سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 7

صفحو ؛ 13

 

پهريون ته:

قرآن هن معاملي ڏانهن ڪوبه اشارو نه ڪيو آهي. هيءَ ڳالهه بلاغت قرآنيءَ جي صريح خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته: هڪ اهڙي واقعي کي قياس ۽ قرينه مان معلوم ڪري نه ٿو سگهجي. بيان نه ڪرڻ بجاءِ، پوءِ صرف اوچتو ”اثر الرسول“ چئي ڪري، ان ڏانهن اشارو ڪري ڇڏجي.

ٻيو ته:

قرآن ۾ جتي ڪٿي، بغير اضافت ۽ استاد جي الرسول چيو ويو آهي، انهيءَ جي صرف هڪ ئي مطلب آهي، يعني پيغمبر پوءِ هتي الرسول“ مان ملائڪ سمجهڻ صحيح ٿي نٿو سگهي.

ٽيون ته:

ائين سمجهڻ صريح قرآن کي ڪوڙو سمجهڻ آهي، ڇو جو قرآن هي ڪٿي به نٿو چئي ته: گابي جي مورتيءَ ۾ زندگي پيدا ٿي ويئي هئي. مگر صاف صاف بيان ڪري ٿو ته:

جسد لـﮧ خوار يعني هڪ بيجان ڌڙ هو، جنهن مان آواز نڪرندو هو. جيڪڏهن ان کي هڪ ملائڪ جي ڪرشمي زندهه ڪيو هجي ها ته: پوءِ ان کي قرآن عجلاً حسداً ڇو ٿو سڏي؟

چوٿون ته:

قرآن صاف صاف چئي ٿو ته: انهيءَ مورتيءَ ۾ ڪا ڳالهه ڪا نه هئي، صرف هڪ فريب هو، ڇاڪاڻ ته: هو بني اسرائيل جي استعجاب (تعصب، حيراني) ۽ تاثر (اثر) کي، سندن حد درجي جي بيوقوفي قرار ڏئي ٿو ۽ چئي ٿو ته: ”افلايرون الا يرجع اليهم قولا“ يعني انهن عقل جي انڌن ايتري ڳالهه، نه ڏٺي جو، جيڪڏهن هي ڪو زندهه وجود آهي ته: انهن جي ڳالهه جو جواب ڇو نه ٿو ڏي. خالي ڀان ڀان ڇوڪندو رهي ٿو؟ جيڪڏهن مفسرن جي هن ڪهاڻي کي تسليم ڪجي ٿو ته: پوءِ قرآن جو هي بيان بلڪل غلط آهي- ڇاڪاڻ ته ”جبرائيل جي زندگي جو هڪ روح ڊوڙي رهيو هو.

پنجون ته:

هيءَ ڪهاڻي خود پنهنجيءَ بناوت ۾ ئي ناقابل تسليم آهي  جيڪڏهن حقيقت ۾ ڪو اهڙو ملائڪي مظاهرو هو ۽ ”بصرت عالم يبصروا به“ جون پڻ هي معنائون آهن ته: پوءِ چوڻو پوندو ته: سامريءَ جي روحاني بصيرت تمام بني اسرائيل کان حتاڪه هارون کان به، جي پڻ پيغمبر هئا، وڌيل هئي، ڇاڪاڻ ته: هي الاهي ڪرشمو ڪو به ڏسي نه سگهيو هو، جو صرف نگاهه حقيقت شناس ڪم ڪري ويئي هئي، پر پوءِ، چوڻو پوندو ته: بذات خود: حضرت موسيٰ کان به، وڌيل هئي. ڇاڪاڻ ته: هو به، هن ڳالهه کي ڏسي نه سگهيو- ڇا هن ڳالهه کي مڃي سگهجي ٿو؟ حمزي ڪاسائي ۽ اعمش جي قراة ۾ بمالم يبصروا به (بالمشاة) آهي. جيڪڏهن هيءَ قرآة اختيار ڪئي وڃي ته: انهيءَ جو صاف مطلب هي ٿيندو ته: مان اها ڳالهه ڏٺي، جا توهان نه ڏسي سگهيا، يعني بذات خود، حضرت موسيٰ به نه ڏسي سگهيا- ته پوءِ، ڇا ”بصرت“ کي هن ڪهاڻيءَ تي وٺي وڃڻ صحيح ٿي سگهي ٿو؟

ڇهون ته:

خود اهي مفسر عجلاً جسداً لـﮧ خوار“ جي تفسير ۾ هي قول به، نقل ڪن ٿا ته: خواره کان بالريح لا نه کانعمل فيه خروقا، فاذا دخلت الريح في جوفه خار، ولم يکن فيه حياة- يعني انهيءَ ۾ زندگي نه هئي. محض ان ۾ هوا جي اندر وڃڻ سان گابي جهڙو آواز نڪرندو هو- پوءِ جڏهن هي تفسير به، موجود آهي ته: پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو خواه مَ خواهه حضرت جبرائيل عه کي گهليو وڃي ۽ ملائڪن کي گهوڙن بنجڻ جي زحمت ڏني وڃي.

