سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ

باب: --

صفحو :10

روايت[6]*

حڪيم ڏاهريءَ جا چَيَل بيت ·

 

1-                  ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب ستار،

ست پُٽَ اوباهيي کي، اٺين ڌيءُ ”جُمڙي“ نالي نار،

هنن جو گذر غريبت جو، ڪن مڇيءَ سندو مار،

ڏيرياڻين جو، ”ڏاهري“ چئي، ٿيو کيٽو خلل کار،

”مور“، سندي محلات ۾، هو طعنن جو تڪرار،

مُٺي! ويل ور تنهنجو، ڄٽ نه ڄاڻي ڄار،

وڃيو ور اسان جا، شاهي ڪن شڪار،

وڏو ٿيو ويچار، مهڻن جو مور کي.

2-                  مهڻن جو مور کي، تن ويڻ چيو ويهي،

رنون ريب ڪري ويون، ڪيئون ڀائرن جدائي،

وڃڻ جي وائي، من ۾ پئي آ مور کي.

3-                  من ۾ پئي آ مور کي، آيس ڪاوڙ ۽ قصور،

ڪـُڇي پـُڇي ٿو ڪينڪي، سانڍيو مڙئي سور،

ڪيئين رمز رٿائون، دل اندر دستور،

ته ڀائرن ڀاڄاين جو، معلوم ٿيم مذڪور،

هونيهن هت، ”حڪيم“ چئي، مون کي ويهڻ ناهه ضرور،

ڪري تياريون تهمور، ڪيئين سعيا سنجن جا.

4-                  وجهي سنج سنجاف تي، ڪيئين سنبت ۽ سعيو،

سورهيه سَرتو ڪينڪي، توڻي پيءُ ڀائرن پرچايو،

گهوٽ به گهوڙو گس ۾، ڪشي آهي ڪاهيو،

نـقرو ڇُٽو ناٽ مان، سو پلٽجي پيو،

اُتي هو آيو، جت باري شهر بادشاهه جو.

5-                  بات ڪَهي بادشاهه، وڌي ڏيهن ۾ ڏاهه،

آءٌ سو مرد مڃان، جيڪو ڪري مرونءَ تي ڪاهه،

هيرا جواهر، ”حڪيم“ چئي، ڪريانس سون روپ جي صلاح،

دلوراءِ اڳيان داناهه، ساريندي سورهيه سلام ڪيو.

6-                  ساريندي سورهيه سلام ڪيو، پڇيـﺂنس سڌ سهي،

ڪري نِهو نوڪريءَ جو، ويو وٽن ويهي،

چي: پلنگ آهي پيدا ٿيو، شينهن وڏو شاهي،

جوان جهلي ٿو ڪو نه ڪو، هن جي دهشت دئي،

محڪم تنهن جي مورڙي، وڃي ڪنڍي ڪڙڪائي،

هينئينس ڌڪ ”حڪيم“ چئي، وڍي ويس وهي،

گهر ته توکي گهوٽ ڏيان پارسن پهي،

سون رپو سڀئي، آهي ملڪيت تنهنجي مورڙا،

7-                  آهي ملڪيت تنهنجي مورڙا، تو ڪيو انصاف هي،

چي: مياڻ اسان جي ملڪ جو، تنهن تي محصول ڪر معافي،

لکي انگ عياشي، مور مڪو آ مائٽن.

8-                  ڪن ڏاهپ جي ڏاهه سان، پاڻيءَ منجهه پچار،

ٻهن ٻهڪن ٻيڙيءَ ۾، ٻچا هنن جا ٻار،

پهريون وڃن پاڻيءَ ۾، شاهي ڪن شڪار،

ڏاهيون، ڏنڀريون، گندڻ، گوجون،سڻيون،سينگاريون ڌرڙا ماريو ڪن ڌار

ٿيريون ڪـُرڙا، مـُڪـُر، مورا، ٺيٺيون ماريو ڪن ٺار.

مارين ذات مڇيءَ جي، پلا منجهه پاتار،

رانديون ڪن رَڇن سان، پنهنجي ڪارڻ قوت ڪٺار

اوڀايل اُڇلائي وڌو هو، ڄاڻي ڄمائي ڄار،

ٻچا مانگر مڇ جا، آيا اُڇل جي آڌار،

ٻهر ڇڪي ٻيڙيءَ تي، مڳ ڪڍيا هئا مار،

وڍي ٽُڪي ڪهاڙن سان، ڪيئين ڌڙ سسن کان ڌار،

مڇ به تنهن مهل ڪين هو، ويو هو ڪَرڻ شڪار،

اچي مڳ ٽُٻيو آهي مهراڻ ۾، ڪري ڌوڙيا ۽ڌڌڪار،

اچي ماتام لڳو آ مرونءَ کي ٿيس آنڊن جي اُٻهار،

تڏهن مڇ به پنهنجي مالڪ کي ٿو سوال ڪري تنهن وار،

ته وير تنهن ويريءَ کان، مون کي وٺي ڏي ڏاتار،

هيءَ صفت ڪريان سردار، واحد تنهنجي وڏائيءَ جي.

