سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

 

صفحو :4

سر شاهنواز خان ڀٽو

ڀٽو خاندان جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ ضروري آهي ته ٿورو علائقائي تهذيب ۽ روايت جو جائزو ورتو وڃي. سنڌ هڪ اهڙو اڏول ۽ سخت علائقو آهي جتي صدين کان رائج دوستي ۽ دشمني جون هميشه نه وسرندڙ يادون، ڌرتيءَ جي سيني تي وهندڙ دادلو دريا هن ڌرتي مٿان واريءَ ۽ هوا جي تيز وهڪري سان آباديون ۽ برباديون، ڏک ۽ سک ڏيندو. صوفين، جوڳين، درويشن، هارين، جاگيردارن جي هن سرزمين تي هڪ طرف يڪتارو چپڙي، سرندي، الغوزي، مرلي ۽ بانسري جا خمار ڀريل سُر ثقافتي شاهڪار ميٺ ۽ محبت جا داستان پيش ڪن ٿا ته ٻئي طرف وڻج واپار لاءِ قائم منڊين ڏانهن ڀلوڙ ڏاندن ۽ موهن جي دڙي جي وقت کان هلندڙ بيل گاڏيون ساريون، ڪڻڪ، ڪمند، گاهه، ڦٽيون، ڦل ڦروٽ کڻي وڃڻ وقت رستن تي ڦيٿن جا رينگٽ ڪنديون هيون ته وري محبت جا داستان جهڙوڪ سهڻي ميهار، عمر مارئي، مومل راڻو، نوري ڄام تماچي، سسئي پنهون جي حوالن سان هر هنڌ هاڪاري هيا جن کي لاکيڻو لطيف پنهنجي گيتن ۽ بيتن ۾ سموئيندو رهيو. اهڙي سٻاجهڙي سنڌ جي ڀلوڙ ماحول ۾ وقت جو وهڪرو وهندو رهيو. سمن، سومرن، ڄامن، ڪلهوڙن، ٽالپرن، انگريزن جا دور ايندا ويندا رهيا. تغلق، ترخان، ارغون ۽ ٻيا ڌاريا به سنڌ جا لوڙها لتاڙيندا رهيا. جاگرافي حدون طاقت ۽ تلوار جي زور تي وڌنديون ۽ گهٽجنديون رهيون. قبيلا لڏ پلاڻ ڪندا رهيا. ارڙهن اڻويهين صدي ۾ جاگيرداري جا محل انسانيت دشمني ۽ اذيت گاهن جا ڏيک ڏيندا هئا. جاگيردارن جي محل کي غريب پنهنجي خون سان سجائيندا سنواريندا رهيا. انگريز پنهنجو اقتدار برقرار رکڻ لاءِ جاگيرون مفت ۾ اتي جي اصل رهندڙن غريبن بدران پنهنجي دربار ۾ ايندڙن کي تحفي ۾ ڏنيون، هڪ طرف سنڌي زبان بند خاموش اٻوجهه رعيت ڏٺي ته ٻئي طرف دودو، دولهه دريا خان، جنرل هوشو، جنرل شاهه بهارو، شاهه مردان پير پاڳارو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو به ڏٺو. سنڌ جي سرسبز زرخيز زمين تي ڪافي ٻاهرين لڏپلاڻ ٿي. ڪيترا قبيلا لڏ پلاڻ ڪري هتان جا ٿي ويا. لاڙڪاڻي ضلعي جا گهڻا رهاڪو قبيلا ۽ ذاتيون قديم سنڌ ۾ لڏ پلاڻ ڪيل آهن. جن ۾ چانڊيا، کهاوڙ، مگسي، مهيسر، هڪڙا ۽ جتوئي وڏي تعداد ۾ هيا، پر انهن سڀني مان لاڙڪاڻي جي سرزمين تي مضبوط ۽ کتل پير ڀٽو خاندان جا آهن. لاڙڪاڻو شهر 18- هين صديءَ ۾ ڪلهوڙا شروعاتي ڏينهن ۾ قائم ٿيو. لاڙڪاڻو سنڌ ۾ سدائين زرخيز شهر رهيو آهي. قديم سنڌ ۾ ڪراچي کان پوءِ ٻيو نمبر مالدار ۽ شاهوڪار شهر لاڙڪاڻو ليکيو ويندو هيو ۽ سنڌ ۾ سڀ کان گهڻي آباد زمين ڀٽو سردارن کي هئي. ڀٽو قبيلو ڪيئي سئو سال اڳ جيسلمير ۾ آباد راجپوت مهاجرن جي شاخ آهي. هن خاندان جو پهريون فرد سهتو خان ڀٽو 16 هين صدي جي وچ ۾ هتي پهتو ۽ ڀٽو نالي ڳوٺ ٻڌائين پر مقدر جو سڪندر ڀٽو خاندان ۾ سردار دودا خان ڀٽو ئي آهي. دودا خان ڀٽو ۽ سندس پٽ الهه بخش ڀٽو گڏجي لاڙڪاڻي کان جيڪب آباد تائين چانڊين، جمالين ۽ بروهين جي قبيلن سان مختلف وقتن تي سخت جنگيون ڪندا رهيا ۽ پنهنجي زمين جو دائرو تمام گهڻو وڌايو. سردار دودا خان پنهنجي ڪوششن سان ڀٽو خاندان جو شمار سنڌ جي معزز خاندانن ۽ قبيلن ۾ ڪرايو. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ حڪمران کان علاوه شاندار حاڪميت جو ڏيک ڏيندڙ ڏولي ۾ گهمڻ ۽ سفر ڪرڻ جو اختيار ڀٽو خاندان جي سردارن دودا خان ۽ پير شاهه مردان پاڳارو کي هيو. هو جڏهن سفر تي نڪرندو هو ته سندس سجايل سيج ساڻ نوڪر چاڪرن جو هڪ وڏو جلوس به هوندو هو. هڪ طرف جائداد ۽ ملڪيت ٺاهڻ جو اعزاز سردار دودا خان کي وڃي ٿو ته ٻئي طرف سياست ۾ عزت، شهرت ۽ تعلقات ٺاهڻ جو سهرو سر شاهنواز ڀٽو کي ، جڏهن ته عوام ۾ شعور، سجاڳي، خدمت، محنت، حق حاصل ڪرڻ جو ڪريڊٽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ جدوجهد ، محنت، منزل حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ محترمه بينظير ڀٽو کي آهي.

