سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي

 

صفحو :9

سال 1938ع ۾ سنڌ اندر مسلم ليگ جو چرچو پڻ شروع ٿيو، جيئن ته خلافت تحريڪ کانپوءِ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۽ وري سنڌ جي بمبئي کان الڳ صوبو ٿيڻ واري تحريڪ سبب لڳاتار سال 1920ع کان 1938ع تائين سنڌ ۾ مسلم ڪاز جو پرچار ٿيندو رهيو. تنهن ڪري عام ماڻهو ۽ سنڌي سياستدانن جي گهڻي اڪثريت مسلم تحريڪن ۽ جماعتن جي حامي هئي، ڪراچي ۾ مسلم ليگ جو پهريون ساليانو اجلاس 1938ع ۾ ٿيو جنهن جا سربراهه سر عبدا﷢ هارون، محترم جي ايم سيد، خانبهادر کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي هيا. سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ مسلم ليگ جو صدر سر عبدا﷢ هارون ٿيو. جڏهن ته 1939ع ۾ خانبهادر مسلم ليگ پارليامينٽري پارٽي جو ليڊر چونڊيو جنهن تي مسلسل 1942ع تائين فائز رهيو. هو سندس سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد وجهندڙ باني اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس هن دور ۾ سنڌ صوبي ۾ ڪانگريس جي حمايت سان خانبهادر ا﷢ بخش سومرو وڏو وزير هيو. سنڌ ۾ مسٽر محمد علي جناح جو جلسو صرف لاڙڪاڻي جي تجرباغ (هاڻوڪي هوشو باغ) ۾ ٿي سگهيو جيڪا کهڙي صاحب جي ڪوشش هئي. کهڙو صاحب پهريان سنڌ مسلم ليگ جو نائب صدر ۽ پوءِ سر عبدا﷢ هارون جي انتقال بعد سنڌ جو صدر مقرر ٿيو. پاڻ 1943ع کان 1947ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر رهيو.

سکر ۾ مسجد منزل گاهه واري تحريڪ مسلم ليگ طرفان 1939ع ۽ 1940ع ڌاري شروع ٿي، درياهه جي ٻيٽ ۾ هندن جو ”ساڌ ٻيلو“ مندر هيو جنهن جي سامهون مسجد هئي. انگريز سرڪار تعمير ٿيل مسجد جي عمارت کي دنيا جي وهنوار لاءِ ڪتب آڻيندا هيا. مسلمانن جو مطالبو هيو ته اها مسجد اسان کي ڏني وڃي. هندن اها مسجد پنهنجي لاءِ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. مسجد منزل گاهه واري تحريڪ هلائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جو چيئرمين به کهڙي صاحب کي مقرر ڪيو ويو. کهڙي صاحب هن تحريڪ ۾ پڻ پاڻ ملهائيندي هندن ۽ انگريز سرڪار پاران مسلمانن مٿان نازل ٿيندڙ مصيبتن کي انتهائي دليري سان منهن ڏنو. هن تحريڪ ۾ هنگامن هندن کي ڪمزور ڪيو ۽ هو وقتي طور ڊڄي ويا.کهڙي صاحب کي پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ نظر بند ڪيو ويو. ڪانگريس مارچ 1940ع ۾ خانبهادر ا﷢ بخش سومري کي هٽائي مسلم ليگ جي سهڪار مير بنده علي ٽالپر کي وڏو وزير مقرر ڪيو. جنهن ۾ کهڙو صاحب به وزير مقرر ٿيو. هندن حڪومت تي ڪجهه شرط لاڳو ڪيا هيا پر کهڙو صاحب پنهنجي فطرت کان مجبور مسلمانن جي مدد ڪرڻ کان ڪو نه مڙيو نيٺ هندن کهڙي صاحب کان تنگ ٿي ڏيڍ سال بعد مسلم ليگ کي حڪومت مان هٽائي وري خانبهادر ا﷢ بخش سومري کي ٻيهر وڏ وزارت ڏني. سال 1940ع ۾ لاهور ۾ منعقد ٿيندڙ قرارداد پاڪستان بابت مسلم ليگ جي تاريخي اجلاس ۾ به کهڙي صاحب ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. آگسٽ 1942ع ۾ بمبئي مسلم ليگ ورڪنگ ڪميٽي ۾ کهڙي صاحب ۽ سندس ساٿين مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ ٺاهه لاءِ ڪوشش ڪئي پر ان کي به نه قبوليو ويو.

