سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :93

 ڏيوري هڪ شاهي ٺُل آهي؛ هيٺ چورس، پر جيئن مٿي، تيئن سوڙهي. وچ ۾ سنگ مرمر جي ويڪري سر تي انگريزي لفظ اُڪريل آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته 17- فيبروي ۽ 24- مارچ 1843ع ۾ سنڌ جي ميرن سان لڙائي ٿي هئي، تنهن جي يادگيريءَ ۾ هي ٺُل سرچارلس نيپيئر جوڙايو. انگريزن جي لشڪر مان جيڪي ماڻهو مئا هئا، تن جا نالا به اُڪريل هئا. يورپين جي نالن سان گڏ ڪيترن ڏيهي ماڻهن جا به نالا هئا، جهڙوڪ نائڪ پير خان، حوالدار گندادين، موهن سنگهه، باباجي راءِ، سهراب جي ۽ ٻيا. مطلب ته هندو مسلمان ۽ پارسي سڀ انگريزن جي لشڪر ۾ هئا.

ڏيوريءَ جي ٺُل جي چوڌاري لوهه جو ڪٽهڙو آهي ۽ چئني ڪُنڊن کان پٿر جا ٿنڀا آهن. ڪٽهڙي جي دروازي وٽ به پٿر جا ٿنڀا آهن. انهن ڇهن ئي پٿرائن ٿنڀن تي لوهه جا گولا وڏي کينهوڙي جيڏا هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن. پهريائين هرهڪ قطار ۾ چار چار، انهن جي مٿان ٽي ٽي، پوءِ ٻه ٻه ۽ سڀني جي مٿان هڪ هڪ گولو رکيل هو. اُهي گولا ٿنڀن جي سونهن لاءِ آهن ۽ ڏسڻ لاءِ خاص طرح ڪهي وڃجي. سر چارلس نيپيئر جيڪڏهن ڪشادي دل ڪري هن کان وڌيڪ عمدو يادگار جوڙائي ها ته سندس ذات ڀائي انهيءَ ڏيوريءَ نسبت اهڙي سخت ڪلامي نه ڪن ها، جهڙي هاڻ ڪئي اٿن، جو اُن کي بد زيبو ۽ نيچ يادگار ڪوٺيو اٿن.

دُٻي واري لڙائي جو ٿورو ذڪر حيدرآباد جي قلعي جي بيان ڪندي اڳيئي ڏنو ويو آهي. مياڻي ۽ دُٻي جي وچ ۾ گهڻو پنڌ آهي. دُٻي ڏي وڃڻ لاءِ ڏيٿا اسٽيشن تان وڃبو آهي. انهي پاسي ناريجا ذات جا ماڻهو ويٺا آهن، تنهنڪري اهو ڳوٺ ناريجن جو سڏجي ٿو ۽ دُٻن جي لڙائي کي ناريجن جي لڙائي به چئبو آهي.

ڏيوري ڏسي پوءِ ڪاٺڙي  وارو رستو ورتوسين. واٽ تي نونارين جو ڳوٺ آهي، جو ڏيوريءَ جي ويجهو آهي. هن ڳوٺ جي ويجهو نُونرن جا نشان آهن. نوُنر منعيٰ کڏ يا ٻارو، جنهن مان لوڻ ڪڍجي ۽ نُوناري يا لُناري معنيٰ لوڻ جوڙيندڙ، انگريزن جي صاحبيءَ کان اڳي هتي جا ماڻهو ڪلر مان لوڻ جوڙي اهو حيدرآباد ۾ سستي اگهه ۾ وڪڻندا هئا، ڪلر مان لوڻ هن طرح جوڙيندا هئا:

هڪ ڪکائون منهن جوڙي ان جي ڇت ڪلر هاري تنهن جي مٿان پاڻي ڇڻڪاريندا هئا ته ڳاڙهي مٽي ڇت مان لهي هيٺ وهندو هو ۽ اهو سڀ هڪ کڏ ۾ وڃي ڪٺو ٿيندو هو. انهي پاڻي کي وري به ڌوئندا هئا ته ڪلر وڃي تر وٺندو هو ۽ مٿان لوڻ ڄمي پوندو هو. هاڻ ڪلر مان لوڻ ٺاهڻ سالٽ ايڪٽ هيٺ ڏوهه آهي، تنهنڪري رڳو سرڪاري ڊيپن ماريپور، سارن ۽ ڍليار جو لوڻ سنڌ ۾ کپي ٿو. پنجاب مان به لوڻ سنڌ ۾ اچي ٿو، جيڪو عام طرح سينڌو لوڻ سڏجي ٿو. حقيقت ڪري سينڌو لوڻ معنيٰ سنڌ جو لوڻ؛ پر اهو لوڻ سنڌ جو نه آهي.

