سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 11

ٿرپارڪر جي روايت

ڏاڙهون شيدي (تعلقو ننگر پارڪر) جي ٻڌايل ڳالهه

[هيءُ ڳالهه ڏاڙهون شيدي جي زباني ڪچهري ننگر پارڪر ۾ تاريخ 11- آڪٽوبر 1975ع تي قلمبند ڪئي وئي. ڏاڙهون پٽ دينو پٽ ڦـُـل پٽ ڦوڳي پٽ توڳي پٽ جعفر پٽ حاميد پٽ شامان پٽ ڏاڙهون پٽ خميسو، ويٺل ڊِرهَ (ننگرپارڪر کان 6- ميل اتر اولهه ڪنڊ تي)، ان ڳوٺ ۾ کاڙڪ ذات جا مسلمان ۽ ٻيا سڀ هندو رهن ٿا. ڏاڙهون ڇپني واري سال ڄائو. گهڻو وقت سنڌ کان ٻاهر رهيو. ذري گهٽ سنڌي ٻولي به وسري ويس، پوءِ هت آيو. بدين وارو پير علي قطب شاهه کيس وٺي ويو، اتي چار مهينا رهيو، پوءِ موٽي آيو. مالدار ماڻهو آهي. ن - ب[

 ’دوداڻي‘  حضرت علي عليه السلام جي اولاد مان آهن.

واءُ اُڏايو واڇرو، مڪي مديني اوريا
پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو ڀلو ڀونگر راء.

 

 

 

 

ڀونگر راء پرڻيو ڪؤنرو جيڪا  ’شڪر ديو‘  جي ڀيڻ هئي. ڪؤنرو ۽ شڪر ديو جي ماءُ  ’ڪلڪان‘  ڏائڻ هئي. ڀونگر راءِ کي اولاد نه پيو ٿئي، پوءِ ڪنهن فقير دعا ڪئي ۽ ڪؤنرو پيٽان دودو پيدا ٿيو. دودو وڏي طاقت وارو هو. تنجڻا ڇني پيو ڇڏي، ماءُ جا ببا پيو پٽي، ٻڪري جا ٿڻ پيئي ته اهي به ڇني ڇڏي. تڏهن  ’ماڻڪي‘  مينهن ڌائڻ لڳو. پوءِ انهي مينهن سان گڏ گذارڻ لڳو. ڳوٺ جون مايون پاڻي ڀرڻ وڃن ته انهن جا دلا ڀڃي ڏئي. ماين وڃي ڀونگر کي دانهن ڏني، جنهن دودي کي سمجهايو ته: يا مدرسي ۾ ويهي پڙهه يا ٻيءَ ڪنهن جاءِ وڃي ويءَ ۾ مينهن چار. دودي چيو ته: آءٌ وڃي ٿو ڪٿي مينهن چاريان، پر مون کي لٺ گهڙائي ڏي. ڀونگر سوا مڻ جو لوهو ٺونگـِـيو (نيٽ) گهڙائي ڏنس. پوءِ دودو مينهن ڪاهي وڃي پنهنجي مامي شڪر ديوَ جي باغ وٽ پهتو. باغ کي ٻاهران ڪوٽ آيل هو، هن مينهن کي ديوار ٽپائي اندر ڇڏي. شڪر ديو ٻاهر ويل هو. مينهن اندر باغ جا گل ڦل کائي چٽ ڪير ڇڏيا. شڪر ديو واپس آيو ته بقاري ٻڌايس ته: تنهنجي ڀاڻيجي دودي مينهن چاري باغ ڀيلائي ڇڏيو آهي. اتي شڪر ديو چيس ته: ڦولڙين جو دونهون ڪري ڇڏجان ته دودو اچي هٿ سيڪي. بقاري دونهون ڪري هليو ويو. رات جو دودو مينهن چارڻ آيو پر هن هٿ نه سيڪيا. تڏهن شڪر ديو بقاري کي چيو ته: چندن ڪاٺ جي دونهين ڪر ته من چندن جي دونهين تي هٿ اچي سيڪي.

 

ڦولڙين دونهين نه سومرو اچڻو ،اچي چندن ڪاٺ
ته مـَـنَ سومرو سـِـيـَـاڊي، اچي چندن ڪاٺ اُهاءِ.
(1)

رات جو دودو مينهن چارڻ آيو ۽ اچي چندن جي دونهين تي هٿ سيڪيائين. تڏهن شڪر ديو اٿيو. اول مينهن کي ڌڪ هنيائين. اتي دودي چيو ته: ڏوهي آءٌ آهيان. تنهن تي شڪر ديو دودي کي گهمائي هنيو ته دودو گوڏن جيترو هيٺ زمين ۾ لهي ويو. پوءِ دودي شڪر ديو کي گهمائي هنيو ته اُهو ڪلهن جيترو هيٺ زمين ۾ لهي ويو. دودي سندس سـِـسـِـي ڪپي انب جي کـُـتَ ۾ کڻي ٻڌي. پوءِ ٺونگـِـيو کڻي مينهن کي کنيائين ته کڻي نه سگهي ۽ جي مينهن کڻي ته ٺونگـِـيون کڻي نه سگهي. نيٺ مينهن کنيائين پر مينهن جي ٽنگ گهلبي آئي .انهيءَ گـِـيهي جي نشان تي ڪـَـلڪان ڏائڻ، ڀونگر وٽ دانهن کڻي ويئي. دودو ان وقت ستو پيو هو، ڀونگر ترار کڻي کيس مارڻ لاءِ اٿيو، پر ڪـَـلڪان منع ڪيس، جو دل ۾ ارادو هئس ته وير آءٌ پاڻ وٺنديس، تڏهن ڀونگر چيو ته: ملڪ نيڪالي ڏيندوسانس.

تڏهن ڀونگر بادشاهه ٻانهيءَ کي گهرائي چيو ته: ماني تئي تي وجهي، ڪچي پاسي تيل مکي، پرديسي وٽي (ٺـِـڪر جي ڦيلهي) ۾ رکي وڃي دودي کي ڏي ۽ ٽي دفعا دودي جي جتي ڇنڊي آڏو رکجانس. ٻانهي ڀونگر جي چوڻ موجب ڪيو. دودو سمجهي ويو ته ملڪ نيڪالي آهي، سو ماني ٻه اڌ ڪري، هڪ اڌ ڀؤنر کي ۽ ٻيو اڌ موتي ڪـُـتي کي کڻي ڏنائين. ڪؤنرو کي خبر پيئي ته:

اچي ڪؤنرو ڪـُـوڪ ڪئي، تو ڀونگر! درٻار
هڪ نيرانو نـِـڪـَـتو تنهن کي چاڪر ڏي ٻه چار.

ڀونگر چيو ته: توکي مـِـٺو ته ڪو مون کي کارو آهي ڇا؟ ويندو پاڻهي وري ايندو، پاتڻي کي مون سمجهايو آهي سو ڪڏهن ڪين اُڪاريندس. پوءِ ڪؤنرو ٻه دينار کڻي دودي جي پويان وئي. دودو ويو سوناري وٽ ۽ چيائينس ته:

سونارا گهـَـڙ سنگهرُون پر سچي سون منجهان
وجهي ڪڙولا ڪتن کي، نڪران ڀونگر راڄ منجهان.

