سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 16

اُٻاوڙي طرف جي روايت

سگهڙ صابر شر (تعلقو اُٻاوڙو) جي ٻڌايل ڳالهه

[هـيءَ روايت سـگـهـڙ صابر شر، ويٺل تعلقو اُٻاوڙو جي زباني سنہ 1964ع ۾ قلمبند ڪئي وئي. ڳالهه جي سٽاء ۽ سلسلي بابت فقط ٽاڻا ۽ اهڃاڻ قلمبند ڪيا ويا آهن. ن - ب[

دودو ۽ چنيسر، ڀونگر جا پٽ هئا. چنيسر وڏو هو، پڳ ڏنائونس پر چيائين ته: گهران پڇي اچان. تڏهن پڳ دودي تي آئي. چنيسر ڪاوڙجي دهليء ڏانهن چڙهي هليو ته آڏو سندس ڌيءَ بيٺي هئي، تنهن پڇيس ته: بابا! ڪاڏي ٿو وڃين؟ چيائين ته: وڃان ٿو دودي کي داڳائڻ. اتي ڌيڻس چيو ته:

دودل داڳي خلق کي، دودل داڳي ڪير!

چنيسر خيال ڪيو ته پويان ڪا پهر پرچائڻ لاءِ اچي ته وران. پر پويان ڪوبه ڪونه آيو. موٽايس ڪنهن به ڪونه، نڪي پاڻ موٽيو. تڏهن چيائين ته:

وانگي وڳهه ڪوٽ جو، دودي مون ڏي ڪونه مـُـڪو.

واٽ تي ڇوڪرو ڏٺائين جنهن رڍون پئي چاريون. تلهڙ هٿ ۾ هئس. تلهڙ رڍ کي هنيائين ته رڍ ڪپجي پئي. چنيسر ان جو سبب پڇيس. ڇوڪري ٻڌايو ته تلهڙ دُٻي مان ٻوڙيو هئم ته منجهس اهو اثر ٿي پيو آهي. انهي دُٻي ۾ وڄ جو پاڻي هو. چنيسر به پنهنجي ترار ۽ تـَـسري انهي دُٻي مان ٻوڙيون.

چنيسر دهليءَ ۾ پهتو، پر بادشاهه عالادين سندس دانهن ئي ڪانه ٻڌي. چنيسر هڪڙي کـَـٽيءَ جي گهر ۾ رهي پيو. شهر ۾ راڪاس ايندو هو، جنهن کي بادشاهه جي حڪم سان واري واري سان هر هڪ گهر مان هڪڙو ماڻهو روزانو کائڻ لاءِ ملندو هو. هڪڙي رات کٽي جي پٽ جو وارو آيو. چنيسر ڇوڪري جي پاران وڃي اُنهي هنڌ ويٺو جتي راڪاس ايندو هو. رات جو راڪاس آيو، چنيسر ترار هڻي راڪاس کي ماري وڌو.

صبح جو بادشاهه کي خبر پئي ته چنيسر راڪاس ماريو آهي. وزيرن صلاح ڏني ته انهي ماڻهو جو بادشاهي ۾ رهڻ چڱو نه آهي. مڪنو مست هاٿي ڇوڙاءِ ته لتاڙي ماريس. چنيسر انهي مهل تڙ ڪيو، وار سـُـڪائيندو پئي آيو ته سامهون مست هاٿي ڏٺائين. پاسي ٿيڻ جي ڪا واهه ئي ڪانه هئي. چنيسر کان هڪ ڀيري ڪنهن پڇيو هو ته هٿيار ڪهڙو ڀلو؟ چيائين ته جيڪو هٿ ۾ هجي. چنيسر وٽ ان مهل تسري هٿ ۾ هئي، جنهن ۾ ميٽ تيل وجهي تڙ ڪرڻ وارو هو، اُها هٿ ۾ جهلي بيهي رهيو.

ماڙي تان ڪنهن ماڻهو اهو لقاء ويٺي ڏٺو، تنهن خيال ڪيو ته مفت ۾ ٿو هاٿي ماريس، سو چنيسر کي هڪل ڪيائين ته:

هاٿي ڇٽو اٿئي رانولو، ڀـڄ مرين ٿو ڄٽ!

تڏهن چنيسر ڪاوڙ ۾ جواب ڏنس:

ڄٽ پڻهين، ڄٽ ماڻهين، ٽيو دليءَ بادشاهه ڄٽ.

پوءِ چنيسر، هاٿيء کي تسري اُڇلي هنئي ته اُها آرپار هاٿيءَ مان هلي وئي ۽ هاٿي مري پيو. پوءِ بادشاهه کي ويساهه آيو ته راڪاس برابر چنيسر ماريو آهي، تڏهن ٽپڻي واري کي سڏائي چنيسر جو ٽپڻو ڪڍايائين، جنهن چيو ته:

نڪي هيڏانهن جو ٿيو نڪي هوڏهون جو
ڪو وسندڙ وڳهه ڪوٽ جو آهي سائو سومرو.

 

 

 

 

 

بادشاهه آخر دودي تي لشڪر چاڙهڻ جي ڳالهه مڃي، چنيسر کي چيو ته: چار ونجهه وٺي، قلعي جي چئني دروازن تي کوڙ، جڏهن لـِـڏ لڪڙن جون چوٽيون ڍڪي تڏهن بند ڪنداسون. پوءِ قلعي مان ڪروڙين گهوڙا نڪتا. آخر لڏ وڃي چوٽين سان لڳي. اتي چنيسر کي دل ۾ افسوس ٿيو ته گهوڙا! ڀاءُ مارايم، انهي کان ته ڍنگرن ۾ وڃي پاڻ اُڇلايان، مـَـن نانگ کائي ماريم!

 

چاڙهي اُڙديون آرادين جون، مان ته مارايو ڀاء
ڪـِـر پراڻي ڍنگهرين، مانَ سـَـپ چنيسر کاءِ.

 

پوءِ ڪوٽ جي مٿان بيهي هيٺ ٽپ ڏنائين، پر بچي ويو.

 ’ٿڌو‘  ۽  ’ٿانهريو‘  بادشاهه جا ڌاڙيل هئا، سي هڪ منزل تي اچي لشڪر ۾ گهڙيا. حال احوال ڏنائون. بادشاهه سـُـتو پئي ته هڪ ٻئي کي چيائون ته: بادشاهه اسان جو چريو آهي جو سڄي فوج وٺي نڪتو آهي. پويان ڪو غنيم چڙهي ته دِلي وٺي وڃي. صبح جو بادشاهه فوج کي ٿي موٽايو ته چنيسر ٻه سونا ڪنگڻ، هڪ ٿڌَي کي ٻيو ٿانهري کي ڏنو. اتي ٿانهري بادشاهه کي چيو ته: سڄي مـُـلڪ ڳالهه سـُـئـِـي آهي ته بادشاهه دودي تي چڙهائي ڪئي آهي. هاڻي موٽندين ته ماڻهو چوندا ته دودي کان ڊڄي موٽيو آهي. رات ٿڌي اجائي ڳالهه ڪئي. اتي بادشاهه وري چڙهيو.

