سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

 

صفحو :19

پاڪستان ٺهڻ بعد سندس سڀ دوست پنهنجي ديش هندستان هليا ويا پر سوڀي پنهنجي مذهبي يارن ۽ رت جي رشتيدارن کي ڇڏي سنڌ کي مٺو ڪندي هميشه لاءِ ڌرتي کي جنم ڀومي ڄاڻي هتي ئي رهي پيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس سنڌ واسين پاران Son of soil  ”ڌرتي جو پٽ“ وارو لقب مليو، جنهن تي سوڀي صاحب کي فخر آهي. سوڀي سياست جي ميدان ۾ پاڪستان ٺهڻ بعد اول مزدور تحريڪ، پوءِ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عبدالقادر کوکر سان هاري تحريڪ ۽ پوءِ نيشنل عوامي پارٽي جي پليٽ فارم تان پاڻ ملهايو. ادب جي دنيا ۾ سوڀو سال 1944ع کان ”سنڌي ادبي سنگت“ جو باني ميمبر آهي. هن گهڻو ڪري مختصر ڪهاڻيون، تحريڪن، تنظيمن بابت لکيون. ڪامريڊ سوڀي جي جيلن، گرفتاري يا نظربندي واري دور جو رڪارڊ شاندار آهي، سڀ کان اول 1943ع ۾ گرفتار ٿيو. پوءِ نيوي تحريڪ ۾ فيبروري 1946ع ۾ گرفتار ٿيو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سوڀو صاحب اپريل 1948ع ۾ گرفتار ٿيو. هن موقعي تي تمام گهڻيون گرفتاريون ٿيون ۽ سمورا ٽريڊ يونين ليڊر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ورڪر جيل ۾ هليا ويا، سوڀو صاحب وري لڳاتار چئن سالن بعد مارچ 1952ع ۾ فيڊرل ڪورٽ جي فيصلي عنوان سوڀو گيانچنداڻي... ڪرائون مطابق آزاد ٿيو، لڳاتار اذيت ۽ تڪليفن خراب کاڌو ملڻ سبب سوڀو صاحب بيمار ٿي پيو.

سال 1953ع ۾ سنڌ صوبي اندر صوبائي اسيمبلي جون چونڊون منعقد ٿيون، ڪامريڊ سوڀو سنڌي عوامي محاذ پاران اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو. ان وقت لاڙڪاڻو، دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ چار ضلعا هڪ هندو تڪ هيو. ان وقت سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن خلاف هاري ورڪرن ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پليٽ فارم تان جدوجهد ۽ جاڳرتا شروع ٿي چڪي هئي، وڏيرن جي مقابلن ۾ غريب مزدور ۽ هارين جا نمائندا به بيهڻ لڳا هيا، سنڌي عوامي محاذ پاران 24 کن اميدوار صوبائي اسيمبلين ۾ بيٺا جڏهن ته محترم جي ايم سيد گروپ جا اٽڪل 8 اميدوار بيٺا. ڪامريڊ سوڀي جي مقابلي ۾ هڪ گبر سيٺ سيرو مل ڪرپال داس ٻيراڻي وارو پير صاحب پاڳارو ۽ مسلم ليگ جي حمايت سان بيٺو هيو. ڪامريڊ سوڀي جا لاڙڪاڻي ۾ اليڪشن نگران مولوي نذير حسين جتوئي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ايڊووڪيٽ دوست محمد ابڙو وڪيل نبي بخش کوسو، غلام نبي کوسو هيا. جڏهن ته ڪراچي کان اڄ جا مشهور سرجن ڊاڪٽر هاشمي، ڊاڪٽر خواجه معين ۽ ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جا ترقي پسند شاگرد هيا اهي به سوڀي صاحب جي ورڪ ۾ هزارين رپيا ۽ سائيڪلون کڻي پهتا، سڄي سنڌ جي هاري ورڪرن محنت ڪئي پر اليڪشن ۾ داخل 18 هزار ووٽن مان سوڀو صاحب 6 هزار ووٽ کنيا ۽ اليڪشن سرمائيدار کٽي ويا.

