سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 12

باجي راءِ

 

59- مارڪئس ويلسلي (هلي پيو)

1- هاڻي هندستان ۾ وڏي طاقت وارا حاڪم، جن انگريزن جي آڻ نه مڃي هئي ۽ نه لارڊ ويلسليءَ وارو نئون دستور قبوليو هو، سي رڳا مرهٽا رهيا ها. ٽيپوءَ سان پوئين ويڙهه جي پڄاڻيءَ ۾ لارڊ ويلسليءَ راگهوبا جي پٽ باجي راءِ پيشوا ڏي لکيو هو ته ميسور کان جو ملڪ اسان ورتو آهي، تنهن جو ٽيو ڀاڱو توهان کي ڏينداسون، جيڪڏهين اوهين نظام وانگر اسان جا شرط قبول ڪندو، يعني فرينچ لشڪر ڪڍي ڇڏيندو ۽ اُن جي بدران مدد لاءِ انگريزي لشڪر وٺندو. پر پيشوا هو پنهنجي ٻڍي برهمڻ وزير نانا فرنويس جي مت تي؛ سو اُنهي اِهي شرط قبول نه ڪيا.

2- هن کان پوءِ ٻئي ورهيه ۾ يعني سنه 1800ع ۾ نانا فرنويس مري ويو ۽ پيشوا هو جوان مڙس، سو هڪدم هولڪر سان وڙهڻ لڳو. هولڪر پونا وڃي ورتو ۽ ٻيو پيشوا کڻي ٿاڦيائين.

3- باجي راءِ پنهنجي جند بچائڻ ڪاڻ بمبئيءَ ڀڄي ويو. هن لارڊ ويلسليءَ ڏي لکيو ته جي انگريز وري مون کي پونا جي گاديءَ تي وهاريندا ته آءٌ هاڻي اوهان جا شرط خوشيءَ سان قبول ڪندس. سنه 1802ع ۾ هن بسين ۾، جو بمبئيءَ جي اُتر ويهاري کن مئلن تي هڪڙو قلعو آهي، عهدنامي تي صحيح ڪئي. هن مرهٽن جي شهنشاهت جي پيشوائي ڇڏي ۽ انجام ڪيائين ته ٻين مرهٽن سردارن سان انگريزن جي مرضيءَ ڌاران ڪوبه واسطو نه رکندس ۽ پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ انگريزي لشڪر پاڻ وٽ رهائيندس. اُنهيءَ لشڪر جي خرچ لاءِ اُنهن ضلعن مان ڪي ڏنائين، جي هاڻي بمبئي کاتي جو ڀاڱو آهن.

4- اُنهيءَ ساڳئي وقت ۾ گائڪواڙ گجرات جي مرهٽي راجا به پيشوا جي واٽ ورتي ۽ انگريزن سان عهدنامو ڪرڻ باسيائين ۽ مڃيائين ته انگريز هندستان جا رئيس آهن ۽ انگريزي مددي لشڪر پنهنجي ملڪ ۾ وهاريندس ۽ اُنهيءَ لشڪر جو خرچ آءٌ ڀريندس.

5- دولت راءِ سنڌيا ۽ ڀونسلي جنهن جو نالو راگهوجي هو، اُنهن ٻنهي سردارن ڪنهن عهدنامي يا انجام نامي ڪرڻ کان اِنڪار ڪيو. اُنهن جڏهين بسين جي عهدنامي جو ٻڌو، تڏهين ڏاڍو ڪاوڙيا ۽ هولڪر کي ڏاڍا وس ڪيائون ته انگريزن سان وڙهڻ لاءِ اسان سان گڏجو. اُنهن پنهنجا سڀ لشڪر گڏ ڪيا ۽ جنگ جو سنباهو ڪيائون.

6- لارڊ ويلسليءَ کي سگهوئي هن ڳالهه جي خبر پيئي ۽ هن به وڙهڻ جي تياري ڪئي. جنرل ليڪ هڪ لشڪر وٺي هندستان جي اُتر ۾ سنڌيا جي ڪٽڪ تي چڙهي ويو ۽ ڪرنيل ويلسلي ۽ ڪرنيل سٽوينسن ڏکڻ کان ڪاهيو. ڪرنيل ويلسلي 1803ع ۾ ايسي وٽ جو نظام جي ملڪ جي اُتر ۾ آهي، سنڌيا ۽ راگهوجي ڀرنسلي جي لشڪرن تي اچي پيو. هن وٽ 5000 کان به گهٽ ماڻهو ها ۽ مرهٽن جا هوا پنجاهه هزار ماڻهو، پر هن وڏي سوڀ کٽي. هن وري ساڳئي ورهيه ۾ آرگام وٽ اُنهن کي جيتيو.

