سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

 

صفحو :5

شاهنواز خان کي ان ڳالهه جو اعزاز حاصل آهي ته هن سنڌ ۾ پهريون دفعو عوام جي خدمت ۽ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ غريب ماڻهن کي سهولتون پهچائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ضلعي جي تمام تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ نه صرف اسپتالون ٺهرايون پر انهن جو انتظام هلائڻ به ضلعي ڪائونسل پاران مقرر هيو. هي اهو دور آهي جڏهن سنڌ جي تعلقن ۾ ته ڇا پر ڪيترن ضلعن ۾ اسپتالون ۽ عملو ڪو نه هيو ۽ ٻهراڙين جو غريب هاري ناري ڪنهن معمولي بيماري يا علاج لاءِ پڻ حڪيمن کان مڪسچر وٺڻ، پيرن فقيرن جي مزارن تي وڃي صحتيابي لاءِ دعا گهرڻ يا تعويذ سڳو ڪرائي ملن کان پاڻي پڙهائي بيمار کي پيئارڻ صحت جي ڏس ۾ عوامي خدمت جو هڪ وڏو مثال آهي. شاهنواز خان ڀٽو جي هن انقلابي خدمت ۽ جذبي پوءِ ٻين ضلعي لوڪل بورڊ جي اڳواڻن کي مجبور ڪيو ته هو به سندس نقل ڪندي ٻهراڙي جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪن. شاهنواز خان جي ان عمل علائقي جي ماڻهن کي ايترو ته خوش ڪيو جو هن کي ضلعي سياست ۾ لڳاتار 13 سالن تائين پنهنجو قائد چونڊيندا آيا.

اهڙن اصلاحي ڪمن سبب هو قابل احترام ۽ هر دل عزيز شخصيت جو مالڪ بڻجي ويو. جيڪڏهن اڄ جي دور ۾ ضلعي ڪائونسلن جي ٻهراڙي ۾ صحت لاءِ خدمت جو جائزو وٺنداسين ته جديد دنيا ۾ رهندي به اسان ٻهراڙين ۾ اڄ کان 70 سال اڳ واري خدمت ڪرڻ لائق به نه ٿيا آهيون.

لاڙڪاڻي ضلعي ۾  ننڍن واپارين، زميندارن ۽ ٻين سلجهيل ماڻهن کي واپار ڏانهن لاڙو ڪرائڻ، ڪاروبار ۾ شموليت ڪرڻ، واپار ۽ ڌنڌي معرفت خاندانن ۽ شهرن ۾ خوشحالي آڻڻ خاطر سر شاهنواز خان ضلعي ۾ ڪو آپريٽو سوسائٽي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن ڏس ۾ خان بهادر عظم خان سندس ڀرپور ساٿ ڏنو. کيس لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ ڪو آپريٽو سوسائٽي بينڪ جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن ضلعي ۾ خوشحالي پيدا ڪرڻ جهالت ۽ غربت مان نڪرڻ لاءِ ڪوآپريٽو تحريڪ شروع ڪئي ۽ ڪو آپريٽو بينڪ پاران واپار ۽ زمينن جي ترقي، گهرن ٺهرائڻ، روزگار ڪرڻ مطلب ته مهذب خوشحال ۽ ماڊرن معاشرو قائم ڪرڻ خاطر ڪجهه شرطن سان درخواست گذارن کي قرض ڏنا ويا ۽ ڪيترن ئي خاندانن انهي مان لاڀ ماڻيندي پنهنجي ايندڙ نسلن کي هڪ روشن ۽ خوشحال مستقبل ڏنو. هي پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تحت قائم ٿيندڙ ڪو آپريٽو بينڪ جو عمل اجتمائي خدمت جو شاندار مثال پيش ڪري ٿو.

