سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: حيدرآباد جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :94

 ڀيرومل مهرچند آڏواڻي

 

حيدرآباد جا عامل ۽ ڀائيبند

 

حيدرآباد جو شهر اڳي ”نيرن ڪوٽ“ سڏبو هو، جو نيرن نالي هڪ هندو راجا جو اُتي ڪوٽ اڏيل هو، اهو شهر عربن جي ڪاهه وقت ڦٽو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مرضي ٿي ته انهي پراڻي ڪوٽ واري هنڌ نئون قلعو جوڙائي، اُهو شهر وري آباد ڪجي، ۽ گادي جو هنڌ ڪجي. انهيءِ لاءِ ديوان گدومل کي ٻه ٻيڙيون ناڻي جون ڀرائي ڏنائين.

ديوان گدومل پهريائين هاڻوڪي ڪوٽڙي طرف اچي، درياهه جي ٻئي ڪپ تي، هڪ ڳوٺ ٻڌو، ۽ پنهنجن ماڻهن جو ٽنڊو اُتي رهايائين، جنهن ڪري اهو ڳوٺ سندس نالي پٺيان ”گدوءَ جو ٽنڊو“ سڏجڻ ۾ آيو. اهو بندر به هو، تنهنڪري ”گدو بندر“ به ڪوٺجڻ ۾ آيو. ديوان گدومل ٻه قلعا جوڙايا، هڪ ڪچسرو ۽ ٻيو پڪسرو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙو وقت بوقت ڪم جي نگاهه ڪرڻ ايندو هو، ته انهي ڪچسري قلعي ۾ اچي رهندو هو. پڪسرو قلعو 1768ع ۾ جڙي راس ٿيو، ته ڪچسري قلعو شاهه مڪي جي درگاهه وارن کي ڏيئي ڇڏيائين.

شاهه مڪيءَ جي درگاهه جا مجاور اچ تائين چوندا آهن، ته راجا نيرن جي وقت ۾ حضرت علي ۽ شاهه مڪي گڏجي آيا هئا. حضرت علي جي قدمن جا نشان اڄ تائين قلعي واري چاڙهي جي هيٺان هڪ درگاهه ۾ آهن، تنهنڪري اها درگاهه ”قدم شاهه“ نالي سان مشهور آهي.

ڪلهوڙا مذهب جا شيعا هئا، ۽ حضرت عليءَ کي مڃيندا هئا. حضرت علي ’حيدر‘ سڏبو هو. ’حي‘ معنيٰ نانگ ۽ ’در‘ پارسي لفظ ”دريدن“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڏارڻ، مارڻ“. ”حيدر معنيٰ نانگ ماريندڙ“. حضرت عليءَ ننڍڙي هوندي هڪ نانگ ماريو هو، تنهن ڪري مٿس اهو نالو پيس. سندس اچڻ جي يادگيري قائم ڪرڻ لاءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙيءَ هن شهر جو نالو ئي رکيو ”حيدرآباد“. اهو شهر ٿورو ٿورو وَسيو؛ پر ميان غلام شاهه ڪلهوڙي حيدرآباد جو شهر اڃان پنهنجو تختگاهه ڪيو ئي ڪين، ته 1771ع ۾ پاڻ حياتيءَ جي تخت تان لهي پيو! سندس قُبو حيدرآباد ۾ آهي.

غلام شاهه کان پوءِ ميان سرفراز خان ڪلهوڙو گادي نشين ٿيو، جنهن 1772ع ۾ هالن نون کان ڪوهه کن پري ٻيو هڪ نئون شهر ٻڌايو، جو ”نئين خدا آباد“ سڏجڻ ۾ آيو. اهو سندس گاديءَ جو هنڌ هو؛ پر سندس قبو حيدرآباد ۾ آهي. پوين ڪلهوڙن جي وقت ۾ ٽالپر زور ٿيا ۽ 1783ع کان وٺي ٽالپرن جي صاحبيءَ شروع ٿي، ته به 1789ع تائين نئين خدا آباد گاديءَ جو هنڌ هئي؛ ۽ ڪيترا عامل ڀائيبند اُتي رهندا هئا.

