس ڪين،
جي ڏبو ساهه سِسي نه، ته اوليو رهبو اڌ ۾.
 

خي ئون خان کڻي ويس، اهي کوٽا مٿئون کٽ،
ستل ڇڏي سيج تي، ٿيا ڄاڻي واڻي ڄَٽ،
ڪانڌ کڻي ويئي ڪڇ مؤن، ڏيئي جهاٽو جهٽ،
سي ويجها ٿيا وڻڪار کي، جتي واٽن کي سؤ وٽ،
جت بر ٿر بلائون اٿئي، روهه رَيون لس لٽ،
پوءِ ولهي! ريءَ هن ڏيهه ۾، پير نه لائج پَٽ،
اُتي ڦاٽي ٿيندءِ ڦٽ، هلندي پيادي پهاڙن ڏي.
 

دال  ئون درنگ نه تن سان، جن کي ڪوٽ قريب،
”فاذ ڪرونِي اذ ڪر ڪم“ ٿو ڪري حڪم حبيب،
سو پنڌ نه پورهيت جو ڀڃي، حسابن حسيب،
مريض محتاجن جو آهه، تڪيو نيٺ طبيب،
’ونحن‘ منجهه وجود جي، اوڏو آهه عجيب،
سو راهن منجهه رقيب، ڪندو حفاظت هيڻيءَ جي،
 

ذال ئون ذات جتن جي سان، منهنجو پيچ ڪڏهن پيونه،
هڪ تون ستينءَ سيج تي، ٻيو ڪُرڪيو ڪرهن ڪونه،
ريءَ  رفاقت رفيق جي، هوند ڏيرن ڏاڍ ڪيو نه،
پوءِ چڙهي پنهل پلاڻ تي، ترتئون ترت ويو نه،
جاڳڻ ڪاڻ جتن جي، تنهن دم ڪيو تو نه،
جي رايو هوت هيو نه، ته ڪيچين ڪِيسُ نه ڪيڙو.
 

ري ئون رايو روح ۾، شل! پنهل کي پوندو،
گوڏو تن گورن جو، شل! گسن ۾ گوندو،
اچي ڪانگ قريب ڏهون، شل! لات چڱي لَوندو،
شل! چانگن کي چوندو، ته بيهو بيراڳڻ لاءِ.
 

زي ئون زور ڦٽي ڪرڻ، ناهي خانن سندي خُوءِ،
ستل چڏي سيج، تي، جت ڇڏي ويا جُوءِ،
موٽي مانديءَ کي ڏسي، ڪا راضي نه ڪيائون رُوءِ،
پوءِ سسئي سندي سُوءِ، ڇڏي ڇپر هليا.
 

سين ئون سڪ سڄڻ جي، ڏک تنهين جو ڏاج،
محبت جي ته مريض جو، هت آهي ملڻ علاج،
جي سر ڏجي سوريءَ تي، هن ڪوٺي هوت حلاج!
پوءِ مرڻ ٿئي معراج، ڪارڻ ڪيچ ڌڻي جي،
 

شين ئون شوق تنهين جو، ڪر  دل مؤن ڪڍي دور،
جن ڏنئي ڏاج ڏکن جو، موڳي! ٿيءُ مهجور،
ڇڏ تون طمع تن جي، ٿئي هن جي دل مسرور،
مٺي! نه ٿي چڪچور، اِهي مست مُلمعي باز اَٿِي.
 

صاد ئون صاحب ڪيچ جو، آهي ڇورن ڪاڻ ڇپر،
رنج نه رکي روح ۾، گهوٽ نه ڇڏيو مون گهر،
پر اصل امر نصيب ۾ هو، بيراڳڻ کي بر،
پر اُهي ڪاٿي لڪا، ڪنهن تي آءٌ ڪنديس ڏک ڏمر؟
نڪي ڀانيم دل ۾، ڪو وٺي ويندا مون ور،
”ڪرم شاهه“ ڪوهيار لئي، ڳولڻ پيو بر ٿر،
وسئون ويهنديس ڪينڪي، مرون مارينم مر،
سورن جو سفر، مونکي ڀينر! ڀاڱي آئيو.
 

