</

سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:تاريخ سومره سنڌ

باب؛ 16

صفحو ؛ 31

 

منڍ ۾ هي معاملو دودي ۽ چنيسر  جي وچ ۾ نه هو، مگر راڄن جي وچ ۾ هو. خفيف، هولياڻي، سومرا ۽ ٻيا راڄ اچي گڏ ٿيا هئا، پر چنيسر به ڪونه هو ته: دودو به ڪونه هو.

”سورهن پٿر سومرا، اچي مڙي گڏ ٿيا“

سومرن کانسواءِ، سما، جاڙيجا، سوڍا، ڀٽي، گجر، چنا، راڄڙ ۽ ٻيا راڄ اچي گڏ ٿيا(1)، پهريائين هنن پاڻ ۾ ويهي متفق ٿي راءِ ڏني ته: دودو پڳ ٻڌي ۽ گاديءَ تي ويهي، ڇو جو دودو ڏاڏي پوٽي مان آهي ۽ چنيسر ڌاري مان آهي، ٻيو ته دودو وڏو داناءُ آهي:

”دودو سڄو سون جو، جنهن کي ريهه رُپي جو ناهه

هن ۾ لڇ لوهاري جي، آهي سڀ ڪنهن کي به سماء

پڳ ٻڌون دودل داناء کي، جنهن سر جوڙ جڳاء.(1)

گهڻا ته چنيسر جي بالڪل برخلاف ٿي بيٺا.

چون پڳ دودي داناء جي، ويو چنيسر جو ڇا؟(2)

پوءِ يڪراءِ فيصلو ڪري سڀني گڏجي، يا منجهانئن ستر چونڊ چڱن هلي، اچي دودي کي چيو ته: تون پڳ ٻڌ- پر دودو داناء هو، تنهن انهن چڱن جي سٿ ۾ ويهي چيو ته:پڳ چنيسر ٻڌي، جو چنيسر وڏو ڀاءُ آهي.

پڳ چنيسر مير جي، ٻڌندو منهنجو ڀاءُ،

پڳ ٻڌندس ڪينڪي، مون کي کمندو ڪين خدا.(3)

جڏهن راڄن ڀائرن گهڻو زور رکيو، تڏهن چيائين ته: ڀلا ترسو، تڪڙ نه ڪريو، جيستائين چنيسر اچي. چنيسر (بڪار يا ٻنگار جي) ٻيلي ۾ شڪار تي ويل هو، سو دودي پنهنجو خاص ماڻهو موڪلي کيس سڏايو. چنيسر جيئن ئي ٻاهران آيو ته: دودي کيس پڳ ٻڌڻ لاءِ چيو ۽ سڀني راڄن کي به سمجهايائين جن به سندس چوڻ کي ڪونه موٽايو. چنيسر اچي ويٺو ۽ کيس پهريون ور پڳ جو دودي ڏنو. تڏهن چنيسر چيو ته: مون ڳالهه مڃي، پر ترسو جو هيڪر ماءُ وڏي آهي، تنهن کي به ٻڌائي اچان.(1)

”سٿ نه ويٺو سومرو، هليو ماڳ پڇڻ مائي“

ٻين بيانن موجب چنيسر کي پڳ ٻڌڻ لاءِ چيائون ته: (پڳ جي ور ڏيڻ کان اڳ) چنيسر چيو ته: اوهين سنڀرو سعيو ڪيو ته: آءٌ ماءُ کان پڇي اچان:

اَهين سعيو ڪريو سپاهه جو، ته گهمي اچان گهراء

وڏي جا ورهين کي، رخ پڇي اچان ماء.(2)

جڏهن چنيسر پٺي ڏني ته راڄ بگڙي پيا، تڏهن به دودي کين سمجهايو ته:

پڳ ٻڌو چنيسر کي، نه ته ٿيندا وير وڌاء.(3)