سکر بئراج اسڪيم سنڌ لاءِ منظور ڪرائڻ شاهنواز خان جو وڏو ڪارنامو هيو. سکر بئراج اسڪيم سنڌ لاءِ دهلي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل کان منظور ڪرائڻ لاءِ هن تمام گهڻيو ڪوششون ورتيون. محنت ۽ جدوجهد ڪندي ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن پاڻ سڀ کان اول  ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو پاران هڪ قرارداد پاس ڪرائي، سنڌ جي پهرين بئريسٽر رئيس غلام محمد ڀرڳڙي سکر بئراج بابت صوبائي ڪانفرنس ڪوٺائي ڪيس جي ڀرپور وڪالت ڪئي. آخر سنڌ جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جي اهميت بابت 7 جنوري 1916ع تي سر ميٿر سول انسپيڪٽر جنرل ايريگيشن ٽيڪنيڪل نوٽ هنيو ۽ جولائي 1923ع ۾ لڳاتار ستن سالن جي جدوجهد بعد بمبئي سرڪار ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻو جي ٺهراءُ تي عمل ڪندي بئراج جو آرڊر جاري ڪيو ۽ سفارش ڪئي ته بئراج تي سر جارج لائڊ گورنر بمبئي جو نالو رکيو وڃي. افتتاحي تقريب ۾ بمبئي جي گورنر سرجارج لائڊ گورنر جي تقرير ۾ بئراج جي قيام ۾ ڪوشش لاءِ ڪيل محنت بابت سر شاهنواز خان کي خراج عقيدت مان ثبوت ملي ٿو. بئراج لاءِ هڪ صلاحڪار ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ جمشيد اين آر مهتا چيئرمين ۽ سر حاجي عبدا﷢ هارون، سر شاهنواز ڀٽو، درشن سنگهه ۽ ايڇ ايس بيگ ٺارو مل حسين ڀائي ۽ ادول ڀائي کي ميمبر کنيو ويو ۽ سندس ڪوششن سان هي عظيم منصوبو مڪمل ٿيو.

هو دوستن جو دوست ۽ فراخدل سياستدان هيو. جنهن جو ثبوت هي آهي ته شاهنواز خان پنهنجي سياسي سفر ۾ جنهن سان به ڪم ڪيو انهن کي اعلى منصب تي پهچڻ بعد به هر مشڪل وقت ۾ ياد رکيو ۽ ساٿ ڏنو. سال 1928ع ۾ محترم سائين جي ايم سيد ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر چونڊيو ۽ ٻئي سال 1929ع ۾ محمد هاشم گذدر کي مقرر ڪرڻ تي ان وقت جي ڪراچي جي انگريز ڪليڪٽر مسٽر گبسن سان سائين جي ايم سيد جا سخت اختلاف ٿي پيو. نتيجي ۾ انگريز ڪليڪٽر ڪراچي لوڪل بورڊ جي مالي گرانٽ بند ڪري ڇڏي، هن واقعي کان پوءِ سر شاهنواز خان انگريز ڪليڪٽر جي مقابلي ۾ سائين جي ايم سيد جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ پنهنجا ذاتي تعلقات استعمال ڪندي سائين جي ايم سيد کي بند ٿيل مالي گرانٽ بحال ڪرائي ڏني.

