سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:8 

(2)

ٽيهه اکري: نصيحت

 

الف اِسم سو اعظم آهه،

ڪاهه ڪري تون اوڏنهن ڪاهه،

ڇڏ، ٺلهو جو ٺاهيئي ٺاهه،

بيشڪ سوئي بيپرواهه،
  دنيا وانگر آهي درياهه،
 ”توبهه توبهه“ ڪر تڪرار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

بي جو هاڻي سڻو بيان،

شامل توسان آهه شيطان،

هلندي متان ٿي حيران،

نفس ندورو آهه نادان،
 ڌريان ئي ڪو رکج ڌيان،
ڇڏ خماري ٿي هوشيار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

تي توڪل تند وڄاءِ،

تن ۾ وڃي ٿو تنهنجو ڇا؟

مرندي مهل ڪندي ”هاءِ هاءِ“،

مال مڏيون ڏي واٽ خداءِ،
 ڪوڙا! بچائين ڪنهن جي لاءِ؟
 بيٺي توتي آهه ڀُلڪار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

ثي تون ساجهر ڪر سعيو،

دشمن توکي آهه دٻايو،

دل ۾ رکين ٿو ڪهڙو رايو؟

ڪوڙ خسارو ڪم نه آيو،
جيڪي ڀانئين سو پرايو،
 ڄٽ وڃايئي ڇو ڄمار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

جيم ڏسو سڀ هيءُ جهان،

سڃا! ميڙيئي ڇو سامان؟

آخر ٿيندو تو ارمان،

دنيا فاني منجهه فرمان،
 مري ويندين تون مروان!
 اٿئي عيش منجهان آزار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

حي هلا يا جن احڪام،

ڀانيائون هونداسون مدام،

سيئي ڏٺا مون منجهه مقام،

تڪڙ طرحين ڪيائون تمام،
 ڪوٽ ڇڏيائون سڀ قمام،
 ٿيا دنيا کئون ڌارو ڌار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

خي خوديءَ جا ڪيائون خيال،

ڪوهه ميڙين تون مڏيون مال؟

هاڻ وڃئي ٿي هٿان ڳال،

حال وڃائي ٿي بيحال،
 ڇو وجهين ٿو جيءُ جنجال؟
 خوف رکي ٿي خبر دار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

دال ئون دنيا آهي درياء،

ڪئين امير ڪئين امراء،

سُڃا، هاڻ ته ڪي ساڱاء،

لکين لُڙهيا شاهه ۽ گداء،
 باور ڪهڙو ڪيئون بدخواهه،
 قادر سُڄي رب قهار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

ذال ئون توکي ڇا ضرور؟

پُر نشي ۾ وئين وهلور،

اڳيئون اٿئي ربّ غفور،

مئي دنيا جي ڪيئي مخمور؟
 هر گز مرندين اي مغرور!
 جنهن جي لااُبالي سرڪار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

ري ئون رلي مرندين رول،

ٻيئي  اٿئي  ڏکيا  ڏول،

جِت تراڙو ترندو تول،

جيڪي ڀانئين ڀرڏا(1) ڀول،
  چُهڙا! ڪرين ڇو چاٻول،
 اتي روئندين زارو زار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

زي ئون ظاهر ڀانئين زور،

تو منجهه اڃا چور چڪور،

توتي ٻرندي آگ اَتور،

ويئي عمر، ٿيو اجهور،
 ڀاءُ نه ڀانئين لچ لغور،
 ڇوڙ وڏائيءَ جو واپار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

سين ئون ثابت ٻُڌ صلاح،

تنهن سان پُوئي ڇڏ پساهه،

مرشد هادي ڪر همراهه،

اوّل آخر آهي الله،
 وٺ رباني رستو راهه،
 ضامن جو آهي ذميدار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

شين شريعت سان شامل،

حق هدايت ٿيئي حاصل،

ڪوڙا! ڪوهه ڪرين ڪر ڳل؟

واٽ وٺي تون اِيها هل،
 ٻيو مڙيئي ٿَئي خام خلل،
 ڇو ڪميڻا! ٿين گرتار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

