سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب: --

صفحو :10

دڙي جي ٿلهي وارين بنيادن جي ڀت جي ماپ ورتي وئي، ته اها ڪجهه ٽيڏي هئي. نقشي جي ماپ مطابق اتر کان اوڀر سورهن انچ اٺانوي فوٽ، اوڀر کان اولهه ڇاهتر فوٽ نو انچ، هڪ طرف کان ڀت ۾ يقيني طور تي ڪجهه واڌ هئي. مسٽر ڀنڊارڪر جي خيال مطابق اها واڌ ٿلهي تي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ يا چاڙهي واسطي هئي، يا امڪان اهو آهي ته ميرپورخاص جي اسٽوپا جيئن ان کي به پاسي ۾ مڙهيون هيون. اهڙي ريت اسٽوپا جو منهن اُتر طرف هو. ڏکڻ، اوڀر- اولهه واريون ڀتيون هڪجهڙيون هيون. هن اسٽوپا  جون ديوارون ميرپورخاص واري اسٽوپا کان ساديون هيون، پر وڌيڪ چوڻ مشڪل آهي، ان ڪري جو ڪا شيءَ رهي ئي ڪانهي. چئن فوٽن واريءَ ڀت مٿان، جتان پايا شروع ٿين ٿا، اُتي گهڻو ڪجهه بچي ويو آهي. پر اُتي ڪنهن مورتي رکڻ لاءِ ڪوبه محراب يا جارو ڪونهي. جيڪڏهن اتي ميرپورخاص جي اسٽوپا جيان ڪجهه رکيل هوندو، ته اهو ڀت جي ڪجهه مٿيئن پاسي رکيل ۽ نسبتاً ننڍو هوندو. ڀتيون زيبائش ۽ آرائش کان خالي ڪونه هونديون، توڙي جو ان جي مٿين ڪانسن ۾ سادگي هوندي. هن اسٽوپا کان اُتر- اولهه طرف به ميل هڪ ننڍڙو اسٽوپا هو، سو به عام اسٽوپائن جيان سينگاريل ۽ سنواريل هوندو. ڇاڪاڻ ته جيڪي آرائشي سِرون ان جي ڀرسان لڌيون آهن، تن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهڙي قسم ڀڳل ٽڪرا هن اسٽوپا جي مرمت ڪرڻ وقت ٺاهيا ويا ۽ هن اسٽوپا جي تعمير ۾ هنيا ويا هئا. ٺُلهن جا بنياد بيٺل آهن ۽ اڃا به رهندا. سندن نمونو مير رُڪڻ ۽ ميرپورخاص واري ٺُلهن جهڙو آهي، انهن مٿان جيڪي تاج رکيل هوندا هئا. سي به مير رُڪڻ جي ٺُلهه جيان سهڻا ۽ ڪاريگري جي نقطي نگاهه کان اعليٰ فن جو نمونو هوندا. چوديواري جيڪا به تعمير هئي سا ڪچين سرن ۽ گاري سان لنبيل هئي.

جيئن مسٽر ڀنڊارڪر ذڪر ڪيو آهي ته اسٽوپا جو وچ، چورس آهي. انهن مان ڏاکڻي ڀت هڪ هئي. سندس خيال هو ته جيڪڏهن تبرڪ آهن ته گهڻو ڪري اتي آهن. پر ٿي سگهي ٿو ته ان کانپوءِ ڪڍيا ويا هجن. بنيادن جي وچ تي اُريبن جي مدد سان وچ لهي سرنگهه هڻائي ويئي. اهو اُريبن جي مدد سان وچ ڪجهه اتر طرف لڙيل هو. پر هتي زمين جي سنوت ڪارڻ تبرڪ ملڻ جي اميد ڪانه هئي ۽ اُتي ڪنهن به تبرڪ جو نشان ئي نه هو. تنهن کانپوءِ هن ڏکڻ طرف کان زمين جي سنوت موافق چورس مرڪزکان وٺي سرنگهه هڻائي وئي، ته اهو ٺُلهه جو بلڪل وچ هو. اتي هن ڪچين سرن جي ٺوس اوساري جو نشان لڌو، جيڪو ڏاڍو خبرداريءَ سان مضبوط بڻايو ويو هو. اهو ان حصي کان وڌيڪ مضبوط هو، جنهن کي هو کوٽي هيٺ پهتا هئا. هنن ڏٺو ته اُتي اڳيئي کوٽائي ٿيل هئي ۽ ان کي کوليو ويو هو، ٻيهر ان کي ڀترن سان بند ڪيو ويو هو. هي صاحب ٻُڌائي ٿو ته اُتي تمام وڏو سوراخ ڪيو ويو هو، جنهن جو مقصد تبرڪ کڻڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو ۽ پوءِ ان کي گاري سان بند ڪيو ويو هو.