ضاد ئون ضد اندر ۾، ڏاڍو ڪيئي ڏيرن،
اُٺن آواز ڇڏيو، ماٺ ڪئي موڳن،
سي ڪاهيو هلن ڪاف ڏي، اُهي ڪٺل نا ڪڻڪن،
ولهِي ويچاري ڪندي، ترس نه پيو ڪو تن،
اهڙن بي ترسن، ڪڍيون سڀ ڪوهيار ڏي.
 

طوئي ئون طمع تن جي، جيڪي پر کي روز پون،
شل! اهنجي انهن نه پوي، جيڪي چاڙهيو ور وڃن،
سي سڄڻ کي سوار ڪيو، ڪر هل ڪين ڪڇن،
ڪيڏي ”ڪرم شاهه“ چئي، ڪئي بي ترسي بي ترسن،
ڪيهو ڏوهه ڪيو ڏيرن؟ منهنجي قسمت ڪم نصيب ٿي.
 

ظوئي ئون ظاهر ڇو ڪرين، اندر جي تون آهه؟
ڏيرن ڏس نه پڇ تون، وٺ صبر جي راهه،
مشڪل پڄڻ تن کي، جيڪي وڃن ڪاهون ڪاهه،
وؤڙي لهڻ ور کي، آهي سانگو لاهڻ ساهه،
هو بيشڪ بي پرواهه، تون ناحق جلين ٿي جوش ۾.
 

عين ئون عاجز کي ڀريو، سندو محبت ماڻ،
سو نيزو نيهن جو نڪري، جيڪو ٻارو چل جو ٻاڻ،
هردم هنجن جو وهي، نيڻن مؤن نياڻ،
”ڪرم شاهه“ اجهي هاڻ، جت پسنديس جوءِ ۾.
 

غين ئون غرض اسان جو ، ٿي ڪهڙو ڪاٽڻ ڪوهه؟
هو باڪا بار کڻي ويا، ڪري ڊوها ڊوهه،
اڳيئون اُڃ رڃ سخت ٿي، سدا ڇپر ڇوهه،
جي رُلين تان هو روهه، نت موٽڻ مهل اها اٿئي.
 

في ئون فريادون ڪندي، اُٿي آڌي رات،
اُٺي موڪ مئل تي، برهه سندي برسات،
طلب نه تن ريءَ  ڪنهن جي، تانگ هيس ڪا تات،
اهنجايون ته عليل کي، آڻي ٿي اسباب،
ظاهر تنهن ضعيف کي، هئي بلوچاڻي بات،
سا ڪافن منجهه ڪهندي وئي، هيس ور جي وائي وات،
پوءِ پرهه ڦٽي پرڀات، وڃي واريءَ کي رسي.
 

قاف ئون ڪستئون سا ڪندي وئي، واريءَ ۾ واڪا،
جهنگ ٻيلا جهاڳي ويا، اِهي بار کڻي باڪا،
هلندي ڳولڻ هوت کي، ڪوڙين ۾ ڪا ڪا،
پيرا پنبڻين مان ٿيس، چشمئون چُئاڪا،
پڙهندي پهاڙن ۾ ويئي، پِر لئي پهاڪا،
جيڪي اندر اولاڪا، شل منهن ڏي معافي سين!

ڪاف ئون تنهن ڪُو ڪار ڪئي، پنهل لئي پهاڙ،
ته لٽا سڀ ليڙان ٿيا، واريءَ ڀريم وار،
منهن پِٽي محبوب لئي، روئي زارون زار،
سج نه ڏسي سوجهرو، هيس اوندهه انڌو ڪار،
ته هيئن نه مناسب توکي هئي، ياري ڇنڻ يار!
ڇاکئون ڇڏيو ڇپرين، ڪري ڌاري ڌار؟
ڪاهل ”ڪرم شاهه“ چئي، آهي تو اَڌار،
اچ توريءَ پنهل يار ! منهنجو روح رتيون ٿئي.
 

لام ئون تنهنجي لام، هوت ته ڇڏيان هٿ کئون،
اصل عاجر آهيان، مان سڄڻ! تنهنجي سام،
پيالي ته پريت جي، جوش ڪيو هڪ جام،
جت ساٿي سنگتي ناهه ڪو، رس اتي آري ڄام،
اڄ ڪوٺين ٿا عام، ته ور هوندي رَنَ جوءِ ٿي!
 