صاد ئون صافي رک سرير،

طالب هوئين ته مڃ تقدير،

توکي دشمن ڪيو دلگير،

ڇڏ طمع جي تون تدبير،
 اُتي مُوڙها ڪئين مهمير،
 ڏس ته تڙيا طمعدار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

ضاد بيهي ڪر ته دانهون،

آگو من سڻئي آهون،

خاوند بخشيندو خطائون،

ٻئي مٿي تون کڻ ٻانهون،
 تنهنجون ويون آهن واهون،
 غافل گندا گنهگار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

طوئي طمع جا طرحين تال،

موذيءَ ميڙيا مڏيون مال،

تن تي واڻيا وڙهن وڪال،

جن ڇڏيا سي سڀ ٿيا سال،
 اڄ مئا ڪي مئڙا ڪال،
 ڏيل تنهين جا مون ڏيکار-

                   احمق! پڙهه تون استغفار.

 

ظوئي ظاهر برزمين،

هتي توکي پيرين پِين،

لاف هڻين ٿو لچ لعين!

تڪبر جي ڪئي تلقين،
 منهن تي ميون صاحب چَيِن،
 هوندين هاويءَ منجهه حمار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

عين عمر ان ۾ اثبات،

پوءِ پڇاڻا بيحد بات،

ڪندين حشر ۾ تون ’هيهات’،

پهرين سجهي ٿي سڪرات،
 تيز تکي آهي واٽ صراط،
 سڻ ته سڻايانءِ پڪا پار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

غين ڇو ٿو ٿئين غرقان؟

مُوڙها! مال ڪيئُي مستان،

اتي ڏيندين تون امتحان،

فاني اٿئي هي جهان،
 جت ترندو تر ميزان،
 تو ۾ بديون بارو بار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

في ئون فنا ۾ پاڻ پون،

ڀِڙا وجهين ڇو تون ڀن؟

ٻيو پڇاڻو آهي مَلڪن،

مال ميڙيا تو ڏکيا ڌن،
 ’قبر ڏاڍي ڀيڙ ڀتين،
 خاوند جو آهين خطاڪار-

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

قاف ئون ڏاڍو ڏينهن قيام،

وٺ شريعت جا احڪام،

ٿيءُ غلامن جو به غلام،

خاميين خوش کلين ٿو خام!
 لچا! لاٿئي ڪوهه لغام؟
 خاوند کي چئو ‘خير گذار‘-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

ڪاف ئون ڪنهن پرڪين وسار،

حرص هنر ۾ ٿِي مَ حِمار!

دوزخ توتي آهي دهڪار!

صاحب سڀني منجهه سُپار!
 هرگز مرندين تون مُنهن ڪار!
 ستر ڪر مون ستّار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

لام ’اِلٰہ‘ سين خيال لهراءِ!

ڪم نه ايندءِ ماءُ پيءُ ڀاءُ،

هتان جيئري ٿيءُ جداءِ،

نفس ڪميني کي ڳالهاءِ!
 يار برادر جاءِ بجاءِ،
 ڪوڙ پچارين ٻچا ٻار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

ميم مداين کان منهن موڙ!

اسم ذاتي چپن سان جوڙ!

عيش اندر مان ڪُل اُلوڙ!

وحدت منجهه وجود ولوڙ!
 خوفِ خدا جو خيمو کوڙ!
 رڳو تون مَ ٿيءُ ريڍار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

نون ئون نفس آهي نادان،

غافل ڀانئين ڇو گمان!

دل ۾ دزد آهين دگران،

هر وقت وجهندءِ ذليل زيان،
 تون منهن ۾ آهين مسلمان،
 اڳيان ڪندءِ مارو مار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

واو وڃائي ڇڏ وِماس!

لوڪ دنيا جو لاهه لباس،

سڀڪو توکي چئي شاباس!