هن کان علاوه هڪ ٻيو روشن خيالي جو مثال ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڀرپور حمايت ڪندي سندس مختيارڪار واري نوڪري بچائڻ واري ڪوششن مان ملي ٿو. جيئن ته سال 1931ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي بحيثيت مختيارڪار بدين شاعري جو پهريون مجموعو ”تحفه سنڌ“ شايع ڪرايو. هي ڪتاب هڪ انسان جو رب پاڪ سان شڪوه تي ٻڌل هو. ڪامريڊ حيدر بخش جي آزادي خيالي سبب سنڌ ۾ هڪ وڏو مذهبي طوفان اڀريو ۽ سڄي سنڌ جي مولوين، پيرن، مسلم سوچ جي سياستدانن ۽ اديبن سندس خلاف فتوى ڏني ۽ ڪامريڊ جتوئي کي نوڪري مان ڪڍڻ، گرفتار ڪري سزا ڏئي ڦاسي تي چاڙهڻ جا مطالبا ڪيا. سياستدانن جو وفد بمبئي ڪمشنر وٽ دانهين ٿيو. جڏهن اهو ڪيس هلندي بمبئي جي انگريز گورنر وٽ پهتو تڏهن ان وقت جي گورنر پنهنجي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيز سر شاهنواز خان ڀٽو کان راءِ ورتي، جنهن تي سر شاهنواز ڀرپور نموني ۾ حيدر بخش جتوئي جي وڪالت ڪندي نوٽ لکيو ته ”سڄي سنڌ ۾ هڪڙو مسلمان مختيار ڪار آفيسر آهي جيڪو تمام محنتي، ايماندار، ديانتدار ۽ اعلى ذهانت رکندڙ شخص آهي، اهڙي ڀلي آفيسر کي تنگ نه ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جا شعر ٻين به ڪيترن شاعرن لکيا آهن.“ سندس اهڙي نوٽ بعد ڪيس ڪمشنر بمبئي مسٽر گبسن وٽ ويو ۽ هن ڪيس فائيل ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدر بخش پنهنجي زندگي ۾ بيماري جي بستري تي آخري انٽرويو ۾ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي سان ان واقعي جي تعريف ڪئي آهي.

هو سنڌ جو پهريون سياسي اڳواڻ آهي، جنهن روز مره جي وهنوار لا جديد انداز ۽ طريقا جوڙيا، هن وقت جو قدر ڪرڻ، ماڻهو جي عزت ڪرڻ، ڪنهن جي ڳالهه کي آرام اطمينان ۽ تياري سان ٻڌڻ يا حل ڪرڻ خاطر پنهنجي ڏينهن جو ٽائيم ٽيبل ٺاهيو جيڪو ٻين نوابن ۽ جاگيردار سياستدانن ۾ به اپنايو ۽ سنڌي سماج ۾ خوبصورت لاڙا پيدا ٿيا. شاهنواز خان سان ڪو به ماڻهو ڪامورو يا صاحب بنا وقت وٺڻ جي ڪو ملي سگهندو هيو ڇاڪاڻ ته سندس ڪم ڪارن، ملڻ جلڻ جو روزانو ٽائيم ٽيبل ٺهيل هوندو هيو ۽ ان جي روشني ۾ ملاقاتون ٿينديون هيون. ٽائيم ٽيبل مطابق صبح جو بنگلي تي عوامي شڪايتون ۽ ملاقاتون ته شام جو اعلى حڪام ۽ انگريز آفيسر ساڻ گڏجاڻيون هونديون هيون. سندس ملڻ هر هڪ لاءِ سولو هيو پر اڳواٽ ملاقات لاءِ وقت وٺڻ ضروري هيو. هن کان اڳ سنڌ جي سماج ۾ جاگيردار نواب يا وڏيرو پنهنجي بنگلي ۾ عام ڪچهري لاءِ اوطاق تي مقرر يا نه مقرر وقت تي اچي پنهنجي لاءِ سجايل ڪرسي يا بستري تي ويهندو هيو، نوڪر، چاڪر، ڪمدار، ڪارائتا، اوطاقي پوءِ ملاقات لاءِ ايندڙ ماڻهو اچي اوطاق ۾ هيٺ ويهندا هيا. جڏهن ته راڄ جا ويچارا اٻوجهه مسڪين ماڻهو پنهنجن ضرورتن لاءِ يا ڪنهن به مقصد لاءِ وڏيرن جي اوطاقن تي ڌڪا پيا کائيندا هئا. اوطاق جي نوڪرن جي رحم ۽ ڪرم تي ويچارا پنهنجي ڪم لاءِ سردارن جي بنگلن جي وڏين