ميم ئون آءٌ مُياس، اچي جيئري پيس جنجال ۾،
اصلئون اَڪيلپ سان، منجهه صندوق هياس،
قسمت سندي ’ڪُنَ‘ سان، پکي پنهل جي پياس،
پوءِ ڏکن ڏيکارياس، اهڙا اَهنج عليل کي.
 

نون ئون ننگ نڌر جو، توتي منهنجو يار!
ويٺي وصل لئي پڇان، وَرَ! تون ئي آءٌ وار،
وارث! اچي ٿي واهرو، مون سين مددگار،
توکي عرض اپار، هِت ڪنهن کي ڪافن ۾ ڪريان.
 

واو  ئون وارث تون آهين، منهنجو ڪانڌي ڪيچ ڌڻي!
پيس ڪڍ تو قربدار جي، سر جو سانگ کڻي،
جِت ساٿي سنگتي ناهه ڪو، هيس هيڪل هڪ ڄڻي،
ڪو هيارل جي ”ڪرم شاهه“ چوي، آءٌ پيرن جي ته پڻي،
رس اُتي ڪيچ ڌڻي! جت سورن ريءَ سنگتي نه ڪو.
 

هي ئون اچي، هيڪر پنهل! پاڻ پساءِ تون،
هوند آري! آءٌ اڏري اچان، پر جي هجن پَرَ،
جي مون باسون باسيون، سي نالا اٿم ڪر،
واڍوڙيءَ اچي ور! پيا، بيراڳڻ کي بَرَ،
تو ريءَ پنهل ور: منهنجو جيءُ جهڄي پيو.
 

اءلف ئون لڪ لنگهاءِ، تون اچي پنهل پيارا!
اکيون آب رت ٿيون، نيڻئون نيسارا،
تاب تکائي شمس جي، ڪري اوٻر اُمارا،
ڪاڏي ڪنڌ کڻي هلان، ڌڻي! تو ڌارا؟
پوءِ بيوس جا بارا ! کڻ ڪيچي ”ڪرم شاهه“ چوي.
 

يي  ئون ياري يار، اچي ور ويچاريءَ سان رکي،
جنهن ويٺي وصل جي پڇا وارڻ مٿئون وار،
هن جو جيءُ جهڄي پيو، ٻڌي ڏونگر جا ڏهڪار،
سي ڪاهي ڏٺائين ڪاف ۾، جت ڏکن ڪڍيا ڏار،
اڳتئون  اجل  جان   ڏٺائين،  کـــــــي  ايندو  ايل- پهنوار،
دغائي جي دل ۾، ڪئي ٻولي جا ٻڪرار،
تنهن ڪيو سوال سميع کي، ڪامڻ اُتي ڪوڪار،
هن جون منٿون مستجاب ٿيون ، جو ڌرتي ٿي ات ڌار،
سا ڪاهي قبر ۾ ويئي، اها لاشڪ سان لاچار،
اُتي پنهل کي پرچائڻ لئي، اچي باري چاڙهيائون بار،
سو ڪاهي ڪامڻ ڏي هليو، سڏ ڪري سُڏڪار،
تنهن ايندي ايلپهنوار کان، پڇي اُت پچار،
ته قبر نه اتهين ڪا ڏٺم، اڳهين ڪا اڳوار،
سا سمجهي سڻِي اٿيو، اُت پنهل ڪڍيا پار،
سُڏڪي تنهن سڏڙو ڪيو، دانهَه ديري دار:
ته آهي جاءِ اسان جي، ڪي ياڪي ٿيا هو يار.
تڏهن ڪوهيارل قبرئون، اتي ٻڌي جا ٻاڪار،
ته جايون جسم ۾ ڏيان، توکي ڪيچي قربدار!
ڪيڏو ”ڪرم شاهه“ چوي، تنهن سان قرب ڪيو ڪوهيار،
پوءِ واهه! ٿين وسڪار، اتي ميلاپي جي مينهن جا.
 

(2)

ٽيهه اکري: ڪانگل

 

الف الله لڳ حال سڻاءِ،
موٽي ٻيهر حال ٻُڌاءِ،
نئون     نياپو        نيئي       پهچاءِ،

 

دل منهنجي کي ٿئي دلجاءِ،
قاصد هي ڪم تنهنجو آءِ،
تنهن   ۾   دم    هڪ    دير     نه    لاءِ،

عاشق ويٺو آهه اُداس-
اڏر تون ڪانگل! ڇڏ وسواس.
 