14 مئي 1943ع تي خانبهادر ا﷢ بخش سومري جو قتل ٿيو ۽ هن قتل ڪيس ۾ کهڙي صاحب کي حڪومت 62 سيپٽمبر 1944ع تي گرفتار ڪيو. هي هڪ سازش تحت ڪيس ٺهيل هيو تنهن ڪري ججن ڪو به سرڪاري دٻاءُ نه قبوليندي پنهنجي ضمير جو فيصلو ڏيندي کهڙي صاحب کي 3 آگسٽ 1945ع تي آزاد ڪيو. آزاد ٿيڻ بعد سنڌ جي مسلمانن سندس شاندار ۽ تاريخي استقبال ڪيو. هي سال کهڙي صاحب جي زندگي ۾ سڀ کان گهڻي عزت، شهرت ۽ مقبوليت جو سال ثابت ٿيو ۽ سنڌ جي مسلمانن جو هيرو بڻجي ويو. هي اهو دور هيو جڏهن کهڙي صاحب کي سنڌ جو ”مرد آهن“ ۽ ”سنڌ جو اورنگزيب“ سڏيو ويندو هيو. 21 جنوري 1946ع تي ٽيون چونڊون منعقد ٿيون، سر غلام حسين هدايت ا﷢ وڏ وزارت ٺاهي ۽ خانبهادر وزير طور حلف کنيو. اسيمبلي ۾ اڪثريت نه هئڻ سبب 9 ڊسمبر 1946ع تي يارنهن مهينن بعد نيون چونڊون ٿيون ۽ وري به سر غلام حسين هدايت ا﷢ وڏو وزير ٿيو جڏهن ته خانبهادر کهڙو ڊپٽي چيف مسٽر مقرر ٿيو.

سال 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح سر غلام حسين هدايت ا﷢ کي سنڌ جو گورنر ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي کي بنا مقابلي سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيڻ جو اعزاز به کهڙي صاحب کي آهي. پاڪستان ٺهڻ بعد ملڪ جي گادي جو هنڌ ڪراچي مقرر ٿيو. 6 جنوري 1948ع تي ڪراچي ۾ فساد شروع ٿيا ۽ تازو هندستان کان آيل مهاجرن ڪراچي ۾ رهندڙ هندن جي دڪانن ۽ ملڪيتن تي حملا ڪري وڏو نقصان پهچايو. هن خونريزي ۽ ڦرلٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏو وزير کهڙو صاحب هڪ سپاهي ساڻ ڪري هنگامن واري جڳهه تي پهتو ۽ پنهنجي بهترين انتظامي صلاحيتن سان هنگامن تي ڪنٽرول ڪيائين، جنهن جي قائد اعظم مسٽر محمد علي جناح پڻ تعريف ڪئي. ڪراچي جي هندن کان بدلو وٺڻ ۽ انهن کي ڪراچي مان لڏائڻ انهن جي ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ جو هڪ مڪمل منصوبو ٺاهيو ويو پر کهڙي صاحب هندستان مان آيل مهاجرن جون وڏي پيماني تي گرفتاريون ڪيون ۽ حالتن تي مڪمل ڪنٽرول ڪيو. هندستاني مهاجرن کي وزيرراعظم لياقت علي خان جي ڀلي ڪار هئي تنهن ڪري وڏي وزير کهڙي صاحب ۽ وزيرراعظم لياقت علي خان وچ ۾ اختلافات وڌي ويا. جلد ئي پاڪستان جي وزيراعظم نوابزاده لياقت علي ملڪ جي دارالحڪومت ڪراچي جو انتظامي ڪنٽرول سنڌ حڪومت کان وٺي مرڪز کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو پر کهڙي صاحب ڪراچي جي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري حڪم جي مخالفت ڪئي. ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ گورنر صاحب کيس وزيراعلى جي عهدي تان هٽائي پير الاهي بخش مرحوم کي مقرر ڪيو. جنهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري انتظام مرڪز حوالي ڪيو. کهڙو صاحب خودمختيار، طاقتور ۽ ضدي سياستدان هيو. هو وڏ وزارت وارري وقت ۾ گورنر سر غلام حسين هدايت ا﷢ جي حڪمن کي به ڪونه مڃيندو هو. حڪومت ۾ وزير ٿيڻ کان وٺي هو پنهنجي ڪندو ۽ پنهنجا حڪم هلائيندو هيو. ڇاڪاڻ ته هو عهدي کان وڌيڪ پاور واري شخصيت هوندو هيو. سندس پويان سڄي سنڌ جا مسلمان هوندا هيا پر آخر ڪمال کي به زوال هوندو آهي. هڪ وقت ۾ گورنر سنڌ ۽ وزيراعظم پاڪستان سان اختلاف کهڙي صاحب کي تمام گهڻو مهانگو پيو.