خدا آبادي عامل ۽ ڀائيبند

مير فتح علي ٽالپر پوءِ حيدرآباد جو شهر پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو، ته ڪيترا عامل ۽ ڀائيبند نئين خدا آباد ڇڏي حيدرآباد ۾ اچي رهيا، جنهن ڪري نئين خدا آباد ڏي ڏينهون ڏينهن پوءِ ويئي ڌڪاڻبي. جيڪي عامل ۽ ڀائيبند اول دادوءَ واري خدا آباد ۽ پوءِ هالن واري نئين خداآباد ۾ رهندا هئا، تن کي به پنهنجن حاڪمن ۽ تختگاهه ۾ رهڻ جو ايترو فخر ٿيو، جو حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ اُهي پاڻ کي ”خداآبادي عامل“ ۽ ”خدا آبادي ڀائيبند“ سڏائڻ لڳا....... هوڏانهن 1793ع ۾ حڪومت جي ورڇ کان پوءِ سهراب خان خيرپور  جو والي ٿيو، ته اجواڻي، واڌواڻي ۽ ڪي ٻيا هميشه لاءِ خيرپور ۾ وڃي رهيا، ۽ اُهي ”خيرپوري ديوان“ سڏجڻ ۾ آيا. جڏهن ته سندن سڳا سئوٽ ۽ ٻيا جيڪي حيدرآباد ۾ رهيا، سي ”حيدرآبادي ديوان“ ڪوٺجڻ ۾ آيا.

حيدرآباد جو وسڻ

عاملن هاڻوڪيءَ ڇوڏڪي بازار کان وٺي هاڻوڪي سري گهاٽ  تائين، ۽ ڀائيبندن ڇوڏڪي بازار کان وٺي جمن شاهه جي پڙ تائين پٽ والاريا. شهر جي بازار سڌي رکيائون، جو نئين خدا آباد ۾ به بازار سڌي هئي. ديوا گدومل سڀني کان پوءِ مير فتح علي خان سان گڏجي آيو ۽ جمن شاهه جي پڙ جي ويجهو خالي پيل پٽ والاريائين، اها گدواڻي گهٽي سڏجي ٿي. گهٽي گهٽي ۾ مسر ويهاريائون ۽ ٽڪاڻو به جوڙيائون، جو گهڻا گروءَ جا سک هئا. پوءِ سوڙهه ٿي ته 1857ع ڌاري هاڻوڪي ”نو آباد“ وسي ۽ اٽڪل ويهن ورهين کان پوءِ هيرآباد وسي. هن وقت جتي نولراءِ مارڪيٽ آهي. اُتي 1892ع ۾ ڪاٺين جي گودي هوندي هئي، ۽ هاڻوڪي هيرآباد طرف ”سُڃ صفا ملڪ ميدان“ لڳو پيو هوندو هو.

منشي وليرام، جيڪو مير نصير خان جو وزيراعظم هو ۽ وڏيءَ هلندي پُڄندي وارو هو. تنهن کي پنهنجو هڪ باغ هو، جو ديوان نولراءِ شوقيرام جي بنگلي کان وٺي ڀائي مولچند واريءَ گهٽي تائين هو. هاڻ اُتي جايون جُڙي ويون آهن. منهنجي ڏسندي اُتي کوهه هئا، جيڪي 1886ع ڌاري پورائي ڇڏيائون.......... حيدرآباد جي هندو پئنچائتين جي تاريخ منشياڻين کان شروع ٿئي ٿي.