9-                  صفت ڪريان سردار جي، ڏس واحد وڏائي،

ملاحن اچي مڇ سان، لاتي لڙائي،

وارا ڪيئونس ونجهن سان، ٻيڙا ٺيلهي ٻئي،

وڌئونس ڄار ڄنگهن ۾، رڇ ڇني ڪيئين رئي،

ڀڄڻ ۽ بيهڻ جي، اُت ڪنڌي مور نه هئي،

وجهي وات وقوف سان، ڇڏيئين ڇهن ئي کي کائي،

وڃي پيا مڳ پيٽ ۾، جت هئي اونداهي،

هادي لاءِ ”حڪيم“ چئي، هئن لکئي جي لائي،

مر روئي مائي، جنهن جا ماڻڪ مڇ کڻي ويو.

10-            ”جُمڙي“ جوانن لاءِ پرهه ڪڍي ٿي پار،

گهاتو گهر نه آئيا، جيڪس ڇڄي ٿيا ڌار،

ٿيو آ ڪوڪٽ ڪُن ۾، جنهن جي خبر نڪي چار،

ماري کڻي ويو مار، تن جو ڪونهي ڏس ”ڏاهري“ چئي.

11-            تن جو ڏس ”ڏاهري، چئي، ڪالهه به ڪـُن تي هو،

ويٺا هئا وقوف سان، هو رڇ به رهايو،

پيو هو منهن مڙدن کي، مانگر مڇ مَيو،

لاتئون لڙائي تنهن سان، سرس رکي سعيو،

هو گئون کڻ: وين غار ۾، تن جو پتو ڪو نه پيو،

نه ڄاڻان ڪهو، اڳيان ٿيندن حال ”حڪيم“ چئي.

12-            ٿيندن حال ”حڪيم“ چئي، آهي خاوند کي خبر،

مڙد گهرائي مهراڻ ۾، وڌا پاڪ سچي پرور،

جلي کامي ٿي جمڙي، ڀائر نه وريا ڀڙ،

نماڻن کي نصيب هجي ها هتي هوند قبر،

ونيون سارين ورن کي، گهاتو سارين گهر،

اوڀايل کي اونڌو ڪيو هو انهيءَ ڏک ڏمر،

واقعي هيءَ خبر، مُڪائون ماڻهو مورڙي.

13-            مڪائون ماڻهو مورڙي، ويو خاطي خط کڻي،

ڀائر تنهنجا مورڙا، ويو کائي مڇ کڻي،

خط پڙهي کـِيو ٿيو، وڌس حال هڻي،

ساري ڳالهه سڻي، معلوم ٿي ويو مور کي.

14-            معلوم ٿي ويو مور کي، هليو دلوراءِ ڏي داناءُ،

سائين! کاڌم پيتم خوب خوشيءَ مان، اٽي پاڻي پاءُ،

حاڪم آهين ”حڪيم“ چئي، تون بديون بخشج ڀاءُ،

ڪات ٺهرائي ڏينم رُڪ جو، جنهن ۾ هجي وڄ واءُ،

وهائيندس تنهن ويريءَ تي، مُدعي جي مٿانءُ،

ڏيندم اُت ”ڏاهري“ چئي، مَدت محمد شاهه،

اِهين به ڪري الله، جو ماريان تنهن مردود کي.

15-            جڏهن سون مياڻي سُڃ ٿي، تڏهن ٿو هٿ هلائين،

تاڪيد سان تنهن ويلي، لُهرن ڏي لکيائين،

اچي حاضر اُت ٿيا، ڪئين اُستاد آندائين،

هنر تن حرفت جو، ڏسي سڀ ڏنائين،

ڪلون ڪاريگرن هٿان، جنبي جڙايائين،

ڪائي ڪات ٺهڻ جي، سٽ ويهي سٽيائين،

تنهن ۾ تراريون ڪيتريون، رٿي رانيائين،

ڪپ، ڪٽاريون، ڪاتيون، کنا کوڙيائين،

هٿيارن جون ”حڪيم“ چئي، رمزون رکيائين،

وجهي ڪلون ڪات ۾، ٺوڪي ٺاهيائين،

ترت سڀيئي تيار ڪري، سورهيه سڏيائين،

خنجر کنيائين، تبرون تکيون تيز مان.