تڏهن ڪؤنرو سوناري وٽ وئي. ان کي چيائين ته: سون جي ڪهاڙي رُپي جي ڳن سان ٺاهه، پر پويان پورِي رک. ڪهاڙي ٺهرائي ان ۾ هيرا موتي ڀري دودي کي ڏنائين، ۽ چيائين ته: ابا! ڪتا لوهين سنگهرن ۾ ٻڌبا آهن، پوءِ لوهيون سنگهرون به کيس گهڙائي ڏنائين. جڏهن دودو روانو ٿيو ته ڪؤنرو به ساڻس گڏ هلي پر درياء جي پتڻ کان اڳ ڏک ڪيائين ته دودي کانئس موڪلايو. پوءِ دودو پتڻ تي آيو، اتي ڦـُـليي پاتڻي کي چيائين ته:

 

 

 

 

ٻاٻاڻا پاتڻي، مونکي پتڻ پار اڪار
مونکي بابي هـَـلايو آ ته وڃي سـَـرهيـُـون سنڀار.
(1)

 

ڦـُـليي چيو ته:

توکي پتڻ ڪير اڪاري، توکي ڀونگر تڙيو راڄ منجها
وڃ اڙانگا اُڪـِـرِي، پنهنجي ونگي پير ڌري.
(2)

ڪؤنرو پري کان بيٺي ڏٺو. دودو بندر وٺيو پئي آيو ته ڪو اوهارو (3) ڏسان ته گهڙي پوان.

چيلهه ڪهاڙي سانگ ڪـِـيو، بيٺو سومرو موڙ ٻڌي
وٺي نام الله جو، اُڪري هن پار، بيٺو ڪـُـتا ڪـُـوڪاري.
                                                     اي الله! يا الله! هادي الله!

                                      ---

ٻاٻاڻا ٻيلي پاتڻي، تون منهنجا ويڻ مَ وساريج
جونـِـي ڪڏهين آهي دودل راڄ ۾ تون سـَـڌَر ماڳ نهاريج.
                                                     اي الله! يا الله! هادي الله.

تڏهن پاتڻي ورندي ڏني:

اداڙي آءٌ نـِـي مهاڻو مڇيءَ جو، منهنجـِـي مڇيءَ منجهه مـَـڻيا
دودل آئي ڀونگر راڄ ۾، مونکي ته ماڳ گهڻا.

دودو پوءِ پنهنجا ڪـُـتا ڪوڪاري اٿي هليو. اڳتي روجهه نڪتي جنهن کي ڪتن جهليو. دودو روجهه کي سـِـير وَهائي، کلي، گوشت مٿي وڻ تي رکي، ڪتا ٻڌي، پاڻ ميهار وٽ ويو ته ٽانڊو کڻي اچان. اتي پهتو ته ميهار کي سـُـتل ڏٺائين. پر هڪڙو ڪارو نانگ ٻر مان نڪري، ميهار کي ڏنگڻ جي پيو ڪري. دودي اهو لقاء ڏٺو ته کنو پاڻهي ڄاڻي کپ مان نڪري، نانگ کي ماري وري وڃي کپ ۾ پيو:

کپ منجهان کنو نـِـڪَـتو ۽ نانگ نهوڙي ڀـُـون
انهي تماشي ريجهي بيٺو دودل راجا تون.

نيٺ ميهار اٿيو ۽ دودي سان خوش کينڪار ڪيائين. دودي پڇيس ته: کنو ڪٿان آندئي؟ ته ميهار جند ڇڏائڻ لاءِ چيو ته:

رات نـِـي مينهن وَٺا، تنهن ۾ وَٺا وَٽوڙا
کنو گهڙايم اُتـَـهـِـين سچي رُڪ منجها.

اتي دودي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. ميهار چيو ته:

مينهن نـِـي ٻاٻائي ماڻڪي، تنهن جهـُـڳـَـرَ جهورَ ڪيو(1)
کنو عليءَ شير جو، تنهن پـُـورن منجهه پيو.

دودي چيو ته: مينهن ماڻڪي منهنجي؟ چيائين ته: هائو. تڏهن دودي چيو ته: ڪهاڙي سوني روپي ڳن واري توکي ٿو ڏيان ۽ کنو ڏي مونکي. ميهار کنو ڏنو. پوءِ دودي ٽانڊو کڻي اچي گوشت پچايو ته ڪلڪان ڏائڻ به اچي پهتي.

سيهرون هتي ڪٿان آئيون، سهرون وسڻيون سنڌ ۾
آءٌ سوين سڃاڻان ٿو ٻـَـپـُـڙي، تون آهين شڪر ديو جي ماءُ.
(2)

 

 

 

 

اتي ڪلڪان هن تي حملو ڪيو ته دودي شيخون وات ۾ ڏيئي مٿان جهٽ ڪري هن جي چوٽي ڪپي وڌي ته ڏائڻ جو زور ٽٽي پيو. اتي ڪلڪان هيڻائي واري واٽ وٺي چيو ته: تون منهنجو ڏوهٽو آهين، مون توکي آزمايو ٿي، چوٽي مونکي واري ڏي. دودي چيو ته: آءٌ توکي سڃاڻان ٿو. تڏهن ڪلڪان پوئتي وري دودو ڪتا وٺي اڳتي روانو ٿيو. اڳتي شينهن ۽ شينهڻ هئا. شينهڻ شينهن کي چيو ته: اٿي پاسي ٿيون جو دودو ڀونگراڻي ٿو اچي. شينهن نه اٿيو ۽ شينهڻ ٻچا وٺي وڃي پاسي ٿي. دودي شينهن تي موتي بڇيو، پر شينهن موتي کي ماري ڇڏيو ۽ ڀؤنر وٺي ڀڳو. تڏهن دودي چيس:

 

موتي مارائي تون ڀؤنر ڀڳو اچين
پـُـٽ آهين تون پـَـلـَـڪـِـيءَ جو، ماڻهين وڃايا وڳهه ڪوٽ جا ٿان.

ڀؤنر ڪتي ورندي ڏني ته:

نڪي ڌؤنرن دَکيون، نڪي ليلهارين ماهه(1)
ڪاري ڪـَـنين ڪاڳڙو، اهو سـَـٽ ڏيو ڪڍي ٿو ساهه.

شينهن ڀڄڻ لڳو، تڏهن دودي چيس ته:

ملهه ماريئي ٻئي منهنجا، تو ڪانئر ڪڄاڙي لاءِ
هاڻي ڏي ئي خدا همت ڙي ته آءُ کني جي گهاء.