سرنگهه جي نموني مان ايئن سمجهه ۾ پئي آيو، ته اها ڏکڻ واري ڏس کان هنئي وئي هئي. هنن جو تبرڪ کڻڻ جو ارادو ڪو ڦُر يا ڌاڙو ڪونه هو، ڇو ته ڌاڙو هڻندڙ، وري آلي مٽيءَ سان ان سرنگهه کي بند ڪونه ڪن ها. پر جيئن ته هي سرنگهه وارو سوراخ مٽي جي وڏن ڀترن سان ڀريل آهي. تنهنڪري شعوري طور تي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته اهي تبرڪ کڻندڙ انهن تبرڪن کي ڪنهن محفوظ جاءِ تي رکڻ لاءِ اُتاولا هوندا. پر رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو ٻئي ڀيري مشاهدو“ ۾ ٻُڌائي ٿو ته: آئون هڪ ننڍي دڙي جو چوٽيءَ معرفت، اسٽوپا جي ٺُلهه جي وٽ ۾، زمين جي سنوت سان، هڪ سُرنگهه هئي، ان ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪيم، جيڪا مقامي دوستن جي چوڻ موجب وڇوئن، بلائن، جنن ڀوتن سان ڀريل آهي. آءٌ اندر ويس ته اها ست اٺ فوٽ مس ڊگهي هئي، پر وئي ڪٿي به ڪانه ٿي. مون پوءِ ٻڌو ته اهو کوٽائي جو ڪم اڳئين دور جي شهزادي مير غلام علي ٽالپر ڪرايو هو. هن کي شڪ هو، جيئن عام مشرقي ماڻهن کي هوندو آهي، ته انهن دڙن يا انهن جي ڀرپاسي ۾ خزانا پوريل آهن. سو هن دولت ڳولڻ لاءِ اجائي وڏي جاکوڙ ڪئي.