مٽِياري

مٽياريءَ کي اصل متعلوي چوندا هئا. اهو نالو هن طرح پيس:

حضرت محمد ﷺ جي نياڻي بيبي فاطمہ حصرت علي عه سان پرڻيل هئي. حضرت علي کي انهي گھر مان  ٻه پٽ  امام حسن ۽ امام حسين ٿيا، جن جو اولاد  حسني  ۽ حسيني سيدآهن.شاهه لطيف حسيني  سيد هو. بيبي فاطمه جي جيئري  حضرت  عليؓ ٻي شادي  ڪانه ڪئي، پر هن کان پو ءِ اٺ زالون پرڻيو، جن مان تيرهن پٽ ۽ ارڙهن نياڻيون  ٿيس. سندس ٽن پٽن  حنفيه، عباس  ۽  عمر جا اولاد حضرت  عليؓ  جي نالي پٺيان ”علوي“ سڏبا آهن، انهن علوين مان مير علي نالي هڪ سيد تيمور بادشاهه جي ڏينهن ۾ هرات کان  سنڌ ۾ آيو. هن جي اولاد  مان صاحب سمون نالي هڪ سيد اهو شهر 1322ع ڌاري ٻڌو  ۽ علوي سيدن جي  نالي پٺيان هن کي  متعلوي  سڏيائين. متعلوي مان پوءِ نالو مٽياري ٿيو . اهو شهر حيدرآباد کان  سترنهن ميل پري اُترطرف هالن تعلقي ۾ آهي ان کي الهڏنو ساند اسٽيشن ويجھو آهي. جڏهن ريل  گاڏي ڪانه هئي، تڏهن ماڻهو مياڻي وارو رستو وٺي مٽياري ويندا هئا، ۽ اڄ به اهو رستو وهندڙ آهي.

مٽياري ۾ نه رڳو اڳي علوي، پرحسني ۽  حسيني سيد به رهندا هئا. شاهه ڪريم مٽياري ۾ رهندو هو ۽ پو ءِ وڃي ٽنڊي محمد خان طرف بلڙي  جو ڳوٺ وسايائين. شاهه لطيف به مٽياري جي سيدن مان هو  ۽ هن وڃي ڀٽ وسائي . ٽنڊي محمد خان  نظر محمد شاهه  جو وڏو ميلو لڳندو آهي. هو صاحب تازو 1895ع ۾ وصال ڪري ويو ۽ اهو به مٽياري جي سيدن مان هو .

ساجن سوائي ڪوچي ۾  ونگ  ولهار جي پرڳڻي ۾ رهندو هو  ۽ هن جو ميلو اڄ تائين ٽنڊي باگي ۾ لڳندو آهي. اهو صاحب  به مٽياري جي سيدن مان هو ۽ مخدوم نوح هالن واري جو مريد  هو، اهڙي طرح مٽياري ۾ گھڻا سيد ٿي گذريا  آهن،  جن مان پير هاشم شاهه  ۽ پير رڪن شاهه جون درگاهون اڄ  تائين مٽياري ۾ آهن، ۽ چڱيون ٺهيل آهن .پير هاشم شاهه جو مقبرو  1762ع ۾ ۽ پير رڪن شاهه جو1765ع ٺهيو هو، مٽياري  جي سهڻي  جامع مسجد آهي، جيڪا 1803ع ۾ ٺهي هئي ، هتي  هر سال سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ڌاري ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ اٽڪل ٻه ٽي هزار مسلمان اچي ڪٺا ٿيندا آهن.شهر ۾ اٽل ساڍا ڇهه هزار مسلمان رهن ٿا ، جن مان سيدن ۽ شيخن جي اتي چڱي هلندي آهي.