ستون ته:

جن روايتن جي بنا تي، هيءَڪهاڻي هلي آهي، جيڪڏهن سندن متن کان قطع نظر ڪئي وڃي ته: انهن جي اعتبار سان به، لائق اعتناد ناهي، سڀ کان وڌيڪ زور ابن المنذر ابن ابي حاتم ۽ حاڪم جي روايت تي ڏنو ويندو آهي. جنهن ۾ حضرت عليءَ جو قول نقل ڪيو ويو آهي. ليڪن اهو به، مجروح آهي ۽ حاڪم جي تصحيح جي جا قدر ۽ قيمت آهي- اسان اهو امام ذهبيءَ جي زباني ٻڌي چڪا آهيون[1]

 محترم ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ صاحب، صامي (عرب) تهذيب جي ارتقا ۾ سنڌ جو حصو ۾ لکن ٿا ته:

قديم سميري ۽ سامي تهذيب کي سمجهڻ لاءِ، وچ مشرق جي ملڪن جي جاگرافيءَ بابت واقفيت هجڻ ضروري آهي. ان ڪري هيٺيان نالا ڌيان ۾ رکڻ گهرجن.

عراق جو ملڪ ان وقت ٻن حصن ۾ ورهايل هو، اترئين حصي کي ”آشور“ سڏيو ويندو هو، ۽ ڏاکڻئين کي ”بابل“ بابل جو خطو پڻ ٻن حصن ۾ ورهايل هو، اترئين کي ”اڪاد“ ۽ڏکڻ واري کي ”ستُومر“ يا ”ستُمير“ سڏيو ويندو هو. ايران جي ڏکڻ، اولهه واري حصي کي ”عيلام“ (ايلام) ۽ وچواري ملڪ (يعني فارس) کي ”انشان“ يا ”اتران“ سڏبو هو. شام جو ملڪ پڻ چئن حصن ۾ ورهايل هو. ڪناري واروملڪ ”ڪنعان“ وچ وارو حصو ”آرام“ اوڀر وارو خطو ”عمورو“ ۽ ڏکڻ وارو پاسو ”فلسطين“ سڏيو ويندو هو،جنهن کي هاڻي ”اسرائيل“ جو نالو ڏنو ويو آهي. انا طوليه ”ايشيا مائينر، کي ”کٽي“ جونالو ڏنل هو. ڇاڪاڻ ته: اتي ”کٽي“ نالي هڪ مهذب ۽ تمدن يافته قوم جي حڪومت هئي آرمينيا کي ”مٽان“ يا ”مٽاني“ سڏيو ويندو هو ۽ عربستان کي ”عربي“ نالو ڏَنل هو.

           مشهور محقق ارنالڊ ٽوائنبيءَ جي راءِ آهي ته: دنيا جون فقط ٻه تهذيبون پراڻيون ۽ اصلي آهن، ٻيون جي پوءِ وجود ۾ آيون سي يا ته انهن ٻنهي مان ڪنهن هڪ جونقل آهن يا ٻنهي جي گڏيل نچوڙ مان انهن جي افزائش ٿي آهي. اهي ٻه تهذيبون هي آهن: بابل جي ”سميري“ تهذيب، ۽ 2 مصر جي ”قبطي“ تهذيب.[2]

سامي تهذيب، جنهن جو مرڪز پڻ بابل واري علائقي ۾ هو، تنهن تي سميري تهذيب جو نهايت گهڻو اثر پيل آهي. ڏٺو ويندو ته: سميري تهذيب جو سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح واديءَ سنڌ سان گهرو تعلق رهيو آهي، ۽ جي ائين چئجي ته: سميري تهذيب اصل ۾ سنڌ جي تهذيب هئي ته غلط نه ٿيندو.

”سامي“ (يا ساميٽڪ) لفظ ”سام“ مان نڪتا آهن، جو عبراني ٻوليءَ ”شام“ يا ”شيم“ جو نعم البدل آهي، تورات جو ”شيم“ ۽ عربيءَ جو ”سام“ هڪ اهڙيءَ شخصيت ڏانهن اشارو آهي، جو سامي نسل يا قوم جو ابو سمجهيو وڃي ٿو ۽ جيڪي به قومون پاڻ کي سامي چوائين ٿيون، اهي سڀ هن هڪڙي ماڻهوءَ جي اولاد تصور ڪيون ويون آهن. [3]

هن وقت ۾ عرب ۽ يهودي سامي نسل جون قومون آهن، جن جو مشرق وسطيٰ، مصر، اتر آفريڪا ۽ عربستان ۾ زور آهي، ۽ انهن جي آدمشماري اٽڪل ساڍا ڇهه ڪروڙ ٿيندي. سامي ٻولين ۾ ”سام“ جي معنيٰ آهي اعليٰ، اوچو، اتم، لاثاني، ساڳي معنيٰ لفظ ”عرب“ جي آهي. آريائي ٻولين ۾ اها ساڳي معنيٰ ”آريه“ لفظ جي ٻڌائي ويئي آهي، جو ڏيکاي ٿو ته: فاتح قومن پنهنجي برتري کي ظاهري ڪرڻ لاءِ، پنهنجا نالا اهڙا رکيا، جن مان مفتوح قومن جي ماڻهن کي ذليل ۽ گهٽ درجي جو شمار ڪيو وڃي.