16-            تبرون تکيون تيز مان، ويو دست ڪري دلبر،

مور کي مرونءَ سندو، هو ڏاڍو ڏک ڏمر،

مردن لاءِ مور نه ٿِي، اَرهو منجهه امر

اهي قلم لکيا ڪرم ۾، پاڪ سچي پرور،

حجت ناهي هٿيار جي، جاءِ انهيءَ ۾ جر،

مڇ سُجهي ٿو مهراڻ ۾، ڪنڌاري ڪو پر،

چي: توبهه در الله جي، آءُ نه ڪريان تڪبر،

ماريندس تنهن مدعيءَ کي ڀيرو ڏيئي ڀر،

وهائيندس ويريءَ کي، کيڏائي خنجر،

پوءِ ڪرٽ، ڪهاڙا، ڪاتيون، کڻي ساڻ ثمر،

چيائين حاڪم! هلي حاضر، اتي مجرو ڏسو مور جو.

17-            مجرو ڏسڻ مور جو، آيو دلوراءِ دلير،

گهوٽ چڙهيا سڀ گهوڙن تي، پانهه ڏيئي پير،

مور پنهنجي ملڪ جو، اچي ڀاڻ سڃاتو ڀير،

مڙي ملاحن ڏٺو، اهو ڪٽڪ وارو ڪير!

چي: صحيح سڃاتو اٿئون، اهو مانجهي مرد مٿير،

ڪيائين حقيقت حال جي، ڪيو مون سان مڇ انڌير،

چي: قسمت ڪم ڪيو، هاڻ ڇڏ مونجهارو مير،

غوث ويا ان گس تان، پير ڀريندي پير،

لکيو وس رب جي، ٻيو قلم وهائيندو ڪير،

اٿم اميد الله ۾، وٺندس مڇ کان وير،

گهٽ ڏَسيو سي گهيڙ، جتان مردن کي مڇ کنيو.

18-            چي: مرد مهراڻ ۾ گهڙيا، شرط رکي شتاب،

وريا ڪو نه وعدن تي، هنيا ڪنهن حساب،

اهڙي انڌي عقاب، گهاتو سڀ گمائيا.

19-            گهاتو سڀ گمائيا، منهنجا مدعيءَ مڇ،

وجهندس وقوف سين، موذي مڇ کي رڇ،

ڪريان عرض الله کي، صاحب ڪندو سچ،

ڪيون مذاقون مڇ، جڏهن مور نه هو مُلڪ ۾.

20-            مور سڏايا مليهه، آيا سڀ ميڙ ڪري،

ڏاڍا مڙس ”ڏهري“ چئي، دلوءَ جهڙا ديهه،

جوان اچي جملي ٿيا، سڀ لهندي ريهه،

پر سورهيه ڪو نه سنڊيهه، مرڳو انهيءَ مڇ تي.

21-            مرڳو انهيءَ مڇ تي، چڙهندي ڏنئون چوٽ،

مڇ ڪُڏي مهراڻ ۾، ٿي پاڻيءَ ۾ پالوٽ،

مرد ڀڄي ويا ميدان مان، مڙني کاڌي موٽ

مور انهيءَ ميدان ۾، بيٺو اُت اَموٽ،

چي: گهيڙ اهو اٿئي گهوٽ، جتان مردن کي مڇ کنيو.

22-            مردن کي مڇ کڻي ويو، بيٺو مور موڪلائي،

سانگو پنهنجي ساهه جو، ڇڏيئين لاڳاپا لاهي،

دعا ڪجو سڀ يارو! هاڻ الله واهي آهي،

نڪرڻ ٿيندو نصيب سان، ويـَن جو منهن آهي،

ٻَڌي رَس روان ٿيو، ڪـُن اندر ڪاهي،

مڇ پنهنجي مئي منجهان، ڇڏيو وات وڇائي،

ڏنئينس ڪات ڪلين کان، گهوٽ وڌس گهائي،

ڀانڊي اندر ڀيم جي، ويو لنگهي، ليٽائي،

اتي ڀڙ ڀائرن کي بيٺو هينئڙي هٿ لائي،

ساهه پَرياڻن کي ڀانئي، اڃا پڻ آهي،

تڏهن مرد مڇ کي بيٺو گهڙي ۽گهائي،

جگر جيرا بڪيون، ڍڳ ڪيائين ڊاهي،

مڇ ڌني مهراڻ ۾، رت سندي راهي،

وڌئينس ڪُنڍا ڪاپار ۾، وَرتـُون ورائي،

انگ عضوا اٽڪائي، آيو مور انهيءَ مڇ کي.