بادشاهه جو لشڪر واٽ تي آيو ته  ’اوڍر‘  نالي دودي جو هڪ ٻڪرار گڏين، جيڪو وڏو پهلوان هو. ڦـَـرن جو ڪانبو پٺن سان ٻڌل هوندو هئس. ماءُ، اوڍر کي چيو ته: آلادين جي فوج چڙهي ٿي اچي، ڪٿي لـِـڪون؟ چيائين:

اوڍر گهڙاء ڪاٺي جو، تنهن اوڍر نانء ڌراءِ
اوڍر لڪي سڀڪو، اوڍر لهي ڪيئن؟

 

اها ڳالهه ٻڌي اوڍر وڃي عالادين جي لشڪر سان سامهون ٿيو. ٻه ڏينهن ٻه راتيون جنگ جهليائين، آخر مارجي ويو.

عالادين جو لشڪر اڳتي هليو ته  ’ايسر‘  ۽  ’وِيسر‘  گيهي واٽ تي ويٺا هئا، جيڪي دودي جو گيهه توريندا هئا. انهن به جڏهن ٻڌو ته هي لشڪر دودي سان وڙهڻ ٿو وڃي، تڏهن اهي وَٽ ۽ ترازيون کڻي اچي لشڪر ۾ پيا ۽ ڳپل ماڻهو ماري، پوءِ مـُـئا.

مـُـنگر پٽ دودي جو، ننگر پٽ چنيسر جو، ۽ هالو سندن سؤٽ، اهي پڻ وڙهيا ۽ ماريا، آخر ۾ دودو ماريو. عالادين به سڄو لشڪر مارائي، خوار خراب ٿي، گوريون کائي مري ويو.

-----


مير پور ماٿيلي جي ملڪن واري روايت

 

هن روايت هيٺ تعلقي ميرپور ماٿيلي مان مليل هيٺيون ٽي ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن: (1) پيروز گڏاڻي جي ٻڌايل ڳالهه، جنهن سـُـومر مـَـلڪ کان سکي (2) ڪريم بخش مهر جي ٻڌايل ڳالهه، جيڪا واٽـُـو ملڪ کان سکيائين ۽ (3) مـُـحب ملڪ جي کنيل ڳالهه، جيڪا هو قادر بخش لـُـنڊ سان گڏ کڻندو هو ۽ اُن کان ئي سکيائين. پيروز گڏاڻي واري ڳالهه قدري تفصيلي آهي ۽ محب ملڪ واري ڳالهه اڌوري آهي.

انهن ٽنهي ڳالهين جي سٽاء جيتوڻيڪ ساڳي آهي، ليڪن هر هڪ راوي وٽ ڳالهه جا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ مختلف آهن، ۽ انهن جي بيان ڪرڻ جو انداز پڻ نرالو آهي. انهي ڪري اهي مستقل ڳالهين طور شامل ڪيون ويون آهن.


 

1- پيروز گڏاڻي (تعلقو ميرپور ماٿيلو) جي ٻڌايل ڳالهه

[هيءَ روايت سگهڙ پيروز گڏاڻي بلوچ، ويٺل ڳوٺ بکر گڏاڻي، تعلقو ميرپور ماٿيلو جي زباني، سنه 1964ع ۾ قلمبند ڪئي وئي. پيروز گڏاڻي هيءَ ڳالهه سومر مـَـلڪ ويٺل ماڪاهي، تعلقو ميرپور ماٿيلو کان سکي، جيڪو (1962ع ۾) ٽي سال کن ٿيا جو 80 (اسي) ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو. هن ڳالهه جي وچ ۾ ڪي ٽاڻا سگهڙ راجا خان گڏاڻي پڻ ٻڌايا. ن - ب[

وڳهه ڪوٽ جي بادشاهه ڀونگر راءِ کي ڄام چنيسر ۽ دودو راءِ ٻه پٽ هئا. چنيسر لوهاريءَ مان ۽ دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان هئس. چنيسر جي ماءُ جو پرڻو اصل ۾ هن طرح آهي ته وڳهه ڪوٽ جي ڀر ۾ هڪ لوهاري عورت رهندي هئي، جا رات جو مردانو ويس ڪري، شهر ۾ چوري ڪندي هئي. هوءَ اهڙي چالاڪ هئي جو کيس ڪوبه پڪڙي نه سگهندو هو. ڀونگر بادشاهه نهايت بهادر هوندو هو ۽ روزانو رات جو چمڙا پوش ڪري شهر کي پهرو ڏيندو هو. هڪ رات گهمندي ڦرندي ڏسي ته ڪو چور سندس خزاني کي کاٽ پيو هڻي. وڃي ڀاڪر وڌائينس. گهڻي ويڙهه کان پوءِ ڀونگر بادشاهه زور ٿي ويو ۽ چور کي کڻي ٻڌائين. پر پوءِ جڏهن خبر پيس ته اهو چور هڪڙي عورت آهي، تڏهن اُن جي بهادري ڏسي کڻي ساڻس شادي ڪيائين. ٿوري گهڻي ڏينهڙين ڀونگر راءِ وفات ڪئي:

ٿوري گهڻي ڏينهڙي سـُـتو راء ڀونگر
آخر آساوند هو، ڏڍ وڏو ڏونگر
صاحب ٿيو جڏهن سنڌ جو، آئيو چنيسر.
                                      ---

 

 

 

 

ڀـُـونگر مئي کؤن پوءِ سومرن ٻڌي صلاح
آءُ چنيسر پڳ تي، هـُـو پڇڻ هليو ماء
پڳ ته دودل ٻڌيو، ڪيو ڀير ڌڪاء.

 

 

راڄ وارن صلاح ڪئي ته پڳ وڏي پٽ چنيسر کي ٻڌايون. جيئن ته چنيسر ماءُ جي صلاح کان سواءِ ڪوبه ڪم نه ڪندو هو، ان ڪري هن چيو ته: آءٌ پڳ ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان، پر ترسو ته آءٌ ماءُ کان پڇي اچان:

مهلت ڪريو ڀائرو، پڇڻ ڏيو مون ماءُ
پڳ ٻڌائون دودل کي ڪيو ڀير ڌڪاء.

 

چنيسر ويو ماءُ کان پڇڻ، تيسين راڄ وارن پڳ دودي کي ٻڌائي ڇڏي، چئي: اهڙو مـَـڄـُـو راڄ ڇا هلائيندو، جو پڳ به ماءُ کان پڇي پوءِ ٿو ٻڌي. چنيسر جي ماءُ جڏهن ڀير جو ڌڪاءُ ٻڌو، تڏهن سمجهيائين ته چنيسر پڳ ٻڌي آهي، سا دروازي مان ڏسڻ لڳي ته ڏٺائين ته چنيسر چائنٺ وٽ بيٺو آهي. سمورو قصو سمجهي، پٽ کي پاراتو ڏنائين ته:

ڀت منجهارؤن نڪري، سپ چنيسر کاء
مان پاليو پٽڙو ڪري، تون ساماڻئين ڌي
ويهي آتڻ وچ ۾ پـُـوڻيون ڪتين ٽيهه.
                                      ---

ڊڊا ڊاکر وڪڻي، ڌڻ رڍن جو ڌار
سائي لڪڙ هٿ ۾، ڪڏيون گهيٽا چار
ڪاوڙ اچيئي ڏينهن ۾ گـُـهٽيو گهيٽا مار
ماءُ ماهيڙي، پٽ ماهيڙو، هلي ٿيون دودل جي درٻار.