مير فتح علي خان جڏهن حيدرآباد جو شهر پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو ته سڄي حيدرآباد جي صفائي، روشنائيءَ وغيره جو ڪم ساگراڻي آڪهه وارن، خاص ڪري مُکي تاراچند ڌرمداس ساگراڻي جي نظر ۽ هٿ هيٺ هوندو هو....... ديوان واڌو مل گنگارام پنهنجي رسالي ”خدا آبادين لاءِ ڪنٺ مالا“ ۾ لکيو آهي:

”ميرن تائين شهر جو ميونسپالٽيءَ وارو ڪم خاص ڀاين (ڀائيبندن) جي نظر ۾ هٿ هيٺ هو. صفائي روشنائي، ڪمي ڪاسبي، سڀ ساڻن ٻڌل، ڀَٽ، ٻائي ٻانڀڻ جا ٻنڌياڻ به وس هئن.............ميرن تائين عاملن کي ڪا ڌار پنئچايت ڪانه هئي. پاڙن جو ڪم ڪاڪن ٻاٻن ٿي لاٿو، پر شهري ڪم لاءِ هڪ پئنچايت هئي. شهر جي ميڙ ۾ وڏو مُکي هيرانند ٿي ويهندو هو...“

مطلب ته اسان جو هندو ڀائر خدا آباد کان حيدرآباد ۾ اچڻ کان پوءِ جيتوڻيڪ پاڻ کي ”خدا آبادي عامل“ ۽ ”خدا آبادي ڀائيبند“ سڏائيندا هئا، ته به هڪ يڪي نيات جا ميمبر هئا، پئنچايت يڪي هين، ۽ مُکي به هڪڙو ئي هُئن. پر مُکي تاراچند پُٽس مُکي هيرانند، قديم زماني جي رواج پٽاندر شهر جا مُکي هئا، ۽ نه نيات جا. عاملن توڙي ڀائيبندن جي پاڙن ۾، شاديءَ غميءَ وقت، پاڙن جا پير مرد وڏا ٿي ويهندا هئا. آئي وئي جو آڌرڀاءُ، گڏجاڻيون، پرچاڻيون، تن سڀني ڳالهين کي پاڻيهي پيا پُورا پوندا هئا.  پر جڏهن ڀٽ، جاجڪ وغيره کپندو هُئن، تڏهن مُکي ڏي ماڻهو ڊوڙائيندا هئا. شهر جي ڪنهن عام ڳالهه بابت ڪو ميڙ ٿيندو هو، ته اُن ۾ مکي تاراچند ۽ کانئس پوءِ مُکي هيرانند صدر ٿي ويهندو هو. اُهو دستور انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل واري وقت تائين هلندو آيو. اڄ به سندن آڪهه ”مُکين جي آڪهه“ سڏجي ٿي، ۽ سندن گهٽي اڄ تائين ”مُکڪي گهٽي“ ڪوٺجي ٿي.

عامل پئنچائت جو بنياد

هن وقت جنهن کي اسين ”ميونسپالٽي“ چئون ٿا، سا اڳي سڄي هندستان ۾ ڪٿي ڪانه هئي. هندستان جي وائسراءِ لارڊ رپن جي ايامڪاريءَ (1884- 1880ع) ۾ سُڌارا ٿيا ۽ ميونسپالٽيون 1885ع کان وٺي ڪم ڪرڻ لڳيون. 1843ع ۾ سرچارلس نيپيئر سنڌ فتح ڪئي ۽ اُن جو پهريون گورنر پاڻ مقرر ٿيو. سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ پهريائين حيدرآباد جو شهر ڪيائين. ٻئي سال يعني 1844ع ۾ ڪراچي ۾ وڃي رهيو. 1846ع ۾ ڪراچي ۾ سخت وبا پيئي، ۽ ملٽري وارن جي بئريڪن ۾ ڪي ماڻهو اُٿليا. سر چارلس نيپيئر ”صحت جي بچاءَ جا بورڊ“ ٺاهيا، سي به رڳي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾. ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ صفائيءَ، روشنائيءَ وغيره جو بندوبست قديم رواج پٽاندر پئنچائتون ڪنديون هيون؛ پر سرڪاري عملدار به نگهباني ڪندا هئا.

