سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 13

صفحو ؛ 22

 

جنهن ڪري حجاج عبدالله بن نهابان اسلمي کي هڪ مختصر فوج ڏيئي ڪري روانو ڪيو ته: وڃي ڪري ديبل تي قبضو ڪري. عبدالله اڃا ديبل تائين نه پهتو هو ته: رستي ۾ ڏاهر جي پٽ (ڪثيب دهرسيه) بلوچستان ۾ پيش قدمي ڪندي، ان جو مقابلو ڪيو ۽ عبدالله ان لڙائي ۾ ماريو ويو ۽ فوج کي شڪست اچي ويئي.

ان ناڪاميءَ جو احوال ٻڌي ڪري، حجاج کي معلوم ٿيو ته: مقابلو معمولي ناهي ته: ان بديل مجاليءَ کي چار هزار فوج ڏيئي ڪري روانو ڪيو ۽ محمد هارون سومره مڪران جي حاڪم کي لکيو ته: حسب ضرورت بديل جي مدد ڪري. بديل پنهنجو لشڪر وٺي ڪري، اڃا ديبل نه پهتو هو ته: ڪثيب چند هڪ زبردست فوج وٺي ڪري هاٿين سان رستي ۾ حائل ٿيو.

ٻنهي طرفان کان دل کولي جنگ لڳي. آخر هاٿين جي حملي کان بديل جو گهوڙو اهڙو ٽٽو جو بديل گهوڙي تان ڪري پيو. مگر هو پيادل ئي وڙهندو رهيو. ايستائينڪ جو دشمن جي گهيري ۾ اچي ڪري شهيد ٿي ويو.

حجاج کي هن نقصان جو اطلاع مليو ته: ان کي جوش آيو ته: سنڌ جي راجا ڏاهر جو مقابلو ڪرڻ راند نه آهي.

جيئن ته: راجا ڏاهر مسلمانن سان مقابلي ڪرڻ جي واسطي، ڪافي تياري اڳ ۾ ڪري رکي هئي ۽ غدار عرب به، محمد علافيءَ سان گڏ ڏاهر جي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويا هئا. انهيءَ ڪري سندس حوصلا وڌي ويا هئا.

هاڻ حجاج خليفي وليد بن عبدالملڪ جي درٻار ۾ درخواست ڪئي ته: ملڪ سنڌ کي باقاعدي فوج جي ذريعي فتح ڪيو وڃي.

خليفي وڏيءَ مشڪل سان ان درخواست کي منظور ڪري ورتو. عبدالله ۽ بديل جي شهيد ٿي وڃڻ کانپوءِ مسلمانن ۾ جهاد جو جوش وڌي ويو ته: سنڌ جي شهر نهرون جي معزز شخصن جي پڻ سڀ ٻڌ مذهب جا مڃيندڙ هئا، پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته: راجا ڏاهر مسلمانن سان جنگ ڇيڙي ڪري، وڏي غلطي ڪئي آهي. اگرچه ابتدائي معرڪن ۾ راجا جي فوج کي فتح حاصل ٿي آهي. ليڪن هاڻي مسلمانن جيڪڏهن پنهنجن مقتولن جي بدلي وٺڻ جي واسطي، ارادو ڪيو. بلڪه ضرور بدلو وٺندا ۽ مڙندا نه. ته ائين نه ٿئي جو سڪن سان گڏ، ساوا به سڙي وڃن. انهيءَ ڪري، هي ئي بهتر آهي ته: اڳ ۾ ئي اسان مسلمانن کان امان طلب ڪريون- ورنه انديشو آهي ته: اسان به نه بچينداسين. چنانچه نيرون جي رهواسين خفيه طور تي، پنهنجو سفير عراق موڪليو ۽ سوکڙيون پاکڙيون به پيش ڪيون ۽ درخواست پيش ڪئي ته: اسان نيرون جا باشندا پنهنجي مٿان توهان جي ڍل تسليم ڪريون ٿا، بغير چون چران جي ادا ڪئي ويندي. توهان اسان کي امان نامون لکي ڏيو. حجاج فورن امان نامون لکي ڪري، پنهنجي مهر لڳائي ۽ نيرون جي سفيرن جي حوالي ڪيو ۽ ان سان اهل نيرون مطمئن ٿي ويا.[1]

تبصرو: اسان کي مٿي مهاشيه صاحب جي پيش ڪيل مواد مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو ته: حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنـﮧ جي دورِ خلافت سنه 24 هجريءَ ۾ عبدالرحمان بن سمره (سومره) خاندان جي هزارين جوانن پڻ جنگي جوهر ڏيکاريا آهن ۽ هميشه سوڀارا رهيا آهن ته: پوءِ ٽالپر صاحب جي هن لکئي کي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح مڃي ۽ قبول ڪري سگهجي ٿو ته: قبيلو بنو سمره خلفاء راشدين جي وقت ۾ نه هو جو بلڪل غلط آهي، ڪو به ان کي چئلينج نٿو ڪري سگهي.