 

سس جو ڳالهائڻ ٻڌي چنيسر جي زال به نڪري آئي ۽ چيائين ته:

سس منهنجي ڪانڌ کي، چڱو تو نه چيو
مڙس منهنجو آ چؤبـُـڪيو، ڏي دهليءَ کي دانهه.

 

ٿوري دير ۾ وري چنيسر جي ڀيڻ ٻاگهي به اچي اُتي پهتي ۽ چيائين ته:

واڍو آڻي وڻڪار کان، دوڳيون چيرايو
چرخو چندن ڪاٺ جو، تنهن کي چـَـتـُـون چاڙهايو
ٽـَـڪ جيسلمير کؤن جودئون جوڙايو
اڳي ڪتينديون هيون سين ٽي پاءُ، هاڻي ساجهر ڪتيون سير.
                                   ---

ويهي آتڻ وچ ۾، پوڻيون ڪتيون چار
کڻي ته چرخو سر تي، هلي ٿيون دودي جي دربار.

 

اهو ويڻ ٻڌي چنيسر تپي باهه ٿي ويو، ۽ چيائين ته:

سهڻيون رهجو سومريون، ڏس مان ڪيئن ڪندياس
آڻي عالادين کي، دودو داڳائيندياس.

 

پوءِ يڪدم دهليءَ وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. دربان کي حڪم ڏنائين ته يڪدم گهوڙو سنجي اچ. دربان گهوڙو سنجي اچي حاضر ٿيو، چنيسر ڏٺو ته گهوڙي جو تنگ ڪجهه ڍرو آهي، سو ڪاوڙ ۾ اهڙو ته تنگ ڇڪيائين جو گهوڙي جو پيٽ ئي ڦاٽي پيو. اهڙيءَ طرح جوش ۾ ڪيترا گهوڙا ماري وڌائين. آخرڪار وري به نوڪر هڪ گهوڙو سـَـولو سنجي ڏنس، پوءِ ان تي چڙهي دهلي روانو ٿيو.

دودي کي جڏهن خبر پيئي ته چنيسر ڪاوڙيو پيو وڃي، تڏهن پنهنجي ڌيءَ کي چيائين ته: تون چاچي ڏي ميڙ ٿي وڃ ۽ کيس پرچائي اَچ. ڇوڪريءَ اچي چنيسر جي گهوڙي جي واڳ کان ورتو ۽ چيائين ته:

 

 

 

 

ابي مونکي موڪليو چاچا! توڏي ڪري ڳؤري ميڙ
ڪـَـرهه وارن سان ڪـَـرهه ڪجي، جهيڙو جهيڙيندن سان جهيڙ
هٽ حوالي تنهنجي، هاڻي ويهي راڄ وساءِ.

 

 

اهو ٻڌي چنيسر جواب ڏنو ته:

ڌيء دودي جي دادلي، وٺ نه گهوڙي جي واڳ
جوءِ مون سان جاڙون ڪيون، ويتر ڪيون هن ماءُ
ويندس رهندس ڪينڪي، هاڻي ڏيان دودي کي داڳ.

 

تڏهن ڇوڪريءَ چيس ته:

دودو داڳي ديـَـون کي، دودي داڳي ڪير
هڻنداسئين هنبارن ۾، تنهنجا گم ڪنداسين پير
سـِـريون تن صوبن جون، ڪـُـٽي ڪنداسين ڍير
ڏهه سيڱڻ ٿي سـِـڱ ۾، جيڪي وڻيئي سو ڪاهه.

 

چنيسر تي ڇوڪريءَ جي چوڻ ڪوبه اثر ڪونه ڪيو ۽ گهوڙو هڪلي روانو ٿي ويو.

پهلي منزل هڪليائين، لٿو عمر ڪوٽ
رُٺو چنيسر ٿو وڃي، ڀائن وڏو آ ڪوپ.
                                      ---

ٻي ته منزل هڪليائين، لٿو جيسلمير
رُٺو چنيسر ٿو وڃي، ڀائن وڌو آ وير.
                                      ---

ٽـِـي ته منزل هڪليائين، ڳنڍيائين ڏينهن رات
رات پيس رڻ ۾ بان ڪيائين وات.

 

رات پئجي وڃڻ ڪري، چنيسر هڪڙي وڻ هيٺان سمهي رهيو. اُن وڻ جي مٿان ٻه پکي ويٺا هئا ،جن پاڻ ۾ پئي ڳالهايو. هڪڙي پکيءَ ٻئي کي چيو ته: ادا ڪا ڳالهه ته ٻڌاءِ. تڏهن ٻئي پکيءَ چيو ته: ادا! ڏکن سورن جون ڳالهيون ڪهڙيون آهن، پاڻ سؤ ڪوهه ڪري وَهيري موٽي ايندا آهيون، پر پـُـڇ چنڊي چنيسر کان جو وطن ۽ گهر ٻار ڇڏيو ٿو وڃي. تڏهن پهرئين پکيءَ وري پڇيو ته: ڀلا، لشڪر ملندس؟ تڏهن ٻئي پکي جواب ڏنو ته: جي جاڳي ٿو ۽ هن وڻ مان لڪڻ ڀڃي روانو ٿو ٿئي ته پوءِ ڌڪا ٿاٻا گهڻا کائيندو پر لشڪر ملندس. چنيسر پکين واري سموري ڳالهه پئي ٻڌي، سو صبح جو سوير اُٿيو ۽ ان وڻ مان لڪڻ ڀڃي اڳتي روانو ٿيو.

هلندي هلندي واٽ تي ڪي ماڻهو ڏٺائين، جي  ”گور“  کي ڊوڙائيندا پئي آيا. شڪار ٿڪل هو، تنهنڪري چنيسر گهوڙو ڊوڙائي اچي پهتس ۽ کڻي قابو ڪيائينس. ٿوري دير کان پوءِ شڪاري به اچي اتي پهتا. هـُـنن چيو ته: شڪار اسان جو آهي، جو اسين دهليءَ جي دروازي کان ڊوڙائي ٿا اچون. اهو به چيائونس ته: اسين بادشاهه جا وزير آهيون. هڪڙي چيو ته: منهنجو نالو  ’مدن‘  آهي ۽ ٻئي چيو ته منهنجو نالو  ’نظر‘  آهي. نيٺ پاڻ ۾ ٺهي ويا ۽ پوءِ شڪار به گڏجي کاڌائون. چنيسر کان پڇيائون ته: دهليءَ ٿو وڃين، ڪو ٽـَـڪو ٽـُـڪر به اٿيئي يا نه؟ جڏهن چنيسر ٻڌايو ته: مون وٽ ڪجهه به ڪونهي، تڏهن هنن چيس ته:

نوَ سؤ در اٿئي دليءَ جا، نو سؤ اٿئي دربان
سڀ لـَـبيندين سومرا! تڏهن چڙهين سلطان.

 

اِهي ڳالهيون ٻولهيون ڪندا اچي دهلي پهتا. عالادين جا وزير ته ويندا رهيا، پر چنيسر کي دربانن اندر اچڻ نه ڏنو.

 

 

 

 

ٽـِـپهري جو ٽهڪو ڏيئي، دهلي راءُ ويا
هڪل ڪيائون دربان کي، جودؤن در تون لاهه
در لاهيندس ڪينڪي، توڙي هجين بادشاهه
مـَـر مسافر ايڏهين، ٿي راڪاس جو گاهه!