تڏهن اڃان چونڊ جو سرشتو جاري نه ٿيو هو. شهر ۾ ڪو گندگي ڪندو هو، ته ڏنڊ وجهندا هئس. ڏنڊن جي وصولين مان صفائي، روشنائي وغيره جو خرچ ڪندا هئا ۽ پئسي جي ڪجهه مدد سرڪار وٽان به ملندي هين، ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وهانءُ وڌاڻ مهل جيڪي پنچائتي لاڳا (ڳنڍا يا مٽا) ملندا هئا، سي پئنچاتون ميونسپل ڪمن بلي خرچيندين هيون........ حيدرآباد جي پئنچائت کي اها به اختياري هئي، ته جيڪو ان ٻاهران ايندو هو، تنهن تي ڪجهه محصول اُڳاڙي، شهر جي صحت جي بچاءُ واسطي خرچ ڪندي هئي........

حيدرآباد ۾ رستن تي ڇڻڪار به ڪرائيندا هئا. اها به خرچ جي ڳالهه هئي. اهڙي حالت ۾ ضروري ٿيو، ته وهانءُ وڌاڻ تي سڀ پئنچائتي لاڳا وصول ٿيندا رهن، ته خرچ کي پورو پئجي سگهجي. حيدرآباد جو مکي تاراچند ۽ کانئس پوءِ مُکي هيرانند هو. عاملن مان وصوليون ڪرڻ کين ڏکيون ٿين ها. ڀانئجي ٿو، ته اهوئي سبب هو جنهن ڪري پهرين ئي شرط عاملن مان ٻه مکي مقرر ٿيا. شهر جي مٿين ڀاڱي جو مکي ديوان ننديرام منشياڻي ۽ هيٺين ڀاڱي جو منشي آوتراءِ ملڪاڻي هو. اهي شايد سرڪار جا ٿاڦيل هئا، جنهن ڪري رڳو شهر جي ڪم لاءِ مُکي هئا؛ پر پنهنجي نيات ۾ به جهجهو ئي مانُ هوُن. پاڙي پتيءَ وارا شاديءَ غميءَ ۾ کين پنهنجو مُکي ڪري گهرائيندا  هئا. ائين خدا آبادي عاملن جا اهي ٻه مکي شهر جو توڙي نيات جو ڪم ڪندا هئا. پوءِ عاملپڻي جي فخر وچان عاملن پنهنجي پنئچائت ئي ڌار ٺاهي.

1924ع کان اڳي سنڌي رڳو مئٽرڪ تائين پاڙهيندا هئا. ڪاليج ۾ سنڌي هئي ڪانه. 1924ع ۾ رڳو بي. اي امتحان جي نصاب ۾ سنڌي ٻولي درج ٿي، سا به آزمائش طور!............ تڏهن حيدرآباد واري ڪاليج ۾ اڃا بي. اي ڪلاس ڪونه کوليو هئائون، تنهنڪري سمورو مدار ڪراچيءَ واري ڪاليج تي هو. جيڪڏهن اُتي جي شاگردن ۾ سنڌي لاءِ چاهه وڌيو ته واهه، نه ته بمبئي يونيورسٽيءَ کي بي. اي مان به سنڌي ڪڍي ڇڏڻي هئي!

مذهب مٽائڻ ۽ پئنچائتن جو ڦُنڊجڻ

1878ع ڌاري حيدرآباد ۾ هڪ وڏو تقرار شيخ ٺارومل بابت ٿيو هو. ٺارو مل کي شڌ ڪري، وري هندو ڪيو هئائون، تڏهن به مُکي ديوان شوقيرام کيس نيات ۾ گڏجڻ نٿي ڏنو. منشي آوتراءِ ملڪاڻي، راج رشي ديوان ڏيارام جو پتا منشي گدومل، ٻائو گرپت صاحب ۽ ٻيا ڪي معزز چوڻ لڳا ته؛ جنهن صورت ۾ ديوان ٺارومل ويساهه گرونانڪ صاحب ۾ آهي، تنهن صورت ۾ کيس بيشڪ هندو سمجهڻ گهرجي. انهيءَ تي ديوان شيرومل جو پتا ديوان چئنراءِ، جيڪو منشي گدومل جو پٽ هو، سو پيءَ سان شامل ٿيڻ بدران ديوان شوقيرام جي ڳالهه کي کڻي بيٺو!