تڏهن شينهڻ شينهن کي چيو ته:

شينهڻ ٿي چوي شينهن کي، تون ڀڄ مَ ماريندَئي
کنو عليءَ شير جو تنهنجو پورا پوت ڪندو.
(2)

پر شينهن نه مڙيو. دودي کيس کني سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. پوءِ شينهڻ پنهنجا ٻچا وٺي آئي. دودو رحمي بادشاهه هو، تنهن شينهڻ کي چيو ته: مائي! تون پنهنجن ٻچن سان خوش رهه.

هاڻي دودو اڪيلو اڳتي روانو ٿيو ته هڪ هاري ڏٺائين، جيڪو ٺڪرن جا ٽانڊا مٿي تي کنيو پئي آيو. اتي گـُـرڙ پکي هوندو هو، جنهن جي ڊپ کان ماڻهو ٽانڊا مٿي تي کڻي هلندا هئا. دودي به ٽانڊو کنيو، پر پوءِ کڻي هيٺ سٽيائين. مٿان گرڙ پکي لـُـوهه ڏني، پر دودي کني سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيس. کنو اهڙي زور سان وهيس جو گرڙ پک وڍجي وڃي لوهه جي پانجاريءَ کي لڳو، سو ان ۾ ڪڪر پئجي ويو. پوءِ دودو سومرو درياء ٽپي ٻيءَ ڀر آيو، اهو ملڪ دلوراءِ بادشاهه جو هو. هاري بقاري هو دلوراءِ جو، تنهن وڃي ڳالهه هــُـلائي ته: مون گرڙ پکي ماريو آهي.

چڙهندي نـِـي ليمي ٽاريين، ٿو بقاري سڏ ڪري
اچي ماڙهئا ڏسو، منهنجي ڪوڏر ڪم ڪيا.

دلوراءِ پاڻ اچي مئل گرڙ پک ڏٺو، پر امينن چيو ته: پـَـر ۽ پـُـڇ وڍيا پيا آهن، اهو ڪنهن ٻئي جو ماريل آهي، نيٺ  هاريءَ تي زور رکيائون ته سچي ڳالهه ڪيائين.

هوڏانهن دودو گرڙ پک مارڻ کان پوءِ ڪنهن پاسي سمهي پيو. صبح جو اٿي ٻارن کان پڇيائين ته: لوهار ڪٿي آهي؟ ٻار کيس وٺي ويا دڪان تي. اهو خضر لوهار هو، جو وڏي عمر جو ۽ نابينو هو. کيس هڪ ڌيءَ هئي جنهن جو نالو  ’ميم‘  هو. دودي جي سڏ تي لوهار نڪري آيو. دودي کرسڻ (سـِـراڻ) ۾ نيٽو وجهي ڇڪيو. کنو سراڻ تي چڙهيو ته چڻگون نڪتيون، انهيءَ تي خضر لوهار جون اکيون ٿي پيون. تڏهن سمجهائين ته هي ماڻهو پاڻ مڻيا وارو آهي يا کنو علي شير جو آهي. پوءِ دل لائي ڪم ڪيائين، پر ڪڪر نه پيو نڪري. اتي  ’ميم‘  آئي، چيائين ته: اهو کنو علي شير جو آهي، ان جو ڪڪر اهو ڪڍندو جيڪو ٻٽيهه  لکڻو يا ڇٽيهه لکڻو هجي. تڏهن خضر چيو ته: امان! تون اهڙي هجين ته تون ڪڪر ڪڍ. تڏهن  ’ميم‘  کنو سراڻ تي چاڙهيو ته ڪڪر نڪري ويو. مائي ۽ دودي هڪ ٻئي ڏي نهاريو، پر اهو نه معلوم ٿين ته ڪير! پوءِ دودي پاڻي گهريو ته پي پنڌ پوي:

 

 

 

 

ميم ڪٽورو هٿ ۾ ٿي لـُـڏي ڌيءَ لوهار ڙي
سـَـچُ ڳالهاءِ تون سـَـچـُـلا! تون آهين ڪير جوان؟

 

دودي جواب ڏنو ته:

آءٌ جي ڳالهايان سچ، جو تون ڪڏهين وسهين
ته آهيان آءٌ اصلي لوهار وڳهه ڪوٽ جو.

اتي  ’ميم‘  پيءُ کي چيو ته:

ڪانا گهڙائي ڪـَـپـُـوٽ جا اٿي ٻاٻل ڪوٺ لوهار (1)
ٿورين گهڻين ڏينهڙين مونکي وڳه ڪوٽ وِهار.

اتي خضر ڪانا (ڪاٺيون) گهڙائي، تورڻ ٺاهي، دودي کي  ’ميم‘  سان پرڻايو. دودو ميم سان پرڻجڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن ٻاهر ويو ته پوڙهي مائي پئي روئي رڙي. پڇڻ تي چيائين ته: هت راڪاس آهي جنهن کي واري سان هڪ ماڻهو ملندو آهي، اڄ منهنجي پٽ جو وارو آهي. دودي مائي کي آسرو ڏنو. نيٺ جڏهن راڪاس آيو ته دودي ان کي ماريو. حسڻ گاهي چيو ته مون ماريو آهي. آخر دودي جي خبر پئي. دلوراء دودي کي گهرايو، ۽ چيائين ته: مون وچن ڪيو آهي ته جيڪو راڪاس ماريندو ان کي ڌيءَ جو سڱ ڏيندس، سو ڌيءُ جو سڱ توکي ڏنم. دودي دلوراء جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. ٿوري گهڻين ڏينهن دلوراء کي وزيرن برغلايو ته: دودو تنهنجي بادشاهي تي قبضو ڪندو. تڏهن دلوراء به شڪ ڪيو ۽ سپاهه کي چيائين ته ڀل دودي کي ڪنهن حيلي ماري وجهو. دودي پوءِ دلوراء جي شهر جو پاڻي حرام ڪرڻ مناسب ڄاتو.

هوڏانهن ڀونگر راءِ کي  ’ٻاگهي‘  نالي ڌيءَ ڄائي سا وڏي ٿي. گـُـجرن ٻاگهي جو سڱ گهريو. ڀونگر چيو ته: اسان سومرن ڪنهن کي سڱ نه ڏنو آهي. انهيءَ تان جنگ لڳي ۽ گـُـجر هارائي ڀڳا. ڀونگر جي مرڻ کان پوءِ، گجر وري وڳهه ڪوٽ تي ڪاهي آيا، تڏهن ٻاگهي، دودي ڏانهن ڦـُـليي کي قاصد ڪري موڪليو. ڦـُـليو اوٺي، پڇائيندو پڇائيندو دودي جي شهر ۾ آيو. ڦـُـليي جو اُٺ عمر جو پڪو هو، سو ٿڪجي پيو هو، تنهن کان دودي پڇيو ته: ڪٿان هليو آهين، جو اُٺ ٿڪائي وڌو اٿئي؟ ڦليي جواب ڏنو ته: دودا، تنهنجي ملڪ کان هليو آهيان ۽ يڪساهي هتي اچي پهتو آهيان.

اُٺ ڪڙولا سون جا اوٺي اومي ساهه(1)
دودي دوداڻين جا اٿئي اُتر اوتارا.