 

 

چنيسر اُتان نا اميد ٿي وري ٻئي دروازي تي ويو، جو ٿورو کليل هو. اُتي ڏسي ته هڪ پوڙهي مائي روئي به پئي ۽ کلي به پئي. چنيسر جي پڇڻ تي چيائين ته: ابا! هن شهر تي روز هڪ راڪاس پوندو آهي ۽ روزانو هڪڙو ماڻهو کائي ويندو آهي، اڄ اسان جي گهر جو وارو آهي. منهنجو پٽ اڃان تازو پرڻيو آهي، اڄ ان جو وارو آهي، ان ڪري ويٺي رُئان. اهو ٻڌي چنيسر چيس ته: اما! تون فڪر نه ڪر، تنهنجي پٽ مٿان منهنجو سر به قربان. تون هلي مونکي پنهنجو پٽ ڏيکار پوءِ مائي چنيسر کي وٺي ان هنڌ آئي، جتي سندس پٽ ٻڌل هو. اُتي ديڳ دال جي، کارو مانين جو به رکيو هو ۽ ڇوڪرو نعل ۾ ٻڌو پيو هو. چنيسر دائي جي پٽ کي چيو ته: نعل پنهنجي پير مان ڪڍي، منهنجي پير ۾ وجهه. پوءِ چنيسر هڪ بنڊ ريڙهي پنهنجي آڏو رکي، ان تي اڇي چادر وجهي، اوڍر ٿي ويٺو. دائيءَ جي پٽ کان جڏهن چنيسر راڪاس جي اچڻ جا پار پتا پڇيا، تڏهن ان ٻڌايس ته: پهرين واءُ جهـَـلـُـوڙو ايندو، پوءِ مينهن جا ڦـُـڙا پوندا ۽ ان بعد راڪاس ايندو، جو پهريائين ديڳ دال جي کائيندو، پوءِ کارو مانين جو ۽ آخر ۾ ماڻهو کائي هانءُ ڪوسو ڪندو آهي. دائي جي پٽ وڃڻ بعد چنيسر ڇا ڪيو جو سٽ ڏيئي نعل ٽوڙائي ڇڏيو. ٿوري دير کان پوءِ مينهن واءُ شروع ٿيو ۽ راڪاس به اچي ڪڙڪو ڪيو. پهرين اچڻ سان ديڳ دال جي ۽ کارو مانين جو کاڌائين ۽ پوءِ بنڊ تي سٽڪو ڪيائين. چنيسر ارادو ڪيو ته ديوَ سان ٻولائي وڙهجي، سو ديوَ کي چيائين ته:

چٽو نه ڏسجانءِ ڪپڙو، هيٺئون اٿئي بـُـنڊ
اسان جي تنهنجي پاڻ ۾، ننڍي لاڪون اُنڊ
رنون نه ٿين سومريون، شل مري نه دودل ڀاءُ!

 

چنيسر راڪاس تي وار ڪيو:

سنڀاري حضرت پير کي، گهوٽ وهايو گهاءُ
ڌڙ راڪاس جو ڌوڙ ۾، ڌڙ خوني دروازي
نر نيشانيون وڍيون، کيسي ۾ پائي.

 

نيٺ راڪاس کي ماري پورو ڪري، اها رات دائي جي گهر وڃي ترسيو. صبح جو سويل حسڻ گاهي، گاهين جي فوج وٺي جڏهن اتان اچي لنگهيو، ڏسي ته راڪاس پيو آهي. هن سمجهيو ته ننڊ ۾ پيو آهي، سو وٺي پوئتي ڀڳو. پر وري ڏسي ته ڪانوَ پيا اکيون پـَـٽينس. اتي هن کي پڪ ٿي ته راڪاس مري ويو آهي. سو ڇا ڪيائين جو رنبي سان راڪاس جي گوشت جا ٽڪر وڍي وڃي بادشاهه وٽ حاضر ٿيو.

بادشاهه جو اعلان هو ته جيڪو به راڪاس ماريندو، ان کي وڏورَ ڌيءَ پرڻائيندس. حسڻ گاهي بادشاهه کي اچي ٻڌايو ته: راڪاس دال ماني کائي ننڊ ۾ گهيرٽيو پيو هو ته مون حملو ڪيومانس. وڙهڻ سان هـُـن به وڏا وس ڪيا پر آخر مارجي پيو. اهو ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين ته: اڄ کان حسڻ گاهي کي  ’حسڻ بيگ‘  سڏيو ۽ کيس سونا ڪنگڻ پارايو. بادشاهه کيس چيو ته: توکي موڪل آهي، پنهنجو سؤ گهوڙن جتان وڻيئي اُتان پيو ڀري اچ، حسڻ جي سؤ گهوڙن پوکن جون پوکون سڃ ڪري ڇڏيون. آخر ڪڙمين گڏجي اچي بادشاهه جي وزير  ’مدن‘  کي دانهن ڏني. وزير کين چيو ته: اوهان بادشاهه کي هلي دانهن ڏيو، پوءِ آءٌ اُتي بادشاهه سان ڳالهائيندس. ڪڙمين جڏهن بادشاهه کي دانهن ڏني، ته بادشاهه وزير ڏانهن منهن ڪري چيو ته: اڳي جڏهن راڪاس روز ماڻهو کائيندو هو ته راڄ راضي هو ۽ هاڻي جڏهن حسڻ بيگ جا گهوڙا گاهه ٿا کائين ته ماڻهو دانهون ٿا ڪن. تڏهن وزير چيو ته:

 

 

 

 

هڪ سما، ٻيا سومرا، ايڏنهن راڄ ٻجهن
رُسي آيو هيڪڙو، منجهه پنهنجي ڀائن
راڪس تنهين ماريو، ڪين ماريو گاهين.

 

 

تڏهن بادشاهه چيس ته: وزير! تون شايد اُن جو لبيل ٿو ڏسجين، جو اِن جي پاران پيو ڳالهائين. تڏهن وزير وري عرض ڪيو ته: سائين، راڪاس ته وڏي بلا آهي، پر توهان مڪنو هاٿي ڇوڙي گاهين جو مقابلو ڪرايو، جي گاهين هاٿي ماريو ته پوءِ چئبو ته راڪاس به انهن ماريو هوندو. اها ڳالهه بادشاهه قبول ڪئي ۽ پوءِ يڪدم هاٿي گهرائي ،حسڻ کي مقابلي لاءِ حڪم ڪيائين. گاهين کي جڏهن اها خبر پيئي تڏهن ڏڪي ويا:

سڏيو حسڻ بيگ کي، کٿا کرا کڻي آءُ
ڪي ليٽن ٿا ڌوڙ ۾، ڪن جا سـُـڪا ساهه
ڏاڙهي دونهن ڌنڌوليو، لٺن ڪيو ته ٺڪاء.