هالا

مسلمانن جي هڪ ذات جو نالو ”هالا“ آهي،جنهن تان هالن جي شهر تي نالو پيو آهي. هالن جا شهر ٻه آهن: هڪ هالا پراڻا، ٻيو هالا نوان، جن جي وچ ۾ مفاصلو  رڳو ڪوهه کن جو آهي. پراڻن هالن جو شهر  سمن جي صاحبي ۾  1422ع ڌاري ٻڌو، پر پوءِ درياهه شاهه جي ڌڙڪن ماڻهن کي  منجھايو ۽ ڪيترن پنهنجا اصلوڪا  ڇنا ڇڏي  نوان پٽ وسايا. نون هالن جي شهر جو  اصلو ڪو نالو مرتضيٰ آباد هو . اهو نئون شهر ارڙهين صديءَ ۾ مخدوم مير محمد ٻڌايو هو. جنهن جو مقبرو اڄ تائين اتي آهي. نون هالن ۾ مخدوم نوح جي به درگاهه آهي  ، انهي درگاهه ۾ جيڪي لکيتون آهن تن مان هڪ وڏي لکيت مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو مقبرو مخدوم محمد زمان جوڙايو هو. اهو مقبرو 1790ع ۾ ٺهيو  ۽ ان  جي مٿان ساڳئي سال ۾ فتح علي خان ٽالپر قُبو اڏايو هو. مخدوم مير محمد جو مقبرو به فتح علي خان ٽالپر جو اڏايل آهي، ٻنهي مقبرن جي ويجھو مسجد آهي، جيڪا ڪرم علي خان ٽالپر جي جوڙايل آهي، هتي ٽالپرن ڇو هي خرچ ڪيا آهن، سو هن ڪري جو مخدوم  نوح سنڌ جي هاڪارن درويشن مان هڪڙو آهي. حقيقت ڪري سنڌ ۾ ٽي مرشد ليکيندا آهن:  هڪڙو مخدوم لعل شهباز قلندر سيوهاڻي ، ٻيو مخدوم نوح هالن وارو  ۽ ٽيون مخدوم بلاول باغبان  تعلقي دادو وارو. هن شهر جو مخدومن  جي ڪري مان مرتبو آهي ۽ ڪاريگري جي ڪمن هالن کي هاڪارو ڪيو آهي نه ته هتي ٻيو ڪجھ ڪونهي  يعني ڪو هتي اهڙو نزاڪت  ڀريو نظارو ڪونهي، جنهن جو ذڪر ڪجي؛ باقي درياهه جو ڀر آهي. جنهنڪري وڏا وڏا وڻ  واٽن تي آهن ، سِڄِي  هالا تعلقي ۾ پڪي زمين ٿوري آهي؛  باقي دسڙ، وارياسي ، ۽ ڪلراٺي گھڻي آهي.  

هالن جي شهر ڪاشي جو سامان ۽ جنڊي جي ڪم ڪري گھڻو هاڪارو ڪيو آهي، حقيقت ۾ عاليشان هندورا ۽ پلنگ ۽ سهڻا گنج، جن تي ميناڪاري ٿيل هوندي آهي، سي کاڻوٺ تعلقي هالا ۾ ٺهندا آهن؛ پر اهو سڀ هالن جو سامان سڏبو آهي. هالن جو ڪاشي  جو سامان يوروپي ماڻهو دل ڪري وٺندا آهن؛ پر سنڌي ماڻهن ۾ ان جو قدر ڪونهي، جھڙو هئڻ گھرجي.

هالن ۾ سوسيون ۽ چيڪ به ٺهندا آهن. هالن جي چيڪن جو ذڪر هڪ ڪافي ۾ آهي، تنهنڪري اها اتي ڏجي ٿي:

ڪافي: طرز- پاڻ سان نينهن نه لائجي.