پوءِ چيائينس ته:

ڪنگرين سمنڊ نه کٽي، نه ڳنڍي راجا ويڻ
گولي نيندئي گـُـجرا، اتي چوندا دودي ڀيڻ.

دودي سوچيو ته گولي گجرا ڪيئن نيندا، جو ڀونگر بادشاهه ويٺو آهي. نيٺ ڦـُـليي کان پڇيائين. تڏهن ڦـُـليي چيو ته:

ادا پياري پاڳوڙو نه سـَـهي، نه ڏئي کنو چس
نه ته گجرا ائين ڀانئيان جئن ڪاڳر مٿي مس.

يعني اهڃاڻ ڏنائين ته ڀونگر گذاري ويو ۽  ’پياري‘  گهوڙي تي ڪو چڙهڻ وارو ڪونهي. وري اهڃاڻ ڏنائين ته گرڙ گهوڙي ته به چڙهڻ وارو ڪو ڪونهي.

گـُـرڙ پاڳوڙو نه سهي، نه سهي ڀالو ڌوڻ
نه ته گجرا ائين ڀانيان جئن اٽي منجهه لوڻ.

 

 

 

 

دودو پوءِ ڦليي جو آڌرڀاءُ ڪري کيس پنهنجي محلات ڏانهن وٺي ويو. سندس ٻنهي زالن کي اميدواري هئي. پنهنجن زالن مان دلوراء جي ڌيءُ کي چيائين ته: آءٌ وڃان ٿو، ساهه تي ويساهه ڪونهي، جي پٽ ڄمي ته نالو رکجانءِ دودو، خضر جي ڌيءُ کي چيائين ته: جي پٽ ڄميئي ته نالو رکج چنيسر. پر جي ڌيئرون ڄمن ته راڪن ۾ ويڙهي درياهه جي حوالي ڪري ڇڏجو.

 

دودو پوءِ ڦليي سان گڏجي وڳهه ڪوٽ ويو. ٻاگهي کي چيائين ته: آءٌ دودو آهيان، تڏهن ٻاگهي چيو ته: دودا ملڪ ۾ گهڻا، پر طنبو جو پال ڪري پيو آهي سو کڻي مٿي چاڙهه. دودي سٽ ڏيئي اهو پال مٿي چاڙهيو، تڏهن ٻاگهي سڃاتو ته هي برابر پهلوان دودو آهي. پوءِ ڳراٽي ڏيئي کيس ملي. دودي پنهنجو سڄو احوال ڏنو ته آءٌ پرڻيو آهيان، منهنجون زالون دلوراءِ جي شهر ۾ آهن.

هڪ رات دودي ڀونگر بادشاهه وارو مـَـڪنو هاٿي ڪونه ٻڌو. ڳڙهه جي ڀاڳـَـر به کليل هئي سو هاٿي ٻاهر نڪري ويو. جڏهن دودو گجرن جي جنگ لاءِ سنڀريو ته هاٿي ڪونه هو، پر پوءِ ٿوري ويرم کان پوءِ هاٿي چـَـري آيو. دودي ڪاوڙ مان ڌڪ هڻي هاٿي ڪيرائي وڌو ۽ پاڻ هليو ويو گجرن جي جنگ تي. دودو جنگ فتح ڪري آيو. تيستائين هاٿي به اتي پيرن تي بيٺو رهيو. دودو هاٿي جي ڀر ۾ اچي بيٺو ته هاٿي کيس ڏسي پوءِ مرڻ وارو ٿيو ۽ مٿان ڪريو ته دودو هيٺان اچي ويو. تڏهن ٻاگهي هاٿي اٿلائي دودي کي آجو ڪيو. دودو اٿيو پر ٻاگهي تي ڪاوڙيو ته: ماڻهو ڇا چوندا ته دودو مئي هاٿي هيٺان به نه نڪري سگهيو. تو ڇو مونکي آجو ڪيو؟ آءٌ وري به ساڳي جاءِ تي سمهان ٿو، تون هاٿي اٿلائي منهنجي مٿان ڪرّ! ٻاگهي ائين ڪيو. دودو ڏيکارڻ لاءِ ته منجهس ڪيتري همت آهي، سـَـٽ ڏيئي اُڇرانگ کائي ٻاهر آيو، پر سٽ ڏيڻ سان سندس بدن ڇڄي پيو ۽ آنڊا ٻاهر اچي پيا. دودو اُتي مئو. اهو ڪارو دودو هو. پوءِ ٻاگهي کيس ڪپڙا پهرائي، ڇٽ پارائي، ترار هٿ ۾، ۽ حقو وات ۾ ڏيئي ڇهه مهينا وهاري ڇڏيو ته جئن ماڻهو ڏسن ته دودو جيئرو آهي. ائين ڪرڻ سان گجرن کي به همت ڪانه ٿي جو جنگ ڪن.

هوڏانهن گجرن جي ڳوٺ ۾ اچي چـَـئـُـون پـَـئون پئي ته ڇهه مهينا گذري ويا آهن. دودو جنگ کان سواءِ ڪونه رهندو، پر اها خبر ڪير وٺي اچي. سو اتي ڪا ڌُوتي هئي، تنهن چيو ته: مونکي هيترو ڪِ هيترو ڏيو ته آءٌ خبر وٺي اچان. اها ڌوتي ڪڪڙ جو ٻچو هٿ ڪري پاڻ سان کڻي نڪتي ۽ اچي وڳه ڪوٽ رَسي. محلات ۾ اندر آئي ته مائي ٻاگهي کيس وڏي خوشيءَ سان کينڪاري ويهاريو. هن ڏٺو ته ٻاگهيءَ جي مـُـنهن ۾ سـَـر ئي ڪونه آيو. ڌوتي سمجهي نه سگهي. هوڏانهن دودي بادشاهه کي ڏٺائين ته حقو ٽيڪيو ويٺو آهي. پوءِ مڪر ڪري ڪڪڙ جي ٻچي جي ڳچي مروڙي ڇڏيائين ۽ روئي چيائين ته: اوهان جي ٻـِـلي منهنجو ڪڪڙ جو ٻچو ماري وئي آهي. ائين وٺي روڄ راڙو ڪيائين. مائي کي رئندو ڏسي ٻاگهي جي دل ڀڄي پيئي، سو کيس چيائين ته: مائي! تون روء نه، مون وٽ ڪي سور ٿورا آهن! دودو بادشاهه مري ويو آهي، آءٌ پاڻ سورن ۾ آهيان. ڌوتي اهو منجهه هٿ ڪري موڪلايو. سندس وڃڻ کان پوءِ ٻاگهي به سوچيو ته هيءَ منهنجو راز هٿ ڪرڻ آئي هئي. هاڻي هيءَ وڃي ٻڌائيندي ته دودو مري ويو آهي! انهيءَ ڏينهن کان پوءِ ٻاگهي سوچيو ته ڇو نه وڃي پنهنجي ڀاءُ جا ٻار وٺي اچان. تڏهن بهانو ڪري نڪتي ۽ پنهنجي اوٺاري وٽ وئي ۽ ان کي ڪاغذ لکي دلوراء جي شهر موڪليائين. اوٺاري وڃي ڪاغذ چنيسر ۽ دودي کي ڏنو. چنيسر ڪاغذ پڙهيو ته:

اڇا ڪاغذ ڪاري اکرين لکيو ٻاگهي مـُـڪي
ته پيڙهي اوهان جي بابي جي ٿو کـِـينئرو گـُـجر کائي.