جڏهن راڄ بالڪل ڦري بيٺا(4)، تڏهن هڪڙن بيانن موجب راڄن جو رخ ڏسي دودي پڳ ٻڌڻ قبول ڪئي، پر چيائين ته: جي پاڳ منهنجي، ته واڳ چنيسر جي، يعني حڪمران آءٌ هوندس ته به حڪومت چنيسر هلائيندو.(5) ٻين بيانن موجب باوجود راڄن جي رخ جي، دودي پڳ ٻڌڻ کان صاف نابري واري، تڏهن صلاح بيهاريائون ته: دودي کي نشو ڏيئي حال کيس پڳ مٿي تي ڏجي، پوءِ ٻڌل پڳ ڪو نه لاهيندو. هڪ بيان موجب راڄڙ، چنا ۽ پهوڙ انهيءَ صلاح ۾ شامل هئا(1)، ۽ دوسو چناڻي ۽ راڄڙ ٻنهي دودي کي نر نشو پياريو. تنهن هوندي به جيستائين دودو سرت ۾ هو تيستائين پڳ ٻڌڻ کان انڪار پئي ڪيائين(2)، پر جڏهن نشي کيس مخمور ۽ مدهوش ڪري ڇڏيو، تڏهن دوسو (جنهن کي دودي جو سالو به سڏيو ويو آهي) پنهنجي مٿي تي پڳ ٻڌي، پوءِ اها لاهي ٺاهي کڻي دودي جي مٿي تي رکي، ۽ کيس گادي تي وهاريائون(3)- ڳچ وقت کان پوءِ، جڏهن چنيسر موٽي آيو، تڏهن ڏٺائين ته: دودو پڳ ٻڌيو ويٺو آهي. ڪجهه ويچار ٿيس، پر وڏي نظر ڪيائين ۽ چيائين:

شڪر ڪريان الله جو، آئي اسان جي گهر ڏانہ،(4)

ائين چئي چنيسر موٽي ويو. جڏهن دودو ڪجهه هوش ۾ آيو ۽ معلوم ٿيس ته: چنيسر هتان کيس ڏسي موٽي ويو آهي. تڏهن ڏاڍو ڏمريو، ۽ جن اهو ڪم ڪيو هو، تن کي ننديائين.(5)

راڄڙ روهين رُليون، رلنئي ٻار ٻچا

چنا! ڪا چوڙي پوئي، هنڌ نه جهلئي جاءِ

پاهوڙي پرزا ٿئين وڳہ ڪوٽ وچاء

اوهان هڏي تي هوءَ هڻي منهنجو جانب ڪيو جدا!

دوي کي ٿوري سرت آئي، پر اڃا مٿس نشو غالب هو، سو ستو ئي رهيو.(1)

هوڏانهن چنيسر جڏهن حويلي ۾ واپس ويو ته: پهريائين ماڻس منهن پيس ۽ پوءِ جوڻس اچي کنيس. طعنن جا اهي ته تکا تير هنيائونس جو ويهڻ وهه ٿي آيس. چنيسر پڙهيل قابل هو. عربي، سنڌي، هندي، فارسي توڙي پشتو پڙهيل هو ۽ قرآن شريف توڙي ”توريت“ جي علم جو ڄاڻو هو.(2) علم سان گڏ ذاتي طور به هو تحمل وارو هو، جو پهريائين چيائين ته: ”جي دودي کي پڳ ملي ته به ڄڻ اسان جي گهر آئي“، ڇو جو ڪن جي راءِ هئي ته: پڳ وچان ئي ٿهيم کي ملي.(3) پر جڏهن چنيسر کي طعنن تائي کنيو تڏهن سمجهه ۾ صبر وڃائي ويٺو، ۽ پڪو پهه ڪيائين ته: دهلي وڃي بادشاهي لشڪر چاڙهي ايندو ۽ اچي دودي جي گادي گل ڪرائيندو. چنيسر لاءِ دهلي وڃڻ ڄڻ ”ٻڏڻ“ ۽ وڳهه ۾ ويهڻ ڄڻ ”سڙي مرڻ“ جي برابر هو. کيس انهيءَ جو پورو احساس هو جو چيائين ته:

اڳي وڃان ته ٻڏي مران، ٿي پويان ساڙي باهه،

اڳيان آهن دور درياءَ جا، ٿو پويان ٻري آڙاهه،

ضايع ٿيان زمين ۾، مون کي ڌرتي ڏئي جاءِ.(4)