7- ايتري ۾ جنرل ليڪ جو اُتر ۾ هو سو سنڌيا جي لشڪر کي لاسواريءَ وٽ گڏيو ۽ هن جي فرينچ لشڪر کي ڀڄائي ڪڍيائين؛ پوءِ هن آگرهه ۽ دهليءَ جا شهر ورتا، جي گهڻن ورهين لاڪر مرهٽن جي هٿ ۾ ها. دهليءَ ۾ هن ويچاري ٻڍي مغل شهنشاهه شاهه عالم کي انڌو ۽ بنديخاني ۾ پيل اچي ڏٺو. هن کي انگريزن چڱو مواجب ٺاهي ڏنو ۽ موڪل ڏنائنس ته جيسين جيئَرو هجي، تيسين ڀلي پنهنجي پراڻي محلات ۾ رهي.

برٽش انڊيا ويلسلي جي ڏينهن ۾ 1799ع

8- سنڌيا ۽ راگهوجي ڀونسلي هاڻي بسين جي عهدنامي جهڙا انگريزن سان عهدناما ڪيا. سنڌيا جمنانديءَ جي اُتر وارو سڀ ملڪ ڏنو ۽ راجپوتن ۽ نظام کان چوٿ وٺڻ جي سڀ پچر ڦٽي ڪيائين. هن عهدنامي تي سنڌيا آرجينگام ڳوٺ ۾ صحيح وڌي؛ تنهنڪري هو آرجينگام جي نالي سان پڌرو آهي. ڀونسلي ديوگام جي عهدنامي پرماڻي اُڀرندي ڪناري تي ڪٽڪ ۽ اُلهندي ڪناري تي برار انگريزن کي ڏنا. لارڊ ويلسليءَ برار بخشش طرح نظام کي ڏنو. هيءُ سڀ سنه 1803ع ۾ ٿيو. انگريزي لشڪر پونا ۽ ناگپور ڏي موڪليو ويو. هن کان پوءِ ڀونسلي کي ناگپور جو راجا ڪري سڏيندا ها.

9- اِنهيءَ ساڳئي وقت راجپوت راجائن به لارڊ ويلسليءَ واري مددي دستور هيٺ اچڻ قبول ڪيو.اَنهن جون جي هڪ ٻئي سان ۽ مرهٽن سان ويڙهيون پئي ٿيون، سي هاڻي بند ٿيون.

10- رڳو هولڪر هڪڙو وڏو راجا هندستان ۾ باقي رهيو هو، جنهن لارڊ ويلسليءَ جا شرط نه قبوليا ها. جسونت راءِ مرهٽو راجا جنهن تي هن وقت اِهو نالو هو، تنهن اڃان ڀانيو ٿي ته مون کي اُتر هندستان ۾ گهمڻ، سڀ ڪنهن کان چوٿ وٺڻ ۽ ڦرڻ جو ۽ جيڪو نه باسي، تنهن کي ماري وجهڻ جو حق آهي. جڏهين انگريزي لشڪر ٻين مرهٽن راجائن سان پئي وڙهيو، تڏهين هولڪر راجپوتانا جي راجائن کي، جن کي ساڻس پڄڻ جو ٻل نه هو، ڦرڻ ۾ رڌل هو. اُهي راجائون جڏهين هاڻي انگريزن جي پناهه هيٺ ها، تڏهين لارڊ ويلسليءَ هولڪر کي چيو ته اُنهن کي ڇڏي ڏيو ۽ توهين پنهنجي ملڪ ڏي موٽي وڃو. هولڪر چيو ته آءٌ اِئين نه ڪندس؛ ۽ آءٌ راجپوتن کان چوٿ هميشه پيو وٺندس. گورنر جنرل تي پنهنجن ساٿين کي واهر ڏيڻ فرض هو، ڇو ته هن جو ساڻن انجام هو ته سڀني دشمنن کان توهان کي بچائبو؛ تنهن ڪري 1804ع ۾ هن هولڪر سان جنگ ڪئي.