اُهو تڪرار ايتري قدر وڌي ويو، جو پئنچائتي سامان ته ڌار ڪيائون، پر مساڻا به ڌار ٿي ڪيائون!  چون ٿا ته ٻائي گرپت صاحب کي ديوان شوقيرام جو اهو اعتراض نه وڻيو ۽ سراب طور ڪجهه چيائينس، جنهنڪري سندس آڪهه ڪين وڌي، ديوان شوقيرام صحيح هو يا غلط، تڏهن به هنن حقيقتن مان پڌرو آهي، ته پنهنجيءَ دل ڪري ائين ٿي سمجهيائين، ته جيڪو هندو پنهنجو سناتن ڌرم رڳو ٿوري وقت لاءِ کڻي ڇڏي، تڏهن به کيس وري هندو سمجهڻ گهُرجي. انهيءَ تڪرار وقت پئنچائت ايتري قدر بيهي ويئي، جو ڪن گهٽين وارن پنهنجون ديڳيون ۽ گلم وٺي پنهنجون پئنچائتون ٺاهيون، ۽ پنهنجن گهٽين مان مُکي چونڊيائون. گهٽين جون پئنچائتون ائين ٺهيون.

شراب مخالف سڀا ۽ اخبارون

ديون نولراءِ شوقيرام، حيدرآباد شهر ۾ وڌندڙ شراب جي نشي واري آزار خلاف پرچار ڪرڻ لاءِ ”آس جي ٽولي“ 1886ع ۾ ٺاهي هئي......... جنهن سڄي شهر ۾ شراب جا گُتا بند ڪرائڻ لاءِ هلچل هلائي......... جڏهن ته حيدرآباد ۾ برهمو مندر هوندو هو، جنهن جي ڀرسان راءِ بهادر ديوان تاراچند، پنهنجي ڀاءُ ساڌو هيرانند جي نالي ”پارڪ“ ٺهرايو هو...... ساڌو هيرانند شوقيرام 1890ع کان وٺي ”سرسوتي“، ”سُڌار“ ۽ ”پتريڪا“ اخبارون ڪڍڻ لڳو. 1892ع ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ پليگ جي وبا پيئي، ته سر جو سانگو نه ڪري بيمارن جي دوا درمل ڪرڻ لڳو ۽ ڪيترن کي ڇُٽايائين.

شيخن وارو مقدمو

عاملن مان جيڪي پهريائين شيخ ٿيا، تن مان هڪڙو ديوان مورج مل هو، جيڪو ديوان شوقيرام ننديرام جو سئوٽ هو. 1891ع ۾ پُٽس ميوارام به شيخ ٿيو. مسٽر ميوارام جو پُٽ پروفيسر پي. ايم آڏواڻي (پرمانند ميوارام) هن وقت ڪراچيءَ جي انڌن جي اسڪول ۾ ماستر آهي. مسٽر پرمانند تڏهن اڃا ٻار هو، ۽ سندس ٻه ڀينرون ننڍڙيون هيون. مسٽر ميوارام پنهنجي استريءَ کي لکي موڪليو، ته تون به ٻار وٺي اچي اسلامي دين ۾ داخل ٿي. هن صفا ناڪار ڪئي. ته مسٽر ميوارام ڪورٽ جا در کڙڪايا. ساڌو هيرانند جي ڀاءُ ديوان موتيرام شوقيرام  انهي ڪيس جي ڪارروائي ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌري ڪئي. ڪتاب جو نالو هو  The Great Sheikh Case: انهيءَ مان ٿوري ٽُڪر جو مطلب سنڌي ۾ ڏجي ٿو:

”مسٽر ميوارام جي اٺن ورهين جي نياڻي ڪورٽ ۾ حاضر ٿي، جج صاحب پُڇيس: تنهنجو نالو؟ چيائين؛ خوشحالي. تنهنجي پيءُ جو نالو؟“ چيائين: ميوارام. جج سوال ڪيو: تنهنجو پيءُ ڪٿي آهي؟ چيائين؛ مري ويو. جج صاحب جي اشاري تي مسٽر ميوارام وڌي وڃي پنهنجي نياڻي جي اڳيان بيٺو. جج صاحب ڇوڪريءَ کان پڇيو؛ هيءَ ڪير آهي؟ ڇوڪري چيو: هيءَ برابر ميوارام آهي؛ پر منهنجي ليکي مئلن جي قطار ۾ آهي. جج صاحب پُڇيس؛ ڇو ٿي ائين چوين؟ وراڻي ڏنائين: جيڪو پنهنجو ڌرم ڇڏي، سو مئلن جي قطار ۾ ليکڻ گهرجي. مان گروءَ جي سکڻي آهيان. منهنجو نسچو گرونانڪ صاحب ۾ آهي. جج صاحب پڇيس؛ گرمکي اکر ڄاڻين؟ چيائين: هائو. ڪورٽ  ۾ پنج گرنٿي گهرائي ڏنائونس. جپ صاحب ۽ سکمني صاحب مان ڪي ٽُڪر پڙهڻ لاءِ مليس، ته لس پڙهي ويئي. جج صاحب چيس: جيڪڏهن سرڪار حُڪم ڪري، ته تون پنهنجي پيءُ وٽ وڃي رهه، ته پوءِ؟ وراڻي ڏنائين: مان به جيڪر سرڪار کي وينتي ڪريان، ته پهريائين مون کي ڦاسيءَ تي لٽڪائي ماري، پوءِ مون کي منهنجي پيءُ جي حوالي ڪري.

”پوءِ جج صاحب پنهنجي فتويٰ ۾ لکيو: ڇوڪري پاڙهيل ٿي ڏسجي، پر جيڪي به جواب ڏئي ٿي، سي سندس دل جي اندرين پردن مان ٻُڙڪو ڏيئي نڪرن ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ اُهو گناهه جو ڪم ٿيندو، جيڪڏهن هيءُ صغير ٻار پيءَ جي حوالي ٿيندو، ڀلي ته سندن ماءُ سنڀاليندڙ ٿي رهي.

”مسٽر ميوارام انهيءَ تي اپيل ڪئي. تڏهن صدر ڪورٽ جو جج مسٽر مئڪفرسن هو، تنهن اپيل ٿڏي ڦٽي ڪئي. انهي لاءِ سبب رڳو هيءَ ڄاڻائين ته: 1890ع جي ايڪٽ اٺين موجب پيءُ لاءِ ضروري ئي ڪونهي ته درخواست ڪري، ته مان پنهنجن صغير ٻارن جو سنڀاليندڙ مقرر ٿيان.

”انهي وچ ۾ ساڌو نولراءِ شوقيرام هيئن ڪيو، جو ٻئي نياڻيون هڪڙي رات ۾ پرڻائي ڇڏيائين، جنهن ڪري سندن سنڀاليندڙ سندن گهوٽ ٿيا. مسٽر ميوارام انهن ٻنهي گهوٽن تي قاعدي جي ڪارروائي ڪئي؛ پر ڪجهه ڪين وريو. مطلب ته هيءُ ماءُ ۽ ڌيئر مسٽر ميوارام کي جيئري ئي سهسائي ويٺيون؛ پر پنهنجو سناتن هندو ڌرم ڪين ڇڏيائون.“