 

حسڻ بيگ به مقابلي جو حڪم ٻڌي چيو ته: بادشاهه سلامت! هينئر مونکي پيٽ ۾ سور آهي ان ڪري هن وقت جهيڙي جهڙو ڪونه آهيان، نمڪ جي بخشش ٿئي! بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي پيلوان کي چيو ته: هاٿيءَ کي تلاءُ تان پاڻي پياري وڃي ٻڌي ڇڏ. پيلوان هاٿي ڪاهيو تلاءُ ڏي پئي ويو ته اڳيان چنيسر نظر آيس. تڏهن پيلوان چيس ته:

تاسريءَ بيٺو ميٽ ملين، اُڀو پهريون پٽ
هاٿي ڇٽئه راوَرو، ڀڄ تون مرندين ڄٽ!

 

اهو ٻڌي چنيسر چيس ته:

تاسريءَ بيٺو ميٽ مليان، توڙي پهريان پٽ
ڀڄڻ مونکي مهڻو، مرڻ منهنجو مٽ.

 

اهو ٻڌي پيلوان به کڻي هاٿيءَ کي ڇڏيو. جڏهن هاٿي اچي چنيسر کي ويجهو پيو، تڏهن چنيسر پنهنجي ٽاپرو کان پڇيو ته: هٿيار ڪهڙو چڱو؟ تڏهن ٽاپرو چيس ته: سائين! هٿيار اهو ڀلو، جيڪو هٿ ۾ هجي. بس پوءِ ته چنيسر اُن ميٽ واري تاسريءَ سان ئي هڻي هاٿيءَ کي چيري ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. پيلوان يڪدم وڃي بادشاهه کي دانهن ڏني. عالادين يڪدم حڪم ڪيو ته: ان شخص کي هتي حاضر ڪيو وڃي. چنيسر کي وٺي اچي حاضر ڪيائون. بادشاهه چنيسر کان پڇيو ته:

ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڇاهي تنهنجو نانءُ؟

تڏهن چنيسر وراڻيو ته:

آهيان سوڍو سومرو، ڄام چنيسر نانءُ
ويٺي دلي ڪوٽ ۾، مونکي ورهيه ٿيا
جڏهن هاٿي ماريم راوڙو، تڏهن داد ٿيا.

 

عالادين پڇيس ته: ڇاجي ڪري پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي اچي هتي رهيو آهين؟ چنيسر جواب ڏنو ته:

سؤ آنديون هيم سومريون، تن مؤن چونڊي چار
پنجين ٻاگهي محلن ۾، سرتين جي ته سينگار
وٺي دودو پوءِ ويو، ٻڌي چيلهه ترار.

 

عالادين پڇيس ته:

ڀيٽان جهليون هئائين راوريون، دودو سو ڪيڏو؟

تڏهن چنيسر چيو ته:

ڪـُـلها ڪيهر شينهن جا، مڙس مـُـني جيڏو.
                                      ---

 

 

 

 

ڪـُـلها ڪيهر شينهن جا، مٿو جنهن جو مٽ
دودي دوداڻي جي لـِـک نه سهندين سٽ
                                      ---

 

دودو وڳهه ڪوٽ ۾، ٿو اوڌاريون کائي
ڪڏهن ايندو تو مٿي، ڳڙهه دليءَ ڪاهي.

 

اهو ٻڌي عالادين وزير کي حڪم ڪيو ته: منهنجي پٽ  ’سالار‘  سان ست لک لشڪر چاڙهي ڏي ته سومرن کي سيڌي اچي. تڏهن چنيسر چيو ته:

ست لک چڙهي سالار سان، ته اٺ لک ماريان مان
جي سيڌين تون سومرا، سر چڙهين سلطان.

 

اهو ٻڌي چنيسر جي نالي بادشاهه چيو ته: هن کي لکن جي خبر ئي ڪانهي، تنهنڪري هن بيوقوف جي چئي نه لڳو. ائين چئي چنيسر کي موٽائي ڇڏيائين.

ڪن ڏينهن کان پوءِ بادشاهه جو مالهي دانهن کـڻي آيو ته شاهي باغ ۾ هڪ شينهن ۽ شينهڻ اچي هـِـريا آهن، جن سڄو باغ لتاڙي ڇڏيو آهي. اهو ٻڌي عالادين انهن شينهن جي مارڻ لاءِ اُگهاڙي تلوار پٽ تي اُڇلي جا ڪنهن به نه کنئي. آخر عالادين جي پٽ سالار اها چمي کنئي ۽ چيائين ته: مان انهن شينهن سان مقابلو ڪندس. پوءِ جڏهن سالار اُٿي باغ ۾ آيو ۽ شينهن کي سامهون ٿيو ته شينهن وٺي گجگوڙ ڪئي. شينهن جي گجگوڙ ٻڌي سالار کي اچي ڏڪڻي ٿي، سو پويان پير ڪري وٺي پوئتي ڀڳو ۽ پيءُ کي اچي چيائين ته: شينهن تمام زور وارو آهي، ان ڪري آءٌ ان سان وڙهي نه سگهيس. اهو ٻڌي عالادين چيس ته:

پٽ نه هـُـيڙين منهنجو، هـُـيڙين چٽيءَ ڄاءُ
شهه ڏنئي بادشاهي کي، ٻيو لڄايئه ماءُ.

 

اها ڳالهه ٻڌي صوبن بادشاهه کان پڇيو ته: بادشاهه سلامت! ماءُ ڪيئن لـڄـايائين؟ تڏهن بادشاهه چيو ته: دراصل حقيقت هيءَ آهي ته اڳ ۾ آءٌ ڌاڙيل هوس ۽ هن ملڪ مان ڌاڙا هڻندو هئس. هڪ ڏينهن جيئن مال ماريو پئي ويس ته بادشاهه جي ڌيءَ جي نظر مون تي پئجي ويئي، سو پيءُ کي چيائين ته هن سان ڪو مقابلو ئي ڪونه ٿو ڪري، جي اجازت ڏيو ته مان هن سان مقابلو ڪريان. پوءِ اجازت وٺي، مردانو ويس ڪري، گهوڙي تي چڙهي، اچي منهنجي اڳ ورتائين. مونکي چيائين ته: پرديسي! جي هٿيارين وڙهين ته هٿيارين وڙهان، جي هٿين وڙهين ته هٿين وڙهان! مون چيومانس ته: هٿين وڙهندس. پوءِ اول مون ترار جو وار ڪيو ته هن ڍال تي روڪيو، مون وري يڪدم ري وارائتي ٻي اُٿلائي، تڏهن جهڙپ ڏيئي کڻي مونکي چيلهه ۾ ٻک وڌائين ۽ ٻڌي آڻي بادشاهه وٽ حاضر ڪيائين. پيءُ کي چيائين ته: جيئن ته اڄ تائين ڪنهن مڙس مونکي هٿ نه لاٿو آهي، تنهنڪري هاڻي منهنجو مڙس هي آهي. پوءِ منهنجي ان سان شادي ٿي ۽ ان مان سالار ڄائو. اهڙي سورهيه هئي هن جي ماءُ، ان ڪري پيو لڄايانس. پنهنجي پٽ جي اِها هيڻي حالت ڏسي عالادين مدن وزير کي حڪم ڏنو ته: چنيسر کي گهرايو ته اهو اچي شينهن سان مقابلو ڪري. تڏهن مدن وزير عرض ڪيو ته: سائين! هي شينهن جو مقابلو آهي، ان ڪري انجام ڪريو ته جيڪڏهن چنيسر اهو مقابلو کٽي ويو ته توهان پاڻ اُن سان چڙهائي ڪري ويندا. پوءِ مدن وڃي سموري حقيقت چنيسر کي ٻڌائي، جو مقابلي لاءِ تيار ٿيو. وزير کي چيائين ته: مقابلي لاءِ تيار آهيان، پر اول مونکي ڪارو ويس به ملي ۽ منهنجي ڍال کي گهنگهريا پون. جڏهن سندس اها خواهش پوري ٿي، تڏهن اُٿي مقابلي لاءِ روانو ٿيو:

 

 

 

 

ڄام چنيسر هليو، ڪارو ويس ڪري
ٻولايائين ٻولاهي سان، ڇڏيائين ڇوڙي
هرگز ماريائين شير کي، کـَـنن سان کوڙي.
                                      ---

 

ڌڪ نه ماريان عورت کي، ڪريان نه پاسو
متان ڏئي ڪو وڳهه ڪوٽ ۾، دودي ڏوراپو.