11- پر گورنر جنرل کي سڌ ڪانه هئي، ته هولڪر اهڙو زور وارو آهي ۽ هن وٽ ڪو ايترو لشڪر آهي. ڪرنيل مانسن جي هٿ هيٺ بنگالي مان آيل سنڌيا جي لشڪر سميت ٿورو لشڪر هن سان سامهون ٿيڻ لاءِ موڪليو ويو. خود ڪرنيل مانسن کي هولڪر يا سندس لشڪر جي به خبر ڪانه هئي ۽ هو بي ڊپو ٿي، سڌو هولڪر جي ملڪ ۾ ڪاهي ويو. اوچتو ئي اوچتو ڏٺائين ته وڏو لشڪر چوڌاري گهيري ويو اٿم. سنڌيا جو لشڪر هن کي ڇڏي وڃي دشمن جي پاسي ٿيو. ڪرنيل مانسن ناداني ڪري مدد ملڻ ڪاڻ آگرهه ڏي هٽي ويو. اُهو مهنو هو جولاءِ جو ۽ جتي ڪٿي مينهن جو وسڪارو پئي پيو. ڪرنيل مانسن گهڻيءَ اهنجائيءَ سان آگرهه ۾ پهتو. پوءِ هولڪر دهليءَ تي ڪاهيو، پر ڏٺائين ته آءُ دهلي وٺي ڪين سگهندس؛ تنهنڪري آس پاس واري ملڪ کي لٽڻ شروع ڪيائين. سنڌيا گهڻن ماڻهن سان ساڻس وڃي گڏيو.

12- جنرل ليڪ پوءِ مضبوط لشڪر وٺي آگرهه کان اڳتي ويو. سنه 1804ع ۾ ڊيگ جي ويڙهه ۾ هن هولڪر جي ڪٽڪ کي ڀڄايو. هن ڊيگ جو مضبوط قلعو ورتو ۽ پوءِ ڀرت پور جي قلعي کي گهيرو ڪيائين. ڀرت پور جو راجا هولڪر جو رفيق هو. هن پنهنجي قلعي کي ڪجهه قوت تائين جرات سان بچايو؛ پر جڏهين ڏٺائين ته قلعو اوس وٺبو، تڏهين هن پاڻ سونپيو ۽ انگريزن سان صلح ڪيائين. هولڪر سڀني هنڌن ۾ هارائي پنهنجي ملڪ جي اندر گهڻو پري ڀڄي ويو.

13- جنرل ليڪ هاڻي جنگ پوري ڪري ها ۽ هولڪر کي لارڊ ويلسليءَ وارا شرط زور سان باسرائي ها؛ پر گورنر جنرل کي پنهنجي عهدي ڇڏڻ جو ۽ اِنگلنڊ موٽي وڃڻ جو وقت اچي سهڙيو هو ۽ ٻيو جيڪو گورنر جنرل ٿي آيو هو، تنهن جنرل ليڪ کي جئَن وڻيس تئَن ڪرڻ جي موڪل نه ڏني.

14- لارڊ ڪلائيو، برٽش هندستان جي پائي وجهندڙ بينگال کاتو ٺاهيو ۽ مدراس کاتي جو بنياد وڌائين جنهن کي لارڊ ڪارنوالس گهڻي قدر وڌايو. لارڊ ويلسلي مدراس کاتو ٺاهي راس ڪيو ۽ برٽش هندستان ۾ اُتر اُلهندي وارا علائقا (جن تي هاڻي نالو آهي، آگره وارو علائقو) گڏي ڇڏيائين. لارڊ ڪلائيو، لارڊ ڪارنوالس ۽ لارڊ ويلسلي جي ايامڪاريءَ جي بيانن ۾ جيڪي نقشا ڏنل آهن اُنهن تي نظر ڪرڻ سان خبر پئجي سگهندي ته ڪئن منجهائن هر هڪ برٽش هندستان جون حدون وڌايون.