رچرڊ برٽن ان سرنگهه کي مٿان ئي ڏٺو هوندو. ڇو ته هو ٺُلهه تي چڙهڻ يا لهڻ بابت ڪجهه نه ٻُڌائي ٿو. شايد اها سرنگهه اسٽوپا مان تبرڪ ڪڍڻ لاءِ هڻي، پاسن مان مٽي ڪڍي، وري ان کي پوريو ويو هجي. ان جو ڀراءُ آهستي آهستي هلندو رهيو. ڇاڪاڻ ته سندس پاسا ڪچين سرن جي اوساري سان بڻايل هئا. هن ايراضي ۾ مينهن نه پوڻ جي برابر آهن. هيءُ اُتي جو ذڪر نه ٿو ڪري جتي مير غلام علي کوٽائي ڪرائي هئي. هو جيڪڏهن کوٽائي ڪرائي ها ته اڳتي وڌيڪ پڻ ڪرائي ها. پر هن اسٽوپا سان ڪابه هٿ چراند ناهي ڪئي، جيڪا صحيح ۽ سالم آهي. جيڪڏهن ٽالپر دڙي جي کوٽائي ڪرائي ها، ته دڙي جي پاسن کان سرنگهون هڻي ڪرائي ها، ان ڪري اسٽوپا جي هيٺيان ان جي مرڪز ۾ ڪجهه ڳڙٻڙ ٿئي ها. هيءَ اهائي سرنگهه آهي، جنهن ۾ رچرڊ برٽن دل ٻڌي لٿو ۽ اٺ فوٽ ڪو گهڻو هيٺ ڪونه آهي.ٺلهه جيئن ته ٻهراڙي واري علائقي ۾ عزت ۽ احترام واري شيءِ هو ۽ مير غلام علي ٽالپر ان کي ڀري، حقيقت ۾ ڄڻ هڪ اخلاقي ڪم ڪيو. سوراخ اڃا هڪ فوٽ مٿي ٿي ويو هو. هن اسٽوپا کي ڪنهن وقت اڪيلو ئي ٿَلهي تي بيٺل هو .پر جيئن ان جي شهرت ۽ مڃتا وڌنڌي وئي ته ان کي ڍڪ ڏئي مٿان ڍڪيو ويو. ٺلهه جون ڀتيون مٿان وٺي تري تائين ڪچين سرن سان اوساريل آهن. اوساري تنان سهائري، سهڻائي ۽ ڪاريگري سان ٿيل آهي پر اسٽوپا جي چار فوٽ مٿان  ڪاٺ جي نئي (Tee) ۽ ان جي مٿان سڌي سادي اڏاوت ڪئي ٿي ڀانئجي.

آءٌ ته مشڪل سان سمجهي سگھان ٿو، ته هي ڪچين سرن جي اسٽوپا جنهن کي مٿان گاري جو ليپو ڏنو ويو آهي سو سعيو ڪري  ٿَلهي تي اڪيلي ۽ پٽ پڌر تي ڇو بنائي وئي هوندي جنهن جو مطلب ته اڌ  اسٽوپا، بنياد ۽ ٿلهو، جنهن جي مٿان ٺلهه وغيره ڪونه هئي هو هڪ مڪمل تعمير هئي. وري ٿيو هيئن هوندو جو ناليسرن واڌاوڙن سان جوڙيل پڪيون پيڙهيون، جنهن ۾ پڪل آراشي سرن وڌيڪ خوب آندي هوندي، جنهن جي آڏو هي ٻُسي ۽ اڍنگي ڪچين سرن ۽ گاري جي تعمير لڄي ٿي هوندي، جنهن ۾ گهڻا قيمتي تبرڪ رکيا ويا هوندا ، اهڙي طرح هي اسٽوپا ڏيندڙ جا سونهري خيال گهائجي پيا هوندا ۽ وڌيڪ تعمير لاءِ دل ٻڌي هوندي.

آءٌ ڀانيان ٿو ته هي اسٽوپا حقيقت ۾ تبرڪ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ تعمير ڪئي وئي هوندي. جيئن ميرپورخاص واري اسٽوپا ۾ آهي، جنهن ۾ تبرڪ مٿان کان سنهي سرنگهه وسيلي لاٿا ويا، جيڪي مسٽر ڀنڊارڪر ڳولهي لڌا هئا . مٿيون سوراخ تئي سان ڍڪيو ويو  هو ۽ اتي ڇٽي به ڪانهي. مٿان وچ تان ٺلهه کي کوٽائي ڪري تبرڪ تائين سولائي سان پهچي سگهجي ٿو. اهو اهڙو ننڍو ۽ سولو رستو هو جو ماڻهو پاسي کان ويهه يا ستاويهه فوٽ سرنگهه هڻي تبرڪ تائين پهچي سگھيو ٿي. هن کان وڌيڪ اهو به ته امن آشتي موٽي اچڻ وقت اهي ماڻهو ساڳين مڏين ۽ ماڳن تي موٽي اچن، ته شمني اسٽوپا ڊاهڻ کان سواءِ ڪڍيل تبرڪ واري ڪوٺڙي ۾ سوي وهابهاولپور ۾ هنيل آهي، جيڪا سنڌ جي سرحد کان اُتر- اوڀر طرف گهڻو پري ناهي جنهن مان هڪ ٽامي جي ڦرهي لڌي وئي، جنهن تي ڪجهه لکيل هو، جيڪا راجا ڪنشڪ دور سان لاڳاپيل هئي. لوهه جا ٽڪرا، ٽامي جا ڪجهه سڪا ، ڪجهه مڻڪا،  زيورن جو ڪجهه ڀڳُ، جيڪي ڪنهن رک جا مليل هئا، سي لڌا ويا آهن. ان کي کڏيءَ (Chamber) جو ترو زمين جي سطح کان پنجٽيهه فوٽ مٿي هو.گهڻو ڪري اسان اسٽوپا جيان جيڪي ٿَلهي جي سنوت سمان هوندا آهن جتان ٺلهه بنايو ويندو آهي. تبرڪ پئسن ۽ دٻلين سان گڏ رکيل هو، جهڙي طرح ڪاٺياواڙ جي جهونا ڳڙهه واري بوريا اسٽوپا جي بيهڪ هئي، تهڙي هتي جي اسٽوپا جي آهي.