ويڙهي وجهي وڌ وسواس،
 ٿي خساري کان به خلاص،
 خاصو اٿيئي ڪين خمار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

هي ئو حرص ۽ ڇڏ هوس،

ڀُليا! ڇڏي گندا گس،

هيڏا حرص ڪيئي حارص،

ريءَ عقل سڀڪي عبث،
 ماڻهو نه آهين اي ناقص!
 ماڻهو چونئي ٿا مردار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

لا لطف جو وريو واءُ،

ڪهڙو امت کي ايذاءُ،

احمد ايندو عاصين لاءِ،

اڳتي شافع ڪندو شفاء،
 جت ڏيندو هر ڪنهن جاء،
ﷴ مالڪ سو مختار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

يي ئون يڪدل ٻَڌ يقين،

گانڊو! متان ٿين غمگين،

سي ٿا تو چڱائي چِين،

جي ٿيا ڪلمي جي قطار،

مَرڪڻ ڀانءِ نه، ٿي مسڪين،
 مومن دنيا کي نه مڃين،
 ”شفيع محمد“ ڪرم شمار،
 سي سڀ پرور لنگهيا پار-

 

احمق! پڙهه تون استغفار.

 

ٽيهه اکري: ڪافي سسئي (چيل سوني خان لغاري جي)

 

 [سونو خان پٽ محمد عارف مٺواڻي لغاري، ڳوٺ محمود لغاري تعلقي گوني جو ويٺل هو. آخوند احمد خاصخيلي لاکاٽ واري وٽ سنڌي ۽ پارسي جي تعليم ورتائين. سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. اندازاً سنه 1930ع ڌاري وفات ڪيائين.]

(1)

ٿلهه: پرت پنهل مون سان پاري اڄ آيو اٿم آري،
        چُوئا چندن مشڪ کٿوري، ٻاروچي لئي مون ٻاري.

 

اڄ آيو اٿم آري.

الف آيا اٿم، بي ته بلوچا، تي وٺي آيم توڏا،
ثي نه سڃاتم جيم جنهين کي، لهر ڏنا هئا مونکي لوڏا،
حي ته هنيائون درس درياءَ ۾، خي ڏنائون خواري.

 

دال ديوانا اٺ عطر جا، ذال ڀري سي آيم زور،
ري ئون راضي ربّ ٿيو، آيم آري ڄام اتور،
زي گهران مان ذات پنهون جي، سين سا سڄي ساري.

 

شين شڪر ڪر صاد صدق مان، ضاد لهي ويم سڀ دليل،
طوئي آيا اٿم طالب حق جا، ظوئي ويا سڀ ظلم ذليل،
عين انهن سان غين غمن ۾، في فڪر جي وهي واري.

 

قاف قرب جا بار بلوچن، لام اچي ات لاهيائون،
ميم مشڪ جا نون نهايت، واو کڻي سي واهيائون
هي ته انهين سان لام ”لغاري“، يي رکي مون ياري.

 

(2)

ٽيهه اکري: ڪافي مارئي(1)

 

ٿلهه: ماروئڙا آهن مسڪين، سڻ ميان عمر ڄام امين!
        تو حاڪم جي هيبت کان، مونکي ڪوٽ پڇڻ آيا ڪين،

 

سڻ ميان عمر ڄام امين !

الف اباڻا رکن اندر ۾، بي ته برائيءَ کان بيزار،
تي طماعون ڪين رکن ٿا، ثي ثابوتي سدا سنگهار،
جيم جدا ٿي جيڏين کان، حي ته ويم حَسن حُسين.
خي خيراتون ڏين خوشيءَ مان دال دل سان رکن ڌيان،
ذال نه رکن زنگ ڪنهين سان، ري رکن روزا رمضان،
زي زڪواتون مال منجهارا، ڏوٿيڙا ڪڍيو ڏين.
سين شين صاد صابر، ضاد نه ڏين ڪنهن کي دانهن،
طوئي، ظوئي، عين اباڻي، غين غريبن آندي ٻانهن،
في رهن ٿا انهيءَ فڪر ۾، قاف ته ڪڇن ڪنهن سان ڪين.

 

ڪاف قابو جهل لام ”لغاري“، ميم محبت ﷴ مير،
نون نبي آهي واو کان ويجهو، هي هينڙي آهيم اُڪير،
لا سان لا
اِلـٰہ الّا الله، يي ته پڙهيم منجهان يقين.
 