انهيءَ ڪري، اسان ٽالپر صاحب جي ڪيل چئلينج جي اڃا به وڌيڪ فيصلي ڪرڻ جو پڻ اختيار معزز پڙهندڙن جي سپرد ڪريون ٿا.

بهرحال ٽالپر صاحب، هر نقطي نگاهه سان بلڪل غلط ثابت ٿي چڪو آهي ته: ڪي سومرا سمره بن حبيب جي نسل جي قوم آهن.

محمد بن قاسم سان گڏجي آيل مسلمان عرب قبيلا واپس موٽي پنهنجي عرب ساڻيهه نه ويا.

مهاشيه صاحب لکن ٿا ته:

محمد بن قاسم سان همراهه جيڪي مسلمان عرب قبيلا سنڌ ۾ آيا، سي آخر ۾ پنج ڇهه هزار جي تعداد ۾ رهجي ويا هئا.

ابن خلدون جو بيان آهي ته: ٻن اڍائي سالن جي لڳاتار معرڪن ۽ خونريز لڙاين ۾ هي ماڻهو ضرور شهيد ٿيندا رهيا هوندا.

محمد بن قاسم جيتري قدر مال ۽ دولت سنڌ مان حجاج جي معرفت خليفي جي درٻار ۾ دمشق رواني ڪئي. اها ان دولت جو اڌ به نه هئي. ٻئي معنيٰ ۾ سنڌ جي جهاد ۾ اسلامي خلافت کي دنياوي فائدو نه پهتو، پر نقصان ئي ٿيو، مگر وليد جي درٻار ۾ حجاج جي ڪوشش سان سنڌ جي رستي اسلام جو پيغام براعظم هند ۾ پهچي ويو. هي اهو ڪارنامو آهي جو رهنديءَ دنيا تائين، تاريخ اسلام ۾ نمايان رهندو.

جيڪڏهن هي چيو وڃي ته: محمد بن قاسم سان گڏجي آيل عرب قبيلن ۽ سپاهين وڏا خزانا جمع ڪري رکيا هئا. ته پوءِ به، هي ثابت ڪري نٿو سگهجي ته: اهي ماڻهو ان دولي کي عرب کڻي ويا. ڇاڪاڻ ته: انهن جو واپس وڃڻ، ڪنهن به تاريخ مان ثابت نٿو ٿئي. بلڪه اهي سڀ محمد بن قاسم جي موجودگيءَ ۾ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿي ويا هئا ۽ سنڌ جي اسلامي سلطنت جي نگرانيءَ سان گڏ ئي، هو پنهنجي ڪاروبار زمينداري، پوکي رائي، باغ باني ۽ واپار ۾ مصروف ٿي ويا. بعد ۾ جڏهن انهن جو وطن واپس وڃڻ جو ارادو خليفي کي معلوم ٿيو ته: ان دور جي خليفي سليمان بن عبدالملڪ جو حڪم متناعي اچي ويو ته: محمد بن قاسم جي ساٿين مان جيڪڏهين ڪو به شخص واپس ايندو ته ان کي جبرن واپس ڪيو ويندو يا گرفتار ڪيو ويندو ۽ هميشه هميشه جي واسطي ان کي جيل ۾ رکيو ويندو.

مولانا اڪبر شاهه خان نجيب آبادي مورخ اسلام لکن ٿا ته محمد بن قاسم سان گڏ، جيڪي عراق و شامي آيا هئا، انهن مان ڪجهه شهيد ٿي چڪا هئا، جيڪي باقي بچيا هئا، انهن محمد بن قاسم کان پوءِ پنهنجو وطن واپس وڃڻ گهريو ته: خليفي سليمان بن عبدالملڪ جوحڪم متناعي اچي ويو ته: توهان کي سنڌ مان واپس اچڻ جي اجازت ناهي.[2]