 

60- لارڊ ڪارنوالس، پنجون گورنر جرنل،

سر جارج بارلو

(1805 عيسوي کان 1807 عيسوي تائي(

1- لارڊ ويلسلي هندستان ۾ جيڪي ڪري چڪو هو، تنهن جي جڏهن انگريزن کي خبر پيئي تڏهن کين اِنهيءَ تي ڪا خوشي ڪا نه ٿي. هو سمجهي ڪين ٿي سگهيا ته ڇو انگريز هندستان ۾ بالا دست اختياري هٿ ڪن ۽ نڪي سمجهائون ٿي ته اِها ڪا واجب ڳالهه آهي جو هندو راجئان کان هيترا ملڪ کسي وٺجن. ايسٽ اِنڊيا ڪمپني جنهن کي اڃا سوڌو هندستان ۾ واپار ڪرڻ جو خلاصو حق هو، تنهن ڏٺو ته ٽيپوءَ ۽ مرهٽن سان جي وڏيون ويڙهيون ٿيون آهن، سي سندن کٽيو سڀ کڻي ويئَون آهن ۽ سندن مطلب هو فائدي سان. اِنهي ڪري نئون گورنر جنرل جو آيو، تنهن کي سخت حڪم مليو هو، ته هڪدم اچي هولڪر سان صلح ڪري ۽ هندستان جي ڪنهن راجا سان وڌيڪ دست اندازي نه ڪري. هر جان شور کي به اڳي ساڳيو اهڙو حڪم مليو هو.

2- لارڊ ڪارنوالس اڳي هڪ ڀيرو گورنر جنرل ٿي ويو هو ۽ هو ستر ورهيه کن جو اچي ٿيو هو ۽ اهڙيءَ پيريءَ ۾ بنگالي ۾ گهميل ۽ گرم آب و هوا ۾ رهڻ جهڙو ڪين هو. هن کي هڪ ملڪ ۾ آئي ٽي مهنا مس ٿيا ها، ته مري ويو.

3- سر جارج بارلو، جو تن ڏينهن گورنر جنرل جي عهدي جو ڪم هلائيندو هو، تنهن کي اِنگلنڊ مان آيل حڪم جي تعميل ڪرڻ ۽ هولڪر سان صلح ڪرڻ جو ضرور ٿيو؛ نه ته جهڙا شرط ٻين مرهٽن راجائن قبوليا ها، تهڙا هاڻي هو به خوشيءَ سان قبول ڪري ها. راجپوت راجائون، جن مان ڪن گذريل ويڙهه ۾ هولڪر جو طرف وٺي انگريزن سان اقرار نامو ٽوڙيو هو، تن کي هاڻي انگريزن چيو ته اسين اوهان کي وڌيڪ مدد پهچائي نه ٿا سگهون ۽ اوهين هاڻي پنهنجا راکو پاڻ ٿيو. هولڪر ۽ ٻين مرهٽن راجائن باجي راءِ پيشوا، راگهوجي ناگپور جي راجا ۽ سنڌيا کي اِها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي سگهي، ته نئون گورنر جنرل ڇاڪاڻ لارڊ ويلسليءَ کان ٻيءَ طرح ٿو هلي. هنن سڀني اِئين ٿي ڀانيو ته هو هولڪر کان ڊنو آهي. هنن کي هاڻي ارمان ٿيو ته اسان ڇاڪاڻ انگريزن سان صلح ڪيو ۽ ٻيا ست ورهيه وري سڀ جنگ جي سانباهي ڪرڻ ۽ پنهنجي اڳوڻي اختياري وري حاصل ڪرڻ ڪاڻ هڪ ٻئي سان منصوبن ڪرڻ ۾ رڌل ها، اِنهيءَ لاءِ ته وري ٻين ملڪن کان چوٿ اُڳاڙيون.

4- سنڌيا جو هولڪر سان وڃي گڏيو هو، تنهن سان وري نئون عهدنامو ٿيو ۽ گواليار جو مضبوط قلعو، جو هن کان ورتو ويو هو؛ سو هن کي موٽي مليو ۽ سندس ملڪ ۾ انگريزن جي ملڪ جي وچ واري حد چمبل ندي ٺهرائي ويئي.

5- هن وقت ٽيپوءَ جا پٽ، جن کي انگريزن مواجب ٺاهي ڏنو هو ۽ جي ويلور جي قلعي ۾ رهندا ها، تن قلعي وارن سپاهين کي سندن انگريزي عملدارن سان سامهون ٿيڻ لاءِ چوري بيهاريو. گهڻا انگريز مارجي ويا، پر ڪي ٿورا ڪوٽ کي بهادريءَ سان جهلي ويٺا ها، جيسين آرڪاٽ مان مدد اچي پهتين. فساد بند ٿيو ۽ ٽيپوءَ جي پٽن کي ڪلڪتي ڏياري موڪليائون، ته اُتي وڃي رهن.