جڏهن طعنن تپائي کنيس(1)، تڏهن چڙهيو ۽ دودي ڏي ”قابل“ وزير سان چوائي موڪليائين ته:

منهنجا دودل ڀاءُ کي ساري سلام ڏجان،

ته طعنن ماريس سومرا، هاڻي عالادين آڻيان.(2)

طعنن جي به ڪا حد هئي! ماڻس مهڻا ڏيئي بس ڪري ته، وري جوڻس مريم اچي کڻيس ۽ چئي ته:

اسين راجا هوندي رنون ٿيون، اسان جو پرور رکندو پن

پاڳ وڃايئين پيءُ ڏاڏي جي، جنهن کي پيو ڪو نه شرم،

ڪنهن ڏينهن ماريو مريم هٿان، لڳي ڏوئيءَ ڳن(3)

جڏهن چڙهي ٿي روانو ٿيو ته: پٽس محمد پڇيس، تڏهن چيائين ته:

ڏاڏهينءَ جي مهڻن کان وڌ ماريس تنهنجي ماءُ،

چيم: ماڻهين جي مهڻن کان وڃي ڀالين ٽنگايان ڀاءُ.(4)

دودو نشي ۾ گرفتار ٿي ستو هو، سو اڃان ستل هو. چنيسر جي چڙهڻ جو ٻڌنديئي ٻاگهي اچي دودي کي جاڳايو:

ٻاگهي روئندي آئي، اچي ڀاڪر پاتائين ڀاء

پٿراڻي پير ڪري، ستين ڪهڙي ساء،

ڀاء وڃئي ٿو ڀر منجهان، پوئي ٿو ڪو نه سماء

سنڌ سڃي ڪيو سومرو وڃي سندو راڻين راء(5)

دودو ته ڌريان ئي چنيسر کي پڳ ٻڌرائڻ جو پهه ڪيو هو، پر هو پنهنجي وس کان بي وس ٿي چڪو هو، جو ڳالهه هر جاءِ هلي وئي هئي ته دودي پڳ ٻڌي. هاڻي ٻيو ڪو حيلو نه ڏسي، چنيسر کي ترسائڻ ۽ مڃائڻ لاءِ وڏيون منٿون ڪيائين ۽ ميڙون مڪائين.(1)

پنهنجي گهر واريءَ کي ميڙ ڪري موڪليائين. وري چنيسر جي پٽ ننگر کي ميڙ ڪري موڪليائين ۽ چنيسر لاءِ وڏيون آڇون آڇيائين.(2).

پوءِ سومرن مان چڱا مڙس ميڙ ڪري موڪليائين، جڏهن چنيسر ڪنهن کي به نه مڃيو تڏهن دودو پاڻ وٽس هلي آيو ۽ اچي منٿون ڪيائينس. چيائينس ته: ادو ٿيءُ، ابو ٿيءُ، نه وڃ. تون مون سان هر حال ۾ ڳالهه ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهين.

ادو ٿي، ابو ٿي، تنهنجي مريم ڀانيان ماءُ،

ڏونئري ڏٿ پسيءَ ۾، توکي ڀاڱي ڀانيان ڀاءُ.

دودي وڏا وس ڪيس، پر چنيسر چيو ته: چڙهيو آهيان سو مڙندس ڪين، ۽ اوس عالادين آڻيندس. تڏهن دودي چيس ته: ڀائر ۽ راڄ ڀيڙا ڪري انهن کي مڃاءِ ته پڳ پيڙهي هينئر به تنهنجي حوالي آهي. پر چنيسر نه مڃيو ۽ روانو ٿي ويو، ته به دودو پويان سومرن جي پاڙن مان سردارن ۽ ڀائرن جون ميڙون موڪليندو رهيو. آخري ميڙ ”اُچ“ جي شهر پهتي، پر چنيسر اڳ اتان نڪري چڪو هو. پوءِ اها ميڙ اڳتي وڃي ڪنهن منزل تي کيس پهتي، پر موٽائي ڇڏيائين، چنيسر دهلي وڃي پهتو ته به دودو پويان قاصد موڪليندو رهيو، پر چنيسر جو ويو سو وري نه وريو.(1)

