سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :72

 حيدرآباد ميونسپالٽي 1853ع ۾ ٺاهي وئي، جنهن گذريل ڪجهه سالن کان شهر جي ڀلائي لاءِ، خاص ڪري سينيٽريءَ جي خيال کان گهڻائي ڪم ڪيا آهن؛ نوان روڊ ٺاهيا ويا آهن ۽ پراڻن روڊن جي مرمت ۽ سنڀال سٺي طريقي سان ڪئي وئي آهي. گڏوگڏ هتي شهر ۽ ڀرپاسي ٻارهن ميلن تائين ڏامر وارا پڪا رستا ٺهيل آهن، انهن رستن تي گاسليٽ سان ٻرندڙ ليمپ چڱي ريت ٻاريا وڃن ٿا. حيدرآباد ميونسپالٽي جي ايراضي اٽڪل پندرهن چورس ميل آهي، هن جي اوڀرندي سرحد سنڌو درياهه سان لڳي ٿي، جنهن ۾ گدو بندر ۽ پراڻي فوج ڪيمپ وارو علائقو اچي وڃي ٿو. مليٽري بيرڪون، آفيسر لائن، ڪميسيريات لائين، گورا قبرستان، ۽ جيڪب تلاءَ ميونسپالٽي حدن کان خارج آهن. حيدرآباد ميونسپالٽي جي 74- 1873ع دوران آمدني 109135 رپيا ٿي، ۽ خرچ 84959 رپيا آيو.

گدو بندر ۾ ميونسپالٽي طرفان ڪيترائي سڌارا آندا ويا آهن، ۽ ڪجهه ٻيا ڪم اڃا جاري آهن. هڪڙو آرام گهر ۽ گاڏين جو وڏو اسٽيڊ توڙي  پتڻ ٺاهيو ويو آهي، گڏوگڏ هڪڙي جاءِ کان ٻي جاءِ تي رکجندڙ دڪو ٺاهيو ويو آهي. جنهن کي درياهه تائين 160 فوٽ تائين وڌائي سگهبو، ته جيئن کيس چاڙهه توڙي لاٿ وارين رُتن ۾ استعمال ڪري سگهجي.

ميونسپالٽي طرفان اسڪولن ۽ طبي استعمال لاءِ ساليانو گرانٽ ڏني وڃي ٿي، ۽ 1874ع واري سال ۾ ادارن کي هيٺين ريت ادائيگي ڪئي وئي؛

گورنمينٽ هاءِ اسڪول کي 480 رپيا، گورنمينٽ سنڌي اسڪول کي 192 رپيا، گورنمينٽ گرلس اسڪول کي 1320 رپيا، سينٽ جوزف واري رومن ڪيٿولڪ اسڪول کي 240 رپيا، گدوبندر اسڪول کي 129 رپيا اٺ آنا ۽ حيدرآباد جنرل لائبريري کي 192 رپيا ڏنا ويا.

گڏوگڏ سٽي چيئرٽيبل ڊسپينسري کي 1952 رپيا ميونسپالٽي طرفان ڏنا وڃن ٿا. حيدرآباد ميونسپالٽي جي وصولي عام طور تي شهري ذميوارين، مارڪيٽ رينٽ، ڍڪ، فيس، ڏنڊ ۽ آفيم مان وصول ٿئي ۽ بنيادي خرچن ۾ پبلڪ ڪم، پوليس، انتظاميا، ڪن ڪچري جي صفائي، اسڪولن ۽ ڊسپينسري کي گرانٽ، روشني ۽ باغباني شامل آهن. ضلعي جو مئجسٽريٽ ميونسپال ڪميشن جو صدر آهي. جيڪا اٺاويهه ميمبرن تي مشتمل هوندي آهي، جنهن مان ايڪيهه يا ته آزاد هوندا آهن يا غير سرڪاري ماڻهو ۽ نون ميمبرن واري مئنيجنگ ڪميٽي منجهانئن ٺاهي وڃي ٿي. حيدرآباد ميونسپالٽي جي 1874ع ۾ آمدني 98469 رپيا ٿي.