اهو ٻڌي دودي چنيسر کي چيو ته:

 

 

 

 

مکڻ سونهي منڌيين، ڌؤنرو سونهي لاٽ
اسان گـجرن پاڻ ۾، وِيهان نڪي واٽ.

 

پوءِ وڃي مائرن کي ٻڌايائون ۽ چيائون ته: ڪاغذ آيو آهي، ننگ جي ڳالهه آهي، اسين وڳہ ڪوٽ وينداسون هـِـتي ڪين رهنداسون. مائرن چيو ته: ابا! اسين به اوهان سان هلنديون سون.

اوٺاري ساڻ ڪري اچي وڳه ڪوٽ پهتا. اوٺاري کي چيائون ته: هي ڪوٽ ڪيڏو نه سهڻو ۽ وڏو آهي، اسان جا مائٽ بيشڪ همت ڀرئا هئا. پر هاڻي اول ٻڌاءِ ته کينئرو گـُـجر ڪٿي؟ اوٺاري چيو ته: کينئرو گـُـجر پنج سؤ گهرن وارو ۽ وڏن راڄن وارو آهي. پوءِ اوٺاري هنن کي گجرن جي شهر جو ڏس ڏيئي پاڻ وڳه ۾ ويو. هي مائرن سوڌا انهيءَ شهر ۾ ويا. دودو مائرن وٽ ويٺو ۽ چنيسر شهر ۾ ويو ته ڏسي ته هڪ گهانچي پيو گهاڻو وهائي. پڇيائينس ته تون ڪير آهين؟ چيائين ته: منهنجو نالو عاقـُـوب آهي ۽ آءٌ گهانچي آهيان. عاقوب پڇيو ته: تون ڪير آهين؟ چيائين ته: آءٌ به گهانچي آهيان، پر آءٌ سرنهن جو تيل مهٽو ڏيئي ڪڍندو آهيان! اتي کينئرو گـُـجر ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پاڻهي پڌرو ٿي چوڻ لڳو ته: هن پنج سؤ گهرن جي بستي جو پٽيل آهيان. پنج سؤ رپيا ڏيندس، گهر گهر جو رپيو. اسان کي سرنهن جو تيل ڪڍي ڏي. چنيسر، عاقوب گهانچي کي ڪجهه رقم ڏيئي گهاڻو ورتو ۽ ان کي وزن ڏيئي ڳرو ڪيائين. پوءِ دودي کي وٺي گهاڻي تي ويهاريائين. چنيسر وڃي ظاهر ٿيو ته آءٌ چنيسر سومرو آهيان. اتي گجر وڙهڻ لاءِ اٿيا ته چنيسر هڪڙن کي پيو ماري ته ٻيا ڀاڪر ڀريو اچو گهاڻي ۾ هڻي:

ننڍي گهاڻو کوڙيو، ٿو وڏو ڀانڪر ڀـَـري
ننڍو وڏو گـُـجرو تنهن جو پيڙهيو تيل ڪڍي.

بلاخر گجرن کي ماري سرسـِـي ڪري وڳه ڪوٽ آيا ته ٻاگهي کلي کينڪاريو ته اوهان سوڀ ڪري آيا آهيو. تڏهن خوشيءَ مان ڳيچ چيائين ته:

گـُـجر ماري ڳاههُ ڪري، وري آيا دوداڻي
هاڻ وري وڳه ڪوٽ تي ٿيون هي رهاڻـِـين.

ڪي ڏينهن کير سين رڌيائون، کنڊ سين کاڌائون ۽ سکيا ڏينهن گذاريائون. دودو ۽ چنيسر ٻئي پرڻيا ۽ سندن اولاد به وڏو ٿيو. چنيسر کي پٽ  ’ننگر‘  ۽ دودي جو پٽ  ’ڀونگر‘  ٿيو.

ان بعد پڳ جو سوال اٿيو. چنيسر اندر پڇڻ ويو. پويان ڀير تي ڏؤنڪو لڳو، چنيسر ۽ ٻين ٻڌو پر ڀانيائون ته شغل جو ڏينهن آهي تڏهن ٿي ڀير وڄي. پر جڏهن خبر پئي ته دودي پڳ ٻڌي، تڏهن ماءُ چنيسر کي چيو:

مون ڀانيو چنيسر پـُـٽ، پر ٿي ڌانوُرِي ڌِي
هاڻ ٿي دودل جو ريڍار، وڃي گڏِڪـِـي چار گهيٽا.

چنيسر جي زال چيو ته:

چاچي منهنجي ڪانڌ کي اهڙا اڍنگا ويڻ مَ ڏي
اڳي پاڻ ٻه ڄڻيون هيون سين اڄ ٽـِـلي ٿيون سين ٽي.
                                             ---

اڳي ڪتينديون هيون سين پاءُ، هاڻ سير به سوارو.

اتي دودي زالن کي چيو ته:

مـَـرو رَنون، ماٺ ڪريو، اهڙو ٻـُـوندو نه ٻاريو.

تڏهن چنيسر ٿو پاڻ کي چوي:

ڀـِـت مـُـنهن ڪڍي تون نانگ چنيسر کي کاء
ڏاٺ چـَـسڪو توکي، ٿورو مون تي لاءِ.
                                   ---

 

 

 

 

چنيسر چڙي اُٿيو، ڏاڍي ڪاوڙ ڪست منجها
گهوڙِي ڏسو تنهن گهوٽ جي، ٻيٺو  ’ڪـَـرڙِي‘  کي ڪڏاء.

 

چنيسر اٿي دودي وٽ ويو ۽ چيائين ته: تو منهنجي پڳ ڇو ٻڌي؟ پڳ مونکي ڏي! دودي چيو ته: ادا! وڃ ڀائرن وٽ جن پڳ ٻڌائي. پوءِ ويو انهن ڀائرن وٽ، تن چيو ته: اسان توکي ٻڌائي ٿي پر تون اندر وئين، پوءِ تنهنجي ڀاءُ کي ٻڌائي سون.

مـِـڙي سـِـڙي ڀائر ڀيڙا ٿي آندي پاڳن جي پنجاهه
پهرين آڇئـُـون تو پاڻ کي، تـِـهان پـُــڃاڻ ڀـَـليرو ڀاءُ.

چنيسر وڃڻ لاءِ چڙهيو ته ننگر اچي واڳ جهليس:

رو مَ ويهه ننگر ماٺ ڪري، تون ڇڏ گهوڙي جي واڳ
آءٌ دانهين ويندس دِليء منجهه ٿو دودل داڳايان.