”علم انساب“ جي ماهرن جو رايو آهي ته: قديم دور ۾ هن زمين تي هڪ نهايت خوفناڪ ٻوڏ ٿي هئي، جنهن ۾ انسان، جانور، پکي، پکڻ، جيت، مطلب ته: سڀ شيءِ تباهه ٿي ويئي، فقط هڪ ماڻهو نالي ”نوح“ ۽ سندس ئي پٽ ۽ ڪي پوئلڳ بچي ويا، جن لاءِ نوح اڳيئي هڪ وڏو ٻيڙو تيار ڪري ڇڏيو هو ۽ انهيءَ ۾ هن هر ڪنهن جاندار شيءِ جو جوڙو به پاڻ سان کنيو هو.[4]

اها ڏند ڪٿا نه فقط تورات ۾ مذڪور آهي، پر دنيا جي هر ڪنهن مذهبي ڪتاب ۾ اها وارتا بيان ڪيل آهي، جيئن ته: هن وقت دنيا ۾ انسانذات جا فقط ٽي نسل آباد آهن، ان ڪري ڪن عالمن جي راءِ آهي ته: اهي ٽي نسل نوح جي ٽن پٽن، يعني ”سام“ ”حام“ ۽ ”يافث“ جي اولاد مان آهن. سفيد (اڇي چمڙيءَ وارو) نسل سام جو، ڪارونسل حام جو، ۽ پيلو(هيڊو) نسل يافث جي اولاد مان آهي. نوح جي زال ۽ سندس چوٿون پٽ، نالي ”ڪنعان“ انهيءَٻوڏ ۾ ٻڏي مئا، ۽ سندن نالو نشان ئي نه رهيو.[5]

تورات ۾ مذڪور آهي ته: ”سام“ کي پنج پٽ هئا، جن جا نالا هي هئا: عيلام، اشور، لوذ، آرام ۽ ارفخسد، ارفخسد لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته: اهو ٻنهي عرب ۽ يهودي قومن جو ابو هو. ڏٺو ويندو ته: اهي ساڳيا نالا ملڪن ۽ ايراضين سان پڻ وابسته آهن: جهڙوڪ ”عيلام“ ڏکڻ، اولهه ايران جو نالو هو، جنهن کي هينئر خوزستان سڏيو وڃي ٿو. ”آرام“ شام ملڪ جي اندرئين حصي جو نالو هو، ”اشور“ اتر عراق کي سڏيو ويندو هو، ۽ ”ڪنعان“ شام ملڪ جي ڪناري واريءَ ايراضيءَ جو نالو هو. انهن ملڪن، يعني عراق، شام، فلسطين وغيره، جي ماڻهن جي ٻولي به نهايت قديم زماني کان وٺي ساڳي رهي آهي، ۽ انهن ٻولين ۽ عربيءَ ٻوليءَ جوپاڻ ۾ نهايت گهرو سنٻنڌ (سٻنڌ) رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو علم انساب جي ماهرن انهن ملڪن جي ماڻهن کي هڪڙي ئي نسل ۽قوم مان تصور ڪيو آهي، جو بلڪل غلط آهي، ڇاڪاڻ ته: عراق توڙي شام يا عربستان ۾ مخلوط نسل جون قومون آباد آهن، جن جو ”نوح“ جو پٽ سام يا ”عرب“ اصليت سان ڪو به تعلق نه آهي.

علم لسان جي ماهرن وري دنيا جي قومن جي ورهاست ٻولين جي جوڙجڪ ۽ هڪجهڙائيءَ مطابق ڪئي آهي، ۽ انهن کي جدا جدا نالا ڏنا آهن: جهڙوڪ آريائي، هند، يورپي، سامي، حامي، منگولي وغيره سامي گروهه ۾ انهن هي ٻوليون شامل ڪيون آهن: اڪادي،بابلي، اشوري، ڪلداني، ڪنعاني (فنيقي) آرامي، عربي، عبراني، ۽ پڻ حبشي ٻوليون، سندن خيال آهي ته: جيڪي قومون اهي ٻوليون ڳالهائينديون هيون يا ڳالهائين ٿيون، سي هڪ ئي نسل سان وابسته آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به، شام، عراق، فلسطين، عربستان، مصر، اتر آفريڪا ۽ پڻ سوڊان جا ماڻهو پاڻ کي عرب سڏائين ٿا، ۽ انهيءَ ۾ فخر محسوس ٿا ڪن، حالانڪه جي چڱي جاچ پڙتال ڪبي ته: انهن ملڪن ۾ ڪيترن ئي نسلن ۽قومن جا ماڻهو آباد آهن، جن جو قديم دور ۾ ڪنهن به ساميءَ ٻوليءَ سان واسطو ڪو نه هو. پر هاڻي انهن جي ٻولي عربي آهي، جنهن ۾ فرق رڳو ايترو آهي، جيترو سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن (Dialects) ۾ ڏٺو ويو آهي. هاڻي سوال ٿو اٿي ته: سامي تهذيب ڪيئن ۽ ڪڏهن وجود ۾ آئي؟ انهيءَ لاءِ، گهڻي مدد اسان کي خود بابل جي ڪتبن مان ملي ٿي، جي نهايت قديم دور کان وٺي زمين اندر پوريل هئا، ۽ هاڻي يورپي عالمن ۽ محققن جي کوٽاين سبب نڪري نروار ٿيا آهن ۽ اڃا پيا نڪرن.