هڪ سج ٻه پاڇا واري چواڻي مطابق هاڻي کهڙي صاحب کي غير مقامي مسلم ليگ جي مالڪن ۽ حاڪمن سياست مان ٻاهر ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو، ڇاڪاڻ ته کهڙي صاحب جي موجودگي ۾ انهن جا جي حضوري ڪامياب ڪو نه پئي ٿي سگهيا، مرڪزي حڪومت نوابزاده لياقت علي خان جي قيادت ۾ پنهنجي جماعت ۽ سنڌ جي مسلمانن جي حقيقي اڳواڻ، مسلم ليگ جي محسن کي انتقامي ڪارواين جو نشانو بنائڻ شروع ڪري چارج شيٽ ڏني ۽ ان بنياد تي ٽريبونل ويهاريو. مرڪزي حڪومت هڪ نئون قانون پرودا لاڳو ڪري کيس ٽن سالن لاءِ ملڪي سياست مان خارج ڪري ڇڏيو. کهڙو صاحب پهريون سياستدان هيو جيڪو ان جو شڪار بڻيو. مٿس ٻه ڪيس جوڙيا ويا هڪ ته هن هڪ لاوارث موٽرسائيڪل پنهنجي بنگلي ۾ بيهڻ ڏني ۽ ٻيو هڪ ڇپائي جي ننڍڙي ٽريڊل مشين سستي قيمت تي سنڌ آبزرور پريس کي ڏياري، کيس گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو ۽ ٽربيونل سزا ڏني، کهڙو صاحب لڳاتار ٻه سال هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس وڙهندو رهيو ۽ لکين رپيا وڪيلن کي فين جي روپ ۾ ادا ڪيا ڇاڪاڻ ته سندس وڪيل الهه آباد هاءِ ڪورٽ جو رٽائر چيف جسٽس سر اقبال احمد هيو. کهڙي صاحب آزادي ماڻي ۽ هاءِ ڪورٽ کيس باعزت بري ڪيو. مارچ 1951ع ۾ کهڙو صاحب ٻيهر سنڌ جو وزيراعلى مقرر ٿيو. مارچ 1951ع ڌارري ٿيندڙ چونڊن ۾ کهڙي صاحب پهريون ڀيرو ڌانڌلي، انتقامي ڪارروائي ۽ ڏنڊي جو استعمال شروع ڪيو. شايد هاڻي هن فيصلو ڪيو ته وفاداري نالي ڪا به شيءِ ناهي، حڪومت آهي ته سڀ سلامي آهن ۽ ڪرسي حاصل ڪرڻ، پاور قائم دائم رکڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪندو. کهڙي صاحب پنهنجي مخالف پير الاهي بخش کي به نااهل ڪرايو ۽ ضمني اليڪشن ۾ پنهنجي سالي ميان عبداللطيف پنهور کي ساڳي سيٽ تي بيهاريو. (ان وقت دادو ضلعو لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل هڪ حصو هيو) پير الاهي بخش جي پٽ کي ٽن ٻارن جي پيءُ هئڻ باوجود سول سرجن کان نابالغي جو سرٽيفڪيٽ ڏئي اليڪشن کان ٻاهر ڪيو ويو. آخوند شفيع محمد کي فارم ڀرڻ کان هڪ رات اڳ گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. صبح جو ڪليڪٽر جي  دروازي تان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي اغوا ڪري پوليس 20 ميل هڪ بيابان ۾ ڦٽو ڪري آئي ۽ تاج محمد صحرائي صاحب