تڏهن ننگر چيس ته:

دودل داڳائڻو ڪينڪي، دودل آهي ڪير
سـَـڌو آهي سومرو جنهن جي پڳ سبتو ڀير.

ننگر واڳ مان کڻي هٿ ڪڍيو ۽ چنيسر روانو ٿيو. دليء جو ڏس پڇيائين. چيائونس ته، ڦيري سان واٽ خطري واري ڪانهي. سڌي واٽ ٻي آهي پر ان تي آدمخور رهي ٿو. چنيسر چيو ته: مـَـر آدمخور جي منهن پوان، جي مون کي ماريائين ته پويان راڄ سوَلا ٿيندا. پوءِ واٽ تي انهي آدمخور کي ماريائين.

چنيسر دليء پهتو. ڀير تي ڏؤنڪو هنيائين. عالادين بادشاهه کي چيائيون ته: سومرو سنڌ مان دانهين آيو آهي. بادشاهه چنيسر کي سڏيو. چنيسر چيس ته: دودي مون کان گادي کسي آهي، دانهين آيو آهيان. آءٌ توکي سڱ ڏيڻ ٿي آيس پر دودي ٻانهون جهلي ڇڏيون.

سـَـت سـَـنبـَـهـِـيـُـون سـِـهـِـرُون، ٻاگهي ساڻ ٻيون
مون تاڻيندي توڏَهين اچي دودل واريون.

عالادين بادشاهه چيو ته: تون مهمان آهين، ترسي پئو، انهيءَ تي ويچار ڪنداسون. عالادين وزيرن سان صلاح ڪئي، تن چيو ته: هيءَ بندوق اُبتي ڦاٽي آهي، ڳالهه ڳري آهي. تڏهن سوچيائون ته چنيسر کي ڪنهن حيلي هتي ئي پورو ڪجي، سو جڏهن وهنجڻ ويو ته هاٿي مست ڪري ان جون زنجيرون ڪڍيائون.

ڪڍيو سـِـينڌ پـَـٽـِـيا (1) ، بيٺو پـَـهرين پـَـٽَ
هاٿي ڇٽو عالادين جو، ڀڄ مرين ٿو ڄٽ.

چنيسر کان ڪنهن پڇيو ته: هٿيار ڪهڙو ڀلو؟ چيائين ته: جيڪو هٿ ۾. تڏهن چيائونس ته: هاٿي ٿو اچئي. پوءِ انهيءَ تيل ميٽ واري ٿانء سان، جيڪو هٿ ۾ هئس، هاٿي ماريائين.

آخر عالادين بادشاهه چنيسر جي ڳالهه مڃي چڙهيو. دليءَ جي ٻاهران منزل ڪيائون. رات جو مامو ڀاڻيجو ٽاپرو (زور ڏيڻ وارا) ڳالهائڻ لڳا ته: بادشاهه لکين فوج چاڙهي آهي پر آڏو وڙهڻ وارا سڌو بادشاهه تي حملو ڪندا. بادشاهه پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي آهي. تڏهن بادشاهه چيو ته گهوڙن جون واڳون ڦيري دليء ڏي ڪري ڇڏيو. صبح جو چينسر ڏٺو ته بادشاهه وري پنهنجو ارادو مٽيو. اهو ڪم ٽاپـُـرن جو، سو چنيسر ٽاپرن کي لـَـبي ڇڏيو. تڏهن ٻيءَ رات ٽاپرن واري ڳالهه ڪئي ته: بادشاهه پوئتي ورندو ته ماڻهو چوندا ته ڊڄي موٽيو آهي. اهو ٻڌي بادشاهه پڪو ارادو ڪيو ۽ ٻئي ڏينهن لشڪر چڙهيو.

 

 

 

 

لشڪر اچي درياء اڪريو ،تڏهن چينسر چيو ته: هاڻي دوداڻين جي ملڪ ۾ اچي ويا آهيون، پر هتي اها ڳالهه نه ڪجو ته ڪو دوداڻين سان جنگ تي ٿا وڃون، جو اهو ٻڌي هتي جا وڻ به وڙهي پوندا. ائين چئي هليا. پويان لشڪر وارا تن ڪونه ٻڌو. هن درياء تي  ’نيڻ‘  ۽  ’ڍَڪـَـڻ‘  پاتڻي هئا، تن پڇيو ته: ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ چيائون ته: دودي سان جنگ ڪرڻ. تڏهن نيڻ ۽ ڍڪڻ لڙائي ڏني:

 

نيڻ سڏي ڍڪڻ کي، تون آءُ ادن جا شير
نه ته وِيهانءَ ويندئي واپري، پـُـڃان ڳائبا مردن جا پير.
(1)

هنن جنگ ڏني ته سندن ڀيڻ  ’ڪـُـلـِـڻِ‘  اچي پهتي، تنهن ڀائرن کي همتايو:

نيڻ ڍَڪڻ پاتڻي، بيٺي ڪـُـلـِـڻ ڪوڪاري
نيڻ ماريو سوا لک، اڃا ڍڪڻ ڊوڙن ۾ آهي.

هن کان پوءِ ٻڪرار  ’اَڇيي پنهور‘  جنگ ڏني. دودي جو واڻيو  ’گيهـِـي‘  تنهن جنگ ڏني. ايئن غريب آباد وڻ - ويڙهي ٿي پيا ۽ جنگون ڏنائون. بادشاهه جو لشڪر وڏو هو، سو ماڻهو ماريندو آيو.

آخرڪار لشڪر منزلون ڪندو، ڇليون ڇليون ٿي اچي لٿو. صلاح ڪيائون ته دودي ڏي ماڻهو موڪليون، پر ڪوبه ماڻهو ڪونه پيو وڃي. پوءِ چنيسر بادشاهه جي گهوڙي گـُـرڙ جي ڳچي ۾ خط لکي ٻڌائون. گهوڙو وڳهه ڪوٽ ۾ پنهنجي ٿاڻ تي ويو. ڏٺائون ۽ خط پڙهيائون، جنهن ۾ لکيل هو:

دودل! ديميون آئيون، جنهن جي ڇلين ڪونهي ڇيهه
جان وڙهندين ويرين سامهون، جان ڀڄي ڇڏيندين ڏيهه.

دودي پنهنجي قاصد هٿان جواب لکي موڪليو ته:

وڙهندس ويرين سامهون، آءٌ ڀڄي نه ڇڏيندس ڏيهه
عالادين ۽ منهنجيون، ڳالهيون ڪندا ڪي.

اهو خط پڙهي عالادين رضانامي وارو خط لکيو، پر چنيسر کي ڪونه ٻڌايائين ته:

سرچي پرچي پاڻ ۾، اها ٻاگهي ڏيو مون
بادشاهي سڄي سنڌ جي وڃي سومرا ڪر تون.

