سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: پهاڪن جي پاڙ

باب: --

صفحو :11

رايا

 

37 _ لياقت روڊ،

ڪنٽونمينٽ، حيدرآباد

7 _ سيپٽمبر 1966ع

مڪرمي سنديلو صاحب سلمه

”پهاڪن جي پاڙ پهچي، خوشيءَ جو باعث ٿي. اوهان ٿورائتو ڪيو. يادگيري ۽ محبت جو شڪريه.

چوندا آهن ته: ”هجئي ناڻو، ته گهم لاڙڪاڻو.“ اوهان پاڻ لاڙڪاڻي کان ناڻو وٺي، پوءِ منجهس ٺڪاڻو ڪيو آهي. انهيءَ معجزه تي به اوهان کي مبارڪ.

ڪتاب ۾ نهايت قيمتي مواد آندل آهي. ڪن پهاڪن کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ پيش ڪري، حقيقت کي پوري طرح واضح ڪيو اٿو. ”اوهان جيڪو پورهيو ڪيو آهي، سو رائگان نه ويندو، ڇاڪاڻ ته اهڙا ئي ڪتاب، ادبي ميدان ۾، پنهنجو مـُلهه پاڻ مقرر ڪن ٿا.

دعا آهي ته زياده آسودا ٿيو ۽ زياده ڪمائتا. (آمين)

حقير عفي عنه

آءِ - آءِ- قاضي

 

هالا نوان

14_2_67ع                 محترم و مڪرمي سنديلو صاحب

 

السلام عليڪم:

اوهان جي تازي تصنيف ڪتاب، نالي ”پهاڪن جي پاڙ“ گذريل ڊسمبر ۾ پهتل آهي. ڪتاب پنهنجي نوعيت ۾ تمام چڱو ڪتاب آهي. پهاڪا ته عام طرح سان ٻڌبا آهن ۽ ٻڌايا ويندا آهن، مگر انهن جي اصل حقيقت ۽ ماهيت هر ڪنهن کي معلوم نه هوندي آهي. هن ڪتاب ۾، انهيءَ ڳالهه جي صفائي ٿيل آهي. انهي ڪري به ڪتاب جي قدر ۽ قيمت ۾ واڌارو ٿيو آهي. اميد ته باقي پهاڪا به گڏ ڪري، ٻئي ڇاپي ۾ شايع ڪندا ته ڏاڍو چڱو ٿيندو.

زياده خير والسلام

طالب الموليٰ

 

احمد خان مصراڻي

 

(1) پهاڪا وڌائيـن ٿـا ٻــوليءَ جــي زينــت،

پهاڪن ۾ ٻوليءَ جي سونهن ۽ نزاڪت.

 

(2)پـهـاڪـا ٿـيـا عـلـم جــو ڄــڻ خـزانــو،

پهاڪا، ٿيا عقل و دانش جي دولت.

 

(3) پـهـاڪـا فـصـاحـت جـو واضـح نـمونو،

پهاڪن ۾ آهي سلاست بلاغت.

 

(4) پـهـاڪـن پــَـهـه ڪـي سمايل سٺا ٿيا،

پهاڪن ۾ پنهان نصيحت، هدايت.

 

(5) مـبـارڪ جـو حـقـدار ”سنديلو صاحب“،

پهاڪن جي واضح ڪئي، جنهن حقيقت.

 

(6)”پهاڪن جي پاڙ“ آهي تصنيف عمدي،

مصنف مٿس واه ڪئي آه محنت.

 

(7)ٿـيـو طــبـع آ: ”وه در خــشـان جـريـده“،

اي ”آصف“، ائين لک تون سالِ طباعت.

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org