دولت عزت ۽ شهرت هوندي به هن خاندان کي ڪجهه محروميون ضرور ورثي ۾ ملنديون آيون آهن. خدا بخش خان جي پٽ مير غلام  مرتضى ڀٽو کي شڪارپور جي انگريز ڪليڪٽر پاران هڪ انگريز عورت جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو. هن اعليٰ خاندان جي وجاهت شان مان واري نوجوان وارث  مرتضى ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو. هي سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ وڏو سياسي شهرت ماڻيندڙ مقدمو هيو. مير غلام مرتضى پنهنجي ڪيس جي وڪالت لاءِ هڪ تمام وڏي قانوندان بئريسٽر کي روزانو ٻارنهن سئو پنجاهه رپيا في جي بنياد تي وڪيل مقرر ڪيو. اڄ کان هڪ سئو سال اڳ روزانو ايتري في ان دور ۾ ڪنهن به وڪيل ڪو نه حاصل ڪئي. هي تمام گهڻي رقم هئي. مير غلام مرتضيٰ ڀٽو هن ڪيس مان ته آزاد ٿي ويو پر سندس مخالفن مٿس ٻيا به ڪيترا ڪيس داخل ڪرايا. نتيجي ۾ هن پاڻ کي ڦاهي چاڙهڻ بدران روپوشي اختيار ڪئي ۽ غير موجودگي ۾ ڪيس هليو کيس سزا ڏني وئي ۽ تمام ملڪيت تي انگريز سرڪار قبضو ڪيو. 