بي بلاشڪ ڪهه ڪلام،
محبت تنهنجي آهه مدام،
ڪڍئي      من      منجهون  آرام

 

پهچائج نيئي هي پيغام،
دردن ور ور وڌم دام،
آئي        هستي        هوڏ    حرام،

نفس ويٺو ٿي منجهه راڪاس-
اڏر تون ڪانگل! ڇڏ وسواس.

 

تي تحقيق آهيان بدڪار،
بيشڪ ڄاتم سرتي بار،
عاجز      ٿيس       عليل     آپار،

 

برهه تنهنجي ۾ ٿيس بيمار،
تون محبوب آهين غم ٽار،
رهندو         هڪ           ربّ  قهار،

ٻيو عام بچيو نه ڪوئي خاص-
اڏر تون ڪانگل ! ڇڏ وسواس.
 

ثي ثابت مون ڪر قدم،
ڪونه وڻي ٿو ٻيو مون ڪم،
ساقي    آهين    تو   عرب   عجم،

 

محبت مونکي ڏي دم دم،
سڀ کان آهين تون ته اتم،
مونکي     پيالو      ڏي      زم      زم،

مان ڀي پي ٿيان مست  مواس-

اڏر تون ڪانگل! ڇڏ وسواس.

 

جيم جسم ۾ تنهنجي جاءِ،
بي ثمري کي گهوٽ گهراءِ،
بي     واهي      ڪر      سيّد  ساءِ،

 

عرض اياڻي جو ته اگهاءِ،
عاجز هن کي تون ڳل لاءِ،
رڳ    رڳ     ڏيندي    تنهنجي   لاءِ.

توڙي جان جسم ۽ ساس-
اڏر تون ڪانگل! ڇڏ وسواس.

 

حي حال ٿيو تون آهين حڪيم،
ياور ٿي، مان ٿيس يتيم،
جنّت       ۾      ڪر جاءِ        مقيم،

 

تو در آهي اميد قديم،
جاءِ رهڻ جي آهي جحيم،
لوهه   منجهئون   ڪر  مونکي سِيم،

ٿيءُ پارس ڪر پنهنجي ڪول-
مٺڙي ڪانگل! ٻولي ٻول.

 

خي خوشحال وتين تون جاني،
ڪول ڪجو هيءَ پنهنجي ٻانهي،
تنهنجو    مٽ   نه   ڪوئي   ثاني،

 

لامڪان بڻيو لاثاني،
ڇو ڇڏيو هِت ڪري بيگاني؟
مون     لئي    جوڙ    سبب  صمداني،

رڻن منجهه تون هِت نا رول-
مٺڙي ڪانگل! ٻولي ٻول.
 

دال ٿيس دلگير گهڻوئي،
هت سب ڪم ڪيڙم ڪچائي،
خوش     گذاري    ٿو   سڀڪوئي،

 

اڳتئون حال ٻڌايج روئي،
ايندم آڏو اڳتئون سوئي،
جا ٿي     محب    سندو          ميڙوئي.

خط کڻي نيئي اڳتئون کول-

مٺڙي ڪانگل! ٻولي ٻول.
 

ذال ذڪر ٿم تنهنجو وات،
دشمن ماري ڪري سڀ مات،
سولي لڳ ڪا ڪر مرجات،

 

هردم آهي تنهنجي تات،
ٽارج مٿئون مون  آفات،
سڻائي ڪر مون تون سڪرات،

عيب اسان جي کي نا ڦول-
مٺڙي ڪانگل! ٻولي ٻول.
 

ري ڪر رحمت پنهنجو راض،
برهه تنهنجي جو بحري باز،
ٻيو ڪڍ ٻيڙو آهه غماز،

 

آهه سندو مون سڻ آواز،
منزل سختي دور دراز،
جنهن وڃايو سڀئي ساز،

آهي اهو اهڙي ڊول-
مٺڙي ڪانگل! ٻولي ٻول.
 