 

61- لارڊ منٽو، ڇهون گورنر جنرل

      (1807عيسوي کان 1813 عيسوي تائين)

1- تنهن کان پوءِ گورنر جنرل ٿيو لارڊ منٽو، جنهن ست ورهيه حڪومت ڪئي. هن ڏيهي حاڪمن کي الڳ ڇڏي ڏنو؛ پر اُهو سياڻپ جو ڪم ڪين هو، ڇاڪاڻ جو هو هڪ ٻئي ۾ وڙهندا ۽ انگريزن تي ڪاهڻ لاءِ تياري ڪندا ها. پر هن کي اِنگلنڊ مان آيل حڪم کي مڃڻو هو.

2- گڏيل ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ کي 1600ع ۾ راڻيءَ ايليزبيٿ هندستان سان واپار ڪرڻ جو پروانو ڏنو هو. پوءِ وقت به وقت هن کي تازو پروانو پئي مليو. 1773ع کان (جنهن سال ۾ ”ريگيوليٽنگ ائڪٽ“ پاس ٿيو)، ڪمپنيءَ کي ويهين ويهين ورهيه تازو پروانو ملندو پئي آيو. 1813ع تائين يعني 213 ورهيه ڪمپنيءَ کي واپار ڪرڻ جو خلاصو حق هو؛ اِنهي ڪري هندستان ۾ ٻيا انگريزي واپاري خريد فرخت ڪين ڪري سگهندا ها. پر اُنهيءَ ورهيه ۾ انگريزن جي پارليمنٽ اُهو خلاصو حق بند ڪري ڇڏيو ۽ هندستان جو واپار سڀ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ کليو رهيو.

3- پر ويهن ورهين تائين اُها اِجازت گهڻي ڪمائتي ڪين ٿي؛ ڇاڪاڻ جو ڪمپنيءَ جو هڪڙو پراڻو قانون هو، جنهن موجب ملڪ جي ڪنهين به ڀاڱي ۾. جتي سندين حڪومت هئي، اُنهن جي موڪل ڌاران ڪوبه انگريز رهي نٿي سگهيو.

 

62- لارڊ هيسٽنگس، ستون گورنر جنرل

     (1813 عيسوي کان 1823 عيسوي تائين)

      مرهٽن جي زور جي پڄاڻي

1-       لارڊ هيسٽنگس هندستان جو نئون گورنر  جنرل جو 1813ع ۾ آيو، سو تمام وڏي درجي جو امير ۽ وڏو سپه سالار هو، جو گهڻين جنگين ۾ وڙهيو هو. هن جو نالو ساڳيو هو؛ پر هن جي وارن هيسٽنگس پهرين گورنر جنرل سان ڪا مائٽي مٽي ڪانه هئي. هيءُ برٽش اِنڊيا جو ٽيون بنائيندڙ هو. ٻه جي اڳي ٿي ويا ها، تن مان هڪڙو هو ڪلائيو ۽ ٻيو هو لارڊ ويلسلي. هن هندستان ۾ ڏهه ورهيه حڪومت ڪئي.

2- جيڪڏهين لارڊ ويلسليءَ جي تجويز تي هلن ها، ته جئَن هاڻي صلح سانت آهي، تئَن سڀ ڪنهن هنڌ صلح سانت هجي ها. پر صلح جي بدران مرهٽن جي سڄي ملڪ ۾ جنگ ٿيڻ جو سانباهو هو. گذريل ڏهن ورهين ۾ وچ هندستان ۾ هڪڙو نئون زور وارو دشمن پيدا ٿيو. اُهو دشمن ها پنڊاري ماڻهو.