انگريز ڪليڪٽر ڪاوڙ ۾ اچي مير غلام مرتضى ڀٽو جون سڀئي زمينون ضبط ڪيون. وڏو شهنشاهي نموني ٺهيل خانداني گهر نيلام ڪيو. وڏا قيمتي ناياب ريشمي غاليچا نيلام ڪيا. شاندار قسم جا صوفا سيٽ جن تي پراڻي زماني جو ٻاهران گهرايل، ريشم، اطلس ۽ بخمل لڳل هوندو هيو. سون ۽ چاندي جا ٺهيل ٿانو، قديم ديڳيون، زريءَ ڀريل خيما ۽ تنبو سڀ نيلام ڪري ڇڏيا. گهر جي باقي سامان کي باهه لڳائي وئي.

ننڍڙو سر شاهنواز ڀٽو سندس والده جي جسم تي موجود ڪپڙن ۾ پنهنجي خانداني گهر مان ٻاهر نڪتا. سر شاهنواز ڀٽو ۽ سندس والده کي انهن جي ڪڙمين پنهنجي گهر وٺي وڃي رهايو. هاڻي ننڍڙو سر شاهنواز ڀٽو اسڪول وڃڻ لاءِ ڪي ميل پنڌ ڪري ويندو هيو. اهو لاڏڪوڏ ۾ پليل ٻار جيڪو نوڪرن چاڪرن سان خوبصورت سجايل ٽانگي ۾ يا بهترين نسل جي گهوڙي تي چڙهي اسڪول ويندڙ هجي هاڻي مٽيءَ ۾ بڀوت، گرمي سبب پگهر ۾ ٻڏل، پيرين پيادو اسڪول وڃي ۽ اچي، اهي گهڙيون سر شاهنواز ڀٽو گذاريون. پنهنجي اکين ساڻ پنهنجي گهر جي نيلام ٿيڻ،. سامان کڻڻ ۽ باقي سامان کي سڙندو ڏٺائين.

مير غلام مرتضيٰ ڀٽو بهاولپور جي نواب دوست وٽ پناهه حاصل ڪئي، جتان ويس مٽايائين. وڏا وار وڏي ڏاڙهي، ڪپڙا ۽ ڪڙا پائي هڪ سک سردار ديال سنگهه جي نالي پشاور پهتو. پوءِ ڪابل ويو جتي شاهه افغانستان جو مهمان رهيو. گهڻو عرصو جلاوطني بعد آخر پنهنجي ٻنهي پٽن جي سڪ ۽ والد جي انتقال کيس واپس سنڌ آندو. ڪراچي ۾ موجود برطانوي حاڪم وٽ پيش پيو. هن مقدمو ٻيهر هلرايو ۽ کيس تمام جائداد به واپس ملي پر هو ٿوري عرصي ۾ بعد 31 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. جڏهن جلاوطني بعد واپس موٽيو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ يادگار واقعو هيو. واپس اچڻ بعد مخالفن کيس مارڻ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پر مير غلام مرتضيٰ ڀٽو وٽ ماني چڪاس ڪرڻ وارا هوندا هئا. هو هڪ مهيني اندر انتقال ڪري ويو. چون ٿا ته کيس حقو پيئڻ جي عادت هئي ۽ حقي وسيلي زهر ڏنو ويو.

پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ برصغير ۾ ڪجهه خاندان سياست جي دنيا ۾ تمام وڏي شهرت ماڻي آهي ۽ انهن سياسي خدمتن سبب جيڪا عزت رتبو يا مان حاصل ڪيو انهن پنهنجا تعلقات لڳ لاڳاپ اهڙا ٺاهيا آهن جو سندن عزت شهرت مرتبو پونيئرن کي رهنمائي ڪري ٿو ۽ انهن جا پويان نسل پڻ سندن ٻڌايل پنڌ پيچرن تي سياسي خدمتن جون منزلون ۽ مقصد ٺاهي ۽ ڪاميابيون ماڻيون. برصغير ۾ ٻه خاندان اهڙا آهن، هڪ نهرو خاندان آهي ۽ ٻيو اسان جي ملڪ ۾ ڀٽو خاندان جو مثال هڪ چٽو تاريخي ثبوت آهي. هن خاندان هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين روز مره جي زندگي ۽ عوام ۾ پنهنجي مڃتا برقرار رکي آهي، صدي کان وڌيڪ عرصي تائين روزانو دنيا جي اخبارن، رسالن کان علاوه جديد ۽ قديم نشرياتي ادارن تان سندن ڪارناما، تقريرون يا احوال نشر پيا ٿين. ڀٽو خاندان جي سياست تاج ۽ تخت يا حڪومت جي ايوان ۽ اقتدار جي تمام وڏن عهدن تي قسمت سدائين ساٿ ڏيندي رهي آهي. سياست سندن مقدر بڻجي وجود ۾ رچي وئي آهي. هڪ صدي جي لڳ ڀڳ ڀٽو خاندان پاران خدمت، جدوجهد ۽ اصلاح لاءِ هڪ تاريخي ڪردار آهي. ملڪ جي فيصلن ۽ قوم جي رهنمائي لاءِ ڀرپور دخل رهيو آهي. ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون سندن دروازن تي پاڻ اچيو آواز ڏين. هڪ طرف مقدر پاران هو زر ۽ زيور جي دولت سان مالا مال آهن. سندن صبح شام جي ونهوار ۾ سونن چمچن سان گذارو آهي ته وري ا﷢ جي مخلوق عوام جي دلين سوچن ۽ لبن تي به عزت احترام عقيدت ٽمٽار جذبا موجود آهن. عوام ڀٽو خاندان جي عزت خلوص دل سان ڪري ٿو. نالو احترام سان وٺي ٿو ۽ ڀٽو خاندان تي ڀروسو ڪري ٿو. ائين ڄڻ هڪ ٻئي جا آزمايل هجن يا هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هجن، هڪ ٻئي جا عزيز، ساٿي يا رشتيدار هجن. ڪير ڪيترو به ڀٽو خاندان سان سياست ۾ اختلاف رکي پر ان ڳالهه تي ڪو به اختلاف نه رکندو ته ڀٽو خاندان کي صدين کان وٺي حڪومت جي عهدن جي عزت کان وڌيڪ ڌڻي پاڪ عوام جي دلين ۾ هڪ وڏي عزت ۽ حڪمراني ڏني آهي. اهڙي عزت دائمي هوندي آهي ۽ اها اقتدار يا ڪرسي جي محتاج ڪو نه آهي. ڀٽو خاندان ۾ اها عزت واري ڏات صدين کان هلندي اچي ٿي، وراثت ۾ ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ٿيندي رهي ٿي. اها سياست جي روشني ۽ چمڪ ڀٽو خاندان جي چئن شخصيتن ۾ تمام گهڻي پيدا ٿي جنهن سنڌ هند کان ٻاهر تاريخ لکندڙ کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪيو. اخبار يا رسالي يا اقتدار جي مورتيءَ کي روزانو پنهنجي چوڌاري نچايو. سندن اٿڻ، ويهڻ، ميل، ملاقات، گفتگو عام زندگي جو حصو نه پر هڪ سياسي ثقافتي تهذيبي اهڃاڻ يا شناخت ٿي وئي. انهن پنهنجي زندگي ۾ ڪي اهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جو هاڻي سندن ڪارناما ۽ شخصيتون تاريخ ۾ هڪ روشن باب ٿي هميشه لاءِ سياست، تاريخ، تهذيب ۽ سماجي لاڙن ۾ تبديلي آڻيندڙ شاگردن لاءِ رهبري ۽ رهنمائي پيش ڪندا.