اڪال ڀُنگي جو احوال

آڏواڻين جو وڏو ڏاڏو ديوان آڏو مل گروءَ جو سک هو، تنهنڪري سڀ آڏواڻ گروءَ جا سک آهن. ڪنهن وقت ديوان ماڻڪ سنگهه جي مرضي ٿي، ته پنهنجن سئوٽن ۽ ٻين هندن ۾ سک ڌرم لاءِ اڃا وڌيڪ اتساهه پيدا ڪريان؛ پر بهتر ڄاتائين، ته پهريائين مان پاڻ سک ڌرم مان وڌيڪ واقف ٿيان. اڃا پنجويهن ورهين جي ڄمار جو هو، ته ڪي متر ساڻ ڪري، گهُوڙي تي سوار ٿي، پنجاب ويو. اُتي مهاراجا رنجيت سنگهه جي درٻار ۾ اچڻ مليس، جو سڀ پڻس کي سڃاڻندا هئا، درٻارين جي سنگ مان جهجهو لاڀ پرائي، مهاراجا رنجت سنگهه جي صلاح سا ادي گرنٿ صاحب ۽ دشمان پاتشاهه سري گرو گوبند سنگهه جو گرنٿ صاحب، جهجهيءَ شرڌا ۽ وڏي تزڪ ۽ تومان سان، هاٿي تي براجمان ڪرائي، حيدرآباد کڻائي آيو.

پوءِ ميرن کان پٽ وٺي، حيدرآباد جي اُلهندي ڪچي ۾، هڪ ڪچسرو اڪال ڀُنگو جوڙائي، اُن ۾ گرنٿ صاحب رکيائين. ڀر ۾ هڪ مسجد هئي. اڪال ڀنگي ۾ صبح سانجهي ناد ۽ نغارا وڄڻ لڳا. ته اُهو آواز نماز پڙهندڙن کي مُنجهائڻ لڳو. ڪي مسلمان لٺيون کڻي اهو آواز زوري بند ڪرائڻ ويا. انهيءَ تي ڪي خالصا به دستارون ٻڌي تراريون کڻي بيٺا. بروقت پوليس انسپيڪٽر (ڪوٽار) ۽ ٻيا ڪي عملدار آيا، جن هنن ٻنهي ڌُرين کي سانت ڪرائي.

پوليس جي اچڻ کان اڳي ئي ڪن مُلن ۽ مولوين، ميرن کي وڃي دانهن ڏني. ميرن سندن دانهن واجبي سمجهي، اڪال ڀنگي ڊاهن جو حُڪم ڏنو؛ پر خالصن ڪنهن به مسلمان کي اڪال ڀنگي جي ويجهو اچڻ نه ڏنو. ديوان ماڻڪ سنگهه بروقت ميرن کي وڃي چيو ته: اڪال ڀنگي جوڙائڻ لاءِ پٽ اوهان ڏنو هو، تنهن لاءِ توهان جي گهڻي مهرباني مڃون ٿا. جيڪڏهن گهنڊن، نادن ۽ نغارن وڄڻ تي مسلمانن کي اعتراض آهي، ته اها ڳالهه اوهان کي اڳي سوچڻ کپندي هئي، ۽ اسين ٻئي ڪنهن هنڌ اڪال ڀنگو جوڙايون ها، هينئر جڏهن اڪال ڀنگو جُڙيو آهي، ۽ اُتي گرنٿ صاحب به رکيل آهي، تڏهن اهو ڊاهڻ، سو ٿيندو گرو صاحبن جي درٻار جي بيعزتي ڪرڻ، جيڪا اسان کان هرگز سٺي نه ٿيندي. جيڪڏهن اوهان جا ماڻهو زوريءَ اڪال ڀنگو ڊاهڻ ايندا، ته به اسين سندن وار جو نالو به ڪونه ڳنهنداسين؛ پر گرو صاحبن جي درٻار جي ههڙي بيعزتي اکين سان ڏسڻ بدران اسين پاڻ کي شهيد ڪنداسين.