حيدرآباد ميونسپالٽي طرفان شهر ۽ حيدرآباد ڪيمپ کي صاف سٿرو پاڻي پهچائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن؛ هاڻوڪي وقت ۾ شهر جي اڪثر ماڻهن کي شهر جي ٽن تلائن مان پاڻي پهچايو پيو وڃي، جيڪو ڊومڻ واهه وسيلي نئين ڦليلي مان مهيا ٿئي ٿو. انهن تلائن ۾ پاڻي جي گنجائش 6092000 ڪيوبڪ فوٽ آهي. سنڌو درياهه مان فوجي ڪيمپ  ڀرسان پاڻي ڇڪڻ واري رٿا، 1865ع ۾ ميونسپل سيڪريٽري چارلس لي آڏو رکي وئي، جنهن شهر کي روزانو 750000 گيلن پاڻي مهيا ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن رٿا تي ڪُل لاڳت جو ڪاٿو پنج لک رپيا، ۽ مٿس ساليانو خرچ 61250 رپيا لڳايو ويو، پر اها تجويز منظور نه ڪئي وئي. 1870ع ۾ رابرٽ برنٽن (اڳوڻي لوڪل فنڊ انجنيئر) طرفان ٻي رٿا جوڙي وئي، جنهن هيٺ سنڌو درياهه مان گدوءَ وٽان پاڻي آڻڻ هو. رٿا هيٺ آندل پاڻيءَ کي قلعي ۾ وڏو ذخيرو ڪرڻو هو، جتان ان کي شهر ۽ ڪيمپ ۾ سولائي سان ورڇ ڪري پيو سگهجي. انهي رٿا تي ايندڙ لاڳت جو ڪاٿو 314000 رپيا لڳايو ويو، جيڪا هاڻي منظور ڪئي وئي آهي ۽ ڪم هلندڙ آهي. هن رٿا جون مکيه ڳالهيون هيٺين ريت آهن:

پاڻي کي گدو بندر وٽ سنڌو درياهه مان ڇڪبو، ۽ ان کي درياهه جي ڪناري سان لڳ يا اٽڪل پنج سئو وال پري، ٻن وڏن تلائن ۾ مناسب مشينري وسيلي گڏ ڪيو ويندو. انهن تلائن مان اهو پاڻي، جنهن ٽڪر تي حيدرآباد اڏيل آهي، تنهن هيٺ پائيپ وسيلي پهچڻو آهي، جتي اهو پاڻي وڏي مقدار ۾ محفوظ ڪيو ويندو. اتان اهو پاڻي جبلن ۾ ٽُنگ ڪري ٻه شاخون ڪڍي وهايو ويندو. جتان هڪڙي شاخ ان تلاءُ ڏانهن ويندي جتان ڪينٽومينٽ کي روزانو هڪ لک گيلن پاڻي مهيا ڪيو ويندو؛ جڏهن ته قلعي ۾ ٺهيل ٻئي کوهه ۾ پاڻي گڏ ڪبو، جتان شهرين کي ضرورت موجب پاڻي مهيا ڪيو ويندو. اهو پاڻي تلاءُ ۽ کوهه مان ٻاڦ وارن پمپن جي سامان وسيلي گهُربل اوچائي تائين مٿي ڇڪيو ويندو. ڪينٽونمينٽ کي پاڻي مهيا ٿيندڙ رٿا جو خرچ 47127 رپيا لڳايو ويو آهي، ۽ سڄي ڪم لاءِ اميد آهي ته اهو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيندو.