23-            ڪڍيو منهن مورڙي، ملي مبارڪ مور،

تو ڪيئن ماريو مڇ کي، ڪهڙي ڪيئي تڪ تور؟

اسان ٻُڌا ٻَهر مڇ جا، گهوگهٽ ۽ گهور،

چي: مرد ڏٺا هئم مڇ ۾، مون کي ڌڱ ڏني دور،

بڇيامانس برهه جا، چوڌاري چور،

وڍيومانس وقوف سين، ٻي ڪاتن ڪيس ڪور،

هٿيارن جي ”حڪيم“ چئي، اتي ڪيم چور پچور،

چيو مڙني کي مور، ڪڇون ڪڍڻ جي ڪار ڪريو.

24-            دلوءَ چيو ديمين کي، ڏيئي اُت ڊوها،

پنج سـﺂ آڻيو پاڏن جا، جي ڇِڪ جا هجن ڇوها،
ڏهه سؤ آڻيو ڏاندن جا جي ڇڪ جا هجن ڇوها،

هڪلي اچي حاضر ڪيئون، ڪاهي سڀ ڪونها،

ڏيئي پانجاريون پاڏن کي، کوڙيائون کوها،

تن کي هڪلڻ وارا ڪيترا، ماڻهو لک هئا،

پر پٽيا تنهن روها، ڦيم تن کي ڦيرو ڏيئي.

25-            اتي فڪر لڳن ڦيم جو، ڪيون سَئسن صلاحون،

آندائون تيرهن ويهون ترين جون، سڀ هُيون سـُوائون،

سايون، سرخيون، سمنديون، ڪُميتون ڪاهيائون،

بگيون، ڀُوريون، ڪارنريون اتي آندائون.

سونهريون، سنجافون، نيريون، نقريون، ابلقون آندائون،

چينيون چريون، تيز ڀريون، اڻگيليون آندائون،

ڪَنن ڪُنڍيون، سـﺂ رنگيون، نيو ڪنڌ نوايائون،

ڏيئي پنجوڙون پنج ڪلياڻن کي، اتي روجهون رٿيائون،

ڏورڻي اتي ”ڏهري“ چئي، کڻي ٻهاڻ ٻڌائون،

حڪم ڪري مڇ تي، کڻي جلدي جوٽيائون.

ڦيرو ڏيئي ڦيم کي، ڇوهي ڇڪيائون،

ڪڙڪا ٿيا ڪميتن جا آڻي ٻَهڙيون لايائون،

اڇلي آندائون، ڪڍ سر ڪڇئون جو.

26-            ڪڍي سر ڪڇئون جو، ڪيئون ٻـُٽ ٻهر،

هڪدم هڏو اٿلائي وڌئون، هئا مڙد اندر،

ڪڍيئون لاشا تن جا، منجهان مڇ مانگر،

رُنئون رت راڻن لاءِ، ڪري ڏکي ڏمر،

دلوءَ دانهن ڪري چيو، مرد کٽن تي ڌر،

سيج وڇائي سورهين کي، گهمائي آندائون گهر،

لاهيو لاکيڻن کي، پيا وهنجارين ويتر،

ڏکن جو ”ڏاهري“ چئي، ڪنهن سان ٿئي نه قهر،

ڪري پيغمبري پر، کنيئون ميٿَ مقام ڏي

27-            کنيئون ميٿ مقام ڏي، مور ٿو مٽين ملي،

رويو رت اکين مان، ڳوڙها وهائي ڳَلي،

”ادا ادا“ ڪيو سڏ ڪري، ان کي ورندي ڪا نه ملي،

الست مـﺂن آواز آيو، ڇڏيو پهلوانن جا پرياڻ پَلي،

هلو هڪ دم ۾، بيهو نه جنازا جوانن جَهلي،

قدم ڀري ڪُلها ڏنئون، کڻي ويا پاس ڀَلي،

هاديءَ سان ”حڪيم“ چئي، حجت ڪا نه هَلي،

پُـُوري روح پَلي، پڙهيئون ڪلمو مُـُنڍ قرآن جو.

--------

 

* هيءُ بيت مير حسن ”سڪايل“ (تعلقي شهدادپور) ۽سالم خان پٽ ميرو خان مري بلوچ، ويٺل ڳوٺ، علي خان مري (تعلقي سڪرنڊ) کان مليا.

·  حڪيم پٽ شيرو ڏاهري، ويٺل راهواري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ، اٽڪل 35 سال اڳ (29-1930) وڏي بيماريءَ ۾ 50 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو، انهيءَ حساب سان سندس جنم 1880ع ڌاري ٿيو هوندو. نڙ تي بيت ڏيندو هو. سندس ٻالڪن مان درياءَ خان وساڻ ۽ جوسب ڏاهري ٿي گذريا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8   9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org