جڏهن هي حڪم ٿيو ته: هي سڀ عرب قبيلا جن ۾ بني ثقيف، بني سمره، بني تميم ۽ شامي قبيلا هئا، هتي ئي آباد ٿي ويا. سنڌين سان گڏ، پوکي رائي، ٻڪرين ۽ اٺن کي پالڻ ۽ ٻين ڪاروباري سلسلن ۾ مشغول ٿي ويا. هتي ئي شاديون وهانؤ ٿيا ۽ انهن جا خاندان سنڌ مڪران، بلوچستان، ملتان جي مختلف علائقن ۾ آباد ٿي ويا ۽ انهن مقامي ماڻهن ۾ رلي ملي ويا، جن جا نسل اڄ به سنڌ، ڪڇ ڪاٺياواڙ، گجرات، ملتان، بلوچستان، مڪران ۾ پکڙيا پيا آهن. انهن ئي قبيلن مان هڪ مشهور قبيلو سمره آهي. جنهن کي تاريخن ۾ ڪٿي سمره ۽ ڪٿي سامره ته ڪٿي سامري يا سومره وغيره لکيو ويوآهي ۽ بعض مؤرخن ته: ايستائينڪ لکيو آهي ته:

جيئن ته سومرن ۽ سمن جي احوال بابت ڪو به اهڙو نسخو ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو، جنهن ۾ سندن احوال مفصل لکيل هجي، تنهنڪري جيڪو اجمالي بيان لکيل مليو سو هتي لکيو ويوآهي. جيڪڏهن ڪنهن به پياري کي وڌيڪ واقفيت هجي ته ملائي ڇڏي[3].

سنڌ ۾ عرب قبيلن جي آبادي

بني سمره، بني ثقيف ۽ بني تميم جي قبلين کي به، ڪٿي ڪٿي جاگيرون ۽ زمين جا ٽڪرا ڏنا ويا هئا، بني سمره سنڌ جي هر حصي ۾ جتي هو آباد ٿيا هئا. عراق مان بهترين کجين جا تخم گهرائي ڪري، انهن کي سنڌ ۾ لڳايو. چناچه ملڪ سنڌ جي هر حصي ۾مڪران کان ملتان تائين، کجين جا تخلستان جهومڻ لڳا. مسلمانن هن ڳالهه جو حد کان وڌيڪ خيال رکيو ته: اسان جيءَ حڪومت کان ملڪ سنڌ جي ڪنهن طبقي ۽ ڪنهن قوم کي به ايذاءُ نه پهچي. هنن پوئتي پيل ماڻهن کي اڀاريو ته: سهي، پر بلند رُتبه ماڻهن کي پست ڪرڻ نه چاهيو. محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ، ڏٺو ته: هنرمند، ڪاريگر، سوداگر، هاري مطلب ته: رعيت مان جنگ جي دوران جنهن کي به نقصان پهتو هجي، انهن ماڻهن کي ان جو معاوضو ڏنو وڃي، ۽ هر هڪ کي ٻارنهن درهم چاندي ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجي ڪمن کي جاري رکي سگهن، مال جي کاتي جو انتظام برهمڻ جي حوالي ڪيو ويو ۽ انهن کي عامل جو لقب ڏيئي ڪري، نوازيو، اڄ به، سنڌ ۾ هيءَ قوم آباد آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ ته عامل ڪالوني اڄ تائين، انهن جويادگار موجود اهي. محمد بن قاسم انهن کي يقين ڏياريو، جيئن ته توهان راجا ڏاهر جي قوم مان آهيو ۽ معزز آهيو، انهيءَ ڪري معزز عهدن تي، توهان کي مقرر ڪريان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته:  توهان ايمانداريءَ ۽ قابليت سان پنهنجا فرض نڀائيندا. محصول وصول ڪرڻ، حساب رکڻ، خزاني جي حفاظت ڪرڻ سڀ ان عامل قوم جي حوالي ڪيو ويو. ان ڪري محمد بن قاسم کانپوءِ، هي خزاني جوکاتو بني تميم و بني سمره جي دور حڪومت ۾ به، انهن عاملن جي قبضي ۾ رهيو. محمد بن قاسم انهن عاملن کي تاڪيد ڪري ڇڏيو هو ته: هارين کان ڍل يا بٽئي وصول ڪرڻ ۾ هرگز ڪا به سختي نه ڪئي وڃي ۽ جيستائين ممڪن ٿي سگهي، ڪڙمين کي سهوليتون ڏنيون وڃن. ان هدايت ڪرڻ جو نتيجو، هي نڪتو جو عامل ماڻهو خود ڳوٺن ۾ وڃي ڪري، اسلامي سلطنت جون خوبيون بيان ڪندا هئا ته: ڏاهر وٽ به اهڙو انصاف نه هو جو محمد بن قاسم سنڌ تي احسان ڪيو آهي ۽ رعيت کي حڪومت سان وفادار رهڻ جي سکيا ڏيندا هئا. اهو ئي سبب هو جو سنڌ ۾ عام طور تي، اسلام جي اشاعت جو سلسلو جاري ٿي ويو، ۽ چئني طرف اسلامي آباديون وڌنديون ويون. وڏيون وڏيون مسجدون تعمير ٿيون. بزرگان دين ۽ صوفياء ڪرام پنهنجي پرهيزگاريءَ تقويٰ سان ۽ وڏن وڏن عالمن پنهنجي علم ۽ عمل سان، اهي اهي اسلام جون خدمتون سرانجام ڏنيون جو جن جا يادگار پڻ سنڌ جي چپي چپي تي موجود آهن.[4]