زي زماني ڪيڙو زير،
ڪاذب ڪذب ڪندڙ سڀ ڪير،
منجهه ملڻ جي ڪر نا دير،

 

دشمن پيڙا مون سان وير،
منهنجي دل همٿ سان هير،
واڳ ورڻ جي مون ڏي ڦير،

درس ڏيان مان تو ديدار-
ڪانگل! ڳول
پرين جو پار.
 

سين سوال سڻج تون يار!
مون ڏي آهي لک ميار،
جيڪا ڪيڙو ڪول قطار،

 

آءُ مون ڏي لڳ ربّ ستار،
مونکي ڪر منجهه شمار،
ٻانها ٻانهيون هڪ هنبار،

ڪوجها ڪول ڪجو بيڪار-
ڪانگل! ڳول
پرين جو پار.
 

شين  توهان جو اعليٰ شان،
ڪفر ڪيا سي سڀ غلطان،
تو ئي ترت بڻيو طوفان،

 

جنّت آهي جاءِ مڪان،
آهيان نيهن ڪيو نادان،
منهنجو آخر آهين ضمان،

تو تي سڄو سردار!
ڪانگل! ڳول
پرين جو پار.
 

صاد صبر مون ناهي ڪو،
ڏَسجانءِ پهه ڪو اُهو،
هاڻي حڪيم سجهي نا ٻيو،

 

دارون ڏي تون دردن جو،
جنهن سان ٿئي ڪو ساهه سهو،
توکي مون لئي ترس ٿيو،

درد جي آهه دوا درڪار-
ڪانگل! وڃ
پرين جي پار.
 

ضاد اسان جو ڪر ضرور،
جيڪو دک آهي ڪر دور،
چشمن تهنجن ڪيو چڪچور،

 

مطلب پورو ۽ مذڪور،
پار لنگهائج پهرئين پور،
محبت ۾ آهيان مخمور،

ويتر ڪوثر جام پيار-
ڪانگ! وڃ
پرين جي پار.
 

طوئي طلب آهي بسيار،
ٻئي در ڪئن وڃان ڪنهن پار؟
انهي تار منجهئون تون تار،

 

نرمل نور اکين ڏيکار،
اونهي سِير آهي اَپار،
بيوس مئي کي تون نا مار،

پسان نور نبي انور-
ڪانگل! وڃڻ لئي چورج پر.
 

ظوئي ظهور سڻج تون حال،
لاهج جيءَ مٿئون جنجال،
تنهن جي سر تي آڻج ڪال،

 

خوب پيو منجهه دل جي خيال،
دشمن دين سندو دجال،
مومن ٿين سڀ خوشحال،

مارج خر خبيث خچر-
ڪانگل! وڃڻ لئي چورج پر.
 

عين عدل ڪر ۽ انصاف،
ڪر مدايون مرسل! معاف،
ويو ٿي گم سڀ ڪوڙو لاف،

 

ڏاڍو سخت ٻجهي ٿو ڪاف،
ڪر دل سڪ وارن جي صاف،
هيءَ دل تهدل ڪري طواف،

مسجد پاڪ ڏسان منبر-
ڪانگ! وڃڻ لئي چورج پر.
 

غين غرض آ توکي نا،
هيڪر ڏس کڻي چشمان،
هدفي بڻجان بيشڪ مان،

 

ماڻا محب نه ڪر مون سان،
مارج تير ڪمانن جان،
صدقي ساهه ڪريان تو تان،

ٻيو سڀ مال مڏيون ۽ گهر-
ڪانگ! وڃڻ لئي چورج پر.
 

في فڪر ۾ ٿيس فقير،
ڏي دلداري آهيان دلگير،
خادم تنهنجو هيءُ حقير،

 

محبت تنهنجيءَ ڪيو اسير،
پورهيت جو تون آهين پير،
تون آهين احمد ڄام امير،

سڀ اُمت جو تون سرور-
ڪانگ! وڃڻ لئي چورج پر.
 

قاف قبولج منهنجي آهه،
توڙي هوندا منجهه پساهه،
ڪانه ولهي کي ٻي ڪا واهه،

 

هردم منهنجي تو در ڪاهه،
هردم طالب تو درگاهه،
ننگ سڄوئي توتي شاهه!

قسم رسولِ خدا جو آءِ-
ڪانگ! اڳيئون وڃي سر نواءِ.
 