چنيسر، عالادين کان پڇيو ته: ڪهڙو خط لکيو؟ هن ٻڌايس ته: اهڙو خط لکيو اٿئون جنهن ۾ سڀني جي چڱائي آهي. چنيسر چيو ته: تو سڱ گهريو آهي، انهيءَ تي دودو ڏمربو. خبرداري ڪري ويهو جو دودو وڙهڻ لاءِ ايندو. دودو پاڻ چڙهيو، سو سانجهيءَ جو اچي عالادين جي طنبو ٻاهران چيائين ته:

اوڇا اوڇي ذات جا، اهڙا اوڇا نه ڪر ويڻ
دودو تنهنجو ڀيڻويو، تون اٿي ڏي دودي کي ڀيڻ.

پوءِ جيڪي اتان ماڻهو اٿيا تن تي حملو ڪيائين:

دودل ديمين وچ ۾ بيٺو ڪـَـرڙِيء کي ڪـُـڏائي
هڻيو هٿ هاٿين کي بيٺو ڪؤنر به ڪيرائي.

آخر ۾ ائين چئي وڳهه ڪوٽ ڏي موٽيو ته: سڀاڻي اچي توکي سڱ ڏيندس. ٻيئي ڏينهن دودو صحيح سنبري آيو ۽ ارڙهن ڏينهن جنگ ڏنائين:

عالادين جي اُڙدن ۾ هئي ارڙهن ڏينهن اونداهه
نڪي سج چنڊ سوجهرو، نڪي ٻارين باهه.

ارڙهين ڏينهن دودو موٽي وڳه ڪوٽ ۾ آيو، ۽ اچي ننگر کي هڪل ڪيائين. ننگر جي ماءُ نڪري آئي. ٻڌي چيائين ته: اڃا ننگر ننڍڙو آهي، هن کي جنگ جي خبر به ڪانهي.

ننگر منهنجو ننڍڙو ٿو وٽين کير پئي
ويندو دودل سومرو جيڪو راڄ پٽيل.

 

 

 

 

دودو موٽي ويو. رات جو ننگر ننڊ ۾ هو. صبح جو اٿيو ته پڇيائين ته: چاچو ڇو آيو هو؟ ماءُ ٻڌايس ته: ابا! چاچو اوهان کي جنگ لاءِ سڏڻ آيو هو. تڏهن ڪفن ٻڌي گهوڙي تي چڙهي سنبري دودي ۽ ڀونگر وٽ آيو. ڀونگر دلداري ڏنس ته: ادا! آءٌ به گڏيو ٿو هلان. محمد دودي جو ناٺي جنهن جي گهر ۾ دودي جي ڌيء ساران هئي اهو به سنبريو. ٽيئي ڪفن ٻڌي نڪتا. چڙهندي چيائيون ته: جي هي کير جي وٽي ڦري رت ٿئي ۽ ڀاڳـَـر جي ٻانهـِـين به ڪري ته سمجهجؤ ته اسان ڏانهن خير ڪونهي.

 

ٽيئي رات جو اچي عالادين جي فوج ۾ پون ته ڪئين ماڻهو ماري ڇڏين ۽ ڏينهن جو عالادين جي ڇلين ۾ ماڻهن سان گڏ ويٺا راند ڪن. اهو راز ڪنهن کي به معلوم نه ٿئي. عالادين بادشاهه چنيسر سان حال ڪيو، تنهن ڳالهه ڳڻي، لشڪر ۾ گهمي اچي ٽنهي کي سڃاتو، ۽ عالادين بادشاهه کي ٻڌايو ته اهي اسان جا ڇوڪرا آهن جيڪي ماڻهو ٿا مارين.

ننگر ۽ ڀونگر اتي هئا پر محمد موٽي وڳه ڪوٽ آيو. تنهن کي ڏسي ساران چيو:

ڀڄي آئين ڀڄڻا تو لڄاڻا سيڻ
ڀڄي آئين اڱڻ تي ته تون ڀاءُ آءٌ ڀيڻ.

تڏهن محمد چيو ته:

سـِـڱرين سـِـڱ ڪڍان، وِنگن لاهيان ور
اهو سؤ ڇليون ڇاڻي ويو آهي ساران، وَرُ سـَـڌر.

ننگر ۽ ڀونگر پويان لڙائي ڪئي جنهن ۾ ماريا ننگر ۾ اڃا ساهه هو جو چيائين ته:

تون جا وڃين ڪونجڙي، منهنجا چاچل ڏج سلام
ننگر ڀونگر ماريا، رَئيءَ چڙهيا جوڌ جوان.

ڪونج اچي رات جو وڳه ڪوٽ مٿان ڪـَـراڪـِـي. دودي چيو ته: رات جو ڪونج پنهنجي وڳر سان ويٺي هوندي آهي. اڄ هي ڪونج ڪـَـراڪي پئي سو ننگر ۽ ڀونگر ڏي خير ڪونهي. اتي ننگر جي مڱ ۽ دودي جي ڌيءَ  ’ڪلان‘  روئڻ لڳي. تڏهن دودي دلداري ڏنس ته:

ڪـَـلان مَ ٿيء ڪاهلي، رات وهامڻ ڏي
ته عالادين ۽ منهنجيون ڳالهيون ڪندا ڪي.

صبوح جو اٿيو. پاڳه (1) ۾ ويو ته جوش مان ٻين گهوڙن تي چڙهي ته هو سـَـٽ سهي نه سگهن، باقي پنهنجو گهوڙو  ’گرڙ‘  کيس نظر ئي نه اچي. پوءِ سندس گهر واري اچي کيس گهوڙو ڏسيو. دودو ان ويل چڙهي جنگ تي روانو ٿيو، ۽ وڏي جنگ ڏنائين. تڏهن عالادين ڪو نجومي سڏيو ته هاڻي ڇا ڪجي، نه ته سمورن جو مٿو ٿو ني. نجومي وڏو ٻاون وير عقل جو هو، تنهن چيو ته: هڪ دودو پاڻ ٻٽيهه لکڻو، ٻيو وٽس کـَـنو علي شير جو، ۽ ٽيون وٽس هاٿي آهي ڇٽيهه لکڻو. ائين ڪريو جو ڪو منگتو فقير موڪليو، جو ڪنهن طرح ڇٽيهه لکڻو هاٿي کانئس وٺي اچي ته ڪجهه پنهنجي سرسي ٿئي. مڱڻو دودي جي دربار ۾ ويو ۽ يڪتاري سان ڳائڻ لڳو. دودي چيس ته: هر ڪنهن سان حال ڳرهبو ناهي، راڳ بند ڪر، باقي جيڪي گهرڻو هجنئي سو گهر. مڱڻي چيو ته: مون کي هاٿي ڏي ته مٿس چڙهي پيٽ گذر لاءِ هلندو وتان. دودي پنهنجي نوڪر کي چيو ته: خدا الائي ڪهڙي ڳالهه ۾ راضي آهي، جو ڏکئي وقت ۾ مڱڻي هاٿي گهريو آهي. هاڻي هاٿي تي سوني هنڀاري وجهي مڱڻي کي ڪاهي ڏي. اهو ئي مونکي ڪم ايندو جيڪي واٽ خدا جي ڏيندس. هاٿي کي سمورا سونا سنج وجهي، پيلبان پاڍي اچي هاٿي جي واڳ منگتي کي ڏني. منگتي، بادشاهه کي چيو ته: هاٿي جون هلڪون ۽ ڏاڍايون مون کان زور آهن، نوڪر گڏي ڏيو ته مون کي شهر کان ٻاهر اُماڻي اچي.