 

چيائين: سومرا عورت تي هٿيار نه کڻندا آهن، سو جهڙپ ڏيئي شينهڻ کي چڙاٻ ۾ هٿ وجهي چيري رکيائين، بادشاهه کي جڏهن اها خبر پيئي تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پوءِ انجام موجب لشڪر وٺي چنيسر سان گڏ ڪاهي هليو.

جهيڙي جا جيڪي جهانجهرا، تن هاٿيون هلايو
لشڪر عالادين جي، ڍٽئون ڍلايو.
                                      ---

نو لک، تيرهن پدما، هڪڙي چال چلن
ڇهه مهينا ڇهه راتيون، ٻنڌ جڙي آهي
ٻنڌ جڙي راس ٿي، لشڪر پار ٽپيو.
                                      ---

اڳيان پاڻي ٿا پين، پويان گپ چٽين
اڳيان گاهه ٿا چرن، پويان لڏ چرن.

 

آخرڪار هلندي هلندي عالادين جو لشڪر اچي دودي جي سرحد وٽ پهتو. اُتي سرحد وٽ دودي جا ڪي ميهار رهندا هئا، تن جڏهن ڏٺو ته عالادين دودي تي ڪاهي آيو آهي، تڏهن پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته: اسين دودي جو نمڪ ٿا کائون، ان ڪري پاڻ کي دودي طرفان هنن سان مقابلو ڪرڻ گهرجي. پوءِ اچي هنن سان سامهون ٿيا:

ٽي ڏينهن، ٽي راتيون، ميهرن جهيڙو جهليو
ٽي لک عالادين جو، ميهرن ماريو
ماريائون ميهرن کي، تو ڪيئن سڃاتو؟

 

جڏهن ميهر مارجي ويا، تڏهن چنيسر کي چيائون ته: سڃاڻ ته دودو انهن ۾ ته ڪونه هو. تڏهن چنيسر ٻڌاين ته: دودو اڃا اڳتي آهي، هي ته دودي جا ميهار هئا.

لشڪر وري اڳتي هلڻ لڳو. هڪڙي هنڌ وري رات پئجي ويئي سو رستي ۾ منزل ڪيائون. اُتي دودي جي مـُـلڪ جي فقيرن کي خبر پئي ته عالادين دودي تي ڪاهيون پيو وڃي. سو پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته اسان به دودي جي ملڪ ۾ ٿا رهون، ان ڪري پاڻ کي دودي جي دشمنن سان وڙهڻ گهرجي. تڏهن ٻين فقيرن چيو ته: وڙهڻ لاءِ هٿيار ڪٿان اچن؟ تڏهن انهن فقيرن جي اڳواڻ ڇا ڪيو جو لـِـڏ ڪڍڻ جو پاهوڙو کڻي وڃي عالادين جي سـُـتل لشڪر تي پيو ۽ سؤ کن سپاهين کي ماري، انهن جا هٿيار کڻي آڻي فقيرن کي ڏنائين. ٻئي ڏينهن صبح ساڻ فقيرن جو ٽولو وڃي عالادين جي لشڪر کي سامهون ٿيو:

ست ڏينهن ست راتيون، فقيرن جهيڙو جهليو
ست لک عالادين جو، فقيرن ماريو
ماريائون فقير کي، تو ڪيئن سڃاتو؟

 

اها خبر وڳهه ڪوٽ پيئي، تڏهن دودي جي ڌيءَ ساران، جا چنيسر جي وڏي پٽ احمد سان پرڻيل هئي، تنهن احمد کي چيو ته: رعيت نه مري، توهان بادشاهه پاڻ ۾ وڃي جنگ ڪريو. احمد چيو ته: سڀاڻي ويندس. ٻئي ڏينهن گهمي ڦري موٽي آيو. جڏهن ساران جنگ جو پڇيس، تڏهن چيائين ته: سڀاڻي ويندس. اهڙي طرح ٻئي ڏينهن به ٻاهران گهمي ڦري موٽي آيو ۽ زال کي چيائين ته: سڀاڻي ويندس. تڏهن زال پري کان ئي چيس ته:

کڙ احمد، بيهه ايڏهين، تون ڀاءُ، مون ڀيڻ.

 

 

 

 

تڏهن احمد چيس ته:

 

اي ساران مار پوئي، ڪهڙي مـُـنهن وڌءِ؟

اتي ساران چيس ته:

ندي وهي رت جي، ماڙيءَ هيٺ لنگهي
ڇؤڙو رڱيان رت سان، تڏهن سـُـنهن لهي.

 

اهو ٻڌي احمد يڪدم جنگ لاءِ تيار ٿيو ۽ دودي کي سلام ڪري، گهوڙي تي چڙهي اچي عالادين جي لشڪر ۾ پيو:

پهلي رات ٽڪي ڪري، احمد ڏنو ٿاڻو
لشڪر عالادين جي کي گهمايائين گهاڻو
ڀريو مهينو ٽيهه راتيون، احمد جهيڙو جهليو.
                                      ---

 ماريائون احمد کي، سسيءَ ڳالهايو
خط لکيائون جود مؤن، دودي پهچايو
ڪي آيا، ڪي اچڻا، چاچا اڃا ٿا اچن.

 

جڏهن دودي کي خط پهتو، تڏهن هن اگهاڙي ترار کڻي پٽ ۾ اڇلي ۽  ”ٽي ڏينهن، ٽي راتيون، کنو پڙ پيو.“  ننگر ۽ ڀونگر ٻئي پاڻ ۾ سؤٽ هئا، ننگر ڄام چنيسر جو ۽ ڀونگر دودي راءِ جو پٽ هو. ٻئي سن ۾ ننڍا هئا، پر ننگر دودي جي زبان هو. ننگر سؤٽ کي چيو ته: هاڻي اهو کنو پاڻ کڻنداسين. پوءِ چاچي کي چيائين ته:

ٽي ڏينهن، ٽي راتيون، کنو پڙ پيو
هاڻي چمي ٻڌم چيلهه سان، ڇوڙيندم ڀي پوءِ.

 

تڏهن دودي چيس ته:

ننگر! تون آن ننڍڙو، تو وارو به ناهه.