حيدرآباد هيٺ ڄاڻايل سول آفيسرن جو هيڊڪوارٽر اسٽيشن آهي. جهڙوڪ؛ ضلعي جو ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ، حضور ڊپٽي ڪليڪٽر، ضلعي جي ڊويزن جا ڊپٽي ڪليڪٽر (سال دوران ڪجهه حصو) ، پوليس جو ڊسٽرڪٽ سپرنٽينڊنٽ، ڊسٽرڪٽ جج ۽ ماتحت سول جج، سول سرجن، ڪينٽونمينٽ مئجسٽريٽ، ايگزيڪيٽو انجنيئر، پبلڪ ورڪس کاتي ۽ سيٽلمينٽ کاتي جا ڪجهه آفيسر (سال جو ڪجهه عرصي دوران) هڪ مختيارڪار ۽ شهري پوليس جو انسپيڪٽر پڻ هتي رهي ٿو؛ پوين آفيسرن جي نگراني ۾ پيادي هٿياربند ۽ غيرمسلح پوليس آهي، جنهن جو انگ 333 ماڻهن تي مشتمل آهي. 1872ع ۾ ڪيل آدمشماري موجب حيدرآباد شهر جي آبادي 35272 ماڻهن تي مشتمل آهي. جنهن مان 13065 مسلمان، 16889 هندو ۽ 367 عيسائي هئا، جڏهن ته ٻين مذهبن ۽ نسلن جا 4951 ماڻهو هئا. هن شهر ۾ رائل آرٽلري جي دستن، يورپي پيادي ريجمينٽ، بلوچ ريجمينٽ ۽ آرڊينينس کاتي جي ڪيترن ئي ماڻهن سميت مقرر آفيسرن ۽ ماڻهن جو تناسب ٻارهن ۽ تيرهن سئو آهي. حيدرآباد گيريزن ۾ گذريل ڇهن سالن دوران 1874ع تائين، اٽڪل 1216 آفيسر ۽ اهلڪار رهيا آهن.

حيدرآباد جي آبادي ۾ مسلمانن واري ڀاڱي ۾ اُهي ٻانها به شامل آهن. جن کي حڪمرانن ۽ ٻين اميرن ٻاهرين ملڪن مان خريد ڪيو هو. هندو آبادي جي حصي ۾ مکيه لوهاڻا آهن، جيڪي ٻن وڏن آڪهين؛ عامل يا سرڪاري ملازم، ۽ شاهوڪار يا واپاري، دڪاندار وغيره ۾ ورهايل آهن. گڏوگڏ هتي برهمڻ، ٺاڪر، ڪيترن ئي جوڳين توڙي فقراءُ جي برادري، سک، يهودي وغيره به رهن ٿا.

حيدرآباد جي آبهوا هميشه خشڪ سمجهي وڃي ٿي ۽ اها ساڳي حالت سياري ۾ پڻ رهي ٿي. جنوري ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرميءَ جو درجو چوهٺ ڊگري ۽ جون مهيني ۾ ٻيانوي ڊگريون رهي ٿو؛ پر سياري جي مهينن ۾ ان درجي ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي. حيدرآباد ۾ وسندڙ سالياني برسات جو تناسب ڇهه انچ آهي- پر 1869ع ۾ گهڻي برسات يعني؛ ويهه انچ پئي هئي، جيڪا مقدار ۾ غير مثالي آهي. عام بيمارين ۾ ٻيڙٻرو، ڇاتي جو زخم، پتو ڊگهو ٿيڻ، ۽ پٿري شامل آهي. ڪالرا به ورلي اچي منهن ڪڍندي آهي. سڀ کان خطرناڪ ڪالرا 1869ع ۾ آئي، جنهن ۾ اٽڪل 300 ماڻهو مري ويا.