سامي نسل جي اصل وطن بابت  به عالمن جي راءِ ۾ اختلاف آهي. ڪن جو خيال آهي ته: اهي اناطوليه مان آيا هئا، ڪن فرات جي وادي سندن اصل گهر ٻڌايو آهي، ڪي انهيءَ راءِ جا آهن ته: اهي وچ ايشيا مان آيا، ۽ ڪن سندن اصليت ائبيسينيا (حبش) سان وابسته ڪئي آهي، پر محققن جو وڏو تعداد انهيءَ خيال جو آهي ته: سامي نسل جو اصل گهر عربستان هو، جتان انهن لڏ پلاڻ ڪري عراق، شام، مصر ۽ اتر آفريڪا جا ملڪ وسايا، ۽ سامي (عرب) ٻوليءَ ۽ تهذيب کي پکيڙيو.[6]

اها راءِ هونئن به موزون پيئي لڳي. ڇاڪاڻ ته: عربستان جو ملڪ هڪ وڏو اپٻيٽ آهي، جنهن کي ٽن طرفن، يعني اولهه، اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ سمنڊ آهي ۽ اتر ۾ هڪ ويڪرو بيابان آهي، جنهن ۾ ميلن جا ميل پاڻي نه ٿو ملي، ان ڪري ئي عربستان کي قديم دور کان وٺي ”جزيرة العرب“ يعني عربستان جو ٻيٽ ڪري سڏيو وڃي ٿو. عرب ۾ لڙائي جهڳڙي هوندي به گهڻين زالن رکڻ جو رواج هو، ان ڪري انهن ۾ گهڻي ويجهه هوندي هئي ۽ ماڻهن جو تعداد وڌندو رهندو هو، پر عربستان ۾ فقط محدود ماڻهن لاءِ گذر سفر ممڪن آهي. ان ڪري جڏهن به، آدمشماري حد کان وڌي ويندي هئي، تڏهن قبلين جا قبيلا پنهنجي مڏيءَ سميت هجرت ڪري، عراق ۽ شام ۽ ٻين آباد علائقن ۾ وڃي آباد ٿيندا  هئا.