تبصرو: اسان کي بلوچ صاحب جي پيش ڪيل مختلف سگهڙن ۽ شاعرن جي، شاعريءَ، بيانن ۽ روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته:

جڏهن سنڌ جو والي ڀونگر سومرو جي وفات بعد، سندس ٻن پٽن چنيسر ۽ دودو مان جائنشين منتخب ڪرڻ جو هڪ نازڪ ۽ ڏکيو مرحلو درپيش آيو ته: امير امرائن، راڄ وارن ۽ برادريءَ جي سومرن ڀائرن جو چوڻ هو ته: دودو جيتوڻيڪ ننڍو آهي پر انهيءَ جي باوجود به، پڳ ٻڌڻ (جائنشين ٿيڻ) جو صحيح ۽ حقي حقدار آهي. ڇو جو هو ڏاڏي پوٽي زال سومرو جو نه صرف فرزند دلبند آهي، پر نهايت بهادر ۽ دلير پڻ آهي. چنيسر وڏو ته آهي، پر هو لوهاريءَ جو پٽ آهي. وڏي ڏک ۽ افسوس جو مقام آهي جو بيواجبي، فرسوده ۽ بي بنياد الزام لڳائي ۽ اعتراض اٿاري ڳالهه مان ڳالهڙو بنائي ڪري، چنيسر کي پڳ جو دعويدار بنائي، دهليءَ جي سلطان علاؤالدين خلجيءَ ڏانهن پنهنجي ڀاءُ دودو کان حڪومت وٺي ڏيڻ خاطر، دودو جي ڀيڻ ٻاگهل ٻائي جا پڻ چنيسر جي به وڏي ڀيڻ هئي، جي سنڱ ڏيڻ جي لالچ ڏيئي ڪري، سنڌ تي چاڙهي اچڻ جي هڪ جڙتو ڳالهه گهڙي، غيور سومرن جي غيرت کي بيواجبي بدنام ڪيو ويو آهي.

انهن جو دودو سومرو جي بسنبت چوڻ هو ته: دودو ڪمسن ته آهي، پر وڏو دلير ۽ بهادر آهي. جڏهن هو دودي کي ڪمسن به ڏيکارين ۽ سڏن به ٿا ته: پوءِ هن بهادريءَ ۽ دليريءَ جا ڪهڙا جوهر ڏيکاريا هوندا؟ جي چنيسر وڏو ته هو، پر پوءِ هن ڪهڙا بزدليءَ جا ڪارناما سرانجام ڏنا هئا جو چنيسر جهڙي ديندار عالم بزرگ ۽ بهادر شخص جي مقرريءَ کان بيزاري ڏيکاري رهيا هئا. انهيءَ ڪري، اسان کي ان مان سندن هي ارادو صاف ۽ واضح طور معلوم ٿئي ٿو ته: انهن جو مقصد سومره حڪومت کي نه صرف ڪمزور ڪرڻ جو هو، پر هو ڪمسن حڪمران دودو جي آڙ ۾، خود حڪومت ڪرڻ پيا چاهين، هن حقيقت کان ڪوبه صاحب انڪار نه ڪري سگهندو.

انهيءَ ڪري، انهن بيواجبي چنيسر جي ماءُ کي لوهار جي ڌيءَ پيش ڪري، ضد ڪري بيٺا ته: پڳ جو حقي حقدار دودو سومرو آهي. هي انهن جو هڪ بيواجبي اٿاريل سوال هو. ڇاڪاڻ ته: اسان جڏهن مڙني جڙتو ڳالهين کي مدنظر رکي، غور ۽ خوض ڪري ڏسون ٿا ته: پوءِ بلڪل وثوق سان چئي سگهون ٿا ته: دودو ۽ چنيسر جي پيءُ ڀونگر کي هڪ ئي زال ڏاڏي پوٽي سومري هئي، جنهن جو پيءُ لوهارڪو ڪم ڪندو هو، ڇو جو ڪا به قوم ڪره ارض تي، ڪنهن شهر يا ڪنهن ڪرت ڪرڻ جي لحاظ سان وجود ۾ ڪونه آئي آهي. لوهر، ڊکڻ، ڪوري، موچي، کٽي، مستري، حجم ۽ اوسته وغيره اهي سڀ جا سڀ ڪمن جا نالا آهن، پر ڪڙم ۽ قبيلا هرگز نه آهن. ڇاڪاڻ ته:

لوهر: جن کي ماڻهو لوهه جي ڪم ڪرڻ جي باعث، لوهر سڏائيندا آهن، جي پڻ خود کي سومرا ۽ مهر قوم جا سڏرائيندا آهن.