مسٽر ڀنداڪر چوي ٿو ته: وچ واري سوراخ جا نشان گنبذ کان هيٺ ٻه فوٽ ڏسي سگھجن ٿا. آءٌ اهو سمجهي ڪونه ٿو سگھان ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي، ته ٺلهه جي مٿان هڪ خالي سوراخ ڇٽي لاءِ هجي. اهو ائين ٿي ڪونه ٿو سگھي ته اسٽوپا کي تئي کان سواءِ ڇٽي به هجي. يا گھڻين مڃتائن وارين اسٽوپائن جيان ان کي به ڇٽي کان سواءِ تئي به هجي. آءٌ ويساهه سان اهو ڪونه ٿو سمجھان، ته اتي ڪا ڇٽي يا ڳريل ڪاٺ جو ٻورو هوندو. ٿي سگھي ٿو ته اهو به ڪو پوترِ سفوف هجي، جيئن اسان بوريا جي اسٽوپا وارين دٻلين مان لڌو هو، اهڙي قسم جا ڪارلي جي چئتا گار مان تبرڪ لڌا ويا. مون ڏٺو ته اها اسٽوپا هڪ ئي پٿر مان ٽڪي جوڙي وئي هجي، جنهن جي تئي مٿان هم چورس ڏهه انچ خانو هو، جيڪو ڪنهن ڪاٺ جي ٻوري سان ڀريل هو ۽ مٿانئس ٻي داٻڙي ڦهڪائي ڏني وئي هئي. مٿئين داٻڙي ڪجھ چمڪدار هئي، جنهن جو مقصد هو ته منجھس تبرڪ رکيل آهي. جيڪڏهن سڏيرڻ جي اسٽوپا ۾ زمين جي سطح سنئين تبرڪ رکيا ويا هجن ته اهو ناممڪن هو ته تبرڪ رکندڙ کڏي جو نانءُ نشان، سرُون، گارو ۽ تبرڪ سڀ هڪ وقت گڏ رکيا هجن ۽ هن ڳالهه جو به گھٽ امڪان آهي، ته کڏي کي مضبوط ۽ محفوظ رکڻ کانسواءِ تبرڪ ان ۾ رکيا هجن.

مسٽر ڀندارڪر جو خيال آهي ته، اصلي اسٽوپا مهاراجا ڪنشڪ جي دؤر کانپوءِ جو آهي. جيڪڏهن اسان ان کي عيسوي سال جي شروعات واري اڏاوت چئون ته غلط نه ٿيندو. جيڪڏهن اسان هن اسٽوپا لاءِ اهو تسليم ڪريون، ته اسان ميرپورخاص ۽ مير رڪڻ وارا ٺُلهه ۽ سنڌ ۾ ٻين ٺُلهن بابت، به ائين چونداسون، جن ۾ هڪ جھڙيون آرائشي سرون ۽ هڪ جھڙي طرز تعمير ٿيل آهي. جيئن آئون برهمڻ آباد وارن احوالن ۾ حوالو ڏنو آهي، ته جنرل هئگ ٻڌائي ٿو ته سنوانڊي جيڪا ان جاءِ جي ڀر سان آهي، جنهن بابت ”مجمل التواريخ“جي ڏند ڪٿا آهي، ته ان کي ڪشمير جي راجا سنڌ تي حملي وقت جوڙايو هو.