3- پنڊاري ڌاڙيلن جون ٽوليون ها؛ اُنهن ۾ ڪي ها پٺاڻ مسلمان ۽ ڪي ها هندو مرهٽا. ڪوبه ماڻهو جنهن ڪو ڏوهه ڪيو هو ۽ جنهن کي سزا ملڻ جو ڊپ هو، سو ڀڄي وڃي ٿي پنڊارين سان شامل ٿيو. اُنهن جو نڪو هو ملڪ ۽ نڪو هون گهر تڙ. اُنهن کي غرور اِهو نه هو ته اسين وڙهي سگهون ٿا، پر اُنهن کي اِهو غرور هو ته اسين ڀڄڻ جا اهڙا تڪڙا آهيون، جو اسان کي جهلي ڪونه سگهندو. هنن جو ڪنهن ملڪ کٽڻ ۽ وٺڻ جو ارادو ڪونه هو، پر جيڪي منجهس هجي، سو ٻهاري کڻي وڃڻ جو ارادو هون. جيڪي ماڻهو کين نه ڏسيندا ها ته سندن پئسا ڪٿي رکيل آهن، تن کي هو تمام گهڻو ستائيندا ها. لوهه تپائي ڳاڙهو ڪري اُنهن جي پيرن جي ترين کي ڏيندا ها ۽ اُنهن جي ڪپڙن تي تيل هاري اُنهن کي وٺي باهه ڏيندا ها. اُنهن مان گهڻا سنڌيا ۽ پيشوا جي لشڪر ۾ وڃي گڏيا ها ۽ سڀ ڪنهن سال ۾ وڃي ڦر ڪندا ها. جڏهين مرهٽا راجائون آڳتي اِئين ڪري نه سگهيا، تڏهين پنڊاري پنهنجي ليکي وڃي ڦريندا ۽ چوٿ اُڳاڙيندا ها. هنن جا گهڻا اڳواڻ ها، جن مان مکيه ها امير خان ۽ چيٽو. هنن کي جهلڻ پلڻ وارو ڪونه هو تنهن ڪري هو ڏينهان ڏينهن ويا زور وٺندا، تان جو هو سٺ هزار ماڻهو وڃي ٿيا.

4- مرهٽن جا وڏا سردار ٻاهران انگريزن جا دوست ۽ ساٿي ها، پر هو پنهنجي ويل طاقت موٽي هٿ آڻڻ ڪاڻ ٿي سڪيا؛ تنهن ڪري هو ڳجهيءَ طرح جئَن پڄندو هون، تئَن سڀڪنهن ريت پنڊارين کي مدد پيا ڪندا ها. هنن کي اِهو آسرو هو ته اسين انگريزن کي جيتي سگهنداسون، نت به انگريز پنڊارين سان وڙهڻ ۾ اهڙو لڳا پيا هوندا، جو اسين ڦري پونداسون ته اسان سان وڙهي ڪين سگهندا.

5- اڃان لارڊ هيسٽنگس آيو، ته خبر پيس ته هيڻن کي ڏاڍي کان بچائڻ لاءِ هن وڏي گورنر جنرل جي جيڪا تجويز هئي، سا ڪم نه آڻبي ته هندستان تمام سگهوئي وري اُنهيءَ خوفناڪ حالت ۾ اچي ويندو، جنهن مان لارڊ ويلسليءَ ڪڍيو هوس. هن اِنگلنڊ ۾ انگريز سرڪار کي لکي موڪليو ته هندستان کي رڳو لارڊ ويلسليءَ جي تجويز سان ناس ٿي وڃڻ کان بچائي سگهبو، ڇاڪاڻ جو اُتر پاسي برٽش اِنڊيا کي گورکن ڪاهه ڪئي آهي، ڏکڻ پاسي پنڊارين ڦر ۽ لٽ لائي ڏني آهي ۽ وچ هندستان ۾ مرهٽا سردار سڀ فساد مچائڻ ڪاڻ سنڀريا ويٺا آهن. نظام جو مرهٽن کان ڏاڍو ڊڄندو هو، سو رڳو انگريزن سان سچو هو. انگريز سرڪار جو لارڊ هيسٽنگس ۾ پورو ڀروسو هو ۽ هنن سمجهو ته هو جيڪي چوي ٿو سو سچ آهي؛ تنهن ڪري هن کي لکي موڪليائين ته لارڊ ويلسليءَ جي تجويز پوريءَ طرح ڪم آڻجي.

