سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 1

صفحو ؛ 3

 

 باب پهريون

 سومرا قوم جو حسب نسب

تحفته الڪرام جو مترجم ۽ حاشيه نويس مخدوم امير احمد صاحب سومرن جي متعلق لکي ٿو ته:

سنڌ ۾ ”سومرا“ هڪ قديم قوم آهي، جن سنڌ ملڪ تي وڏي عرصي تائين حڪومت ڪئي، پر سندن حڪومت جي تاريخ تي ايڏا ته تاريڪ پردا پيل آهن، جن جو نظير شايد ڪنهن ملڪ يا قوم جي تاريخ ۾ ملي سگهي. اڄ تائين اهو فيصلو نه ٿي سگهيو آهي ته سومرا قوم جو نسل ڪٿان شروع ٿئي ٿو؟ ڪي مؤرخ چون ٿا ته هيءَ قوم اصل عرب قوم آهي، جا حجاج جي ڏينهن ۾ سنڌ فتح ٿيڻ وقت، عراق جي ”سامره“ (سرمن راءِ) شهر مان لڏي اچي سنڌ ۾ رهي ( پهريائين کين سامري سڏيو ويندو هو، ۽ جو پوءِ بگڙي سومرا ٿي پيو  آهي). هن قول جي تائيد ابن بطوطه جي قول مان ٿئي ٿي، جو هن ”جناني“ شهر جي وصف ڪندي لکيو آهي. (ج 3، ص101-102) ”اسان سنڌو نديءَ جي رستي پنڌ ڪري ٻن ڏينهن کانپوءِ جناني شهر ۾ پهتاسون، هيءُ سنڌو نديءَ جي ڪپ تي هڪ وڏو سهڻو شهر آهي. هن جون بازاريون وڻندڙ آهن. اتي جي رهاڪن کي ”سامره“ سڏيو وڃي ٿو. هو قديم زمان کان اتي رهندا اچن ٿا. سنڌ جي فتح جي تاريخ نويسن جي لکڻ موجب، سندن وڏا اتي انهن ڏينهن کان رهن ٿا، جن ڏينهن ۾ حجاج جي هٿان سنڌ فتح ٿي هئي“. پر تاريخدانن جو ٻيو طبقو سومرن کي اصل سنڌ جا رهاڪو ۽ هندو راجپوت تسليم ڪري ٿو. جيئن ايليٽ پنهنجي ڪتاب ”هسٽري آف انڊيا“ (ج1 ص 484) ۾ لکي ٿو: ”تاريخ طاهري جي دستخط نسخي، صفحي 25 تي لکيل آهي ته سومرا اصل هندو هئا. الور رياست جي حڪمران هندو راجپوتن مان، سندن گاديءَ جو هنڌ ڳوٺ محمد طور هو، جو درڪ پرڳڻي ۾ هو“. ساڳيءَ طرح ايليٽ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ“ جي فوٽ نوٽ (ص 89) ۾ سومرن بابت ڪافي بحث مباحثي کان بعد گجراتي تاريخن جي حوالن جي بنا تي ثابت ڪيو آحي ته سومرا راجپوت هندو آهن. سومرن جي ريتن رسمن بابت جيڪي تحفـﺔ الڪرام يا ٻين تاريخن لکيو آهي. مثلاً سومرن سردارن جو رعيتي ماڻهن جي ڪلهن تي ڏنڀ ڏيڻ، انهيءَ لاءِ ته هو سندن غلام ليکيا وڃن، پاڻ کي ٻين کان اتم ڏيکارڻ لاءِ، هٿن پيرن جا ننهن پاڙئون ڪڍائي ڇڏڻ، جيڪا به زال هڪ دفعو ٻار ڄڻي تنهن کي وري ويجهو نه وڃڻ، نئون ڪپڙو پائي ميرو ڪري لاهڻ کان پوءِ وري اهو ڪپڙو نه پهرڻ، وغيره. سو ڏيکاري ٿو ته: سومرا اصل عرب نه هئا، ڇاڪاڻ ته: عربن ۾ ڪڏهن به جاهليت خواه اسلام جي زماني، اهي رسمون رائج نه هيون، تنهنڪري اها راءِ وڌيڪ وزندار ٿي ڏسجي ته: ”سومرا اصل هندو راجپوت هئا“. سومرن حاڪمن جا ٺيٺ هندي نالا پڻ انهيءَ راءِ جي تائيد ڪن ٿا. هي ماڻهو جيڪڏهن عرب هجن ها، ته سندن نالا به ضرور عربي هجن ها.