ڪاف ڏجان تون ڪانگ سلام،
لڙهه لڳو آهه تنهنجيءَ لام،
سيّد! سڻج سموري مام،

 

بيحد جانب کي ڏي جام،
بي ثمري سان تنهنجي سام،
صفت ڪريان آءٌ روز مدام،

اڳتي ناهي طاقت ڪاءِ-
ڪانگ! اڳيئون نيئي سر نواٰءِ.
 

لام لطف ڪر مون مٿئون،
سائل ٿي مان دانهون ڪيون،
جي ڏوهه مدايون مون ڪيون،

 

هيهات ويو سڀ مون هٿئون،
ٻي واٽ سجهي ٿي نا ڪٿئون،
وڃ وارث منهنجي واٽ ڪيون،

ٻيڙو ستڙ مون، تون پهچاءِ-
ڪانگ! اڳيئون نيئي سر نواءِ.
 

ميم منوّر ڏيو ڏي،
اونداهي وڃي دؤ پوي،
سُرمون ڪيان منجهه اکڙين جي،

 

جنهن سان روشن ساهه ٿئي،
خاڪ قدم جي ڏي مونکي،
تهدل ڄاڻڻ ٿئي توکي،

اهڙي لنؤ لطف سان لاءِ-
ڪانگ! اڳيئون نيئي سر نواءِ.
 

نون جو مان سان ٿيو ناتو،
ڄاڻ سڄوئي مون ڄاتو،
احمق اُتهين ٿيو آتو،

 

پيچ پريت سندو پاتو،
لنؤ اچي لاتي جا تو،
تو وٽ ڪيائين پاڻ پرتو،

احمق جي ٿي ڪوڙي راءِ-
ڪانگ! اڳيئون نيئي سر نواءِ.
 

واو وصال واري ڏي واڳ،
ڏي تون ننڊ منجهان سجاڳ،
منهنجا ٿين بخت سڀاڳ،

 

احمق چاڙهي مون تي آڳ،
تو وٽ عنايت آهي اجهاڳ،
تنهنجا منهنجي من ۾ ماڳ،

اها ڳالهه آهي اثبات-
ڪانگ! ورڻ جي ڪر ڪا بات.
 

هي هڪواري ميلو ڪر،
عرض اسان جو دل تي ڌر،
ڪين تڙج ڪنهن ٻئي جي در،

 

مونکي تو ريءَ ناهه نظر،
مونکي آهه اُميد اَپر،
مون تي وارث! ڪر ڪو وڙ،

مون کي راتيان ڏينهان تات-
ڪانگ! ورڻ جي ڪر ڪا بات.
 

لا لطافت لائق! ڏي،
عاجز کي وڃ يار! اڏي،
مشڪل ڪر آسان ٿُڏي،

 

ڇوري هتڙي ڏيو نه ڇڏي،
آيس تنهنجي آءٌ تڏي،
هرڪو ويندو لوءِ لڏي،

رهڻو ناهي هت هڪ رات-
ڪانگ! ورڻ جي ڪر ڪا بات.
 

اءلف عليل آهيان اڻڄاڻ،
نانهين پاهه ڪنهن ٻئي ساڻ،
پنهنجو قرب سڃاڻج پاڻ،

 

منهنجو يار سيهو تو ساڻ،
سيّد! صلح رکج مان ساڻ،
منهنجو ڀي تون سوال سڃاڻ،

ڏاتر لڳ تون ڏي ڪا ڏات-
ڪانگ! ورڻ جي ڪر ڪا بات.
 

يي رک ياري مان سان! عجيب،
بخشش امت کي لڳ حبيب،
”ڪرم شاهه“ تو در غريب،

 

جيڪو مائٽ مٽ قريب،
ساڻ تنهن سان رهي رقيب،
آخر ۾ تون ڪر نصيب،

ڪلمون ياد اچي سڪرات-
ڪانگ! ورڻ جي ڪر ڪا بات.


(1)  اُتر تعلقي ڪڪڙ مان احمد خان آصف کان ملي.

(1)  اُتر (تعلقي شڪارپور) مان شير محمد چغدي کان ملي.

(1)  اُتر تعلقي شڪارپور مان شير محمد چغدي کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org