6- نيپال جو ملڪ 700 ميل ڊگهو ۽ هڪ سو ميل ويڪرو ڪشمير جي اوڀر ڏي هماليه جبلن جي پاسن سان هندستان ۽ ٿٻيٽ جي وچ ۾ آهي؛ اُنهيءَ ملڪ ۾ گورکن جي ذات حڪومت هلائيندڙ هئي. ملڪ جي ڏکڻ طرف يڪوئي يڪو وڏو پوسل وارو ٽڪر آهي جنهن ۾ تمام گهاٽا ٻيلا آهن جن کي ترائي ڪري چئبو آهي. منجهس صدين جون صديون صلح پسند بڌ ڌرم وارا هندو رهندا ها؛ پر جنهن وقت جو ذڪر اسين هينئَر ويٺا ڪريون تنهن کان اٽڪل ڏيڍ سوَ ورهيه اڳي ڪشمير جي هڪ راجپوت قوم (جنهن کي گورکا ڪري چوندا ها) اِهو ملڪ فتح ڪري ڇڏيو. هنن اصلوڪن رهاڪن سان ڏاڍا ظلم ڪيا ۽ سندن سردارن کي قتل ڪري ڇڏيائون.

7- جنهن وقت لارڊ هيسٽنگس هندستان ۾ آيو، اُنهيءَ وقت ڌاري گورکن بنا ڪارڻ زور سان اودهه ۾ ڪيترا ڳوٺ اچي ورتا ۽ اُنهن جي مکيه ماڻهن کي مارائي ڇڏيائون. تنهنڪري جنگ جو ڏئنڪو وڳو ۽ چار لشڪر اُنهن جي سامهون ٿيڻ ڪاڻ موڪليا ويا. هماليه جبلن تي ڳريون توبون گهلي چاڙهي وڃڻ ڏکيو ڪم هو ۽ گورکا ڏاڍيءَ بهادريءَ سان وڙهيا. اُنهن چئن لشڪرن مان ٽن کي ته گهڻا ماڻهو مارائي موٽي وڃڻو پيو. پر چوٿين لشڪر جو جنرل آڪٽرلنيءَ جي حڪم هيٺ هو، هڪ ٻئي پٺيان ڪيترن هنڌ گورکن کي ماري مات ڪيو؛ ۽ جڏهين هو کٽمنڊو جي ڀرسان، جو اُنهيءَ ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ هو، وڃي پهتو، تڏهين گورکن جي راجا انگريزن سان صلح ڪيو. سنه 1816ع ۾ سيگولي ۾ عهدنامو ٿيو، جنهن موجب ڪمائون جو ضلعو، جو ملڪ جو اُلهندو ڀاڱو آهي، سو اُنهن انگريزن کي ڏنو. سملو جتي اونهاري ۾ گورنر جنرل رهندو آهي ۽ مسوري ۽ نئني تال، اُهي جي هاڻي ٽڪر ۾ هوا کائڻ جون جايون آهن سي اُنهي ضلعي ۾ آهن. انگريز عملدار جنهن کي ريزيڊنٽ چوندا آهن، سو کٽمنڊوءَ ۾ رهندو آهي.

گورکا عملدار

8- نيپال جو راجا تڏهانڪر انگريزن جو ساٿي رهندو آيو آهي؛ گهڻن گورکن جون انگريزي عملدارن جي هٿ هيٺ پلٽڻيون ٺاهيون اٿن؛ اُهي انگريزي لشڪر ۾ تمام چڱن ۽ سورمن سپاهين ۾ ڳڻجن ٿا.

امير خان

 

9- جڏهين انگريزي لشڪر گورکن سان وڙهڻ ۾ رڌل هو؛ تڏهين پنڊاري اڳئين کان وڌيڪ نِڏر ٿيا هيا ۽ باجي راءِ پيشوا جتي ڪٿي ڦر ۽ لٽ ڪرڻ ڪاڻ پئي ڇيڙين. 1816ع ۾ لارڊ هيسٽنگس هڪ لک ويهن هزارن ماڻهن جو لشڪر آڻي ڪٺو ڪيو. اُن ۾ مدراس بمبئيءَ ۽ بنگالي جا ڪيترا ننڍا لشڪر آڻي گڏيا هائين. پنڊارين کي لشڪر چوگرد اهڙيءَ طرح ورائي ويو، جو ڪو ڀڄي نه سگهي؛ جنگ ڪانه ٿي؛ ڇاڪاڻ جو پنڊاري وڙهيائي نٿي. گهڻا مارجي ويا، ٻيا ڀڄي ويا. ڪي هٿيار ڦٽا ڪري سانتيڪا ڳوٺاڻا ٿي ويهي ويا. اُنهن جي مهندارن مان هڪڙو، جنهن جو چيٽو نالو هو، تنهن کي هڪڙي چيتي ماري وڌو. ٻيا اچي انگريزن جي پيش پيا ۽ اُنهن کي گذران ڪاڻ ننڍيون جاگيرون مليون. امير خان کي راجپوتانا ۾ ٽونڪ نالي هڪ ننڍي حڪومت ۽ ”نواب“ جو لقب مليو. 1818ع سال ڌاري پنڊار ين جو ڪو نشان به ڪونه رهيو ۽ هندستان اُنهي خوف جهڙيءَ بلا کان ڇٽي پيو.