سوانڊي سنڌ ۾ ٻڌ جي وڏي وستي هئي، جنهن کي آءٌ ڏيپر گھانگھري جي صورت ۾ سڃاڻان ٿو. جتي مون هڪ اسٽوپا جا کنڊر ڏٺا. هي اها جاءِ آهي جنهن لاءِ چيو ويندو آهي، ته ڪشمير جي راجا تعمير ڪرائي هئي، جنهن راجا جا حوالا ڏنا وڃن ٿا. آءٌ سمجھان ٿو ته اهو راجا ڪنشڪ هو، جيڪو ڪشمير جي راجائن ۾ سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي. سندس نالو هندستان جي سرحد کان ٻاهر به ٻڌڻ ۾ آيو. سندس حڪمراني ۾ سنڏ به شامل هئي. چيو وڃي ٿو ته هن ڪشمير ۾ گھڻا يادگار تعمير ڪرايا. ان سان گڏ اها ڳالهه به فطري لڳي ٿي ته هن ان فوجي مهم کي وڌائي سنڌو درياهه جي ڇوڙ تائين آندو هو. جيئن ڪيئي صديون عبدالرحيم خان خانان ڪيو هو. سمنڊ ڏسڻ جي خواهش به پوري ڪئي هوندائين ۽ گھڻا يادگار يا اسٽوپا به تعمير ڪرايا هئائين. جيڪي  اسان  دريا جي ڪنارن سان اڄ کنڊرن جي صورت ۾ ڏسون ٿا. اهڙا پنجاب صوبي جي بهاولپور ۾۽ سنڌ ۾ ٻين هنڌن تي به آهن. اسان کي اهو به ٻڌايو ويو آهي، ته راجا هويشڪا، جشڪا ۽ ڪنشڪا ڏاڍا پرهيزگار ماڻهو هئا ۽ انهن ڪيترين ئي جاين تي ماٿا، چنتيا، ۽ ٻيون اهڙيو تعميرون ڪرايون. اهي پشاور واري اسٽوپا جي ڀيٽ ۾ ننڍڙا ۽ سنڌ ۾ ٺهيل اسٽوپائن کان اوچائي ۾ پنجوڻا ۽ ڇهوڻا گھٽ هئا.

ڪو دور مقرر ڪرڻ واسطي آءُ اسٽوپا جي شڪل ۽ صورت تي زور ڪونه ڏيندس. ٿي سگھي ٿو ته اهي ڪنهن عام رواجي اصول مطابق جوڙيل هجن. پر ان کان سواءِ ڪي خاص ڳالهيون آهن. مثال طور بيدسا ۾ چيئتيا واري اسٽوپا جي پيٽ جي ماپ گنبذ جي اونچائي کان ٻيڻي آهي ۽ تر ٻن خانن ۾ ورهايل آهي. هيٺيون خانو مٿئين کان ٻيڻو آهي. ڪارلي واري اسٽوپا ۾ اهو هڪ آهي ۽ ماپ ۾ ٽيڻو آهي.