ديوارن جي ڪنڊ پاڇي ۾ ڇانوري لاءِ مجبور بيوس بڻيا ويٺا واري جو انتظار ڪندا هيا. غريب هارين نارين لا ءِ ڪو به گرمي سردي مطابق ويهڻ جو انتظام ڪو نه هوندو هيو. شاهنواز خان پنهنجي پنهنجي بنگلي تي ملاقاتين لاءِ ويهڻ ۽ خدمت چاڪري جو مناسب انتظام ڪيو، سندس هن جديد طريقي سنڌ جي تمام سياستدانن ۽ جاگيردارن کي متاثر ڪيو، نتيجي ۾ تمام جاگيردارن سياست ۾ سرگرم رهڻ شروع ڪيو. اليڪشن ۽ ووٽن وسيلي تعلقات ٺاهڻ، عزت ٺاهڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجو اوطاقون، سامان، اٿڻ ويهڻ، ملڻ جلڻ جا سڀ طريقا تبديل ڪيا ٽائيم وٺي ملاقات ڪرڻ جو رواج هاڻي عام ٿي ويو آهي. پر ان مهذب شانائتي رواج کي سنڌ ۾سر شاهنواز خان ڀٽو متعارف ڪرايو.  سنڌ جي پيرن، ميرن، جاگيردان، نوابن، وڏيرن ۾ جڏهن جديد لاڙا ۽ سوچون پيدا ٿيون تڏهن سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ ڪجهه ٻين علم دوستن سنڌ ۾ تعليمي خدمتن کي عام ڪرڻ، سنڌي سماج ۾ علم پکيڙڻ ۽ سنڌي معاشري کي مهذب بڻائي پنهنجن اقتصادي سماجي ثقافتي ۽ سياسي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ ڊسمبر 1924ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ سنڌ ايجوڪيشن ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين سر شاهنواز خان هيو. جيئن ته سنڌ ۾ سياست ڪرڻ لاءِ هن دور ۾ سياسي پارٽيون ٺاهڻ جو رواج ڪو نه هيو ۽ ذاتي تعلقات يا گروپن ۾ گڏجي اليڪشن وڙهي ويندي هئي پر هن دور ۾ سياستدانن ۽ اسيمبلي ميمبرن پنهنجي لاءِ هڪ پليٽ فارم جي ضرورت محسوس ڪئي آهي گهڻي صلاح مصلحت بعد تمام جاگيردارن زميندارن ۽ سياستدانن گڏجي سال 1925ع ۾ ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جو وجود عمل ۾ آندو جنهن لاءِ پڻ سر شاهنواز ڀٽو کي قد ڪاٺ ۽ سياسي تدبر شهرت سبب ان جو پهريون صدر چونڊيو ويو. جنهن تي هو پنهنجي ڏاهپ ۽ عمل ساڻ سال 1933ع تائين لڳاتار اٺ سال رهيو. تنظيم جي صدر جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي مختلف معزز خاندانن کي گڏ ڪري سياسي تحرڪ پيدا ڪيو ته ٻئي طرف سنڌي اديبن، عالمن، دانشورن ۽ تعليمي ماهرن کي متحد ڪري انهن کان سنڌي ماڻهن لاءِ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ خاطر لاڀائتيون تجويزون حاصل ڪيون ٽئين طرف وڏيرن جاگيردارن کي تعليم وڌائڻ خاطر پنهنجي ذاتي دولت مان فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. سر شاهنواز ڀٽو جي تعميري اصلاحي سڏ تي تمام صاحب حيثيت ۽ جاگيردار طبقي سنڌ محمد ايسوسيئيشن کي فنڊ ڏنا پوءِ هن ايسوسيئيشن سنڌين ۾ انگريزي تعليم عام ڪرڻ جا منصوبا ٺاهيا جنهن سان عام ماڻهو سهولتون ماڻي اڳتي وڌي آيو، بحيثيت صدر سنڌ محمدن ايسوسيئيشن هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي کي تمام گهڻي ترقي ڏياري، اسڪول کي سياستدانن ۽ جاگيردارن پاران ايتريون ته سهولتون ڏياريون جو هي ادارو دنيا جو ڀلوڙ تعليمي ادارن