ملڪ جي مان وڌائڻ لاءِ، ڪپڙو پايو سڀ ديس جو

نٽ شٽ کي سڀ ڏيو نيڪالي، سادي هلڻ لاءِ

هنر هزارين مئل جياريو، هنرن زور وٺائڻ لاءِ

ساڌو هيرانند ۽ نولراءِ، پاتا ٿي چيڪ چتائڻ لاءِ

چيڪ هالن جا ساڌن پاتا، هنرن کي همٿائڻ لاءِ

جهڙي اسان ڪي ڪونه ڪري ڪو ديس مان بک مٽائڻ لاءِ

سوال ڀارت جو سڻو سنڌو واسي، ديس سان ڀال ڀلائڻ لاءِ

ڪپڙو پايو سڀ ديس جو

هالن ڏي وڃڻ لاءِ ٽنڊي آدم يا شهدادپور اسٽيشن تي لهبو آهي. ٽنڊي آدم کان وڃبو ته واٽ تي شاهه جي ڀٽ ايندي، جنهن جو ذڪر ڪيترن ڪتابن ۾ آهي، جو اهو ڳوٺ سهڻي لطيف ٻڌايو هو، جنهنڪري هو عام طرح ڀٽائي گهوٽ سڏجي ٿو. شهدادپور کان هالن ڏي وڃبو ته اُڏيري لعل جو درشن سولائي سان ڪري سگھبو.جيڪڏهن ڪنهن کي دادو پاسي کان هالن ڏي وڃڻو هجي ته گوپانگ اسٽيشن تي لهي پوي، جو اتان پنڌ رڳو چار ڪوهه آهي؛ پر گتڻ لانگھائو پنڌ آهي. خشڪي جي رستي هالن وڃڻ لاءِ حيدرآباد جي ڪاري ڦڙدي وٽان مياڻي ۽ مٽياري وارو رستو وٺي وڃبو آهي؛ هن پاسي حيدرآباد ضلعو، نواب شاهه ضلعي سان اچي ملي ٿو ۽ ٻئي ضلعا ڄڻ ته هن پاسي اڏيري لعل جي در جا دربان ٿي بيٺا آهن.

خدا آباد (نئين)

خدآباد جو شهر نون هالن کان ڏيڍ ميل پري آهي ۽ ٽنڊي آدم جي اسٽيشن کان ساڍا اٺ ڪوهه کن پري آهي، هي شهر ميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1774ع ڌاري ٻڌايو هو. انهيءَ کان اڳي ڪلهوڙن جو تختگاهه اهو خدا آباد جو شهر هو، جيڪو دادو پاسي آهي؛ پر کوسن انهيءَ شهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهنڪري ميان غلام شاهه ڪلهوڙي نيرن ڪوٽ (حيدرآباد) وسائڻ جي ڪوشش ڪئي. جيستائين حيدرآباد جو قلعو ۽ ٻيون جايون جڙيون، تيستائين ڪلهوڙا ڪجهه وقت شاهه پور ۾ رهيا ۽ پوءِ هي خدا آباد جو شهر وسايائون، جو 1789ع تائين سندن گاديءَ جو هنڌ هو. غلام شاهه ڪلهوڙو حيدرآباد کي پنهنجي تختگاهه بنائڻ کان اڳ پاڻ حياتيءَ جي تخت تان لهي پيو. مير فتح علي خان کانپوءِ حيدرآباد کي پنهنجو تختگاهه ڪيو، پر تڏهن به هي خدا آباد جو شهر چڱو وسيل هو. 1814ع تائين نئون شهر اهڙو وسيل هو، جھڙو حيدرآباد جو شهر انهي سال وسيل هو؛ پر ٽيهن ورهين کان پوءِ يعني 1844ع ڌاري هن خدا آباد جو اهڙو حال ٿيو، جو منجھس نالي تي هڪ گھر به ڪونه بچيو. ڪيترا پير مرد چون ٿا ته هي شهر درياهه پائي ويو، جنهنڪري ماڻهو هتان لڏي ويا. تواريخن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته هي شهر ڦٽڻ کان اڳ ڪيتري قدر ڌڪاڻجي به ويو هو.

هن وقت خدا آباد جو شهر ماٺيڻن جو پاڙو (قبرستان) آهي. هتي هڪ ڪوٽ ٺهيل آهي، جنهن جي اندر مير فتح علي جو قبو آهي، جيڪو اندران سڄو پٿر جو آهي ۽ مٿس عمدو نقش اڪريل آهي. قبي ۾ ٻين ميرن جون قبرون آهن، جيڪي سڀ پٿر جون آهن ۽ مٿس قرآن شريف جون آيتون خوشخط لکيل آهن. انهي قبي جي صحن جي اڀرندي پاسي پٿر جون چار چوکنڊيون آهن، جن جي اتر طرف هڪ تجر ۾ ٻه تربتون آهن، جن مان هڪ تربت مائي خيري جي آهي، جيڪا مير فتح علي خان جي ماءُ هئي. مائي خيري جي مسجد حيدرآباد ۾ ميان فقير جي پڙ ۾ آهي ۽ پاڻ هتي پنهنجي پٽ جي ڀر ۾ دفن ٿيل آهي.