حيدرآباد جي ٺهيل شين ۾ پيتين، صندوقن، پين رکڻ جي ڏاٻلين تي سون جو پاڻي چڙهائڻ، عاج جو ڪم، سينگار جو سامان، سون ۽ چاندي جو ڪم ۽ ريشم جو ڀرت چٽسالي ۽ گلدان شامل آهن، جن جي ڪري هي شهر اڳ ۾ به مشهور رهيو آهي. ٽالپرن واري دور ۾ هي شهر پنهنجي توڙيدار بندوقن، تلوارن، خنجرن، مياڻ، زرهن، ۽ ٻين ويڙهه ۾ استعمال ٿيندڙ عسڪري سامان جي ڪري ڏاڍو مشهور هوندو هو. پر سنڌ جي فتح کان پوءِ، شهر جو واپار ڏينهون ڏينهن ناس ٿيندو پيو وڃي. حيدرآباد ۾ وڏي انگ ۾ نرالي ڍنگ سان ”ماٽيون“ پڻ ٺاهيون وڃن ٿيون. جن تي خاص ڪري مهاڻا چڙهي ترندا ۽ عام مڇي توڙي پلا ماريندا آهن. شهر ۾ چاندي، ريشم ۽ سون چڙهائڻ جو ڪم، نه رڳو هندوستان ۾ پر يورپ ۾ پڻ ڏاڍي مڃتا ماڻي آهي، ۽ اهي شيون مختلف موقعن تي انگلينڊ ۽ يورپ جي مختلف  ملڪن ۾ لڳندڙ صنعتي نمائش ۾ رکيون ويون آهن. حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيدين هٿان ٺاهيل شيون جو حوالو اڳ ۾ ئي اچي چڪو آهي، پر اهو هتي به ڄاڻائجي ٿو ته، 1869ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ صنعتي نمائش ۾ انيڪ قسمن جي ڪپڙي جي نماءُ سميت جيل ۾ ٺهندڙ وڇاڻا، غاليچا، کيس، کٿا، چادرون، ٽوال رکيا ويا هئا، جن تي ڪيترا انعام مليا هئا، ايئن شهر جي رهواسين بالومل ڌرمداس ۽ نارائڻ داس جُمينتراءِ کي پڻ سندن طرفان ٺاهيل ڀرت وارن ڇُهن، چادرن، ٽوپين تي انعام مليو هو.

هي افسوس جي ڳالهه آهي، ته حيدرآباد جي مقامي توڙي پرڏيهي واپار جي ڏس ۾ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، جيتوڻيڪ انهي ڳالهه جي سڀني کي ڄاڻ آهي، ته شهر ۾ چڱو چوکو واپار  ٿئي ٿو، جو سنڌ جي ڪيترن ئي شاهوڪار زرخيز ضلعن جو واپاري وکر هتان ٿيندو ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏانهن وڃي ٿو. جڏهن مختلف شين تي ميونسپل ٽيڪس جي وصولي وارو ساليانو سٺ هزار رپيا انگ ڏسجي ٿو، ته ايئن ٿو ڀانئجي ته مقامي واپار ايڏو اهم نه آهي.

جبلن جي ٽڪري جي اُترين حصي، جنهن تي حيدرآباد شهر اڏيل آهي، تنهن جي وسيع سطح تي ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمران گهراڻي جي مرحوم شخصيتن جا مقبرا اڏيل آهن. هتي ڪلهوڙا حڪمرانن جا ٻه مقبرا  آهن (جيڪي انتهائي اتر ۾ واقع آهن) جنهن مان هڪڙو مقبرو غلام شاهه ڪلهوڙي جو، ۽ ٻيو سرفراز خان ڪلهوڙي جو آهي. پهريون مقبرو سهڻو چار ڪُنڊائتو آهي. 1768ع ۾ پڪين سرن، چُن ۽ پٿر سان ٺهرايل هن مقبري ۾ ٺاهوڪو گول گُنبذ آهي، مقبري ۾ پٿرن تي چٽسالي ۽ اُڪر جو ڪم ٿيل آهي، اندران چوني جي پوچي ٿيل اٿس، ڏاڍا ٺاهوڪا رنگ واپرايا ويا آهن، ۽ ڀتن تي قرآني آيتن جا جملا اُڪريل آهن. مقبري جي اندرين حصي ۾ اڇو ماربل پٿر لڳل آهي، ۽ هي مقبرو ٽڪري تي واقع ٻين سڀني مقبرن کان سونهن ۾ سرس آهي. بدقسمتي سان ان جڳهه جي گذريل چاليهن سالن کان مرمت نه ڪئي وئي آهي، نه ئي ڪنهن ان کي محفوظ رکڻ لاءِ ڪي ڪوششون ورتيون آهن. هڪڙي ڪنڊائتي دروازي تي سنڌي ۽ فارسي شعرن جي اُڪر ٿيل آهي. اهو ڀانئجي ٿو ته غلام شاهه جو مقبرو سندس پٽ سرفراز خان 1771ع ۾ ٺهرايو هو.

ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي ياد ۾ مقبرو 1785ع ۾ ٺهرايو ويو. مقبري ۾ چٽسالي جو ڪم ٿيل آهي، ۽ سٺي حالت ۾ آهي، جيڪو هينئر به مذهبي مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جڏهن ته ٻيا چار مقبرا ٽالپر گهراڻي سان واسطو رکن ٿا. جنهن مان مير ڪرم علي جو چار ڪنڊائتو گنبذ وارو مقبرو ڏاڍو ٺاهوڪو ٺهيل آهي. مقبري جي هڪ ڪُنڊ تي بُرج يا مينار آهي. 1812ع ڌاري ٺهرايل مقبري ماربل پٿر سان سينگاريل آهي. ۽ ڪاشي جا چونڪا لڳل آهن. ٻيا مقبرا مير مراد  علي، نور محمد، نصير خان ۽ شهدادخان جي ياد ۾ 1847ع ڌاري ٺهرايا ويا. جن ۾ پڪين سرن ۽ جپسم سيمينٽ جو استعمال ٿيل آهي. ٻاهرين پاسي کان ڪاشي جا رنگين چوڪا لڳل آهن، جڏهن ته مقبري جي اندرين پاسي اڇو ماربل واپرايل آهي، ۽ ڀتيون رڱيل ۽ مٿن اُڪر ٿيل آهي.  مير غلام شاهه ۽ فضل جا مقبرا 1855ع ڌاري ٺهرايا ويا. جڏهن ته مير محمد جو مقبرو 1857ع ۾ ٺهرايو ويو. ٽالپرن جا سمورا مقبرا، مير ڪرم علي جي مقبري کان سواءِ، سٺي حالت ۾، ۽ ٽالپر گهراڻي جي نگراني ۾ آهن. اُهي مقبرا گنجي ٽڪر جي مٿانهين ٿلهي جي اُترين پاسي هڪڙي قطار ۾ ٺهيل آهن، پر اهي حيدرآباد قلعي جي گول ٽاور جيڏا اوچا نه آهن. تنهن هوندي به اُهي پري کان چٽا ٿا ڏسڻ ۾ اچن.

سنڌو درياهه جي ڪناري ويجهو ۽ حيدرآباد شهر جي وچ ۾، اٽڪل ٽي ميل ڊگهو هڪڙو سٺو روڊ ٺهيل آهي، جنهن جي ٻنهي پاسي وڻڪار لڳي پيئي آهي. جنهن کي اڳ ۾ فوجي ڪيمپ يا ڇانوڻي طور تي سڏيو ويندو هو. هي اهو ماڳ آهي جتي ريزيڊنٽ سر جيمس آئوٽرام 15 فيبروري 1843ع تي، پنهنجي ڪمان هيٺ، ننڍڙي فوجي دستي سان ڏاڍي بهادري سان، سنڌي سپاهين جي خطرناڪ حملي کي منهن ڏنو هو. هاڻي اهو هنڌ مير جو ٽنڊو جي نالي سان مشهور آهي، جنهن جي ڀرپاسي سنڌ جي اڳوڻن ٽالپر حڪمرانن جا گهر آهن.