ڊکڻ: ڪاٺ جو ڪم ڪرڻ جي باعث، ماڻهو کين ڊکڻ سڏيندا آهن، جي پڻ هي ڪم گهڻي ڀاڱي سومرا قوم جا ماڻهو ڪندا آهن. مثلاً تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ ڊکڻ جا سومرا خود کي سومره بجاءِ ڊکڻ سڏرائڻ ۾ پڻ فخر محسوس ڪندا آهن، جن مان مشهور و معروف شخصيت مرحوم عبدالڪريم جي پڻ تعليم جا وڏا آفيسر ٿي گذريا آهن ۽ صحيح ۾ اي ڪي (A.K) ڊکڻ لکندا هئا. ڊکڻ سومرو صاحب ٿي گذريا آهن.

ڪوري: جن کي ماڻهو آڏاڻن تي، نئين ڪپڙي، سوسين، انگوشن ۽ پوتڙن وغيره اڻڻ جي باعث، ڪوري سڏيندا آهن، جي پڻ هو خود کي ڀيا ۽ ميمڻ قوم جا سڏرائيندا آهن.

موچي: جن کي ماڻهو چمڙي جي ڪم ڪرڻ جي باعث، موچي سڏيندا آهن، اصل ۾ هو خود کي چنا ۽ لانگاهه قوم جا سڏرائيندا آهن.

کٽي: جن کي ماڻهو ڪپڙي جي ڌلائيءَ جي ڪم ڪرڻ جي باعث، کٽي سڏيندا آهن، جي پڻ اصل ۾ سومرا قوم جا ماڻهو آهن. بعض مؤرخن ۽ محققن جو بيواجبي چوڻ آهي ته: جيڪڏهين سومرا عرب مسلمان هجن ها ته، پوءِ غليظ ڪم کٽڪو هرگز نه ڪن ها! هي انهن جو بيڪار ۽ خام خيال ڏيکاريل آهي. ڇو ته: سندن هن بناء تي، ڪنهن به، مسلم قوم کي، اوچ ۽ نيچ ڪم ڪرڻ جي باعث، سندس اصل قوم جي هجڻ کان انڪار ڪرڻ، سواءِ ڪم عقليءَ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي.

آقاءِ نامدار حضرت محمد مصطفيٰ شافعي روزِ جزا ﷺ جن جو ارشاد گرامي آهي ته: ”الڪاسب حبيب الله“ يعني ڪاسبي (لوهر، ڊکڻ، ڪوري، موچي، کٽي، مستري، حجم، اوسته وغيره ڪاسبي ماڻهو آهن) الله جو دوست آهي، ۽ نه صرف هي، پر هن پاڪ قول ۾ ڪنهن به اوچ ۽ نيچ ڪم ڪرڻ جو ڪوبه امتياز نه رکيو ويو آهي. ان کان علاوه مڪي شريف ۾، ڀنگڪو (هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو غليظ ڪم ٿي سگهي ٿو) ڪم (سواءِ مسلمانن جي، ٻيو ڪوبه غير مسلم نه ڪري سگهندو آهي. ڇو ته مڪي شريف ۾ غير مسلم جي داخلا تي، حضور پاڪ ﷺ جن جي سختيءَ سان ممانعت ٿيل آهي) اسان جا غريب ۽ مسڪين ڀائر کڻي ڪهڙيءَ به قوم جا ڇو نه هجن ڪندا آهن. پوءِ اسان کيس اصل مسلم قوم جي هجڻ کان انڪار ڪري سگهون ٿا؟ هرگز نه، ته پوءِ، کٽڪي ڪم ڪرڻ جي باعث، سومرن کي عرب مسلمان نه هجڻ جو ڪهڙو جواز ٿي سگهي ٿو؟ يا وري ان کي سومرو ئي نه سڏڻ، ڇا ڪم عقلي نه آهي؟ بهرحال، مٿيان دليل ۽ ثبوت هي ثابت ڪن ٿا ته: سومرا کٽڪي ڪم ڪرڻ جي سبب، غير مسلم قوم هرگز ٿي نٿا سگهن.