 محفوظ ۽ منصوره جون نيون آباديون

هي عرب قبيلا ساريءَ سنڌ ۾ ڦهليل هئا ۽ هر جڳهه ٿوري ٿوري تعداد ۾ آباد هئا ۽ پنهنجي محبوب سپـﮧ سالار محمد بن قاسم جي شهيد ٿي وڃڻ کانپوءِ، نهايت رنجيده ٿي ڪري، پنهنجا هٿيار کولي ڪري، پنهنجي نو مسلم زالن ۽ ٻارن ٻچن جي پرورش ڪرڻ جي واسطي، هتان جي شيخن سان گڏ، پوکي رائيءَ جي ڪمن ۾مصروف ٿي ويا. انهن ماڻهن سليمان بن عبدالملڪ جي حڪم متناعي کانپوءِ، جنهن ۾ کين پنهنجي ملڪ عرب ۾ واپس وڃڻ کان جهليو ويو هو. هي زندگيءَ جو نمونو اختيار ڪري ورتو هو. حڪم بن عوانه ڪلبيءَ سنڌ ايندي ئي، پهريون ڪم هي ڪيو ته: انهن سڀني عربن کي جيڪي قبيلي بني تميم، بني سمره، بني ثقيف ۽ ٻين قبيلن شام و حجاز سان تعلق رکندا هئا. يا اهي سادات ۽ بزرگان دين جيڪي حضرت عمر بن عبدالعزيز جي دور خلافت ۾ اسلام جي اشاعت جي مقصد سان سنڌ ۾ آباد ٿي ويا هئا، سڀني کي سنڌ جي هر علائقي مان ٻارن ٻچن سميت گهرائي ڪري، هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪيو. ان مان سندس مقصد هي هو ته: زبردست اسلامي طاقت ان اجمتاع سان پيدا ٿي وڃي. منتشر ۽ پريشان حال مسلمان پڻ خطري کان محفوظ ٿي وڃن. هي ئي ماڻهو، جيئن ته: سنڌ جا اصل فاتح هئا. ان ڪري کيس انهن جي بهادري ۽ تدبر تي به، سڀني کان وڌيڪ اعتماد هو.

هن جاءِ تي، هي به ٻڌائڻ ضروري آهي ته: محمد بن قاسم حجاج جي موت تي، تعزيت  ڪرڻ جي واسطي، عراق ويو هو ۽ اتي سليمان بن عبدالملڪ جي حڪم سان گرفتار ڪيو ويو ۽ واسط جي جيل ۾ شهيد ڪرايو ويو.

محمد بن قاسم کي پهريون ئي سليمان جي دشمنيءَ جو احوال معلوم هو، تنهنڪري هو وڃڻ وقت پنهنجيءَ زال راڻي لاري ۽ نئين ڄاول ٻار کي جنهن جو نالو ان عمر رکيو هو. هتي ئي سنڌ ۾ پنهنجي خاص دوستن يعني قبيلي بني سمره جي حفاظت ۾ سنڀالڻ واسطي، ڇڏي ويو هو. حڪم بن عوانه ڪلبيءَ جي گهرائڻ تي، بني سمره سان گڏ، عمر بن محمد بن قاسم به، پنهنجيءَ ماءُ سان گڏ اچي ويو. عمر بن محمد قاسم جي ان وقت عمر 17 سال هئي.

حڪم سنڌ جي مشرقي ڪناري، تي، عرب نسل جي مسلمانن جي واسطي، هڪ نئون شهر آباد ڪرايو، جنهن جو نالو محفوظ رکيو ويو، يعني اسلام وارن جي لاءِ، محفوظ آبادي. هي سنه 113 هجريءَ جو واقعو آهي ۽ انهيءَ مقام کي پنهنجو تخت گاهه مقرر ڪيو.