ڪميونسٽ پارٽي تي بندش پوڻ بعد وري جولائي 1954ع کان مارچ 1956ع تائين جيل ۾ رهيو. 1958ع ۾ صدر جنرل محمد ايوب خان واري مارشل لا لڳڻ بعد کيس گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ فيبروري 1959ع تائين رکيو. پوءِ شاهي قلعي لاهور جي اونداهي ڪال ڪوٺڙي ۾ مهمان رهيو، جتان لاهور هاءِ ڪورٽ کيس آزاد ڪيو. جون 1959ع کان مارچ 1964ع تائين پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ نظر بند رهيو، جتي سرڪار هڪ اسڪول ماستر منگي کي پگهار ڏئي مٿس نظر داري لاءِ مقرر ڪيو، جڏهن هو نظر بند هيو تڏهن ان وقت جمال ابڙو صاحب ۽ تاج محمد ابڙو صاحب وٽس آيا ته ۽ گذارش ڪيائون ته هندستان ۽ چين جي وچ ۾ هلندڙ جنگ بابت وچٿرو بيان ڏيو ته اوهان کي آزادي ملي سگهي ٿي، ليڪن سوڀي صاحب کين جواب ڏيندي چيو ته ”اها بي ايماني ٿيندي اهڙي آزادي ڪو نه گهرجي“ پوءِ ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ڪوششن سان کيس آزادي ملي. جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ لڳي ته سيپٽمبر 1956ع ۾ سوڀو صاحب کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 1967ع ۾ وري آزادي ملي. هن لاڙڪاڻي لا ڪاليج مان 1970ع ۾ وڪالت پاس ڪري محترم عبدالرزاق سومرو وڪيل سان وڪالت شروع ڪئي. سال 1972ع ۾ سنڌي ٻولي واري بل جي سلسلي ۾ هلچل هلي ۽ سوڀو صاحب کي لاڙڪاڻو بدر ڪيو ويو، هو مير غوث بخش خان بزنجو گورنر بلوچستان جو مهمان ٿيو. ان وقت مان به سنڌي ٻولي جي تحريڪ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي اڳواڻي ڪندي سکر سينٽرل جيل ۾ اٽڪل ڇهه مهينا گذاريا. هڪ دفعي مير غوث بخش خان بزنجو جهاز ۾ ڪامريڊ سوڀي کي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان ملائڻ لاءِ اسلام آباد وٺي ويو. جتي سوڀو صاحب ڀٽو صاحب کي مثال ڏيندي چيو ته ”لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي جو واحد شاگرد اڳواڻ عبدالستار  ڀٽي جهڙو ماڻهو جيل ۾ پيو آهي، جنهن پيپلز پارٽي ۾ اوهان جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي،“ ڀٽو صاحب حيران ٿي ويو ۽ پوءِ وزيراعظم ڀٽو صاحب جي حڪم تي لاڙڪاڻي جي تمام ضلعي بدر ٿيل شخصيتن، سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ورڪرن ۽ اڳواڻن جهڙوڪ قاضي محمد بخش ڌامراهه، سردار الهڏنو شيخ، امان شيخ، رفيق انڊهڙ ۽ مون کي آزاد ڪيو ويو.

سال 1988ع واري اليڪشن ۾ سوڀو صاحب ميمبر قومي اسيمبلي منتخب ٿيو پر سندس مخالف چڪر هلائي درخواست ڏئي منتخب ٿيل اقليتي ميمبر قومي اسيمبلي کي ٻيهر ووٽن جي ڳڻپ ڪرائي هارايو، سوڀو صاحب لڳاتار 20 مهينا پنهنجو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ وڙهندو رهيو ايستائين جو اها اسيمبلي به ختم ٿي وئي.

سوڀو صاحب سان منهنجي محبت واقفيت، ڪچهريون ۽ بحث مباحثن کان علاوه سندس ادبي علمي مهربانيون سال 1970ع کان آهن، مان سمجهان ٿو ته سوڀو هڪ ليڊر کان وڌيڪ انسان آهي جنهن جي زبان تي انڪار مون ڪڏهن ڪو نه ٻڌو. وٽس ڏک ۽ سک جي حيثيت ڪانه آهي، سوڀي هميشه زنده رهڻ ڪاڻ خاموش لڙائي لڙي آهي، جنهن ۾ انسان هارجندو نظر ايندو آهي، پر اها هار هئي جيون ۽ جيوت جوت جڳائڻ لاءِ سوڀ آهي، سوڀي جو رخ انسان ڏانهن شيڪسپيئر جي ”انساني تصوير جيان آهي“ جڏهن هو ڪجهه نه چوڻ چاهيندو آهي ته هڪ ننڍڙو مخصوص ٽهڪ ڏئي ڳالهه کي اتي ئي ختم ڪندو آهي. سوڀو سنڌ جي انهن انسانن مان آهي جن جي بدن ۾ خون نه پر سنڌو درياهه جون ڇوليون وهنديون آهن. سنڌ ۾ رهي سوڀي گهڻو سٺو اهو کيس ياد به ڪونهي، هن زندگي گذارڻ لاءِ گلن جون مالهائون نه پر ڪنڊن جي سيج ۽ مصيبتن جا تاج ماڻيا سوڀو زندگي جي قربانيءَ بعد به اڄ ڪنهن جو چونڊيل ليڊر ته نه آهي پر هو انسان ۽ ڌرتيءَ ويجهو رهندڙ ايماندار انسان جو سدا حيات ليڊر آهي، اڄ اسان سوڀي کي مڃتا ۽ ڀيٽا جا گل ان جي سڄي زندگي جي قرباني بدلي به نه ڏئي سگهياسون.