ڀٽو خاندان جو اهڙو هڪ خوبصورت صاف سٿرو، مهذب روشن خيال، حقيقت پسند، تعميري سوچ رکندڙ، جهالت، بک ۽ بيروزگاري جو خاتمو چاهيندڙ، علم ۽ صحت جون سهولتون هر عام خاص لاءِ پهچائيندڙ، تمام نفيس طبيعت، رحمدل، هر هڪ جو ڀلو چاهيندڙ، زندگي جي رستن تي هلڻ لاءِ پنهنجا اصول ٺاهيندڙ، زندگي کي شان مان ۽ وقار سان نيڪ مقصدن ۽ فلاحي منصوبن ۾ گذاريندڙ، خاموش پر باعمل شخصيت شاهنواز خان تاريخ 2 مارچ 1888ع تي غلام مرتضى خان ڀٽو جي اباڻي گهر ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ڄائو. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ڳوٺ شاهنواز خان جي ڏاڏي جي نالي تي ٻڌل شهر آهي. علائقي ۾ ڪو به اسڪول ڪو نه هو جنهن ڪري سندس ابتدائي تعليم پنهنجي گهر ۾ ٿي هئي. جڏهن سنڌي ۽ انگريزي تعليم لاڙڪاڻي شهر جي سنڌ مدرسو اسڪول (هاڻوڪو گرلس ڪاليج) ۾ ٿي. ان وقت لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي واري اهم روڊ تي ڀٽو خاندان جا بنگلا، اوطاقون ۽ گهوڙن جا تنبيلا هوندا هئا. انگريزي جي وڌيڪ تعليم لاءِ پهريان ڪراچي سينٽ پيٽرڪ اسڪول ۽ پوءِ 11 نومبر 1906ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي. 1908ع ۾ مئٽرڪ ۾ پهتو پر پاڻ اعلى تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته سندس والد 1899ع ۾ انتقال ڪري ويو هيو جڏهن ته ڏاڏي جو انتقال 1896ع ۾ اڳ ٿي چڪو هيو. هو تڏهن 8 سالن جو هيو.