 

سمن خواهه سومرن

جي قوميت متعلق هڪ ٽين راءِ به ٿي سگهي ٿي، جنهن ڏانهن ڪنهن جو خيال نه ڇڪيو آهي. اها هيءَ آهي ته: هيءُ ٻئي قومون ايشيا جي مشهور ”سميرين“ قوم مان آهن، جن کي عربيءَ ۾ ”سامي“ چوندا آهن. پراڻي زماني ۾ هيءَ قوم تمام وڏي ۽ طاقتور قوم هئي، جنهن جو وچ ايشيا ۾ تمام گهڻو اثر رسوخ هو، ٿي سگهي ٿو ته انهن جو ڪو ڀاڱو انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ اچي نڪتو هجي، ۽ سنڌ کي پنهنجو گهر بنايو هجين.[1] اسان مخدوم امير احمد صاحب، سومرن جي متعلق، مٿين پيش ڪيل عبارت مان هيٺيون ڳالهيون ڀليءَ ڀت اخذ ڪري سگهون ٿا:

سنڌي جي ”سومرا“ قوم هڪ قديم قوم آهي.

”سومرا“ قوم جو نسل ڪٿان شروع ٿئي ٿو؟.

سومرا قوم جڳ مشهور عرب سيلاني ابن بطوطه جي نظر ۾.

”سومرا“ قوم پرمار هندو راجپوت قوم آهي.

سومرن جون ريتون رسمون. مثلاً

سومرن سردارن جو رعيتي ماڻهن جي ڪلهن تي ڏنڀ ڏيڻ. انهيءَ لاءِ ته، هو سندن غلام ليکيا وڃن.

پاڻ کي ٻين کان اتم ڏيکارڻ لاءِ، هٿن پيرن جا ننهن پاڙئون ڪڍائي ڇڏڻ.

جيڪا به زال هڪ دفعو ٻار ڄڻي، تنهن کي وري ويجهو نه وڃڻ.

نئون ڪپڙو پاڻي ميرو ڪري لاهڻ کانپوءِ، وري اهو ڪپڙو نه پهرڻ.

سومرن حاڪمن جا ٺيٺ هندڪا نالا.

”سومرا“ ايشيا جي مشهور ”سميرين“ قوم مان آهن.

 

(1) سنڌ جي ”سومرا“ قوم هڪ قديم قوم آهي:

سنڌ جي ”سومرا“ قوم اصل ۾ قديم قوم بنهه نه آهي. ڇاڪاڻ ته: ڀيرومل مهر چند آڏواڻي صاحب هند سنڌ جي قديم ۽ اصلوڪين جي قومن جو ذڪر ڪيو آهي. انهن ۾ هن قوم جو ڪو به نالو نه ورتو ويو آهي،

لکن ٿا ته: ”قديم سنڌ جا اصل رهاڪو: سنڌ مان سمنڊ هٽي پري ٿيو ته اول ڪهڙين قومن اُهي وارياسا پٽ اچي وسايا، سا سڌ پئجي نٿي سگهي. جنهن زماني (Tertiary Age) ۾ سنڌ جي زمين ظاهر ٿئي هئي، تنهن زماني جي ماڻهن جا پنڊ (جسم) هن وقت تائين ڦري، پهڻ ٿي ويا آهن، ان وقت جي وڻن ٽڻن جو به، اهو حال ٿيو آهي. اهي ٽئين جڳ وارا پنڊ پهڻ (Tertiary Fossils) سنڌ ۾ زمين جي اندرين تهن مان ڪئين لڌا آهن. قديم سنڌ جا اصل رهاڪو اهي چئبا، پر هن حالت ۾ کين ڪو سڃاڻي به ڪو نه سگهندو.