عمر بن محمد قاسم

ان کانپوءِ حڪم بن عوانه ڪلبيءَ عمر بن محمد قاسم کي پيءَ جي جاءِ تي، اسلام جي لشڪر جو سپـﮧ سالار مقرر ڪيو. بني سمره، بني ثقيف ۽ بني تميم جي بهادر مجاهدن تي، پيءُ جي جاءِ تي، پٽ سپـﮧ سالاريءَ جو مقام حاصل ڪيو ته: سڀ گهڻو خوش ٿي ويا ۽ پنهنجي سپـﮧ سالار جي حڪم تي، باغين جي سرڪوبيءَ جي واسطي، خدا تعاليءَ جو نالو وٺي ڪري، جنگ جي ميدان ۾ ڪڏي پيا. عمر جتي ڪٿي سوڀون حاصل ڪيون ۽سڀني سرڪش راجائن۽ سردارن کي مطيع ۽ پنهنجي پيءُ جي روايتن کي زندهه رکڻ جي واسطي سڀني کي رضامند به ڪري ورتو.

ملڪ سنڌ ۾ اسلامي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ کانپوءِ، عمر بن محمد قاسم سنڌ درياء جي مغربي ڪناري تي، محفوظه بالمقابل ٻيوشهر آباد ڪيو. جنهن جو نالو منصوره رکيو ويو يعني منصور و مظفر هجڻ جي خوشيءَ جو شهر.

سنه 120 هجريءَ ۾ حڪم بن عوانه ڪلبي فوت ٿي ويو ۽ عمر بن محمد قاسم وٽ خلافت جي درٻار دمشق مان سنڌ جي گورنريءَ جو فرمان اچي ويو. ان کانپوءِ، محفوظه جي رونق گهٽجڻ لڳي ۽ منصوره جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيندو ويو.

ايستائينڪه جو آئينده منصوره ئي سنڌ جو تخت گاهه ٿي ويو. سنه 126 هجريءَ ۾ عمر بن محمد قاسم جو به انتقال ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي منصور بن جمهور سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو.

 

بني عباسيه جو دورِ خلافت

سنه 132 هجريءَ ۾ بني اميه خلافت جو خاتمو ٿي ويو. ان جي جاءِ تي بني عباس جو دورِ خلافت شروع ٿيو. بني عباسيه بني اميه جا دشمن هئا.

سنڌ جي گورنر منصور جو پڻ بني اميه جي خليفي جو مقرر ڪيل حاڪم هو. عباسي خليفي جي بعيت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجيءَ خود مختياريءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

بني سمره، بني ثقيف، بني تميم ۽ ٻيا شامي عرب جي پڻ هتي اڳ ۾ ئي آباد هئا. اهي به اموين جا طرفدار هئا ۽ عباسين جا مخالف هئا. جنهنڪري سڀ جا سڀ منصور جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ جي لاءِ، آماده ٿي ويا.

عباسين جي مشهور گورنر ابو مسلم خراسائيءَ منصور کي معزول ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ سنڌ جي حڪومت تي عباسين جي طرفان عبدالرحمان نالي هڪ سردار کي گورنر بڻائي ڪري روانو ڪيو. منصور مقابلو ڪيو ۽ هڪ خونريز جنگ ڪرڻ کانپوءِ، عبدالرحمان جي موت جي خبر ٻڌي ڪري، موسيٰ بن ڪعب تميميءَ کي جو پڻ پوليس کاتي جو وڏو آفيسر هو، کي هڪ زبردست فوج ڏيئي ڪري سنڌ روانو ڪيو.

منصور سنڌ جي مغربي سرحد تي، اڳتي وڌي ڪري مقابلو ڪيو. وڏي خونريز جنگ لڳي ۽ منصور بن جمهور ان جنگ ۾ مارجي پيو. منصور جو ڀاءُ منظور بن جمهور سندس جاءِ تي، عباسين سان مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آيو ۽ اهو به ان جنگ ۾ مقتول ٿيو.


[1]  (تاريخ سوره سندهه پر ايڪ نظر، تان ورتل، صفحه 6 کان 75 تائين).

[2]  (آئينه حقيقت نما صفحه 101).

[3]  (تاريخ سومره سنده پر ايڪ نظر، صفحه 108، 109، 110 تائين) – تاريخ معصومي صفحه 109، مطبوعه سنڌ ادبي بورڊ ڪراچي).

[4]  (تاريخ سومره سنده پر ايڪ نظر، صفح 134، 135، 136).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org