جو فارم رد ڪري کهڙي صاحب جي سالي کي بنا مقابلي چونڊرايو ويو. قمبر علي خان لاڙڪاڻي ۾ مير محمد خان چانڊيي جي انتقال سبب اسيمبلي جي سيٽ خالي ٿي جنهن جي جڳهه تي سندس نابالغ پٽ نواب سلطان احمد چانڊيي صاحب کي سول سرجن هٿان بالغي جو سرٽيفڪيٽ ڏياري اميدوار بيهاريو. سندس مقابلي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي فارم ڀريو. سڄي سنڌ ۾ هاري ڪميٽي جو زور هيو ۽ هاري پارٽي ورڪر اليڪشن ۾ قمبر علي خان پهتا پر حيدر بخش جتوئي صاحب ۽ سندس هاري ورڪرن جي گاڏين جا ٽائر ڦاڙيا ويا. انهن کي مارڪٽ ڪرائي وئي. حيدر بخش جتوئي صاحب کي هارين هٿان پٿر هڻايا ويا ۽ ڪيترن هاري ورڪرن کي ڏوراهين علائقن ۾ ڦٽو ڪرڻ، گرفتار ڪرڻ جهڙا واقعا دهرايا ۽ نواب سلطان احمد خان چانڊئي کي کٽايو ويو. اهڙي غير جمهوري طريقن تي عمل ڪرڻ سبب کهڙي صاحب جي عزت، شهرت ۽ وقار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ هو عام ماڻهن ۾ پنهنجي شخصيت کي برقرار رکي نه سگهيو. هاڻي ڪجهه وڏيرڪي سياست جو جمود به ٽٽو هيو ۽ مسلم ليگ کانپوءِ هاري تحريڪ خاص سياسي ورڪرن جي جماعت وڏيرڪي نظام ۽ غير جمهوري اپائن خلاف ڀرپور قوت اختيار ڪري ورتي هئي. کهڙي صاحب کي تمام گهڻو تنقيد ۽ بدنامي ساڻ منهن ڏيڻو پيو. هڪ دفعو وري کهڙي صاحب خلاف فائيل کليا ۽ نئين سر ايبڊو ڪيس هلائي کيس وڌيڪ ٽن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. سال 1953ع ۾ چونڊون ٿيون ۽ پيرزاده عبدالستار صاحب جي وڏ وزارت قائم ٿي. کهڙو صاحب هن اليڪشن ۾ نااهلي سبب عمل دخل ڏئي ڪو نه سگهيو. هاڻي کهڙو صاحب سياست کان ٻاهر رهڻ لڳو. سندس طاقت به گهٽجندي وئي ۽ بنگلي تي وڏيرن ڪامورن ۽ ڪم ڪار لاءِ درخواست ڏيندڙن جو تعداد به نه هئڻ برابر رهيو. سنڌ جي سفيد ۽ ڪاري جو مالڪ، سڄو ڏينهن آرڊر ڪرڻ، حڪم هلائيندڙ هاڻي مجبورن واند ڪائي جا ڏينهن گهارڻ لڳو، سنڌ جي وڏيرڪي سياست ۾ هڪ ٻئي کي نيچو ڏيکارڻ لاءِ هلندڙ جهيڙي ۾ غير سنڌي سياستدانن ڀرپور فائدو ورتو ۽ سنڌ جي تمام مور جهڙن سهڻن سياستدانن، باهمت وڏيرن، اسيمبلي ميمبرن کي پاڻ ۾ ويڙهائي سڀني کي استعمال ڪيو ۽ سڀ سنڌي وڏيرا سياستدان ڪمزور ٿيندا ويا. ايستائين جو 1954ع ۾ سڀئي ايبڊو جي قانون تحت نااهل ٿي گهر ۾ ويهي پنهنجي عروج ۽ وزارتن واري دور جا خواب ڏسڻ ۽ ڪچهرين ۾ ڊاڙون ڊڇون هڻڻ تائين محدود هيا.