مستري: ڪنهن به شيءِ کي ٺاهي، تيار ڪندڙ کي مستري سڏبو آهي. هي به، هڪ قسم جو هنر ۽ ڪم آهي، پر مستري ڪا قوم نه آهي.

حجم: هي به حجامت جو هڪ هنر ۽ ڪسب آهي، پر قوم نه. انهيءَ ڪري حجم خود کي منگي سڏرائيندا آهن، جي پڻ بقول مولائي شيدائي صاحب جي منگي: يعني بني تميم جو اولاد يعني تميم جي هڪ شاخ (جنت السنڌ صفحه 241) بني تميم جي پڻ ٿهيم ٿي پيا آهن، تن جي عربيت هجڻ کان انڪار ڪري سگهجي ٿو؟

اوسته: جاين ۽ سرن جي ڪم ڪندڙ کي اوسته سڏبو آهي، هيءَ ٻه قوم نه، پر هڪ ڪسب ۽ هنر آهي. جيڪب آباد جا بعض سومرا خود کي اوسته سڏرائيندا آهن، جن مان مشهور و معروف شخصيت در محمد اوسته صاحب جي آهي، جي پڻ وزير تعليم رهي چڪا آهن.

انهيءَ ڪري ڀونگر سومرو جي زال لوهار جي ڌيءَ هجڻ جي باوجود به، هوءَ سومري هئي. نه صرف هي، پر عرب سيلاني ابن بطوطه جو پڻ سومره دور حڪومت ۾ سنه 734هجريءَ ۾ ملڪ سنڌ جي نهايت خوبصورت شهر جنانيءَ ۾ آيو هو، جو هن صاف لکيو آهي ته: سومرا سواءِ پنهنجي هم قوم سومرا جي، ٻئي ڪنهن ڌارئي قوم جي ماڻهوءَ کي نه سڱ ڏيندا آهن ۽ نه وري ڪنهن ٻئي کان سنڱ وٺندا آهن؟ ته پوءِ، دودو ۽ چنيسر جي پيءُ ڀونگر جو لوهاريءَ سان شادي ڪرڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟

انهيءَ ڪري ته: دودو اول کان آخر تائين، ماڻهن جي زوريءَ پڳ ٻڌرائڻ جي باوجود به، چوندو رهي ٿو ته: پڳ منهنجي ڀاءُ چنيسر کي ٻڌرايو. جيڪڏهين بيواجبي هن ڳالهه کي تسليم به ڪجي ته: چنيسر پڳ ٻڌڻ لاءِ، پنهنجيءَ ماءُ کان پڇڻ ويو هو ۽ پوئتان ماڻهن مٿس ڏمرجي دودو کي زوريءَ نشي جي حالت ۾ پڳ ٻڌرائڻ مان صاف ظاهر آهي ته: دودو پنهنجي وڏي ڀاءُ چنيسر جي پڳ ٻڌڻ لاءِ، ڪنهن به طرح بنهه راضي نه هو. جڏهن دودي کي پنهنجي وڏي ڀيڻ ٻاگهل ٻائي هوش ۾ آڻي ٻڌائي ٿي ته: چنيسر فريادي ٿي، دهليءَ جي سلطان علاؤالدين ڏانهن وڃي رهيو آهي. تڏهن هڪدم دودو چنيسر کي پڳ ٻڌڻ جي واسطي، راضي ڪرڻ لاءِ، سندس پوئتان ماڻهن جا وفدن تي وفد موڪلي ٿو. جڏهن چنيسر دهليءَ وڃي به، دودي کان پڳ وٺي ڏيڻ جي واسطي ٿو ته: چنيسر جو پڳ نه ٻڌڻ لاءِ، راضي نه ٿيڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟

ان کان علاوه جيڪڏهين واقعي چنيسر پنهنجي ماءُ ۽ زال جي طعنن ڏيڻ تي، دهليءَ وڃي رهيو هجي ها ته: پوءِ دودو ۽ ٻاگهل ٻائي، چنيسر جي ماءُ (جنهن جي ادب ۾ به آهي) کي، چنيسر کي پڳ ٻڌڻ جي لاءِ، راضي ڪرڻ لاءِ، ڇو نٿا چون؟ يا چنيسر اڳ وانگر پنهنجيءَ ماءُ کان پڇڻ لاءِ، موٽي ڇو نٿو اچي؟ ان مان صاف ظاهر آهي ته: چنيسر نه ته پڳ ٻڌڻ لاءِ، ماءُ کان پڇڻ ويو هو ۽ نه وري ڪو چنيسر جو مستند تواريخ جي ڪتابن مان دهليءَ وڃڻ ثابت ٿئي ٿو؟ جيئن اسان هن کان اڳ ۾ ثابت ڪري آيا آهيون. ته پوءِ، علاؤالدين خلجيءَ کي، پنهنجي ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جي سنڱ ڏيڻ جي لالچ ڏيئي ڪري، سنڌ تي چاڙهي اچڻ ڪيئن تسليم ڪري سگهجي ٿو؟

محترم بلوچ صاحب علاؤالدين خلجيءَ ۽ سندس ڪنهن سپہ سالار جي سنڌ تي چڙهائي ڪري، اچڻ تي ڀرپور روشني وجهي ثابت ڪري چڪا آهن ته: علاؤالدين خلجيءَ يا سندس ڪنهن سپہ سالار جو سنڌ تي چڙهائي ڪري اچڻ جو ڪوبه چٽو ۽ وزندار ثبوت ڪونه ملي ٿو. البت هن صاحب جو علاؤالدين غوري جي اچڻ جو امڪان ڏيکاريو آهي، سو به بلڪل غلط آهي، ڇو ته جڏهن سلطان علاؤالدين خلجي يا سندس جرنيل سالار خان جي هٿان سومره حڪومت جي بربادي به ثابت نٿي ٿئي ته: پوءِ علاؤالدين سميت باقي بچيل نوَن ڄڻن جي زهر کائي مرڻ جي باعث نَول گوري پير جو هجڻ ڇا معنيٰ رکي ٿو؟

ان کان علاوه علاؤالدين غوري بهادر ۽ طاقتور ڪونه هو جو کيس سنڌ جي مضبوط سومره حڪومت تي حملي ڪرڻ جي جرئت ٿئي ها! نه صرف هي، پر علاؤالدين غوري ۽ علاؤالدين خلجيءَ جي پڻ قبر کي ”نول گوري پير“ (نول غوري پير) فرضي قرار ڏنو ويو آهي. ان کان علاوه علاؤالدين نالي ڪنهن به حڪمران جو موت سنڌ ۾ واقع ڪونه ٿيو آهي، جنهن مان ڪنهن علاؤالدين جو سنڌ تي چڙهائي ڪري اچڻ جو ڪو ثبوت اسان کي ملي سگهي. باقي رهيو محترم ٽالپر صاحب جن جو هي چوڻ ته: مبادا! چنيسر علاؤالدين ترم شيرين کي دهليءَ مان وٺي آيو هجي. چنيسر جڏهن دهليءَ ڏانهن امداد لاءِ ويو هو ان وقت علاؤالدين ترم شيرين کي دهليءَ مان وٺي آيو هجي. چنيسر جڏهن دهليءَ ڏانهن امداد لاءِ ويو هو ان وقت علاؤالدين ترم شيرين پڻ دهليءَ ۾ خيمه زن هو. محترم ٽالپر صاحب جو هي ڏيکاريل گمان به بلڪل غلط آهي، ڇو جو چنيسر سومرو جو دهليءَ خواهه عزنيءَ ڏانهن دانهين ٿي وڃڻ جو سواءِ دودو چنيسر جي من گهڙت گهڙيل قصي جي، ڪنهن مستند تواريخ جي ڪتابن مان ڪوبه ثبوت فراهم ڪونه ٿو ٿئي، جو کڻي بانور ڪجي ته: چنيسر علاؤالدين خلجي / علاؤالدين ترم شيرين کي دهليءَ مان به نفس نفيس وٺي آيو هو. نه صرف هي، پر جيڪڏهين واقعي علاؤالدين ترم شيرين پڻ دهليءَ ۾ خيمه زن هو ته: پوءِ دهليءَ جو بهادر ۽ غيور سلطان علاؤالدين خلجي ساڻس جنگ ضرور ڪري ها! ۽ چين سان اکين تي رکي سک سان، بزدل ٿي، هرگز رهڻ نه ڏئي ها! انهيءَ ڪري، قوي امڪان آهي ته: مبادا! علاؤالدين خلجيءَ کي به ترم شيرين جي لقب سان سڏيندا هجن. ان کان علاوه سومرن جو عيني گواهه ابن بطوطه سومرن جي لکرايل احوال سان گڏ، ڪنهن به علاؤالدين جي سنڌ تي چڙهائي ڪري اچڻ جو به ڪو ذڪر نٿو ڪري.