عالمن جي راءِ آهي ته: قديم دور ۾ عربستان مان هر ڪنهن هزار سال کانپوءِ، هڪ وڏي لڏپلاڻ ٿيندي هئي. جنهن ۾ سامي نسل جا ماڻهو ”هلال اخضر“ جي ڪنهن حصي تي قبضو ڪري ويهي رهندا هئا. شروع ۾سندن طريقو رولو ۽ خانه بدوش زندگيءَ سان وابسته هو، ۽ پوءِ اهي شهري زندگيءَ کان واقف ٿي، نهايت تهذيب يافته ٿي، نهايت تهذيب يافته قومون بنجي ويا. سڀ کان پهرين جنهن قوم عربستان مان هجرت ڪئي، اهي ”اغادي“ يا ”اڪادي“ سڏيا وڃن ٿا، جن جي لڏ پلاڻ 3500 ق.م ڌاري ٿي.[7] پر انهن عراق ۾ پهرين سامي حڪومت جو بنياد 2850 ق.م ڌاري وڌو. سندن اڳواڻ سارگان ”اڪي“ نالي هڪ پخاليءَ جوپٽ هو، جنهن سامين کي سميري حڪومت جي خلاف بغاوت ڪرڻ لاءِ، اڀاريو ۽ آخر ۾ ڪامياب ٿيو. سامين جي تاريخ ۾ سارگان (شروگي). سندن پهريون هيرو آهي، جنهن کين ڌارين (سميرين) جي غلاميءَ کان نجات ڏياري، ۽ کين فرات جي واديءَ ۾ حڪومت جو مالڪ بنايو. عراق جو پهريون شهر جو سامين جي هٿان ٺهيو، اهو هو ”اڪاد“ جو سارگان پنهنجي پيءُ اڪيءَ جي نالي پٺيان اڏايو. اهو ئي سبب آهي جو عربستان مان هجرت ڪري آيل پهرينءَ سامي (يا عرب) قوم کي تاريخ ۾ ”اڪادي“ نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. سامي ٻولين جي ميڙ ۾ اڪادي ٻولي سڀ کان پراڻي ۽ قديم آهي، ۽ ان ۾ لکيل ڪئين ڪتبا عراق، شام ۽ ايران جي مختلف کنڊرن مان لڌا ويا آهن. فقط مراة النومان جي ڀرسان هڪڙي دڙي مان 22 هزار اڪادي ڦرهيون (ڪتبا) لڌيون ويون آهن، جي سڀ خط ميخي ۾ لکيل آهن. هڪ هزار سالن کان پوءِ، 2500 ق.م. ڌاري، عربستان مان سامين جي ٻي هجرت ٿي، جنهن ۾ ٻه قومون، نالي ”عمورو“ ۽ ”بنوڪنعان“ وجود ۾ آيون. عموروعراق ۾ شام جي اندرئين حصي تي قبضو ڪيو، ۽ بنو ڪنعان وري سام جي سامونڊي ڪناري تي بيٺڪون وڌيون. عمورو شام ۾ ”ماري“ جو شهر عراق ۾ ”بابل“ (باب + ابل) جو شهر ٻڌايو. اهو ئي سبب آهي جو عمورو کي ”بئبيلانين“ يا بابلي ڪري سڏيو وڃي ٿو. بابلين جو مشهور بادشاهه ”حموراني“ ڪنهن به لکيل پڙهيل ماڻهوءَ کان ڳجهو ڪو نه آهي ۽ هن کي سامي تاريخ جو پهريون منتظم ۽ قانوندان سڏيو وڃي ٿو. 1500 ق.م ڌاري ي (ٽين) هجرت ٿي، جنهن ۾ ٽي سامي قومون آشوري، آرامي ۽ يهودي وجود ۾ آيون. آشورين اتر عراق آرامين شام ملڪ جو اندريون حصو، ۽ يهودين شام جو ڏاکڻيون حصو (يعني فلسطين) والاريو، ۽اتي طاقتور حڪومتون قائم ڪيون. ڪن عالمن جي راءِ آهي ته: آشوري 1قوم عمورو کان به آڳاٽو هجرت ڪري آئي هئي. چوٿين هجرت 500 ق.م ڌاري ٿي، جنهن ۾ يمن جي ڪيترن ئي قبيلن، هجرت ڪري، ڏکڻ، اولهه عراق ۽ڏکڻ، اوڀر شام وارين ايراضين ۾ اچي پاڻ کي آباد ڪيو. انهن کي ”نبا بوط“ (بنو نابط)، ”بنو غسان“ بنولخم“، بنو ڪنده، وغيره جي نالن سان ياد ڪيو وڇي ٿو. نبابوط اهڙا ته ڪاريگر هئا، جو انهن جبل ٽڪي سڄو سارو شهر ٺاهي وڌو، جو اڄ به موجود آهي، ۽”پطرا، جي نالي سان مشهور آهي. سڀ کان آخري هجرت ڇهين صدي عيسويءَ ۾ ٿي، جنهن ۾ سامي نسل ۽ تهذيب جو اثر نه فقط وچ مشرق جي ملڪن تائين محدود رکيو ويو، پر ان کي ايران، خراسان، سنڌ، مصر، باختر (وچ ايشيا) اتر آفريڪا ۽ پڻ اسپين ۽ يورپ جي ڪن حصن تائين ڦهلايو ويو. اها عظيم هجرت اسلام جي جهنڊي هيٺ ٿي، ۽ ان جو اثر اڄ به دنيا جي وڏي حصي تي ڏٺو وڃي ٿو.

سامي تهذيب جي شروعات 2850 ق.م ڌاري ٿي، جڏهن ارگان اول (شر جون اول) عراق ۾ سميري حڪومت جي پڄاڻي آئي، پهريون دفعو سامي حڪومت قائم ڪئي، سميري شهنشان ”لوغل زغيزي“ شڪست کاڌي، ۽کيس ٻڌي انليل ديوتا جي اڳيان آندو ويو، جتي سندس جيئري کل لاٿي ويئي، ۽ سندس بدن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، سندس گوشت ڪتن ۽ڳجهن کي کارايو ويو. سامي اصل ۾ رولو قبيلن جو ميڙ هو، جي تهذيب کان اڻ واقف ۽ وحشي هئا ۽ انهن ۾ مهذب زندگي گذارڻ جي ڪا به صلاحيت ڪا نه هئي. ان ڪري، انهن سميري تهذيبن کي اختيار ڪرڻ شروع ڪيو. ڏسڻ ۾ ايندو ته سامي تهذيب، يعني عربي تهذيب، سڄي ساري سميري تهذيب جو نچوڙ هئي، ۽ سڀ ڪجهه سميري تان ئي نقل ڪيو ويو.