خدا آباد واري ڪوٽ جي ٻاهران مسجد آهي، جنهن جي اتر طرف چؤديواري اندر پٿرايون چوکينڊيون آهن، جن تي اڪر جو ڪم نهايت عمدو ٿيل آهي. هتي الهندي پاسي هڪ اٺ جيڏي قبر سرن جي ٺهيل آهي! هي سڄو مقام آهي ۽ ان جي اتر ڏي ڪلهوڙن جو قلعو آهي، جنهن ۾ مير بهرام ۽ مير صوبدار سان غضب ٿيو هو. مير بهرام، مير شهداد جو پٽ هو ۽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي وٽ برک هو. ميان سرفراز خان به پهريان ڏاڍي عزت ڏيندو هوس، پر پوءِ هڪ حرڪتي سردار راڄو ليکي، جيڪو موري تعلقي ۾ دفن ٿيل آهي،تنهن ميان سرفراز خان کي چوريو، جنهن ڪري ميان جي مير بهرام ۽ سندس پٽن ۾ بدگماني پيدا ٿي. مير بهرام کي ٻه پٽ هئا: هڪ مير بجر، ٻيو صوبدار. هڪڙي ڏينهن مير بهرام، ميان سرفراز خان جي سلام تي ويو ته ميان چيس ته پنهنجي پٽ مير بحر جا حال ڏس. اجھو هي خط پڙهي ڏس ته منجهس ڇا لکيو اٿس. مير بهرام وائڙو ٿي ويو ۽ عينڪ پائي اڃا خط پڙهيائين ته ميان سرفراز خان پنهنجي ڪنهن ماڻهو کي اشارو ڪيو، جنهن امالڪ ترار هڻي سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيس! هي ويچارو خط پڙهندي خون ٿي ويو!! ميان سرفراز جي ماڻهن پوءِ مير بهرام جي پٽ مير صوبدار کي وڃي ماريو، پر هن مرڻ کان اڳ راڄ ليکي جي پٽ الله بخش ۽ ٻين ٿورن کي عدم جي راهه ٻڌائي. هي هولناڪ حادثو 1774ع ۾ ٿيو.

مير بجر کي پڻس اڳيئي چيو هو ته ميان سرفراز مان خوف سمجھجھان، سو هڪدم هليو ويو حج تي! هڪ پير مرد مسلمان چيو ته مير بجر ڪاڻو هو ۽ ڏاڍو سياڻو هو. ساهه بچائڻ سانگي حج تي هليو ويو، پر اتي به سنڌ جي وڻن کي پيو سنڀاريندو هو. مير بجر جي ڏاڙهي ڊگھي هئي، تنهن سان درگاهه جو در پيو ڇنڊيندو هو ۽ دم دم اها دعا پيو پنندو هو ته شل سگھو سنڌ ۾ وڃي مؤجون ماڻيان. پير مرد چيو ته ڪنهن وقت درگاهه مان مير بحر کي آواز آيو، ”بجر، ڪاڻا، وڃي گھماءِ سنڌ ۾ گھاڻا.“ مير بجر پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ گھاڻن گهمائڻ لاءِ اڳ سندس سر تي تلوار گھمايائون، جا ڳالهه عالم آشڪار آهي. ”ڪَنَ جي ڳالهين مير بجر کي مارايو!“ اهو پهاڪو اڄ تائين مشهور آهي. هن خدا آباد واري قبرستان ۾ مير بهرام ۽ پٽس مير صوبدار جون قبرون جدا چوکنڊين ۾ آهن ۽ مير بجر جي چوکنڊي انهن چؤکينڊين جي ويجھو آهي.