اسان کي هڪ ٽئين علاؤالدين مسعود جو به سراغ مليو آهي، جنهن بابت محترم سيد مقبول حسين موسوي صاحب لکن ٿا ته:


(1) ايضاً بحواله: ص ص 492، 693، 860، 864، 955).

(1) ايضاً ص 28 بحواله ص 792، 883، 905).

(2) دودي چنيسر جي ڳالهه ص 28، بحواله ص 440).

(3) ايضاً ص 29، بحواله: ص 883).

(1) ايضاً ص 29، بحواله: ص 883).

(2) ايضاً بحواله: ص 14).

(3) دودي چنيسر جي ڳالهه ص 29، بحواله: ص 849).

(4) ايضاً بحواله: ص 40).

(5) ايضاً بحواله: ص 493).

(1) ايضاً بحواله علي محمد مري جي روايت، ص 885).

(2) ايضاً بحواله ص 850).

(3) ايضاً ص 30، بحواله ص 643، 644، 849، 850، 909، 964).

(4) ايضاً ص 30، بحواله ص 794 اصل بيان ۾ ائين ته چنيسر آيو ڪونه باقي اهو گفتو (گفتگو) گهر ويٺي ڪيائين.

(5) دودي چنيسر جي ڳالهه ص 30، بحواله ص 644، 885، ٻاگهي پڻ سو چناڻي ۽ ٻين کي پٽيو ۽ پاراتا ڏنا. (ص 909).

(1) ايضاً بحواله ص 909 ۽ 964.

(2) دودي چنيسر جي ڳالهه ص 31 بحواله ص ص 641، 707، 907.

(3) ايضاً بحواله ص 467.

(4) دودي چنيسر جي ڳالهه ص 31، بحواله 641.

(1) ايضاً بحواله مثلاً ص ص 813، 814.

(2) ايضاً بحواله ص 495.

(3) ايضاً صفحه 32 بحواله، ص 641.

(4) ايضاً بحواله 796.

(5) ايضاً بحواله ص 994.

(1) (دودي چنيسر جي ڳالهه صفحه 32). ڪن ڳالهه سٽيندڙن سندس ڪچائي سببان ائين ڪري ڄاڻايو آهي ته: چنيسر جيستائين وڳهه ڪوٽ ۾ هو ته دودي منٿ ڪئي، پر جڏهن روانو ٿيو ته: پويان ڪا ميڙ ڪانه موڪليائين. انهن بيانن موجب چنيسر ٿو چوي ته:

نڪتس شهر وڳهه مان، سڀ لاڳاپا لاهي،

ترسندي آيس واٽ تي من ادل ميڙ منجي. (صفحه 814).

(2) (ص ص 469 ۽ 867، چنيسر کي پنجاهن صوبن جي حڪمراني ۽ ٻارنهن شهر ٻنگار جا ذاتي جاگير آڇيائين (ص ص 71 ۽ 867، دودي ننگر کي چيو ته: پڻهين کي پرچاءِ باقي ٻارنهن شهر ٻنگار جا ڀلي خان کڻي کائي (ص 867).

(1) (سومرن جو دؤر، دودي چنيسر جي ڳالهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، 1400هه/1980ع صفحه 27، 28، 29، 30، 31، 32، 33).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org