 

ٽيهه اکري: نصيحت(1)

(چيل طالب پلي جي )

 

 [طالب پلي، ڳوٺ حاجي عبدالطيف پلي، تعلقي عمر ڪوٽ ۾ سنه 1909ع ڌاري ڄائو. قرآن شريف ۽ پارسيءَ جي ڪجهه تعليم حاصل ڪيائين. سندس پيءُ ”مل محمود“ پلي، مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، تنهنڪري ڄڻ ته شاعري هن کي ورثي ۾ ملي. سندس ڪلام بيتن، ٽيهه اکرين، مداحن، مولودن ۽ سِٺن تي مشتمل آهي. سنه 1940ع ڌاري وفات ڪيائين. هتي سندس ٻه ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون. ]

(1)

اٿي الف الله سان اور تون،
ٻيا ڏس ڇڏي، ڏِس انهيءَ ڏور تون،
ته دنيا جو سولو لنگهين دور تون،
ملئي آخرت ۾ ڪو سک جو ثمر.

 

بي ئون بندگي ۾رهج رات ڏينهن،
وسائج مٿي تي محبت جو مينهن،
ته نبهي اچي تنهنجو نالو ۽ نيهن،
۽ محشر ۾ مرڪين تون ٿي معتبر.

 

تي ئو تهدلئون ڇڏ تڪبّر تَڙي،
 تواضع سان جيءُ پنهنجو رکجاءِ جڙي،
قناعت سان پنهنجي قلب کي ڪڙي،
سياڻو ٿي پنهنجو سڌارج سفر.

 

ثي ئون رهه تون ثابت قدم سچ تي،
 نه هيراءِ دل ڪوڙ ۽ ڪچ تي،
رکج موهه موتين سندي مچ تي،
ڪجان هٿ ڪي همت سان لعل ۽ گهر.

 

جيم ئون جوش ڇڏ تون جهالت سندو،
رکج خيال خوبي خصالت سندو،
رکي حوصلو پنهنجي حالت سندو،
 اٿي نيڪ اعمال جي ڪار ڪر.

 

حي ئون حرص هردم نه توکي جڳاءِ،
ولها! آخرت لئي وکر ڪو وهاءِ،
هينئر وقت آهي، اُٿي ڪجهه ڪماءِ،
وري وقت ايندو نه هٿ ڪي ٻيهر.

 

خي ئون خوف خالق جو ڪر تون بندا،
نه مغرور ٿي مال تي تون انڌا!
ڪهڙي ڪم جا ٿيندئي اتي هي ڌنڌا؟
جتي قبر سوڙهي ڪيئان ۽ ڪلر.

 

دال ئون ڪڍج دل مان دغا تون ادا!
سچائي سان صحبت رکج تون سدا،
هيڻو ٿي هميشہ گذارج گدا،
مٿي مال موذي، مُٺا! ڪيم مر.

 

ذال ئون ذڪر ڪر يا رب پاڪ جو،
جو پيدا ٿيل آهين تون خاڪ جو،
جنين سير ماڻيو هو افلاڪ جو،
هليا ويا مڃي اُو خدا جو امر.

 

ري ئون ڇڏ ريا کي سخن چئو سچو،

 

مُٺا! مار توتان لهي سڀ لچو،
ڪڏهن ڪوڙ چئجان نه ٿيجان ڪچو،
نڪي موهه رکجان مٿي سيم زر.

 

زي ئون ڀڄ زنا کان تون موُڙهل مڪار!
ڪريين زور ڇو ٿو ؟ گلا ساڻ گار،
رکي خوف ربّ جو تون روءِ زارو زار،
ڪهڙو حال ٿيندئي هنيا! منجهه حشر.

 

سين ئون سِڪ سڄڻ جي سدا دل ۾ رک،
ڪنان حب حبيبن چڱي چاش چک،
گهوري جان جانب تان صد بار لک،
سدا شوق شافع جو پڙهه تون شعر.

 

شين ئون شڪّ شبها ڇڏي ٿي تون دور،
سدائين گذارج تون سرهو سرور،
ته حاصل ٿئي توکي هوتن حضور،
رکج شوق دل ۾ تون شام و سحر.

 

صاد ئون رهج صابر سدائين تون يار!
مٿي راهه راست رهج پائدار،
گوهر جو سدائين ٿي گولو گذار،
ڪري مانَ موليٰ مٿي تو مهر.