اُڏيرو لعل

ڳوٺ اُڏيرو لعل، هالا تعلقي ۾ اڏيرو لعل اسٽيشن کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي آهي. اهو اصل جھيجن جو ڳوٺ سڏبو آهي، جو جھيجا ذات جا مسلمان اتي رهندا هئا. هتي پوءِ اڏيري لعل جو مندر ٺهيو، تنهن ڪري لعل صاحب جو نالو مٿس پيو. لعل صاحب پنهنجي مندر لاءِ هي پٽ ممڻ نالي هڪ ميمڻ کان سنبت 1019 ڌاري ورتو هو. هن ميمڻ پهريائين پٽ جا پئسا ٿي گهُريا. چون ٿا ته اڏيري لعل امالڪ زمين ۾ نيزو کوڙيو ته ميمڻ کي اڪيچار ڌن ڌرتي ۾ پوريل ڏسڻ ۾ آيو تڏهن سمجهيائين ته ڪنهن ڪامل سان ڪم پيو اٿم. هو پوءِ پنهنجي زال سان صلاح ڪرڻ ويو ته هن کان پٽ لاءِ پئسا وٺجن يا نه. اُڏيري لعل سان ان وقت پڳر ٺڪر ساڻ هو. جيسين ميمڻ جوءِ سان صلاح ڪرڻ ويو، تيسين هنن ٻنهي ڄڻن (لعل صاحب ۽ پڳر ٺڪر) کي اُس گهڻو ستايو. لعل صاحب پوءِ پنهنجي قدرت سان هڪ کٻڙ جو وڻ پيدا ڪيو ۽ هي ٻئي ڄڻا ان جي ڇانو ۾ ٿي بيٺا، ميمڻ پوءِ زال سوڌو آيو، ۽ هي قدرتي وڻ ڏسي هيڪاري وائڙو ٿي ويو. هن پوءِ لعل صاحب کي چيو ته زمين جا پئسا اسان کي ڪونه کپن؛ باقي ايتري مهرباني ڪريو، جو جيڪا درگاهه هتي ٺاهيو، تنهن ۾ اسان کي مجاور ڪري رکجو. لعل صاحب اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ پڳر ٺڪر، جيڪو سندس سوٽ به هو ۽ شش به هو، تنهن کي مندر جوڙائڻ جي پارت ڪري پاڻ گهوڙيءَ تي سوار ٿيو ۽ گهوڙيءَ سوڌو انهي هنڌ سڀني جي ڏسندي الوپ ٿي ويو!

جنهن هنڌ اڏيري لعل نيزو کوڙيو، تنهن هنڌان قدرتي طرح پاڻي نڪتو. پڳر ٺڪر پوءِ انهيءَ هنڌ کوهه کڻايو، جنهن کي ”ٻالنڀُو“ ڪري سڏيندا آهن. لعل جا جاٽي انهيءَ کوهه ۾ بحراڻا ۽ ديگيون وجهندا هئا. کٻڙ جو وڻ، جيڪو لعل صاحب پنهنجي قدرت سان پيدا ڪيو، سو به اڄ تائين آهي ۽ ان جي ڀر ۾ ٻيا به کٻڙ ڄاوا آهن.

اُڏيري لعل جو هاڻوڪو مندر جڏهن ٺهيو ٿي، تڏهن مسلمان چوڻ لڳا ته اسين هت تجرون جوڙائينداسون ۽ قُبو اڏائينداسون ۽ توهين جيڪڏهن مندر جوڙيندا ته پوءِ اسان کي پير پائڻ به ڪونه ڏيندا، پر جنهن صورت ۾ هو شيخ طاهر هو ۽ اسان جو وڏو پير هو، تنهن صورت ۾ سندس قبر جوڙائڻ اسان تي حق آهي؛ هندو چوڻ لڳا ته هو شري امر اڏيرو لعل صاحب هو ۽ اسان جو اوتار هو، تنهنڪري اسين مندر جوڙائينداسون ۽ اکنڊ جوت ٻارينداسون. اهڙيءَ طرح هندن ۽ مسلمانن پهريائين پاڻ ۾ ردبدل ڪئي؛ پر پوءِ چڱي مت آين، جو پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪيائون ته سڄي رات جاڳي امر لعل کي ارداس ٿا پايون، من اُهو پنهنجي درگاهه جو فيصلو پاڻ ڪري. چون ٿا ته نيٺ اڌ رات جو آواز آين ته ذات تي ڏات ڪانهي، هتي جيڪو ڪمائي ڪندو، شيءِ آهي تنهنجي. مسجد ۽ مندر هڪ ڳالهه آهي، تڳو دل مان دئيت ڪڍڻ گهرجي. توهين هاڻ هيئن ڪريو، جو مسلمان قُبو اڏائين ۽ هندو جوت جا آسٿان جوڙائين ۽ ٻئي ڀائرن جيان گڏجي ميٺ مُحبت ۾ مندر جي خذمت ڪن. انهيءَ فيصلي پٽاندر هندن ۽ مسلمانن گڏجي ڪم ڪيو ۽ ڪيترا سال سلوڪ ۾ گذاريائون، پر ٽن سالن کان پوءِ منجهن اچي ناسازي پيدا ٿي آهي، جنهن ڪري حيدرآباد جي ڪليڪٽر صلح سانت قائم ڪرڻ لاءِ اڏيري لعل جو ميلو بند ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ نصرپور ۾ ميلو لڳندو آهي. اڳي هتي چيٽي چنڊ جي ميلي تي تمام چڱو واپار هلندو هو. ميلي تي اُٺ به وڪامڻ ايندا هئا.