اسان سومرن ۾ ريت آهي ته جڏهن ڦڻي ڏاڙهيءَ ۾ اٽڪندي آهي، تڏهن جنگ جا لائق ٿيندا آهيون. اهو ٻڌي ننگر ۽ ڀونگر سوناري کان وڃي سونيون ڦڻيون ٺهرائي، کاڏين ۾ هڻي آيا. دودي ڏسي چيس ته: ننگر! تون مڙندين ڪونه، هاڻي ترس ته تنهنجي شادي ڪرايان ته پوءِ جنگ جي تياري ڪر:

ڀيران وڄن جنگ جون، ننگر ڪاڄ ڪيو
ڇهه لاوان هاڻي ڏجانءِ، ستين ڏجانءِ پوءِ.
                                      ---

راڻي پنهنجي ٻاپ ڏي ترت نياپو مڪو
جهلي پلي نه رهي، ننگر وڃي ٿو
مينديءَ رتا هٿڙا، ننگر وڃي ٿو.

 

پوءِ دودي ننگر کي گهرائي چيو ته:

پٽ! وڃين ٿو پيءَ ڏي، منزل ميڙ ٿيو
پيءُ ڏسندين پانهنجو، پرتا پائيندين پوءِ.

 

تڏهن ننگر چيو ته:

موت جهڙا مهڻا، چاچا! مونکي ڏئين ٿو
پهريون کنو ٻاپ کي، آءٌ به کوڙيندس
نمڪ کائي تنهنجو، ننگر اُپنيو آهه.
                                      ---

ڪپي واڳون سرخ جون، کٻي هٿ سلام
سلامان دودي راءِ جون، کٻي هٿ سلام.

 

 

 

 

 

پوءِ ننگر ۽ ڀونگر پاڻ ۾ جنگ ڪرڻ جي صلاح ڪري، عالادين جي لشڪر ڏانهن روانا ٿيا. جنگ ميدان ۾ پهچي هنن پهرين بادشاهه سان ملڻ جي صلاح ڪئي. عالادين هنن کي ڏسي پڇيو ته:

 

ڪير آهيو، ڪاڏي وڃو، ڇا آهي آن جو نانءُ؟

تڏهن ننگر چيس ته:

آهيان سوڍو سومرو، ننگر منهنجو نانءُ
پٽ چنيسر ڄام جو، دودي ڀائيٽو آءٌ.

 

اهو ٻڌي عالادين چنيسر کي گهرايو ۽ چيائين ته: تون ههڙو سورهيه ۽ اهڙن سورهيه پٽن سان ڪيئن ٿو جنگ ڪرين! تڏهن چنيسر چيو ته:

نڪي آءٌ پرڻيو آهيان، نڪي ڇڏيم پوءِ
لشڪر ڏسي تنهنجو، ڇوڪر دهليو آهه.

 

اهو ٻڌي ننگر کي ڏاڍي مٺيان لڳي، سو چنيسر کي چيائين ته:

ٻاپ ماريان ته پاپ ٿئي، ماءُ سڏجي رن
نه ته ڏيئي لت لحظي ۾، پٽيائين ٻئي ڪن!

 

تڏهن چنيسر عالادين کي چيو ته: توهان هنن کي جدا طنبو ۾ موڪليو تهَ آءٌ توهان سان ڪجهه ڳالهايان. پوءِ چنيسر بادشاهه کي چيو ته: ننگر برابر منهنجو پٽ آهي، پر آهي اڻ ٽر، ان ڪري تون چوينس ته: تو کان زمين وٺي ۽ ٻاگهيءَ جو سڱ توکي ڏي. پوءِ مون جنگ تان هٿ کنيو. اهو ٻڌي عالادين ننگر کي گهرايو ۽ چيائينس ته:

ديهه ماٿيلو تو ڏيان، جهجهي ڏيانءِ ڀونء
ڀائر پرچو پاڻ ۾، ٻاگهي ڏيو مون.

 

ان تي ننگر کي چڙ لڳي، سو چيائين ته:

جيڪي آندءِ دليءَ مؤن، سي دودي کي پرڻاءِ
دودي کي پرڻائي ڪري، پوءِ ننگر ڀي مڱاءِ!

 

اتي عالادين کي به چڙ لڳي، سو جواب ڏنائينس ته:

ننگر! تون آن ننڍڙو، توکي هيئن نه جڳاءِ.

ننگر بيپرواهه ٿي چيس ته:

چوڻ پٺيون هرڪو چوي، توڙي هجي بادشاهه.

پوءِ عالادين  چنيسر کي گهرائي چيو ته: ننگر ائين ڳالهه هرگز نٿو مڃي، ان ڪري کيس نشو ڏئي، پوءِ لکائي وٺونس. آخر اها صلاح بيهاري، ننگر کي نشو ڏيئي، بيهوشيءَ جي حالت ۾ ٻاگهيءَ جي سڱ لاءِ رضامندي لکائي ورتائونس. پوءِ آڏت اوٺيءَ سوار هٿ اهو ڪاغذ دودي ڏانهن موڪليائون. اوٺيءَ چيو ته: هڪ شرط سان ويندس، اهو هي ته ٻاگهيءَ سان گڏ جيڪا ٻانهي هوندي، سا مونکي پرڻائيندا. اوٺي خط کڻي دودي ڏانهن روانو ٿيو.

 

 

 

 

دودي کي جڏهن اهو خط مليو ته هـُـن پڙهي روئي ڏنو، ۽ چوڻ لڳو ته: ننگر سان ضرور ڪو کوٽ ٿيو هوندو. پوءِ اوٺيءَ کي چيائين ته: تون وڃ، اسين پاڻهي صلاح ڪري جواب موڪلينداسون اهو جواب کڻي آڏت اوٺي روانو ٿيو. شهر جي ٻاهران کيس ٻاگهيءَ جي ٻانهيءَ جو مڙس مليو، تنهن کي چيائين ته: ادا! ڪر خبر! ٻاگهي ته راڻي آهي، سا ته سهڻي هوندي، پر ٻانهي ڪيئن اٿس؟ ٻانهيءَ جي مڙس کي ان تي چڙ ته لڳي پر آڏت هو اُٺ تي، سو اٽڪل ڪري چيائين ته: آءٌ ٻوڙو آهيان. ٿورو هيٺ لهي اچي ڳالهاءِ. آڏت اڃا هيٺ لٿو ته ٻانهيءَ جي مڙس کڻي دسيس ۽ ٻئي ڪن پٽي پوءِ روانو ڪري ڇڏيائينس. آڏت جڏهن واپس لشڪر ۾ پهتو، تڏهن عالادين جي لشڪر ڏٺو ته ڳاڙهو ٿيو پيو اچي، سو شايد ڪامياب ٿي وريو آهي، پر جڏهن ويجهو پهتو ۽ سندس ٻئي ڪن وڍيل ڏٺائون، تڏهن ڏاڍو ارمان ٿين. آڏت کان حقيقت پڇيائون، جنهن جواب ڏنو ته:

 

ٻـَـن ٻاگهي، ٻـَـن ٻانهي، ٻن ٻانهيءَ جا ٻار
لشڪر وڳهه ڪوٽ ۾، لک ڪـُـوپا سؤ هزار
جي ويندين وڳهه ڪوٽ ۾، اُتي ڪن پٽيندءِ يار.