پوءِ ته سچ پچ ديوان ماڻڪ سنگهه، ڀاڻس ديوان منگهرمل ، ديوان جيٺسنگهه ۽ ٻيا ڪي خالصا اگهاڙيون تراريون هٿن ۾ کڻي، اڪال ڀنگي جي دروازي وٽ شهادت جي پيالي پيئڻ لاءِ تيار ٿي بيٺا. ديوان ماڻڪ سنگهه جي پتا ديوان ڪشنچند ٺهه پهه ميرن کي وڃي چيو ته؛ هيءُ واهگروءَ جا خالصا پنهنجو سر ڏيندا، پر اڪال ڀنگو ڪڏهن به ڊاهڻ ڪونه ڏيندا. جيڪڏهن منجهانئن رڳو هڪڙو ڄڻو شهيد ٿيندو ته سڄي پنجاب جي سکن جو رت ٽهڪندو، ۽ وڏو غلغلو مچندو. مهاراجا رنجيت سنگهه جنهن جي صلاح سان هيءُ اڪال ڀنگو جڙيو آهي. سو پاڻ اها ڳالهه هرگز برداشت نه ڪندو، ۽ جيڪڏهن سنڌ تي ڪاهي ايندو، ته وڏي خرابي پيدا ٿيندي. تنهنڪري بهتر ته سوچي ويچاري قدم کڻو.

ميرن انهيءَ ڳالهه تي ويچاري، اڪال ڀنگي ڊهرائڻ جو حڪم رد ڪيو. مُلن ۽ مولوين کي چيائون، ته اها مسجد به قائم رهي؛ پر خاص مسلمان زالن لاءِ ڪم اچي. اوهين مرد پنهنجي لاءِ مسجد ٻئي اهڙي ڪنهن هنڌ وڃي جوڙيو، جتي نغارن ۽ نادن جو آواز اوهانجن ڪنن تائين نه پهچي. هنن پوءِ هاڻوڪي ميونسپل آفيس جي پريان ٽڪري تي ٻي مسجد وڃي جوڙي، ايئن سک سان رهجي آئي، ته سڀ اڪالي گد گد ٿيا. اها جهوني مسجد اڄ تائين اڪال ڀنگي جي ڀرسان بيٺي آهي.

انگريزن جي صاحبي شروع ٿي، تنهن کان ڪجهه وقت پوءِ قنڌارين پاڻ ۾ چندو ڪري ٽيهه سئو کن رپيا ڪٺا ڪيا. ڪن ڪاٺ، ته ڪن سرون به ڏنيون. پوءِ پڪسرو اڪال ڀنگو 1855ع ۾ جوڙائڻ شروع ڪيائون. ديوان چوهڙ سنگهه رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر جي ٻيا ديوان ڌرم سنگهه ۽ ٻين ڪن خالصن چيو ته: چندي ڏيڻ بدران، گرو صاحبن جي درٻار جو اسين پورهيتن جيان پورهيو ڪنداسين. پوءِ ته سچ پچ مزورن جيان تغاريون مٿي تي کڻي، سڄو ڏينهن ڪم ڪندا هئا. ڏهاڙي سانجهيءَ جو هرهڪ پنهنجو روز چار آنا لکايئندو هو، ۽ اُهي پئسا چندي ۾ ڏيندو هو، ڌن سندن صدق! اُهو اڏاوت جو ڪم 1858ع ۾ پورو ٿيو. ان کان پوءِ وقت به وقت ڦيرڦاريون ڪري اڪال ڀنگي کي نهايت سندر بنايو اٿن. هن وقت تائين اهو اڪال ڀنگو پنجويهه هزار کن رپيا کائي ويو آهي. ان جي ايراضي ڏهه کن فوٽ آهي. ڪيترن ورهين کان اڪال ڀنگي جا ٽرسٽي مقرر ٿيل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55 56 57 58 59 60 61 62 63 64 65 66 67 68 69 70 71 72 73 74 75 76 77 78 79 80 81 82 83 84 85 86 87 88 89 90 91 92 93 94 95 96 97 98 99 100 101 102 103 104 105 106 107 108 109 110 111 112 113 114 115 116 117 118 119 120 121 122 123 124 125 126  127 128 129 130

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org