اڪادين جي عراق ۾ اچڻ کان اڳ، سميري تهذيب نه فقط عراق ۾ پر سڄي مشرق وسطيٰ (وچ اوڀر) ۾ پنهنجو اثر قائم ڪري چڪي هئي. چيو وڃي ٿو ته: انهيءَ تهذيب کي عراق ۾ هڪ اهڙيءَ قوم آندو، جنهن کي بابل جي ڪتبن ۾ ”اوئنس“ (Oannes) جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾ اوئنس هڪ اهڙيءَ راڪاس قوم ”ڏانهن اشارو آهي، جن جي اڌ ڌڙ مڇي ته اڌ ڌڙ ماڻهو جو هو.[8]

انهيءَ مان عالمن اهو مطلب ڪڍيو آهي ته: اهي راڪاس ماڻهو پاڻيءَ ۽ خشڪيءَ جي رستي عراق ۾ وارد ٿيا، ۽ انهن اتي اچي اڻ ڄاڻ ۽ وحشي انسان کي تهذيب ۽ تمدن جي راز کان واقف ڪيو. يورپي محققن جي هڪ وڏي جماعت انهيءَ راءِ جي آهي ته: اهي راڪاس يا ته دکن مان ويا آهن، يا سنڌ مان، ڪن عالمن انهن کي اوڀر ايران ۽ بلوچستان جو رهاڪو ٻڌايو آهي، جتان اهي لڏ پلاڻ ڪري پهريون عيلام (خوزستان) ۾ پهتا، ۽پوءِ فرات جي واديءَ ۾ هنن پنهنجو ديرو دمايو. انهيءَ قوم کي هاڻي ”سميري“ سڏيو وڃي ٿو، جو پڻ ”سمير“ مان نڪتل آهي.

اهو نالو انهيءَ راڪاس قوم ايراني نار سان لاڳو ڏکڻ عراق جي انهيءَ ايراضيءَ تي رکيو، جنهن جي وچ مان ”شط العرب“ وهي وڃي سمنڊ ۾ ٿي پوي، سمير سندن مکيه مرڪز هو، ۽ انهيءَ سبب جي ڪري کين سميري نالو ڏنو ويو آهي. مشهور محقق ايڇ. آر هال انهيءَ راءِ جو آهي ته: سميرين جو اصل وطن واديءَ سنڌ ۾ هو.[9]

جنهن جي ثابتي بابل جي ڪتبن ۾ موجود آهي، انهن ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته: اها مهذب قوم اوڀر ملڪ کان پاڻيءَ ۽ خشڪيءَ جي رستي کان آئي، ۽عراق ۾ تهذيب ۽ تمدن جو ٻج ڇٽيو. اڄ به بلوچستان مڪران، ڪرمان ۽ فارس جي سامونڊي ڪناري سان لاڳو ڪئين کنڊر پسيا ويا آهن، جنهن لاءِ عالمن جي راءِ آهي ته: اهي سميري تهذيب ۽ مهن جي دڙي سان وابسته آهن. هال صاحب جو اهوبه خيال آهي ته: سميري يا ته دراوڙي ها، نسل جي اعتبا کان هڪ ٻئي جا ويجها عزيز يا مائٽ هئا. سندس چوڻ آهي ته: اڄ به ڪئين اهڙا قبيلا سنڌ، بلوچستان، ڪرمان ۽ فارس ۾ موجود آهن، جي نسل ۽ ٻوليءَ جي اعتبار کان نڪي سامي آهن، نه آريا، پر سميرين سان سندن گهاٽو تعلق ڏسڻ ۾ ٿو اچي. انهيءَ ڏس ۾ هن بروهين جو مثال ڏنو آهي، جي زبان ۽ قوميت جي لحاظ کان اولهه پاڪستان جي ٻين قومن کان بلڪل مختلف آهن. هاڻوڪين کوٽاين مان جيڪي مهرون عترو، ڪيسن، لگاش وغيره جي ويرانن مان مليون آهن، سي هوبهو انهن جهڙيون آهن، جي مهن جي دڙي مان دستياب ٿيون آهن. ساڳئي وقت، سنڌ جي تور جي مشهور وٽ ”مڻ“ سميرين وٽ پڻ موجود هو، جنهن کي هو ”من“ سڏيندا هئا.[10] ۽ اهو عربي ٻوليءَ ۾ ساڳئي نالي سان وسطي  دور ۾ رائجو هو. ڳڻپ جو دارو مدا به ويهن تي منحصر هو، جنهن کي ”ويسا“ سڏيو ويندو هو، ۽ سنڌ ۾ ”ويهه“ ۽ فارسي ۾ ”بيست“ ان جي بگڙيل شڪل ڏسڻ ۾ ٿي اچي. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ماڻهو پنهنجو حساب ويهن تي شمار ڪندا آهن. مثال مشهور آهي ته: ”جهڙي سٺ، تهڙيون ٽي ويهون“ سٺ کي سميري ”ساس“ ڪري چوندا آهن.[11]