اهو فرض ڪيو وڃي ٿو، ته هاڻوڪو حيدرآباد جو قلعو اڳوڻي شهر نيرون ڪوٽ واري جاءِ تي اڏيل آهي. جنهن جو ذڪر صوبي جي اوائلي تاريخ ۾ ملي ٿو. جڏهن 712 – 711ع ۾ محمد بن قاسم ثقفي حملو ڪيو هو، تڏهن سامونڊي بندرگاهه ديبل تي قبضي ٿيڻ کان پوءِ، نيرون ڪوٽ جي حاڪم خاموشي سان عرب حڪمراني کي تسليم ڪيو هو. اهو سمجهجي ٿو ته تڏهن سنڌو درياهه جو مکيه وهڪرو شهر جي اڀرندي حصي، گهڻو ڪري پڪ آهي، ته ڦليلي واهه جي هاڻوڪن ڪنارن وٽان وهندو هو. تنهن کان پوءِ ايئن پئي لڳو، ته نيرون ڪوٽ جو اڳتي ڪو ذڪر نه ٿيندو، پر اهو شهر تڏهن وري منظر تي آيو، جڏهن 1768ع ۾ غلام شاهه هاڻوڪو حيدرآباد جو شهر ٻڌايو. جنهن جو مقبرو، ساڳئي جبل جي ٽڪريءَ جي اُترين ڇيڙي تي، جنهن تي شهر اڏيل آهي، هينئر موجود هوندي به افسوسناڪ حالت ۾ آهي. هتي ئي سندس ٽي جانشين سرفراز خان، غلام نبي خان ۽ عبدالنبي خان رهيا ۽ شهر کي سنڌ جي راڄڌاني بڻايائون. ٽالپر گهراڻي طرفان اقتدار تي والار ڪرڻ کان پوءِ، مير فتح علي خان قلعي جي مرمت ڪرائي ۽ حيدرآباد شهر وچولي سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ آڪهه جي راڄڌاني رهندو آيو. حيدرآباد راڄڌاني اوستائين رهيو، جيستائين 17 فيبروري 1843ع تي مياڻي جي ويڙهه کان پوءِ شهر ۽ قلعو غير مشروط طور تي برطانوي فوج آڏو پيش پيا ۽ 1843ع ۾ سرچارلس نيپيئر طرفان سنڌ صوبي کي فتح ڪيو ويو. پوءِ حيدرآباد کي هڪدم حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جو مکيه شهر ۽ هيڊڪوارٽر ٺاهيو ويو، جنهن ۾ اڃان تائين ڪابه تبديلي نه ٿي آهي. اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي.

هالا

هالا حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ جي نوشهرو ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ، ٽنڊو ۽ حيدرآباد جي دوآبي واري علائقن وچ ۾ ڦهليل وڏي ۾ وڏي ڊويزن يا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ آهي. هن جي اُتر ۾ نوشهرو ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جو تعلقو سڪرنڊ، ڏکڻ ۾ حيدرآباد تعلقو، ۽ ٽنڊي ضلعي جو حصو، ۽ اوڀر ۾ ٿر ۽ پارڪر ضلعو ۽ اولهه ۾ سنڌو درياهه آهي. هالا جي اتر کان ڏکڻ تائين ڊيگهه شايد اٺونجاهه ميل، ۽ اوڀر کان اولهه تائين ڊيگهه ستونجاهه ميل آهي. ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڪاٿي موجب سڄي ضلعي جو علائقو 2500 چورس ميلن تي ڦهليل آهي، پر سنڌ سروري کاتي موجب 2558 چورس ميل آهي. هالا چئن تعلقن – هالا، ٽنڊو الهيار، شهدادپور ۽ ميرپورخاص - ۾ ورهايل آهي، جنهن جي ڪُل آبادي 216139 ماڻهن تي مشتمل آهي.

هي ضلعو سنڌ جي ٻين علائقن جيان سنڌو درياهه سان لڳ واقع آهي. ۽ هتي جي زمين تراکڙي، لٽاسي آهي. هتي ڪوبه جبل نه آهي. زراعت گهڻو ٻوڏ جي پاڻي تي ٿئي ٿي. زراعت سنڌوءَ مان نارن وسيلي ڇڪي آندل پاڻي تي ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته ڪجهه علائقو درياهي ٻوڏ تي پڻ آباد ٿئي ٿو. هتي ڪيترائي ننڍا وڏا ٻيلا به آهن. ۽ واهن ڪڙين ڪسين جي ڪنارن تي چڱي انگ ۾ وڻ پوکيل آهن. هن ڊويزن جي گهڻي زمين وارياسي ۽ ڪڙمت جوڳي نه آهي، جنهن ۾ جهنگ جي ٻوڙن سان ڍڪيل زمين به شامل آهي ۽ اها ساڳي صورتحال ميرپورخاص تعلقي سان پڻ آهي. جنهن جون سرحدون ٿر ۽ پارڪر ضلعي سان لڳن ٿيون. هالا ۾ سنڌ درياهه مان نڪرندڙ گهارا يا شاخون چار آهن، جن ۾ راڻا، ڀاڻوٽ، محمودا ۽ ڳاهوٽ آهن.