 

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ دودي ڇا ڪيو جو  ’سڄڻ‘  واڻئي هٿان هڪ سؤ اُٺن جو سينگاري عالادين ڏانهن ڀيٽان ڪري موڪليو. ڀـيـٽ ڏسي عالادين خوش ٿيو ۽ چنيسر کي گهرائي چيائين ته: دودو ته ڪو چڱو مڙس ٿو ڏسجي، ان ڪري جنگ جو خيال کڻي ڇڏيون! تڏهن چنيسر چيو ته: بادشاهه سلامت! اسان سومرن ۾ رواج آهي ته جڏهن اسان ۾ پٽ ڄمندو آهي ته لنگهي ڏي سؤ اُٺن جو سينگاري موڪليندا آهيون. هينئر به دودي کي پٽ ڄائو آهي، سو توکي لنگهو ڪري سڏيو اٿس. تڏهن عالادين ڀيٽا واپس ڪرڻ جو حڪم ڪيو. واڻئي جڏهن ڏٺو ته بادشاهه ڀيٽا نٿو قبول ڪري، تڏهن ڇا ڪيائين جو ڪڍندي ترار، ڪاهي پيو عالادين جي لشڪر ۾:

هڪ ڏينهن هڪ راتڙي، سڄڻ جهيڙو جهليو
هڪ سؤ عالادين جو، تنهن پڻ ماريو.

 

نيٺ واڻيو وڙهندي وڙهندي مارجي ويو. ننگر ۽ ڀونگر جيڪي ٽن ڏينهن کان نشي ۾ هئا، تن لاءِ عالادين چيو ته: هنن تي نشي جي حالت ۾ ئي حملو ڪجي پر چنيسر کي وري به اولاد جو ڪهڪاءُ پيو، سو چيائين: ستي ۾ حملو دشمن تي به واجب ناهي، مان جاڳايان ٿو. پوءِ چنيسر ننگر جي طنبو ۾ آيو ۽ ننگر جي مٿان بيهي چيائين ته:

اُٿي جوڌا جاڳ، جاڳي بيٺو جان تي.

اتي ننگر سجاڳ ٿيو ۽ چيائينس ته:

پٽ نه ڪيئه پانهنجو، هاڻي ڇو ڪـُـهائين؟

پوءِ ته ننگر ۽ ڀونگر اُٿي هنن سان جنگ جوٽي:

پهلي رات ٽڪي ڪري، ننگر ڀونگر ڏنو ٿاڻو
لشڪر عالادين جي کي، گهمايائون گهاڻو
ڏوجهي رات ٽڪي ڪري، ننگر ڏنو ٿاڻو
لشڪر عالادين جي کي، گهمايائون گهاڻو.

 

ننگر ۽ ڀونگر جنگ ۾ عالادين جو ڳچ لشڪر ماري ڇڏيو. تڏهن عالادين چنيسر کي گهرائي چيو ته: لشڪر تمام گهڻو مارجي ويو آهي، تنهنڪري هاڻي تون پاڻ انهن سان جنگ ڪري جند ڇڏاءِ. چنيسر جڏهن ننگر ڀونگر وٽ آيو ته انهن چيس ته: اسين توسان جنگ نه ڪنداسون، پر چنيسر مـُـڙي ئي نه. آخرڪار ننگر ۽ ڀونگر ريشمي رومالن سان آڱوٺا ٻڌي اچي چنيسر اڳيان ڪنڌ نمائي بيهي ريا. چنيسر به اکيون پوري، ترار هڻي سسي لاهي ڇڏين. پوءِ ٻنهي جا لاش گهوڙن تي ٻڌي، وڳهه ڪوٽ ڏانهن ڏياري موڪليائين.

ننگر پنهنجي گهرواريءَ کي چئي آيو هو ته: مان جيسين جيئرو هوندس، تيستائين پکي رت تي نه لهندا. پر جڏهن پکي رت مان چنبا ڀري ماڙيءَ تي اچي ويٺا، تڏهن ننگر جي گهرواريءَ دودي ڏانهن نياپو موڪليو:

راڻي پنهنجي ٻاپ ڏي، ترتئون نياپو مـُـڪو
پٿرڻيون پير ڀري، ماڙي مٿي ٿا ويهن
ننگر ڀونگر ماريا، تڏهن ٿا ته لهن.

 

 

 

 

 

پوءِ دودو پاڻ گهوڙي تي چڙهي روانو ٿيو ۽ اچڻ سان عالادين جي لشڪر ۾ ٻاڪر ڪٽو وڌائين. جنگ جي ميدان ۾ دودي جي گهوڙي اُڏامندي پئي هئي، سو ڪوبه هن کي رسي ڪونه سگهندو هو ۽ هو لشڪر جي قطارن جون قطارون هڪڙي ئي وار ۾ پوريون ڪندو رهيو. جڏهن عالادين جو لشڪر باقي وڃي بچيو تڏهن عالادين ۽ چنيسر صلاح ڪئي ته گهوڙِي نعل جي کڙڪي کان سواءِ هيٺ نه لهندي. سو ڇا ڪيائون جو وچ تي لوهي سيخون کوڙائي ڪانجهو کڙڪايائون ته اُڏامندڙ گهوڙي يڪدم هيٺ لٿي. هيٺ لهڻ سان کتل لوهي سيخون گهوڙيءَ ۽ دودي ۾ ٽـُـنبجي ويون. پوءِ چنيسر دودي کي چيو ته: دودا! هاڻي ڪيئن؟ تڏهن دودي چيس ته: تڏهن به توکان مٿي آهيان. چون ٿا ته پوءِ ٻنهي جو ڀاڪر پاتا، ته ٻنهي جو دم نڪري ويو.

 

صبح جو عالادين سنڀريو ته وڃي دودي جو تخت وٺان ته ايتري ۾ وڳهه ڪوٽ ۾ ڀير تي ڏونڪو لڳو. عالادين پڇيو ته: سومرن مان ته ڪو ڪونه بچيو، پوءِ هي ڀير تي ڏؤنڪو ڇاجو لڳو؟ تڏهن ماڻهن ٻڌايس ته: دودي جو پٽ مسافري تي ويل هئو، سو رات آيو آهي ۽ اڄ جنگ ڪندو. اهو ٻڌي عالادين هار قبول ڪئي ۽ چيائين ته: مونکي ان سورهيه جي زيارت ڪرايو. پوءِ نينگر کي پـَـٽ جي ستن ٻاروتڻن ۾ ٻڌي، سوني ٿالهه ۾ کڻي آڻي عالادين اڳيان بيٺا. اتي عالادين رڙ ڪري چيو ته: ناحق هار مڃيم! پر ٿوري دير کان پوءِ ڇوڪري آرس ڀڳي ته ستئي ٻاروتڻا ٽٽي پيا، اتي عالادين چيو ته: ادا منهنجي يڪي توبهه آهي. پوءِ اٺن سوارن سان واپس دهليءَ روانو ٿيو.

هلندي هلندي جڏهن ماٿيلي وٽ پهتو، ته زالون واٽ تي طعنا هڻڻ لڳس ته: هاڻي ڪهڙي نڪ سان واپس دهلي پيو وڃين! اها ڳالهه ٻڌي عالادين ڏاڍو شرمسار ٿيو سو اُتي ئي گوري کائي پاڻ کي پورو ڪري ڇڏيائين. اڄ به ماٿيلي ۾ عالادين جو مقبرو  ”نـَـول گوري“  جي نالي سان موجود آهي.

 

____*____


 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org