ٻيا سنڌي لفظ جي سميري ٻوليءَ ۾ رائج هئا، تن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿا. ليلا  (سڊول جسم واري) اما (طاقتور) دان (بخشش) کماچ (تنبوري جهڙو اوزار) ڀان (سميري بادشاهه جي زال) الور (بادشاهه جو نالو) ان  (آسمان يا اناج)، سين (شينهن)، دونگي (ٻيڙي)، نر- ڏتو (ڏنل)، پتور (ڍڳ)، مڻ، پطر 0پٿر)، شتب (سڀاڳو)، ايشر (ايشور)، آڪڙ (سيٽ) ، بيل (ڍڳو)، پتاسي (پتاجي)، دادو، دودو (بادشاهه) ڪنگو، (راڪاس) رام، (اوچ يا مٿاهون) پال (پالڻ)، ڪرٽ (ڪاٽڻ)، وغيره [12]

سميرين جو نه فقط سامين تي، پر سڄيءَ انسانذات تي وڏو تمدني احسان آهي، ڇاڪاڻ ته: اهي سڀ کان پهريان ماڻهو آهن، جن اولهه ايشيا ۾ پهريون دفعو هر ۽  ڦيٿو رائج ڪيو.[13] جي تهذيب ۽ تمدن جو بنياد سمجهيا وڃن ٿا. هو ڏيکاري ٿو ته: وچ مشرق جو قومون سميرين جي اچڻ کان اڳ وحشي زندگي گذارينديون هيون ۽ اهي پوک جي طريقي يا شهري زندگيءَ کان بلڪل غير واقف هيون. هر جي ايجاد سبب پوکون ۽ باغات وجود ۾ آيا، ۽ متمدن زندگيءَ جي شروعات ٿي. ڦيٿي جي ڪري، بيل گاڏيون ٺهيون، جن جي وسيلي اناج يا ٻيو مال هڪ هنڌان ٻئي هنڌ نهايت آسانيءَ سان پهچايو ٿي ويو. چيڪلن مان رٿ پڻ ٺاهيا ويا، جن ۾ پهرين گڏهه ۽ پوءِ گهوڙا ٻڌا ويندا هئا، ۽ اهي رٿ جنگ جي ميدان ۾ وڏي اهميت رکندا هئا، رٿ جي ڪري حڪومتون ٺهيون، ۽ سلطنتن جو بنياد پيو. ڪتبن ۾ اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته: اهي سميري ئي هئا، جن انسانذات کي اٽي پيهڻ ۾ پڪل کاڌي کائڻ تي هيرايو- پر سڀ کان وڏي اهميت انهيءَ صورتخطيءَ کي ڏني وڃي ٿي، جا سميري قوم عراق ۽ پوءِ سڄي وچ مشرق ۾ رائج ڪئي. انهيءَ کي ”ڪيونيفارم اسڪرپٽ“ (Cuniform Script) خط ميخي (يعني ڪنڊن واري صورتخطي) ڪري سڏيو وڃي ٿو. اها صورتخطي سميري قوم ”پڪچر گراف (Picture graph) (مورتن واري صورتخطي) کي سڌاري ٺاهي هئي. جيئن ته مهن جي دڙي جي صورتخطي مورتي (مورتن واري) آهي، ان ڪري عالمن اهو انومان ڪڍيو آهي ته: خط ميخيءَ ڪنڊن واري صورت خطي) جي ارتقا ته اوڀر ايران ۾ ٿي، يا خوزستان ۾ ٿي، ڇاڪاڻ ته: خوزستان ڪيترين ئي صدين تائين، سميري تهذيب جو مرڪز ٿي رهيو هو. ڪيونيفارم رسم الخط ۾ 360 نشان هئا، ۽ اهو خط ساڄي کان لکيو ويندو هو.[14]

سميري مذهب پڻ پوک سان تعلق رکندڙ ڪريا ڪرمن تي ٻڌل هو، جنهن ۾ ايل“ (عيل“ جنهن کي ”بيل“ به ڪري سڏيو ويندو هو- مکيه ديوتا تصور ڪيو ٿي ويو ”ڍڳو“ انهيءَ ديوتا جي سڃاڻپ جي اهڃاڻ هو- ڍڳي کي اڄ به سنڌ ۾ ”بيل“ سڏيو وڃي ٿو، ۽ انهيءَ قوم جو آريه يا ٻيءَ ڪنهن وچ ايشيا جي نسل يا قوم سان ڪو به تعلق ڪو نه آهي، هي ديوتا اصل ۾ سنڌو ماٿر سان وابسته آهي، ۽ آريه قوم پڻ اهو ديوتا برصغير هند، پاڪ ۾ هجرت ڪرڻ وقت هٿ ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ اچڻ کان اڳ آرياٽن ديوتائن کي پوڄيندا هئا، جي هي آهن: ستوريه، ورونا ۽ اندرا، ڍڳو، جنهن کي پوءِ هنن ”مترا“ جو نالو ڏنو هو، سو گهڻيءَ دير کانپوءِ، ديوتائن جي قطار ۾ ڳنڍيو ويو.