هالا ضلعي جي آبهوا، ڪنهن به حالت ۾ حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ کان جدا ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هتي رڳو ٻه موسمون، گرمي ۽ سيارو شمار ۾ اچن ٿيون. گرميون اپريل کان شروع ٿي نومبر ۾ پڄاڻي کي پهچن ٿيون. جڏهن ته رهيل حصي کي سيارو چيو وڃي ٿو. هالا ۾ عام طور تي گرميءَ جو درجو نوي ڊگريون ۽ روزانو گهٽ ۾ گهٽ اوڻهتر ڊگريون رهي ٿو. هتي ساليانو پنجن کان ڇهن انچن تائين برسات وسي ٿي. جڏهن ته ٻوڏ واري موسم ۾، خاص ڪري آڪٽوبر، ڊسمبر ۾، ماڻهو هلڪي ٻري (تپ) ۾ ورتل هوندا آهن. هتي 1865ع ۾ ڪالرا مُنهن ڪڍيو هو ۽ تازو هاڻي ٻيهر 1869ع ۾ ڪالرا جا مريض پڻ ڏٺا ويا آهن.

هالا جو سڄو ضلعو ميداني علائقي تي مشتمل آهي، پر ڪٿي ڪٿي زمين ڪلراٺي ۽ لوڻياٺي به آهي، جڏهن ته اڪثر زمين لٽياسي يا وارياسي آهي. هتي زمين جا چار قسم ليکيا وڃن ٿا: ڊسڙ، پڪي، وارياسي ۽ ڪلراٺي.

هالا ضلعي جانورن ۾ لومڙ، گدڙ، بگهڙ، سوئر ۽ ڦاڙها آهن. جڏهن ته پکين ۾ آڙيون، بدڪون، پاريهل، ڪبوتر، ڪوئل، ڪانو، ڪٻرون، ۽ چٻون شامل آهن. نانگن جا انيڪ قسم ته جتي ڪٿي ڏسڻ ۾ ايندا. جڏهن ته گهريلو جانورن ۾ گهوڙو، اٺ، ڍڳو، گڏهه، مينهن، رڍ ۽ ٻڪري شامل آهي.

هالا ضلعي جي پيداوار ۾ جوار، ٻاجهري، ۽ ڪپهه شامل آهي. جڏهن ته ڪڻڪ، مڪئي، تماڪ، اناج، چانور، ڄامڀو، ڪمند، مٽر، ۽ سرنهن پڻ گهڻي پکيڙ ۾ پوکي وڃي ٿي.

هالا ضلعي ۾ ٻيلن ۾ جکري، مٽياري، سيکاٽ، کيبراڻي، کاڻوٽ، راڻو، نورڪيٽي، ڀاڻوٽ، ڪيٽي  شامل آهن. جنهن ۾ ٻٻر، ديويون، نم، ٻيريون، گهڻيون ٿين. ٻيلي کاتي موجب هالا ضلعي جي چاليهه چورس ميلن تي ٻيلا پکڙيل آهن. هتي ٻٻر به سٺو ٿئي ٿو، جيڪو ٻاڦ تي هلندڙ ٻيڙن ۾ استعمال ٿئي ٿو. اهو ڪاٺ واڍڪي ڪم ۾ ڪارائتو آهي، هن جو ڇوڏو، لاک ۽ پن رنگائي ڪم  ۾ ڪم اچن ۽ ٽاريون جانورن جي چاري ۾ واپرائجن ٿيون. واهن يا ڍنڍن مان ڄرڪو، کڳو، گوج مڇيون ماريون وڃن ٿيون. هتان گهڻي انگ ۾ مڇي ماري وڃي ٿي. ڍنڍن ۾ نَڪُر، ڳاهوٽ، ڪولاب محمودا، ڍنڍ کيبراڻي، ڪُن دارو (يا کنڊُو)، ڊُٻا شامل آهي، جڏهن ته سنڌو درياهه مان پلو ماريو وڃي ٿو.