ٽنڊو الهيار

هي شهر ٽنڊي الهيار جي اسٽيشن کان سڏ پنڌ ٿيندو. اسٽيشن کان اڳڀرو هلبو ته ساڄي پاسي آبادي جا ٽُڪر ۽ سرڪاري باغيچو ۽ ڏائي پاسي مقام ۽ اُن جي اڳيان سروير جو بنگلو ۽ جج جي آفيس نظر ايندا. اُهو ئي رستو وٺي تار ۽ ٽپال آفيس ۽ ميونسپل آفيس وٽان لنگهي قلعي ڏي وڃبو. اُهو قلعو ڪچو آهي ۽ منجهس ڊپٽي جو بنگلو، ڪارداري ۽ پوليس وارن جي رهڻ جون جايون آهن. اُتي هڪ وڏو کوهه آهي، جنهن جي ڀر ۾ هڪ قبر تي ڊيوڊ ارونگ نالو اُڪريل آهي ۽ وفات جي تاريخ پهرين آگسٽ 1843ع ڄاڻايل آهي. انهي عملدار هڪ سيد کي ميرن جو عزيز سمجهي گرفتار ڪيو هو ۽ ساڳيءَ رات کيس ڪو خون ڪري ويو هو.

قلعي کان سڌو رستو بازار ڏي وڃي ٿو. بازار کي فرش بندي ۽ ڍڪيل ڇت آهي. شهر ۾ کٽي ۽ کهباٽي گهڻا آهن. هتي عاج، ريشم ۽ ڇُرُ جو ڪم گهڻو هلي ٿو.

هن شهر ۾ ٿورا آڳاٽا مندر آهن، جن مان مکيه آهي رامڏيو جو مندر. مارواڙ جي پوڪرڻ شهر ۾ راجا اجمل ٿي گذريو آهي، تنهن جو پُٽ رامڏيو هو. جنهن جي پوڄا هتي گهڻي هلي ٿي. مندر ۾ سنگ مرمر جون هڪجهڙيون ٻه مورتيون آهن، تن ۾ ڏسو ته رامڏيو گهوڙي تي چڙهيل آهي، چوبدار اڳيان بيٺو اٿس ۽ پيرن وٽ دئيت پيو اٿس، جنهن کي بڙڇيءَ سان ماريو اٿس. هن قسم جي ساڳي شڪل کانڊيراءِ جي آهي. جنهن جي پوڄا پونا جي ويجهو جيجوريءَ جي مندر ۾ ٿئي ٿي. رامڏيو جو ميلو هر سال بڊي ۾ لڳندو آهي ۽ سنڌ ۽ مارواڙ مان اٽڪل چار هزار آدم اچي اُتي ڪٺو ٿيندو آهي. ميلي ۾ رڱيل ڪپڙا ۽ ٻيون گهڻيون شيون کپنديون آهن.

اسانجن ڀائرن ڏائڻ ۽ ڀوپا ٻُڌا هوندا، پر هتي اصل ڀوپن جون ٽڪاڻو آهي. اندر وڃ ته اوندهه ئي اوندهه، رڳو ٿورا پٿر رکيا آهن ۽ هرهڪ تي هڪ اکر نڪتل آهي. اُنهن پٿرن تي تيل ۽ سنڌور هاريل آهي ۽ واس ڌُوپ به رکيل آهن. چون ٿا ته ڪي عامل ۽ ڀائيبند هتان سڳڙا وٽائي ايندا آهن! ارمان! ارمان!!

ٽنڊي الهيار ۾ هڪ ڪاليءَ جو مندر به آهي. مندر ۾ ڏسو ته ڪالي ڀواني کي ڳچي ۾ رُنڊ مالها يعني مردن جي ڪوپڙين جي ڪنٺي پيل آهي. ديوي چترڀڄي آهي، يعني چار ڀڄائون ۽ ٻاهون اٿس، هڪ هٿ ۾ کَنو، ٻئي هٿ ۾ هڪ دئيت جي سسي، ٽئين هٿ ۾ رت جو پيالو ۽ چوٿين هٿ ۾ ترشول اٿس. هتي حيدرآباد جا اونهان چنڊ چوڏس تي جنن ڀوتن جو جوڳ ڪندا آهن ۽ ٻَليون چاڙهيندا آهن!!! مندر ۾ هنومان جي مورتي به آهي؛ اُنهي مندر کي سڏين خاڪچوڪ هن مندر جي نالي کان سنياسين جا نالا وڌيڪ عجيب آهن؛ هڪڙا سنياسي سڏجن سيتا پادريءَ ٻيا لال پادري! اُنهن سنياسين جي غفا خاڪچوڪ مندر جي ٻاهران ڳاهوڙي واهه جي ڪپ تي آهي. اُها غفا اندر وڏي آهي ۽ منجهس مندر آهن.