هڪ دفعو وري پاڪستان جي ڊڪٽيٽر گورنر جنرل غلام محمد خان سنڌ جي وڏي وزير پيرزادي عبدالستار صاحب کي ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ حڪم ڏنو. سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ جي پيرزادي صاحب سخت مخالفت ڪئي. انهن ون يونٽ خلاف سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ به پاس ڪرايو. سياسي پارٽين مخالفت ڪئي. گورنر جنرل غلام محمد ان صورتحال تي سخت ڪاوڙيو ۽ هن خانبهادر کهڙي تان ايبڊو جي بندش ختم ڪري، اسيمبلي ميمبر نه هئڻ باوجود پيرزادي عبدالستار کي برطرف ڪري کهڙي صاحب کي ٽيون دفعو سنڌ جو وزير اعلى مقرر ڪيو. کهڙو صاحب پنهنجي مٿان بندش سبب گهڻو مايوس ۽ ناراض هيو ٻيو وري پيرزادي عبدالستار جي ڪابينا مان خارج ڪيل ٻه وزير قاضي محمد اڪبر صاحب ۽ پير علي محمد راشدي صاحب جهڙا ناراض سياستدان به اچي خانبهادر کهڙي ساڻ گڏيا، جن پڻ پنهنجي ذهانت، قلم ۽ علم استعمال ڪندي کهڙي صاحب کان ون يونٽ جو بل پاس ڪرايو. راشدي صاحب ۽ قاضي صاحب وڏي عقل ۽ انتظامي جذبي جا مالڪ هيا.