هتي جي ماڻهن جا ويس وڳا، سنڌ جي اڪثر علائقن جي ماڻهن، خاص ڪري وچولي سنڌ جي ماڻهن جهڙا آهن. مسلمان پٽڪو، سُٿڻ ۽ پهراڻ گهڻو پائين ٿا. جڏهن ته هندو پڳڙي، انگوڇو ۽ ڌوتي پائين ٿا.

هالا ضلعي ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ گهڻو ڪري مال جي چوري ۽ کاٽ هڻڻ شامل آهي. 1872ع کان 1874ع تائين ٽن سالن دوران ڪُل ايڪيهه ماڻهو – عورتون توڙي مرد – قتل ڪيا ويا. جڏهن ته 928 ماڻهو زخمي ٿيا. چوريون هڪ هزار ٿيون، جن ۾ گهڻو ڪري مال جي چوري شامل آهي. کاٽ جون وارداتون 256 ٿيون، ڦُرون پنج ٿيون. جڏهن ته ٻيا ڏوهه 1786 ٿيا.

ضلعي جو محصول ۽ عدالتي نظام سنڌ جي ٻين ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جيان ساڳيو آهي. ڊپٽي ڪليڪٽر کي مڪمل طور تي محصول ۽ مئجسٽريٽ جون ذميواريون عطا ٿيل آهن. هالا جي چئن تعلقن جا مختيارڪار هن جي ماتحت آهن. اهي مقامي محصول آفيسر آهن. جن کي هڪ سئو کان ٻه سئو رپيا ماهوار پگهار ڏني وڃي ٿي ۽ ڇهه منشي توڙي پٽيوالا به رکيل آهن. جيڪي ضلعي مان سرڪاري وصوليون ڪن ٿا. مليل اختيارين هيٺ پنهنجي حد ۾ مئجسٽريٽ جون ذميواريون نڀائن ٿا. مختيارڪار جي ماتحت هرهڪ تپي تي هڪ تپيدار مقرر ٿيل آهي، جن جو انگ چوويهه آهن. تپيدارن جي ماهوار پگهار پندرهن کان ويهه رپيا آهي.

هالا، سعيدآباد، مٽياري، شهدادپور، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو آدم، نصرپور، ميرپور ۽ گورچاڻي ۾ ڍڪ به آهن. جيڪي ڍڪ منشي جي هٿ وس آهي. اُهي مئجسٽريٽ جي اختيارن وارن آفيسرن هيٺ ڪم ڪن ٿا.

سڄي هالا ضلعي ۾ هڪڙي سول ڪورٽ آهي. جنهن جو هيڊڪوارٽر هالا شهر ۾ قائم آهي، ڪورٽ ۾ مقامي ماتحت جج مقرر ٿيل آهي، جنهن کي اڳي منصف چئبو هو. هالا ضلعي ۾ مقرر ڪيل پوليس  جو انگ 164 آهي، اهڙي ريت 1029 ماڻهن پويان هڪڙو هٿياربند پوليس وارو مقرر ٿيل آهي، ۽ ٽيتاليهه گهوڙي سوار آهن، هٿياربند ۽ بغير هٿيار بند چوهتر سپاهي آهن، ۽ ميونسپل پوليس ستيتاليهه ڄڻن تي مشتمل آهي.

هالا ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ مان اُڳڙجندڙ محصول گهڻو ڪري ڍل، آبڪاري، شراب، آفيم، اسٽيمپ، لوڻ، ٽپال گهر، آمدني ۽ سرٽيفڪيٽ ٽيڪس، ڏنڊ، ۽ رجسٽريشن فيس مان وصول ٿئي ٿو. 74- 1873ع دوران وصول ٿيل آمدني 369704 رپيا هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org