نوجوان شاگرد جي 20 سال عمر هوندي آهي. شاگرد تمام وسيلن ميسر هجڻ ڪري اعلى تعليم جا منصوبا ٺاهيندو ۽ خواب ڏسندو يا وري پنهنجي ڪاليجي دوستن ساڻ گهمندو ڦرندو. تفريح يا رانديون رونديون ڪندو مصروف نظر ايندو پر شاهنواز خان کي کيڏڻ بدران ميٽرڪ ۾ پنهنجا ڪتاب بند ڪري ڪراچي کان واپس لاڙڪاڻي اچي پنهنجي لاڙڪاڻو جيڪب آباد واري زمين سنڀالڻي پئي. هو صرف 11 سالن جو هيو ته سندس والد انتقال ڪري ويو. پوءِ زمينداري جي ذميواري سندس ڪلهن تي اچي پهتي. هن پنهنجي جواني جوش جذبن کي زمينن سنوارڻ سنڀالڻ ۽ وڌائڻ ڏانهن ارپي ڇڏيو. شروع ۾ هن وڏي محنت ڪري پنهنجي زمينداري کي مضبوط ۽ منظم ڪيو، سنڌ جي نوابن، سردار ۽ جاگيردارن ۾ اٿڻ ويهڻ شروع ڪيو. صدين کان سنڌ جي سماج ۾ نوابن، سردارن، جاگيردان جي روز مره جي زندگي جو جائزو ورتو. انهن جي سماجي لاڳاپن، طور طريقن، اٿڻ ويهڻ ۽ خاص طرح جاهلانا انداز، ظالمن واريون سوچون، عام غريب ماڻهو جي عزت نه ڪرڻ، پنهنجي زمينداري، جاگيرداري کي قائم دائم رکڻ لاءِ غير  انساني، غير قانوني غير اخلاقي قدم ۽ اپاءَ کڻڻ شاهنواز خان کي ڪو نه ڀايو ۽ هن اهڙي سنڌي سماج خلاف خاموش بغاوت ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. پنهنجي وڏيرڪي زندگي گذارڻ جو پنهنجو رنگ ڍنگ ۽ طريقو مقرر ڪيو. جيڪو ان وقت پهريان ته نوابن سردارن جاگيردارن کي ڪجهه نه وڻيو پر شاهنواز ڀٽو جي انداز، سليقي، مقبوليت ۽ ڪاميابين کي ڏسندي سڀني کي سوچڻ تي مجبور ڪيو. بلڪه تمام جلد انهن شاهنواز ڀٽو کي پنهنجي قائد تسليم ڪندي سندس قيادت ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. در اصل سنڌ جي جاگيرداراڻي سماج ۾ نوابن ۽ وڏيرن جو شان شوڪت ان ۾ هوندو هيو ته هو پنهنجي قيمتي وقت پنهنجن اوطاقن ۾ ٺلهيون بي قائدي ڪچهرين ۽ جي حضورين ۾ گذاريندا هئا. جاگيردار پنهنجو شان ۽ رتبو وڌائڻ لاءِ رڇ، ڪٿن يا سوئرن کان علاوه ڏاندن جي گوءِ  ۽ ڪڪڙن جا مقابلا ڪرائيندا هئا. هو باقائدي رڇ، ڪتا، سوئر، ڪڪڙ ڏاند پالڻ کان علاوه ملهه پهلوان، نشاني جا طوبچي گهوڙي سوار پنهنجن خرچن تي رکندا هئا. باقائدگي ساڻ پاڻ وٽ هفتو هفتو ميلا ملاکڙا ۽ مقابلا ڪرائيندا هئا. سڄي سنڌ بلوچستان، پنجاب جا نواب جاگيردار سندن مهمان ٿيندا هئا. شراب شباب ڪباب ناچڻيون وغيره به اچي پهچنديون هيون. رڇ ڪتن، ڪڪڙن، ملهن، راڳ ناچ ۾ پهريون نمبر ايندڙن کي وڏا انعام ملندا هئا. رڇ، ڪتن، سوئرن ۽ ڪڪڙن جا ته ڀاڳ ڀلا، انهن لاءِ حضرت آدم جي اولاد يعني ويچارا هاري ناري خدمت چاڪري ۾ موجود هئا. بلڪه انسان سڳورو انهن سردارن جي جانورن کي پالڻ ۽ انهن جي خدمت ۾ پاڻ ڪتو ۽ ڪڪڙ نظر ايندو هيو. جيڪو گهڻو فضول خرچ ڪري دولت لٽائي ان جي اوتري عزت هوندي هئي ۽ اوترو معزز نواب خان سڏبو هيو. هي اهو دور آهي جڏهن سنڌ ۾ هاري پورهيت، حقوق جو شعور يا مسئلن واري سياست ۽ پارٽين جو وجود ڪو نه هيو. هڪ ڪاري جهنگل وارو قانون هو. انگريز حاڪم نه اهڙن نوابن جاگيردان وڏيرن کي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڪمشنر جي آفيس ۾ خط لکي گهرائيندو هيو ته هو وڏا پٽڪا ٻڌي وڏين گاڏين ۾ اچي ڪمشنر آفيس ۾ پنهنجي نالي واري ڪرسي تي ويهي انگريز سرڪار جي هر حڪم تي ها ۾ ها ملائي پنهنجي گهر موٽي فخر محسوس ڪندا هئا. سرڪاري ڪورٽن يا جيلن بدران نواب پاڻ فيصلا ڪري سزا ڏياريندا هئا. سندن قيد يا جيل به پنهنجا ٺهيل هوندا هئا. اهڙي ماحول ۾ شاهنواز خان ڀٽو صاحب پنهنجي طبقي سان بغاوت ڪندي انهيءَ طبقي ۾ انقلاب آندو ۽ هو ان مهذب سياسي انقلاب جو ڪامياب قائد آهي. انقلاب هر محاذ تي اچي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته انقلاب جو مقصد ئي اهو آهي ته اڳ وارو رائج نظام ختم ڪري ٻيو خوبصورت لاڀ ڏيندڙ نظام رائج ڪجي. شاهنواز خان ڀٽو ان ڏس ۾ پنهنجي وقت ۽ تاريخ جو اڳواڻ آهي جنهن پنهنجي عمل، قول، فعل، سوچ وقت، پئسي ۽ تعلقات کي ڀرپور نموني استعمال ڪندي عوام جي فلاح بهبود، مسئلن، نوڪرين، سهولتن بابت عوامي سياست جو رستو اختار ڪيو. سندس جديد سياست ڏانهن لاڙي نيٺ سنڌ جي جاگيردار کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجو اجايو وقت سجيل اوطاقن ۾ ڪچهريون ڪرڻ ناچ گانا محفلون مچائڻ، ميلا، ملاکڙا، ڏاند جي گوءِ يا رڇ ڪتن جي ويڙهه کي ڇڏي اسيمبلين ايوانن ۾ ويهي اليڪشنون لڙڻ ۽ پنهنجي اوطاقن کي عوام جي مسئلن ٻڌڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏين. سندس رهڻي ڪرڻي ۽ اٿڻ ويهڻ سنڌ جي پراڻين مدي خارج ريتن رسمن ۾ ڦاٿل جاگيردارن کي جديد زندگي ۽ مهذب سياسي سماج جي خوبصورت ماحول ۾ آڻي بيهاريو. شاهنواز خان ڀٽو 22 سالن جي عمر ۾ سياست ۾ داخل ٿيو. سندس خدمتون ۽ ڪارناما تمام گهڻا آهن پر ڪجهه خدمتن بابت تفصيل ڏنل آهي. هن پنهنجي سياسي اقتدار جي عرصي ۾ سنڌ جي ڳوٺن ۽ سنڌي عوام کي خاص طرح صحت، تعليم ۽ روزگار جون بنيادي سهولتون ڏيارڻ جي جدوجهد ڪئي.