سان مقابلو ڪندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو هن اسڪول مان ڪيترائي برصغير هند جا جڳ مشهور سرواڻ، شاعر، محقق ۽ تعليمي ماهر پيدا ٿيا. انهن مختلف شعبن اندر دنيا ۾ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن تمام گهڻا ڪارناما ڏيکاريا پر هن ايسوسيئيشن ۽ سندس قائد شاهنواز خان جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ آهي. جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکيو ويندو. هن تحريڪ کي ايشيا جي تاريخ جو پر امن انقلابي باب سڏي سگهجي ٿو. جنهن جو تفصيل هن ريت آهي. جيئن ته ٽالپر گهراڻي کان پوءِ سنڌ تي انگريزن جو اقتدار شروع ٿيو ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جو انهن سنڌ کي بمبئي جو حصو بڻائي انتظام هلايو، جڏهن ته سنڌ اڳ ۾ هڪ آزاد صوبو يا ملڪ رهيو هيو. سنڌ جي سياستدانن ۽ سجاڳ ادبي حلقن محسوس ڪيو ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرائي آزاد حيثيت ڏيارڻ لاءِ ماحول موجود آهي. تڏهن اگسٽ 1922ع ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي مسلمان سياستدانن ۽ اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس زير صدارت سر شاهنواز خان ڀٽو جي منعقد ٿيو. جنهن ۾ باقائدي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ ورڪنگ ڪميٽي ٺاهي وئي. جنهن جو صدر پڻ سر شاهنواز خان ڀٽو چونڊيو ويو. سنڌي مسلمانن جو سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ اهڙو اتحاد تاريخ ۾ اڃا ڪو نه ٿيو آهي. ٻئي طرف ان وقت جي سنڌي مسلمانن جي جڳ مشهور ترجمان اخبار الوحيد جي ايڊيٽر قومي اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي سربراهي ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي تحريڪ کي ٻوليءَ ۽ جاگرافيءَ جي بنياد تي کنيو ۽ سياستدانن جي پاران ٺهندڙ ڪيس کي دليلن ۽ منظم ثبوتن ساڻ مضبوط بڻايو. تاريخ 20 آگسٽ 1922ع تي ڪراچي ۾ ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ منعقد ٿي، جنهن جو صدر سر شاهنواز خان ڀٽو چونڊيو ويو. جڏهن ته سيد ميران محمد شاهه سيڪريٽري هيو. ان وقت سنڌ ۾ سياسي جماعتن نه هئڻ باوجود به پهريون دفعو سياسي تحريڪ هلائڻ لاءِ جلسا ۽ هڙتال ڪرڻ جو فيصلو ٿيو پروگرام مطابق سنڌ ۾ هڙتال انتهائي ڪامياب وئي، تمام بازارون بند رهيون، جلسا منعقد ٿيا ۽ برطانيا جي وزيراعظم کي سنڌ جي آزادي لاءِ تارون موڪليون ويو. هن تحريڪ آخر  تمام گهڻي مقبوليت ۽ طاقت حاصل ڪئي نيٺ بمبئي جي سرڪار سر شاهناوز خان ڀٽو جي سربراهي هيٺ بمبئي  ڪائونسل ۾ سائمن ڪميشن سان سهڪار لاءِ صوبائي ڪميٽي آگسٽ 1928ع ۾ ٺاهي، هن ڪميشن سنڌ جي جدائيءَ لاءِ محمدن ايسوسيئيشن جي وفد جو موقف ۽ دليل ٻڌا ۽ سائمن ڪميشن کي سر شاهنواز ڀٽو جي سربراهي ۾ عرضداشت پيش ڪئي وئي. 31 مئي 1930ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن پاران سر شاهنواز جي سربراهي ۾ سنڌ جي