هن تسيانگ، هئايانا ۾ ٻڌ مت جي اسڪول طرف اشارو ڪري ٿو، جيڪو ٽئين صدي ۾ سنڌ ۾ وڏي اهميت وارو هو. هو انهن اسٽوپائن ۾ مورتين جي ڳڻپ ڪري اسان کي ٻڌائي ٿو، ته اهو ڄڻ هڪ مهايانا اسڪول هو. اسان کي ياد رکڻ گهرجي، ته انهن اسٽوپائن جي تعمير کان وٺي هن تسيانگ جي دور تائين، ڪجھ صدين جو عرصو گذريو آهي. ان دوران ڪيتريون ڦيريون گھيريون آيون هونديون. ڪنشڪ ان اسڪول مهايانا جي گھڻي سهائتا ڪندو هوندو. گمان غالب آهي، ته سُڏيرڻ واري  نشانن ۾ پنهنجون مورتيون هونديون، ڇو ته اسان 1857ع ڌاري بمبئيءَ عجائب گھر ڏانهن موڪليل ٻُڌ جي مورتين جا ٺڪر جا پڪل ٽُڪرا، ٻُڌ جي سالم ويٺل ڀانت ۾ مورتي ڏني آهي۔ انهن ۾ ٻُڌ جو مٿو به هو، جنهن ۾ هٿراڌو گھنڊيدار وارن واري ٽوپي پهريل آهي، (ٿي سگھي ٿو ته اهو ڪُٻڙو ديوتا هجي.) اهي سڀ شيون اسٽوپا مان نه، پر ان جي بلڪل ويجھڙائي مان لڌيون ويون آهن. اسٽوپا جي اڏاوت جي تباهي ايڏي ته ٿي  چڪي آهي، جو مسٽر ڀنڊارڪرکي ڪجھ نه ملڻ عجب جي ڳالهه ناهي.

جيڪي مڃتا يا باس واريون مٽيءَ جون دٻليون ڏٺيون ويون. تن مان اسٽوپا جي تعمير جيان ڪنهن دؤر جو پتو ڪونه ٿو پوي. ان مان رڳو اهو پتو پوي ٿو ته انهن تي اکر لکجڻ واري اسٽوپائن کي عبادت جي جاءِ سمجهيو ويندو هو. اهڙي طرح سڪن لاءِ پڻ اهو ڪجهه چئي سگهجي ٿو. رڳو ان هڪڙي سڪي کان سواءِ جنهن جو تعلق ڪنشڪ سان آهي جيڪو جيڪڏهن چالو سڪو هجي ها، ته ڀيٽا طور ڪونه رکيو ويو هجي ها. ٿي سگهي ٿو ته اهو سندس حياتي دوران يا سندس مرڻ کان پوءِ ڪيترو عرصو چالو سڪو رهيو هوندو.

سڏيرڻ جي دڙي کان  اٽڪل ٻه ميل اتر- اولهه طرف هڪ ٽڪري تي پڻ هڪ ننڍي اسٽوپا جا نشان آهن جن مان ڪجهه سرن جا ذرا لڌا ويا آهن جيڪي پليٽ نمبر ايڪويهه ۾ ڏسي سگهجن ٿا. شايد هي ٺُلهه آهي جنهن بابت رچرڊ چوي ٿو ته: سڏيرڻ کان ٽي ميل پري گنجي ٽڪر ۾ هڪ ٻيو ٺلهه آهي. جيڪو هوبهو ان جهڙو آهي. فرق رڳو هيءُ آهي ته اهو قلعو گهڻو تباهه ٿيل آهي. ماڻهن ٺلهه جو نالو هڪ ڪتي جي پٺيان ”ڪتهيار“ رکيو آهي، جنهن تيز فهمي ۽ عقلمندي سان پنهنجي مالڪ جي ملڪيت، جيڪا چورن چوري ڪري پوري ڇڏي، سا وڃي ڳولهي لڌي هئي. سڏيرڻ جي مقدر جيان، ڪُتي جو مقدر به اها ٺاهيل قبر آهي جنهن پنهنجي حياتي پنهنجي مالڪ جي تڪڙ ۽ تيسي سبب وڃائي ڇڏي. وقت کان پوءِ جڏهن مالڪ کي صحيح  حقيقت  جو پتو پيو ته هن پنهنجي اٻهرائي تي ڏاڍو پڇتايو ۽ پنهنجي وفادار ڪُتي مٿان يادگار جوڙايو.(7)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org