پر سوڀي کي ڪنهن کان به شڪايت ڪونهي هو چوي ٿو ته ”ڇا ٿي پيو مان فخر سان ڌرتي ڄايو ۽ ڌرتي ڌڻي آهيان.“ سندس دوست ڪرشن کٽواڻي لکي ٿو ته ”سچل ڪانگريس دوران موهن جو دڙو گهمڻ مهل مون سوڀي کي چيو ته اڄ اسان ٻه موهن جا دڙا گهمي رهيا آهيون. هڪ سنڌ ۾ سرجان مارشل جو کوٽيل موهن جو دڙو، ۽ ٻيو جنهن جو ذڪر شيخ اياز ڪيو آهي.“ سوڀي صاحب وٽ بهترين هزارين ناياب ڪتابن خصوصن انڊيا پاڪستان جي تاريخ، فلاسافي ۽ سنڌي ادب جي تاريخ بابت لائبريري آهي جتان پوري سنڌ جا اسڪالر، پي ايڇ ڊي جا شاگرد ڄاڻ جي کاڻ وڌائڻ ايندا آهن، سوڀو هڪ عالمي تحريڪ جو قائد ۽ انقلابي تنظيم جي فاتح سرواڻ جون سڀ صلاحيتون تحريڪ جو قائد ۽ انقلابي تنظيم جي فاتح سرواڻ جون سڀ صلاحيتون پاڻ ۾ رکندو آهي، پر هن ڀلوڙ اڳواڻ جي زندگي ۽ جواني جا ڪيترائي سال قيد ۽ بند يا ڳوٺ ۾ نظر بندي ۾ گذري ويا مسلسل پابندين ڪري هو پنهنجي سوچن يا پروگرام کي ڪنهن تنظيم يا تحريڪ جي روپ ۾ سموعي نه سگهيو پر ان جي باوجود سوڀي جي سچ، محبت، ڏاهپ، عقل، تدبر ۽ جذبي جي واکاڻ ۽ احترام ڀريل جذبا سڄي برصغير ۾ آهن، هو اڄ به سڄي دنيا جي انقلابين ۾ محترم آهي، سوڀي پنهنجي ڄاڻ ۽ ڏسڻ واري جاڳندي تاريخ نئين نسل کي منتقل ڪرڻ ۾ پنهنجو هر ڏينهن ڪم آندو آهي، سندن عظمت آهي جو هر سنڌي احترام ۾ اٿي بيهي ٿو. سوڀو صاحب سنڌ ۾ يوناني ديو مالا جو هڪ ڪردار ”پروميٿيوس“ جي جيئري جاڳندي تصوير آهي جيڪو پڻ سماجي ناسور خلاف بغاوت، جدوجهد ۽ پنهنجي حوصلي اصول پرستي، حقن لاءِ جنگ جوٽڻ جي امر علامت هيو. جڏهن ته سوڀي صاحب زندگي جي جدوجهد ۾ اڄ به آڻ نه مڃي آهي، پنهنجي پارٽي، نظريا، سوچون تبديل نه ڪيون آهن. اڄ به هو 1942ع وانگر بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذهب جي ڌرتي جي مظلوم انسانن لاءِ حق جو آواز بلند ڪيو بيٺو آهي.

شيخ اياز جي چواڻي ته سوڀو گيانچنداڻي جهڙي آزاد طبيعت ۽ گهري صداقت مون ڪنهن ٻئي مائي جي لال ۾ ورلي ڏٺي آهي، ڄڻ پهاڙ آهي، جيڪو هر آنڌي، هر طوفان ۾ اڏول بيٺو آهي، نه ڄاڻا ڪيترا اهڙا انسان پنهنجي ڇاتيءَ جا ڇهه ڇپائي، ڳاٽ اوچو رکي ظلم جو مقابلو ڪندا هوندا. سوڀو صاحب کي ٻه پٽ ڊاڪٽر ڪنهيو لعل ۽ انجنيئر نرملداس آهن.

 مددي ڪتاب: مضمون علي احمد بروهي، امان شيخ، ظهير ميراڻي ۽ ڪرشن کٽواڻي، ليکو تلساڻي، رچنا رسالو، عوامي آواز ۽ سوڀي صاحب جو ذاتي انٽرويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org