 

ضاد ئون ضد ڪنهن سان نه تون رکج وير،
نه هيڻو پسي ڪو ٿجان ڪنهن تي شير،
ڇڏي مِلڪ پنهنجي، پرائيءَ ۾ پير،
نه تون يار پائج ڪري ڪو قهر.

 

طوئي ڪر تون طاعت سندي رب عظيم،
ڪري ڪرم توتي ڪريمن ڪريم،
ملي توکي جا ڳالهه جنّت نعيم،
هميشہ اهائي ادا! ڪرت ڪر.

 

ظوئي ظلم زورو نه ڪنهن سان تون ڪج،
هميشہ تون همراهه هيڻن جو ٿج،
منجهان دار دنيا جي نيڪي تون نج،
ادا! آخرت ۾ ڪو ملنئي اجر.

 

عين ئون علم کي پڙهه هِنيين حب سان،
رکي شوق تهدل گهڻي قرب سان،
پوندو نيٺ تو ڪم وڃي رب سان،
رکج دين سان دل، دنيا دم گذر.

 

غين  ئون ڳڻ غنيمت عمر کي اصل،
ادا! نيٺ ايندو مٿي تو اجل،
سهي ڪين سگهندين انهيءَ جي اڇل،
نيندئي ساهه سوگهو سان ڏاڍي ڏمر.

 

في ئون منجهه فضيلت رهج ٿي فقير،
هميشہ رهج حال ظاهر ظهير،
ٿئي ڪرت من تنهنجي رب وٽ پذير،
هميشہ گناهن کان ڪج تون حذر.

 

قاف ئون قرب رک تون قناعت سان يار،
مڃج پنهنجي مالڪ جا ٿورا هزار،
ڀڄي کان گناهن ڪجان تون فرار،
رکج خوف خالق سندو تون خطر.

 

ڪاف ئون ڪم ڪچايون سڀئي يار! ڇڏ،
ادا! آخرت لئي اڏاوت ڪا اڏ،
رکج حب حبيبن سندي هوش هڏ،
منجهان قلب ڪڍ ڪوڙ، ڪاوڙ، ڪٽر.

 

لام ئون لاءِ دلڙي حبيبن سان هاڻ،
ٿئي سيّد ساڻِي اچي سڏ ساڻ،
قيامت ۾ توکي رهي ڪانه ڪاڻ،
ڪري نورنرمل سو تو سان نظر.

 

ميم ئون مهرباني مٿي تنهنجي مير،
ڪندو وهر وريام ورنهه سو وير،
شفاعت ڪندو شاهه سيّد سڌير،
سواءِ جنهن جي ناهي ڪو ڀيڻي نه ڀر.

 

نون ئون پڙهه نمازون تون ساري صحيح،
پڙهج شام، خفتن وهائج تون وِيُ،
ادا! ڪم ۾ ايندو توکي مهندا  اِيءُ،
پڙهج فجر ۽ ظهر ساري عصر.

 

واو ئون ڪج نه ويسر انهيءَ ڳالهه کي،
سدائين تون اهڙي رکج چال کي،
نه موُذي مُٺو ٿي ميڙج مال کي،
چيو ڪج چڱن جو نه ٿج خام خر.

 

هي ئون تون هميشہ هيڻو يار! هل،
نه ڪنهن سان ڪجان جنگ، جهيڙو جدل،
ڪجان ياد محشر جي موڙها! مهل،
نه ڪم ڀاءُ ايندئي نه مادر، پدر.

 

اءلف عيب عاصين جا ڪر بخش رب،
محابي مِٺي مير سرور سبب،
شفاعت جو شافع جنهين جو لقب،
اچي نور نرمل ڪندو سو نظر.

 

لا ئون لک، هزارين، ڪروڙين، پدم،
ڪيا ڏوهه ڪيڏا مون زورا ظلم،
ڪندو وهر وريام خيرالامم،
ڪمينيءَ تي ڪامل سو ڪرمئون ڪثر.

 

يي ئون يا الٰهي! ڪجان ڪرم تون،
پسي حال هيڻو ڪجان رحم تون،
آهيان زور بدڪار رک ڀرم تون،
تون ”طالب“ جو ترهو، تون ڀيڻي تون ڀر.
 