عالمن کي کوجنائن ڪرڻ سان ايترو معلوم ٿيو آهي، ته موجوده قومن مان قديم ۾ قديم لوڪ، جن اتر هندستان وسايو، سي هاڻوڪن ڪولن، سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا. اهي سنڌ ۾ به هئا يا نه، تنهن بابت اسان کي پهريائين پڪ ڪا نه هئي، پر پوءِ ڪن جون کوپريون سيوهڻ جي پريان لڌيون هيون.[2]

1922ع- 1923ع ۾ ڪن ڪولن ۽ سنٿالن جون کوپريون موهن جي دڙي مان به لڌيون، جا ڳالهه آرڪيالاجيڪل کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سرجان مارشل ڄاڻائي آهي. ائين هاڻي خاطر ٿي آهي ته اهي قديم لوڪ سنڌ ۾ به هئا، تنهنڪري قديم سنڌ جا اصل رهاڪو هاڻ اهي ليکڻ گهرجن.[3]

آڏواڻي صاحب هند- سنڌ جي اصل ۽ قديم جن قومن جو ذڪر ڪري ٿو. انهن ۾ ”سومرا“ قوم جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي، جنهن مان اسان کي واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته: ”سومرا“ سنڌ جي قديم ۽ اصل قوم بنهه نه آهن- ان کان علاوه سنڌ جي اصل ۽ قديم قومن ڪولن، سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊلوڪن کي اڻ آريه (يعني اڻ سڌريل- اناڙي- جاهل) قومن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته، انهيءَ حقيقت جي برعڪس، مؤرخ ۽ محقق بيواجبي سومرن کي پرمار هندو راجپوت قوم سڏين ٿا. پوءِ ان صورت حال جي موجودگيءَ ۾ سومرن کي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح سنڌ جي اصل ۽ قديم قوم تسليم ڪري سگهجي ٿو؟

جيڪڏهن واقعي ”سومرا“ سنڌ جي اصل ۽ قديم قوم آهن ته، پوءِ سومرا قوم کي ڪولن، سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊلوڪن قومن مان ڪهڙيءَ قوم جي نسل مان سمجهڻ گهرجي؟ هن- سنڌ جي آريه (سڌريل) برهمڻ، کتري ۽ ويش جن قومن کي سڏيو وڃي ٿو. سي ته هند- سنڌ جون اصل ۽ قديم قومون هرگز نه آهن. پر وچ ايشيا مان ڪهي اچي، هند- سنڌ ۾ آباد ٿي ويل آهن.

اسان کي هن حقيقت جي، اڃا به وڌيڪ پڪ ۽ دلجاءِ، محترم علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي، هن تحرير مان ٿئي ٿي. لکن ٿا ته: ”ويد آرين ڏانهن منسوب آهن، جيڪي اٽڪل ٻه هزار سال قبل مسيح وچ- ايشيا مان نڪري ايران ۽ ان سان ملحق علائقن مان ٿيندا، سنڌ ۽ پنجاب جي ميدانن ۾ داخل ٿيا هئا. [4]

 

اهڙيءَ طرح مهاشيه صاحب لکن ٿا ته:

سڀ هندو عراق ۾ نمرود جي قوم مان هئا. پوءِ اهي ايران ۾ پهتا. انهيءَ ڪري خود کي آريه سڏڻ لڳا. جڏهن ايرانين کين ماري ڀڄايو ته: هو هندستان ۾ آرين جي نالي سان آباد ٿي ويا ۽ اتان جي اصلي باشندن کي شودر- چهڙا- چنڊال-  نيچ ۽ اشوت. بنائي ڪري، خود برهمڻ- کتري- ويش بنجي ويا.[5]

هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته: اسان هن پڪن ۽ پختن ثبوتن جي موجودگيءَ ۾ ڪيئن سومرن کي سنڌ جي اصل ۽ قديم قوم تسليم ۽ قبول ڪري سگهون ٿا؟

ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ صاحب، سومرن جي سنڌ جي اصل ۽ قديم قوم هجڻ جي، نفي ڪندي لکن ٿا ته: عرب ليکڪن سنڌ جي جن قومن جو ذڪر ڪيو آهي، اهي هي هيون: سَما- سهتا- چنا- جت- لهاڻا ۽ ميد [6]

مپر سومرن جو ڪو به ذڪر ڪو نه ڪيل آهي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته عربن جي ڪاهه وقت سومرا سنڌ ۾ ڪين هئا، ۽پوءِ جا آيل  آهن. [7]