ڏٺو ويندو ته عربن جي سنڌ ۾ حڪومت وقت ايل (بيل) سان وابسته ڪئين شهر اولهه پاڪستان ۾ موجود هئا، جنهن بابت، عربن مفصل احوال قلمبند ڪيو آهي. اهي شهر هي هئا، ديبل (ديب+ ايل) ارمائيل (ارمن + بيل)، قنڌابيل (گندا + بيل) وغيره ساڳئي وقت هڪ اهڙيءَ قوم جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جا بلوچستان واري علائقي ۾ آباد هئي، ۽ ان جو مرڪز ٻڌ واري علائقي سان وابسته هو، جنهن کي هينئر قلات، ڪڇيءَ ۽ ڀاڳناڙي، واري علائقي سان مشابهت ڏيئي سگهجي ٿي، جيئن ته: سامي قومن ”ايل“ کي هڪ وڏو ديوتا تصور ٿي ڪيو، ان ڪري انهن پڻ فرات جي واديءَ ۾ سندس نالي پٺيان ڪئين شهر ٻڌا، جن مان ڪي شهر هي هئا، بابل (باب + ايل)، (بيت +ايل)... وغيره. ماڻهن ۽ فرشتن جا نالا پڻ ايل سان وابسته آهن. جهڙوڪ عمورافيل، اسرائيل، اسماعيل،عذرائيل، ميڪائيل،اسرافيل، عذرائيل، شموعيل وغيره.[15]


[1]  (ترجمان القرآن جلد ٻيو، از: حضرت مولانا ابو الڪلام آزاد رح، شيخ غلام علي اينڊ سنز (پرائيويٽ) لميٽيڊ، پبلشرز لاهور، حيدرآباد، ڪراچي، صفح 499، 500، 501).

[2]  (نئين زندگي، فيبروري 1969ع صفحه 9، بحواله ٽوائنبي ”اسٽڊي آف هسٽري“ (ابرجمينٽ) ص 27 ۽ 30).

[3] (”نئين زندگي، فيبروري 1969ع، صفحه 9-10، بحواله ”تورات“ جنيسيس Genesis سٽ 22، ”مروج الذهب“ المسعودي، جلد 1، ص 41، 42، ”تاريخ يعقوبي“ جلد1، ص 20، 21، 22) حاشيه).

[4]  (نئين زندگي، فيبروري 1969ع صفحه 10، بحواله تورات، جنيسيس 6، سٽ 19، نوح (يامنوح) اهو ساڳيو ماڻهو آهي، جنهن کي هندستان ۾ ”مَنُو“ مصر ۾ ”مينس“، ايران ۾ ”ماني“ ۽ ڪريٽ ۾ ”مائناس“ ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو).

[5]  (نئين زندگي فيبروري 1969ع صفحه 10، بحواله قرآن، سورة 66 (التحريم) آيت 10، تورات ۾ ٻڌايل آهي ته: نوح جي زال ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل هئي ۽ ان ڪري بچي ويئي).

[6]  (نئين زندگي، فيبروري، 1969ع صفحه 11، بحواله فلب هٽي: ”هسٽري آف سرِيا“ ص 61).

[7]  (نئين زندگي، فيبروري 1969ع صفحه 12، بحواله فلپ هٽي: ”هسٽري آف عربس“ ص10).

[8] (نئين زندگي، فيبروري 1969ع صفحه 13، بحواله، ايڇ، آر هال، ”اينشنٽ هسٽري آف نيئر ايسٽ“ ص 174، سائيڪس ”هسٽري آف پرشيا“  جلد1، ص 62).

[9]  (نئين زندگي فيبروري 1969ع ص 13، بحواله ايڇ. آر. هال ”اينشنٽ هسٽري آف نيئر ايسٽ“ ص 173)..

[10]  (نئين زندگي، فيبروري 1969ع ص 14، بحواله برسٽيڊ (Breasted) ”اينشنٽ ٽائيمس“ ص112).

[11]  (نئين زندگي، فيبروري 1969ع ص14، بحواله رالنسن (Rawlisnson) ”اينشنٽ مانرڪيز“ (Ancient Monorchies) جلد1، ص 129، ماسپيرو (Maspero) ”ڊان آف سولائيزيشن“ ص 64).

[12] (نئين زندگي، فيبروري 1969ع، ص 14، بحواله هي لفظ مختار ڪتابن ۽ ڪتبن تان ورتل آهن، جن جو مفصل احوال ذڪر ڪيل ڪتابن ۾ موجود آهي).

[13]  (نئين زندگي، فيبروري 1969ع، ص 14، بحواله بريسٽيڊ ”اينشنٽ ٽائيمس“ ص 108).

[14]  (نئين زندگي فيبروري 1969ع ص 15، بحواله وِل دو رانٽ (Will Durant) ”اسٽوري آف سولائيزيشن“ جلد 1، ص 131).

[15]  (نئين زندگي، فيبروري 1969ع قسط پهرئين صفحي 9 کان 15 تائين، پوري ٿي).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org