(2)

ٽيهه اکري: مارئي

 

الف اباڻا ياد پيا،

دل تي تن جا درد دکيا،

سانگي نڪري سانگ ويا،
ويا وڃڻ کي ڪين وريا-

 

پلپل تن جي آهه پچار.

 

بي برهه جو کليو باب،

قلب ڪڙهي ٿي ويو ڪباب،

اُڇلون ڏيو وهي اکين آب،
ڪونه مُڪو ڪو جهانگين جواب-

 

سانگين لڌڙي ڪانه سنڀار.

 

تي ئون توشا طعام ڪئين،

دل کي وٺڻ لاءِ دام ڪئين،

عمر آڇيا انعام ڪئين،
حيلا صبح ۽ شام ڪئين-

 

ڪين مڃيا سي مون ڪنهن وار.

 

ثي ئون ثابت صدق سندوم،

لحظي ۾ هي لُڙ لهندوم،

قادر پنهنجو ڪرم ڪندوم،
پرور نيئي پار ڪندوم-

 

باري لاهيندو سڀئي بار .

 

جيم جيڏين سان جيءُ جڙيو،

مَنڊ محبت جي من کي مڙهيو،

قرب ۾ قابو قلب ڪَڙيو،
اهڙو الفت ۾ آهيان اڙيو-

 

مڇي منجهه جيئن ڦاسي ڄار.

 

حي ئون حال ٿيا ٿم هيڻا،

پاڻان ٻڪيءَ کان ٿين ٿا ٻيڻا،

فرق نٿا ڪن ڦڪيون ڦيڻا،
سانگي ٿيندم شال سڱيڻا-

 

لهندا دردن جا ڌڌڪار.

 

خي ئون خيال وطن جو خوب،

ملڪ ملير ڀانيان محبوب،

ماڙيون ڪين ڪندم مرغوب،
مقصود منهنجو ۽ مطلوب-

 

آهيم کاهڙ سندو خمار .

 

دال ئون دل ٿي ڪين لڳي،

جنهن نه ڏٺو ههڙو اهنج اڳي،

هت بيوس آهيان من ڀڳي،
 سا هِن تر ۾ ڪيئن تڳي-

 

آهي لوهن ۾ لاچار .

 

ذال ئون ذڪر ڌنارن جو،

سهڻو  اِسم سنگهارن جو،

پيارو نالو پهنوارن جو،
 ورد زبان ٿر وارن جو-

 

پڙهيو پڙهان ٿي ساڻ پيار .

 

ري ئون راتو ڏينهن رڙان،

ساريو سانگي پيئي سڙان،

قابو ڪوٽن منجهه ڪڙهان،
 حال وڃايم هڙان وڙان-

 

سيل رکي شل منهنجو ستار!

 

زي ئون زور هلي نه ذرو،

دور ڌنارن دڳ درو،

پوي نه پائر جو ٿو پرو،
 ڀيڻي ڀر جهل ناهه ڀرو-

 

هيڻي هجر ڪيس هيڪار .

سين ئون ساري سانگين سانگ،

ڪوڙين اُڏايم ويهي ڪانگ،

ڀر ڀٽن جي ڇيلن ڇانگ،
نهوڙيس نانگي نيهن جي نانگ-

 

هت روئان ٿي لاءِ ڀتار .

 

شين ئون شڪر جو رهيم شان،

رحمي رحم ڪندو رحمان،

مارن آڏو ملندم مان،
 ديس جو درسن ملندم دان-

 

آهيان اهڙي اميدوار .

 

صاد ئون صبر صداقت ساڻ،

ملهائي وينديس ڀونگا ڀاڻ،

ڪڍنديس ڪين عمر جي ڪاڻ،
 هادي حمايت ٿيندم هاڻ-

 

ڏاتر آهي ڏيو ڻهار.

 

ضاد ئون ضد عمر جو زور،

ڀڃي ۽ ڀوري ڪنديس ڀور،

زاري ظلم جفا ۽ جور،
مرڪائينديس مارو مور-

 

همت ساڻ هتي هڪوار .

 

طوئي  ئون آهيم طلب تمام،

ڪيئن وساريان سي وريام،

محبت ماروئڙن جي مدام،
 جن سان ڄم کان رهيس ڄام!

 

الفت جن جي آهه اپار .