مان مٿي جن مهان ناقدن، محققن ۽ مؤرخن جون عيارتون ۽ بيان پيش ڪري چڪو آهيان، تن مان اسان کي صاف ۽ واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته: ”سومرا“ نه ته، سنڌ جي قديم قوم آهن (ڇو جي ماڻهن جو نالو نه ٿو اچي،  جو کڻي چئجي ته ”سومرا“ سنڌ جي اصل ۽ قديم قوم هندو آهن) ۽ نه وري ڪي هند- سنڌ جي قديم اڻ آريه قومن جي لوڪن ڪولن، سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊلوڪن جي نسل مان آهن- نه صرف هي، پر ”سومرا“ ٻه هزار سال قبل مسيح ڌاري وچ ايشيا (عراق) مان هند- سنڌ ۾ لڏي آيل هندن (جن خود کي برهمڻ- کتري- ويش سڏرايو) بيواجبي بقول مؤرخن ۽ محققن جي، کتري راجپوت قوم جي هندو نسل جا آهن ۽ نه وري ڪي عراق مان لڏي آيل هندن وانگر سنڌ جي قديم قوم آهن.


[1]  (تحفﺔ الڪرام ڇاپو ٽيون. تصنيف: مير علي شير قانع ٺٽوي، مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد سنڌ 1409هه مطابق 1989ع حاشيه صفحه 91-92-93)

[2]  (قديم سنڌ از ڀيرومل مهر چند آڏواڻي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ ڪراچي، پهريون ڇاپو 1957ع ص 51 بحواله

(W.T Blanford: Geology of Western Sind. (Memoris of Geological survey, VoL XVII, Part I).

[3]  (قديم سنڌ صفحه 51) بحواله:

It (She, Indus) is an example of an antecedent drainage, having existed even before the great Himalyan up-heavals”. Prof: Pithawala: Marvels of the Earth pp 56-57).

[4]  (صوفي لاڪاوفي- علامه آءِ آءِ قاضيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون ترجمو ۽ تشريهي حوالا: عبدالغافر سومرو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سن- ڇاپو پهريون سيپٽمبر 1995ع“ حوالا: ويد (Vedas) ص 165).

[5] (1) تاريخ سومره سنڌ پر ايڪ نظر، از مهاشي عبدالڪريم نظامي مبلغ اسلام ڪراچي پاڪستان سنه 1381هه مطابق 1962ع ص 20)

[6]  (نئين زندگي- ڊسمبر1971 عي صفحه 15- حاشيه)

            سما، هاڻوڪي سماٽ قوم آهن، جنهن جو تعلق دکن ۽مهاراشٽر جي قومن سان ملي ٿو- ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته: اهي سنڌ جا قديم باشندا هئا ۽ انهن جي آبادي ڪيچ مڪران کان وٺي ونڌيا جبلن تائين وڌيل هئي. ڪي ليکڪ کين سٿيا قوم جي شاخ سمجهن ٿا. سهتا قوم اڄ به سنڌ جي ڪيترن علائقن ۾ موجود آهي. ”سهتا“ پڻ ”سٿيا“ جو بگڙيل اچار آهي. ميد، اصل ۾ ميڊيا کان هجرت ڪري آيا هئا، جو اتر ايران ۾ آهي. سنڌ جا مهاڻا گهڻو ڪري ميد آهن. جت به سٿيا قوم جي هڪ شاخ آهن، جن جو قديم دور کان وٺي اٺن چارڻ جو ڌنڌو رهيو آهي. باختر کان وٺي ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ تائين، جت، اڃا موجود آهن، پر هاڻي اهي پاڻ کي بلوچ سڏائين ٿا ۽ نيون ذاتيون ايجاد ڪيون اٿن. چنا اصل ۾ پنجاب جا مهاڻا آهن، جي پوءِ هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا. هينئر به چنن جو وڏو تعداد پنجاب ۾ مهاڻڪو ڌنڌو ڪندو آهي. هي جهلم واريءَ ايراضيءَ ۾ تمام گهڻا آهن. لهاڻا، هاڻوڪا ميمڻ ۽ کوجا آهن. راجا ڏاهر جي دور ۾ اهي قومون گهٽ ذات تصور ڪيون وينديون هيون. محمد بن قاسم به انهن تي اهي ساڳيون پابنديون مڙهيون، جي راجا ڏاهر ۽ سندس پيءُ چچ مٿن لڳايون هيون- ڏسو چچنامو (فارسي)

[7]  (نئين زندگي- ڊسمبر 1971ع ص (15)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