ان وقت جي ڳالهه آهي ته وڏي وزير پيرزاده عبدالستار ون يونٽ خلاف مرڪزي سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو. هن صاحب عوامي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ بئراج ڪالوني سکر ۾ ون يونٽ خلاف هڪ وڏو عام جلسو منعقد ڪيو. جنهن ۾ ون يونٽ ٺهڻ مان سنڌ کي ٿيندڙ نقصانن جا تفصيل ٻڌايا ۽ عوام ”ون يونٽ مرده باد“ جا نعرا هنيا وري جڏهن کهڙو صاحب وڏو وزير ٿيو ته ساڳي هفتي ۾ ساڳي جڳهه تي ون يونٽ جي حمايت ۾ جلسو منعقد ڪيو جنهن ۾ عوام کي ون يونٽ ٺهڻ جا فائدا ٻڌايا ته عوام وري ”ون يونٽ زنده باد“ جا نعرا هنيا.

گورنر جنرل وٽ کهڙي صاحب کي وڏو وزير ڪرڻ جو مشورو پير علي محمد راشدي صاحب ڏنو هيو. کهڙو صاحب به ٿڪل جهنگلي شينهن وانگر شڪار جي انتظار ۾ ويٺو هيو ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر سڀ ڪجهه ڪري ويو. ون يونٽ جو بل اسيمبلي ۾ 11 ڊسمبر 1954ع تي سنڌ اسيمبلي جي 110 ميمبرن مان 98 ميمبرن جي حمايت سان پاس ٿيو.

آڪٽومبر 1955ع جي آخر ۾ ون يونٽ قائم ٿيو جنهن ۾ کهڙو صاهب وزير مقرر ٿيو. جڏهن مسلم ليگ ٽٽي وئي ۽ ريپبليڪن پارٽي جي حڪومت وجود ۾ آئي ته کهڙو صاحب وزارت تان استعيفا ڏني ۽ 1956ع کان 1957ع تائين اپوزيشن ۾ ويٺو. ون يونٽ ٺهڻ مهل سنڌ سرڪار وٽ موجود 22 ڪروڙ رپيا ناڻو به وفاق حوالي ڪيو ويو ۽ سنڌ جي اسيمبلي جي جدا حيثيت به ختم ٿي وئي هئي. سنڌ کي بمبئي کان ڌار صوبو ٺاهيندڙن هڪ دفعو وري پاڻ ئي سنڌ کي ون يونٽ ۾ شامل ڪيو. اهو تاريخ ٻڌائي ٿي ته وقت تي ڪيئن نه ڪهڙا انسان ڪجهه فائدن خاطر بدليو وڃن.

1958ع جي آغاز ۾ سر فيروز خان نون مرڪز ۾ وزارت ٺاهي ۽ کهڙي صاحب کي وزير دفاع مقرر ڪيو پر وري 7 ۽ 8 آڪٽومبر 1958ع واري رات جنرل اسڪندر مرزا مارشل لا لڳايو ۽ 14 آڪٽومبر 1958ع تي وزير دفاع خانبهادر کهڙي کي گرفتار ڪري سي ڪلاس جيل ۾ داخل ڪيو. مٿس ڪيس داخل ٿيو ته هن هڪ مرسڊيز ڪار جي پرمٽ وڪڻي پنج هزار رپيا ڪمايا. ان ڪيس ۾ کيس ٻه سال سزا ملي.

ون يونٽ خلاف سنڌ جي سياستدانن ۾ هڪڙو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هيو جيڪو جدوجهد جاري رکيو آيو پوءِ وري سياستدانن ون يونٽ خلاف سنڌ متحد محاذ جوڙيو جنهن جو صدر خانبهادر کهڙو کي ڪيو ويو. هن  محاذ ۾ پير صاحب پاڳارو، مخدوم آف هالا، پيرزادو عبدالستار، مير غلام علي خان ٽالپر، حاجي مولا بخش سومرو، قاضي فضل ا﷢، خانبهادر غلام محمد وساڻ، سائين جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا ون يونٽ جا حامي ۽ مخالف سياستدان هڪ دفعو وري گڏ ٿيا پر هاڻي وقت انهن جي هٿان نڪري ويو هيو. هاڻي انهن جو گڏجڻ ڪنهن کي به پريشان ڪو نه ڪري سگهيو. ان محاذ تان سڀني جهونن سياستدانن 1970ع جي اليڪشن ۾ حصو به ورتو پر سڀئي سياستدان اليڪشن ۾ هارائجي ويا. صرف مخدوم آف هالا کٽيو ڇاڪاڻ ته سندس واسطو پاڪستان پيپلز پارٽي سان هيو. خانبهادر کهڙو 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب سان قومي اسيمبلي مقابلي ۾ بيٺو پر هن کي زبردست شڪست ملي. ڀٽو صاحب کان 1970ع واري اليڪشن هارائڻ بعد کهڙي صاحب عملي سياست تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ووٽ واري سياست عوامي سياست جو روپ اختيار ڪري وئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org