زميندارن ۽ جاگيردان جو هڪ عظيم الشان اجتماع ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي لاءِ قرارداد پاس ٿيو. جنهن بعد سنڌ جي هر هڪ حصي ۾ هن قومي مسئلي کي عوامي حمايت حاصل ٿي ۽ سنڌ جي سرڪار مذاڪرات کي بمبئي سطح تان کڻي انگلينڊ ۾ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ انگلينڊ ۾ گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي عليحدگي جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ سر شاهنواز خان ڀٽو  ۽ بئريسٽر محمد علي جناح تي مشتمل وفد کي چونڊيو ويو. هن ڏس ۾ ڪيس ٺاهڻ لاءِ آڪٽومبر 1930ع ڌاري ڪارلٽن هوٽل ڪراچي ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي ۽ محترم جي ايم سيد پاران مسٽر شاهنواز ڀٽو ۽ مسٽر محمد علي جناح جي دعوت ڪئي وئي ۽ سنڌ ڌار صوبو ۽ مالي تحقيقات بابت مطالبو ڪيو. سندس شاندار تاريخي تقرير کي سجھي سنڌ جي سياستدانن ساراهيو نيٺ سندس پاران پيش ٿيندڙ ٻنهي مطالبن بابت هندستان سرڪار هڪ ڪاميٽي ٺاهي جنهن جو پاڻ به ميمبر هيو. 1923ع ۾ هندستان جي شهر الهه آباد ۾ ”آل انڊيا يونٽي ڪانفرنس“ منعقد ٿي جنهن ۾ سنڌ جي سياستدانن کي شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪوٺ ملي پر سنڌ جي سياستدانن سنڌ جي ڌار صوبي جو مطالبو شرط طور پيش ڪيو. جنهن جي سر شاهنواز خان مڪمل حمايت ڪئي. 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾ ٻيو سنڌ آزاد ڪانفرنس جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن لاءِ هڪ استقباليه ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جو سر شاهنواز خان ڀٽو صدر چونڊيو ويو. هن اجلاس ۾ هڪ ٻي جماعت ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ سر شاهنواز خان ڀٽو جي قيادت ۾ متحد ٿي هلايل تحريڪ آخر ڪاميابي ماڻي ۽ هن گڏيل عظيم اتحاد 11 اپريل 1935ع تي ڪاميابي جا جشن ملهائيا، قوم کي فتح جو پيغام ڏنو.

هن موقعي تي انهن سياستدانن ۽ جماعتن جو ڪم صرف وائسراءِ يا گورنرن کي سپاسناما پيش ڪري شڪايتون ٻڌائن ۽ ٺهراءُ پاس ڪرڻ هيو. اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته سر شاهنواز خان جنهن دور ۾ سياست جي قيادت ڪئي ان وقت سنڌ جا مشهور سياستدان بهادر حسن علي آفندي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر غلام حسين، هدايت ا﷢، خان بهادر الهه بخش سومرو، سر حاجي عبدا﷢ هارون، محترم جي ايم سيد ۽ بئريسٽر محمد علي جناح هيا پر هر اجلاس پارٽي يا وفد جو قائد سر شاهنواز خان هوندو هيو. ان مان سندس سياست محترم شخصيت ذهين سوچ ۽ ڪامياب قائد هئڻ جون صلاحيتون ظاهر ٿين ٿيون، ڪاش اجھ جو پير، مير وڏيرو، صحافي، اديب، دانشور ۽ سياستدان به سنڌ جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ کان بمبئي عليحدگي تحريڪ مان سبق سکي يا رهنمائي حاصل ڪري ته شايد قوم جو مستقبل سنوارجي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org