جيئن ته شاهنواز خان جي والد غلام مرتضى مٿان هڪ ڪيس قتل جو داخل ٿيو هيو. ان ڪري هو جيل ۾ رهيو ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ پنجاب، افغانستان جلاوطن ٿي ويو. ان ڪري شاهنواز ۽ سندس ڀاءُ علي گوهر خان جي پرورش سندن چاچي رسول بخش خان ڀٽو ڪئي. سڀ کان اول 1910ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جو ميمبر ٿيو. هي اهو دور آهي جڏهن انگريز ڪليڪٽر ضلعو لوڪل بورڊ جو صدر هوندو هيو. شاهنواز خان 1920ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پهريون سنڌي عوامي چونڊيل صدر منتخب ٿيو ۽ کيس لڳاتار 13 سالن يعني سال 1933ع تائين انهيءَ عهدي تي رهڻ جو اعزاز حاصل آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي سياست ۾ لڳاتار 13 سالن تائين عهدا ماڻڻ منتخب ٿيڻ سندس مقبوليت ۽ عوام ۾ عزت احترام ظاهر ڪري ٿو. بحيثيت صدر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو هن انگريزي تعليم سنڌين ۾ عام ڪرڻ تي گهڻو توجه ڏنو هيو. هي اهو دور رهيو جو سنڌ ۾ سنڌ مدرسة الاسلام هاءِ اسڪول ڪراچي، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ سنڌ مدرسو لاڙڪاڻو سنڌ جي شاگردن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جا واحد مرڪز رهيا. لاڙڪاڻي ضلعي سطح تي تعليمي اصلاحات نافذ ڪيائين ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن هاءِ اسڪول جي تمام خرچن جو انتظام ضلعي لوڪل بورڊ حوالي ڪيائين. سنڌ مدرسي اسڪول لاڙڪاڻي جي تاريخي اسڪول جي بلڊنگ، عاليشان هاسٽل جو انتظام ۽ شاگردن کي سهولتون ڏيڻ کان علاوه بهترين انتظام هلائڻ لاءِ زبردست ايڊمنسٽريشن، هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن ۾ سخت ڊسيپلين، ورزش صحت جو علاج ۽ صفائي تي خاص طرح ايتري ته توجه ڏني ويندي هئي جو ڪنهن انگريز ملڪ جو پبلڪ اسڪول محسوس ٿيندو هيو. سڀ کان اهم ڳالهه ته هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن ۾ اخلاقي معيار ۽ بلند ڪردار پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻا اپاءَ ورتا. جنهن ۾ هر هڪ ڪم لاءِ ٽائيم جي سخت پابندي هوندي هئي. ڪو به ملاقاتي پهريان هاسٽل انچارج کان اجازت وٺڻ بعد ملندو هيو ۽ شاگرد به هاسٽل کان ٻاهر وڃڻ لاءِ انچارج کان پهريان اجازت طلب ڪندو هيو. ان دور ۾ شڪارپور، دادو، نواب شاهه، سکر، جيڪب آباد جا شاگرد لاڙڪاڻو اچي هن اسڪول ۽ هاسٽل ۾ رهي انگريزي تعليم حاصل ڪري بهتر ملازمتون ماڻيندا هئا. هي اسڪول سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ قيمتي ورثو ثابت ٿيو.      

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org