ٽنڊي الهيار جي شهر توڙي سڄي تعلقي ۾ آبادي اڪثر چرخي ٿئي ٿي، موڪي ڪانه ٿئي اُتي جا زميندار پاڻي جي شڪست جي گهڻي شڪايت ڪندا آهن. پاڻيءَ جي شڪست ڪري زمين جو اگهه اُتي گهٽ آهي. هتي جا هنداڻا هاڪارا آهن. هڪ هڪ هنداڻي جي تور ڏهه پندرهن سير بلڪ اڌ مڻ به ٿئي ٿي. رڳو ڏسڻ جا ٽوهه ڪين آهي، پر کائڻ ۾ به مٺا آهن.

ٽنڊي الهيار جو شهر فتح علي خان ٽالپر جي پُٽ مير الهيار 1790ع ۾ ٻڌايو هو. ٽالپرن ۽ ميرن جي صاحبي ۾ هي شهر واپار ۾ زور هو. حيدرآباد ۽ عمرڪوٽ ڏانهن وڃڻ لاءِ هتان شاهي سڙڪ آهي. حيدرآباد کان نئين ڦليليءَ وارو رستو وٺي ٽنڊي ڄام ۽ کيساني کان هتي اچبو آهي. شهر ۾ آدم اٽڪل چار هزار رهي ٿو. ٽنڊي الهيار پاسي بڪيرن جو ڳوٺ به هڪواريءَ ڏسڻ جهڙو آهي. اُتي بڪيرا ئي سيدن جا آڳاٽا قبا آهن، جن مان پير فضل شاهه ۽ شيخ ڀائيپوٽي جا قبا تمام جهونا آهن. اهو ڳوٺ قائم شاهه قريشي ٻڌايو هو، جنهن کي اڄ ساڍا ست سئو ورهيه کن ٿيندا.

نصرپور

سنڌ ۾ هن وقت جيڪي آڳاٽا شهر آهن، تن مان هڪ نصرپور جو شهر آهي. هي شهر ڪيتري قدر جهونو آهي، تنهن ڳالهه جي پروڙ هن مان پئجي سگهي ٿي ته جڏهن دلوراءِ جي نگري ناس ٿيڻ بابت ڪنهن ڪامل اڳڪٿي ڪئي هئي، تڏهن ڪيترا ماڻهو لڏي نصرپور ڏي آيا هئا ۽ پڪين سرن جون جايون جوڙي هتي اچي رهيا هئا، جن جا نشان اڄ تائين اُتي آهن.

نصرپور جي شهر تي نصير مهاڻي جو نالو پيل آهي ۽ اهو شهر 989ع جو ٻڌل چوڻ ۾ اچي ٿو. اڳي درياهه شاهه هتان وهندو هو ۽ حيدرآباد مان گنجي ٽڪر وٽان لنگهندو هو.

نصرپور جو شهر اُهو پوتر آستان آهي، جنهن ۾ شري امر اڏيري لعل صاحب سنبت 1007 ۾ رتن راءِ جي گهر ۾ جنم لڌو هو. لعل صاحب ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ پنهنجي گهوڙي سوڌو اُڏيري لعل جي مندر وٽ انترڌيان ٿيو هو، تنهنڪري چيٽي چنڊ جو ميلو اوڏاهين لڳندو هو؛ پر هندن ۽ مسلمانن جي ناسازيءَ سبب گذريل ٽن سالن کان ميلو هتي لڳندو آهي. نصرپور ۾ محمد شاهه جو به ميلو لڳندو آهي. اُنهي درويش جي درگاهه کي جُڙئي ٻه سئو کن سال ٿيا آهن. نصرپور ۾ کيرپُڙا  سٺا ٺهندا آهن. هتي سُوسيون، اڳٺ ۽ بُلبلِ چشم کيس بلڪل عمدا اُڄندا آهن. (29)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org