 

ظوئي ظالم ۽ زور سهي،

وينديس نباهي وقت وهي،

ويئي طبيعت آهه ٺهي،
 ويندا جلدي لڙ لهي-

 

ملنديس مارن، ويندي ميار.

 

عين ئون الفت عمر سندي،

مونکي سڪ آ ساڻيهه سندي،

ڪنهن پر ڪين قبول ڪندي،
سا ئي ڪنديس جا وڻندي-

 

منهنجي قرب وارن کي ڪار .

 

غين ئون غم جو سمنڊ تري،

نوڻيون ڏسي پوندا نيڻ ٺري،

وينديس ويڙهيچن ڏي وري،
 کاهڙ پهچي ٿينديس کري-

 

مان ملندم عزت اپار .

في ئون فڪر اندر في الحال،

ڪوٽ ۽ ڪوٺيون ڀانيان ڪال،

آهي جيئڻ ٿيو جنجال،
 ساعت هڪڙي ڄڻ سؤ سال-

 

گهاريان ڪيئن ڌڻارئون ڌار.

 

قاف ئون قرب وطن جو وهواهه،

پائر ۾ آهه منهنجو پساهه،

ساڻيهه ۾ آهه سوگهو ساهه،
 ڪريان نڪريو روز نگاهه-

 

مان لهن ڪا سانگي سار .

 

ڪاف ئون ڪاٽي قيد جا ڏينهن،

رهجي ايندم ننگ ۽ نيهن،

وينديس موٽي وُٺڙي مينهن،
 پورو ٿيندم شوق جو شينهن-

 

کلي کاهڙيا ڪندا کينڪار.

 

لام ئون لڄ رکندم سائين،

اٿئي، ويٺي، سُتي سدائين،

جنهن جي در تي آهيان دانهين،
 پرور ڪين ڇڏيندم پاهين-

 

ڀرم رکندم بخشڻهار .

 

ميم ئون ساريم ماروئڙيون،

کاهڙ ۾ هو آهن کڙيون،

جن سان منهنجون جيءُ جڙيون،
 رويو مون لئي ڪن رڙيون-

 

ساريو مونکي سي صد بار .

 

نون ئون نباهي وينديس ننگ،

ويندو دوريءَ وارو دنگ،

رهبر سانگين سان منهنجو سنگ،
 ڇڏي پٿرڻيون پوش پلنگ-

 

وڃي وٺنديس ٿر ٿڌڪار .

 

واو وصل جو ورندو واءُ،

ڪندا ندوريءَ جو سي نياءُ،

سانگي لهندم سڌ سماءُ،
 وڃي پٽن تي پسنديس ڀاءُ-

 

وڙ ڪي ويڙهيچن جي ولهار .

 

هي هجر ۾ هنجهون هاريان،

نڪريو تن جون راهون نهاريان،

پنهنجن سانگيڙن کي ساريان،
 ويڙهيچن کي ڪيئن وساريان؟

 

جن سان قلب جو آهه قرار.

اءلف ئون آهه اهائي آس،

جن لاءِ آهي اندر اداس،

وينديس جلدي پنهوارن پاس،
 جن لئي باسي آهيم باس-

 

ملندم مارو سي منٺار .

 

لا سان لهندا لُڙ ۽ لهريون،

قرب وارن سان قرب ڪچهريون،

وڃي پائر ۾ ڪنديس پهريون،
 رس رهاڻيون چوکيون چهريون
-

 

لويارين جي لار  لغار .

 

يي يقينئون سان سچ سير،

”طالب“ تن ۾ آهي اڪير،

موٽي وينديس ملڪ ملير،
 ساڻيهه پسان ٿئي دل سڌير-

 

لڏيان ڪلمي جي آڌار.


(1)  اُتر (تعلقي شهداد ڪوٽ) مان عبدالحق کان ملي.

(1)  ڀرڏا = ضعيف.

(1)  وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد اسماعيل ڪيريي کان ملي.

(1)  وچولي (تعلقي حيدر آباد) مان محمد اسماعيل ڪيريي کان ملي.

(1)  ٿر پارڪر (تعلقي عمر ڪوٽ) مان ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

(1)  ٿرپارڪر (تعلقي عمر ڪوٽ) مان ”معمور“ يوسفاڻي کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org