 

 

 

 

 

 

منگتو، هاٿي ڪاهي عالادين وٽ آيو. ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا، پر لڙائيءَ ۾ سرسي اُهائي دودي جي، سو عالادين چنيسر کي چيو ته: هاٿي آيو پر پاڻ تي اها ئي تڪليف آهي. چنيسر چيو ته: سڏايو ٻاون وير کي. ٻاون وير آيو، ته چيائين ته: دودي اوهان جو لشڪر سمورو چٽ ڪري ڇڏيو، هاڻي چڙهائي اٿس اوهان تي. اڄوڪي رات اوهان جو وارو آهي. هاڻي اوهين هيئن ڪريو جو هاٿي کي آڳڙ پاڇڙ سنگهرون وجهي ڏاڍو ٻڌو، مـُـنهن اتر ڏانهن ڪريوس. هاٿي تي هنڀاري وجهو. هنڀاري جي هڪ پاسي چنيسر ۽ ٻئي پاسي عالادين چڙهي ۽ پاڻ کي ڪـُـرفي بند ڪري ڇڏيو. نجومي جي چوڻ موجب ڪري، ٻاون وير کي ڪوٺايائون ته: هاڻي ڇا ٿئي؟ چيائين ته: دودو چڙهي ايندو ته  ”عيلي عيلي“  جو هڪلون ڪندو، اوهين به کيس ساڳيو جواب ڏجو. اهو ڇـَـٺـِـي جو آنڪڙو (لکيو) آهي ته دودو هاٿي سان مرندو. اوهان جو جواب ٻڌي دودي جو گهوڙو هنڀاري تي ڪاهيندو. پوءِ نجومي جي چوڻ تي زهر جا ڪـِـل هنڀاري ۾ هڻي ڇڏيائون.

 

دودو گهوڙي تي چڙهي آيو، چنيسر ۽ عالادين هڪل جو جواب ڏنس ته گهوڙي اُڇل کاڌي هنڀاري تي. زهر جا ڪـِـلَ گهوڙي ۽ دودي منجهان چڙهي پيا. هاٿي زنجيرن سان ٻڌل هو. سو اُتان چـُـريو ئي ڪونه. گهوڙو ۽ دودو هنڀاري جي ڪلن ۾ ٽنگيائي پيا هئا. چنيسر ۽ عالادين ڊپ مان هنڀاري جون تاڪيون کولي ڀڄي ويا.

دودو بادشاهه گهوڙي تي چڙهيو ته پڦي (ٻاگهي) سان ڳالهايائين ته: آءٌ مارجي وڃان ته سومريون وٺي وڃي جيسينگ ابڙي جي سام پئجان. ٻاگهي پڇيس ته: توکي ابڙي ۾ ڇا ڏسجڻ ۾ اچي ٿو؟ دودي چيو ته: ان ۾ مڙد جا لڇڻ آهن، جو هڪڙي ڀيري مسافر ٿي وٽس مهمان ٿياسين. چوپڙ راند ڪندي ساري کي ڌڪ هنيم جيڪا اڇل کائي وڃي ابڙي جي جهولي ۾ پئي. مون ساري گهري پر چيائين ته: منهنجي سام اچي پئي آهي، سا موٽائيندس ڪين. سامن بابت ڳجهارت آهي ته:

شهرئون نڪتي نارنان، نالي ڏانهن ٿي ويئي
نالو گڏيس ڪينڪي، ذات ڪپڙ جي پيئي.
                                             ---

وڳهه مان نڪتي ٻاگهي، دودي ڏانهن ٿي ويئي
دودو گڏيو ئي ڪينڪي، وڃي سام ابڙي جي پيئي.

ٻاگهي کي جڏهن دودي جي مرڻ جي خبر پئي، تڏهن هيرا موتي جنڊن ۾ وجهي ڏرائي ڇڏيائين ۽ سومريون وٺي جيسينگ ابڙي ڏانهن رواني ٿي. ٽئي ڏينهن دودي جو لاش هنڀاري جي ڪلن مان لاٿائون. لاش کي هيٺ زمين تي رکيائون ته دودي جون مڇون ڦرڪڻ لڳيون. عالادين، دودي جي مـُـڇن کي ٿڏو هنيو. اتي چنيسر هڪل ڪئي ته: عالادين، خبردار ٿي! ائين چئي ترار کڻي اٿيو ۽ ڌڪ هڻي عالادين جو هڪڙو عضوو وڍي ڇڏيائين. اتي ٻيا صوبا ڊوڙي آيا، تن چنيسر ۽ عالادين کي ڇڏايو. عالادين، چنيسر کي چيو ته: ٻاگهي ڏيڻ جو انجام ڪيو هيئي، هاڻي هلو ٻاگهي ڏانهن. پوءِ عالادين ۽ چنيسر گڏجي وڳهه تي آيا، پر دروازا ڏنا پيا هئا. پڇا ڪيائون ته ٻايون وڃي جيسينگ ابڙي جي سام پيون. هي به لڳا پٺيان.

جيسينگ ابڙي چوائي موڪليو ته: سامون برابر مون وٽ آهن، پر جنگ ڏينداسين. ابڙو جيسينگ وڙهيو ۽ مارجي ويو. تڏهن ٻايون وري اهو شهر ڇڏي ٻاهر نڪتيون. واهر به وڃي انهن کي پڳي. اتي ماين الله کان پناهه گهري ته: يا الله: لـڄ رکج، ٻيو هاڻي نڪو اوهي نڪو واهي. اتي زمين ڦاٽي جاءِ ڏني، جنهن ۾ سومريون سمائجي ويون.

 

 

 

 

-----*----

 




(1) سـِـياڊي = سيءُ لاهي.

(1) سـَـرهيـُـون = مينهون

(2) اصل. وَنگي.

(3) اوهارو = گهيڙ

(1) جهڳـَـرَ جهور ڪرڻ = مينهن جو گپ ۾ مستي ۽ خوشي ۾ ليٽڻ.

(2) ٻـَـپـُـڙي = ڪوڙ جا ٻهَ پـُـڙ وڄائڻ لڳي.

(1) ليلهارن ماه = ننڍڙن ڇيلن جو گوشت

(2) پوت. چوندا ڦاڙي ٻه پوت ڪرينس يعني ٻه اڌ ڪرينس.

(1) ڪانا، ٻه ڪاٺيون اڀيون تن جي مٿان ڪاٺي، ان جي هيٺان چونئري

(1) اومي ساهه ويهڻ = پنهنجي منهن ويهڻ.

(1) پـَـٽـِـيو = جيڪو مٿي تي پٽي ٻڌي.

(1) پـُـڃاڻ = پوءِ.

(1) گهوڙن جو طبيلو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org