 

63- لارڊ هيسٽنگس (هليو پيو)

1- اُنهي وچ ۾ باجيراءِ پيشوا جنهن ڀانيو هو ته انگريز پنڊارين کي جيتي ڪين سگهندا، تنهن 1817ع ۾ وڏو لشڪر گڏ ڪيو ۽ پوني جي ڀرسان ڪرڪيءَ وٽ جو انگريزن جو لشڪر لٿو پيو هو، تنهن تي اوچتي ڪاهه ڪئي، پر هن جي گهڻي هاڃي ٿي ۽ تڙجي ويو. ڪجهه وقت تائين هو ملڪ جي آس پاس پئي رليو، پر نيٺ پاڻ سونپيائين. لارڊ هيسٽنگس کي خبر هئي ته هو ڀروسي رکڻ جهڙو نه آهي؛ ڇاڪاڻ جو هن وري وري انجام پئي ڀڳو آهي. هن سندس سڄوئي ملڪ وٺي پنهنجي هٿ ڪيو، هن کي وڏو مواجب جوڙي ڏنائين ۽ هن کي ڪانپور جي ويجهو بٿور ۾ کڻي ٽڪايائين.

2- راگهوجي ڀونسلا ناگپور جو ٻڍو راجا هن کان ٿور اڳڀرو مري ويو هو، ۽ سندس ڀائٽي آپا صاحب جنهن انگريزن سان عهدنامو ڪيو هو، ناگپور تي حڪومت پئي هلائي. پر آپا صاحب ڳجهيءَ طرح باجي راءِ سان پئي منصوبا ڪيا ۽ اڃا هن کي سڌ پيئي ته هن ڪرڪيءَ وٽ انگريزي لشڪر تي ڪاهه ڪئي آهي، ته پاڻ ناگپور جي ڀرسان سيتابلدي ٽڪريءَ وٽ 1817ع ۾ انگريزي ريزيڊينٽ تي وٺي ڪاهيائين. مسٽر جينڪنس ريزيڊينٽ وٽ انگريزي سولجر پٽيءَ هوئي ڪونه؛ پر انگريزي عملدارن سان 1400 سپاهي وٽس ها. آپا صاحب کي 18000 ماڻهو ها؛ تنهنڪري هن ڀانيو ته هن ٿورڙي لشڪر کي اِجهو ٿو سولائيءَ سان چٽ ڪريان. جنگ رات جو لڳي ۽ ٻيو سڄو ڏينهن هلي؛ پر آپا صاحب جي لشڪر پٽيءَ هارايو ۽ پاڻ راجپوتانا ڏي ڀڄي ويو، جتي ڪن ورهين کان پوءِ مري ويو. اڳئين راجا راگهوجي جي پوٽي کي، جو ننڍو ٻار هو انگريزن ناگپور جي گاديءَ تي وهاريو.

3- جسونت راءِ هولڪر مري ويو ۽ تلسي ٻائيءَ هن جي وڌوا راڄ جو ڪاربار پئي هلايو. ان کي جڏهين خبر پيئي ته باجي راءِ انگريزن سان پيو وڙهي، تڏهين هوءَ به پنهنجو سمورو لشڪر پاڻ سان وٺي هن جي واهر ڪاڻ ڏکڻ رواني ٿي. هنجو لشڪر انگريزن جي لشڪر کي جو سرجان مالڪوم جي حڪم هيٺ هو، وڃي مليو. سرجان مالڪوم صلح ڪرڻ ۽ هنن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پيشوا کي مدد ڪرڻ ناداني آهي. تلسي ٻائي آڻ مڃڻ لاءِ تيار ڏسڻ ۾ ٿي آئي؛ پر مرهٽا اڳواڻ جي لشڪر سان ها، تن کي اڃا اِها ڳالهه معلوم ٿي ته هو اچي تتا ۽ هن کي ماري وڌائون. سنه 1817ع ۾ هنن مهيدپور وٽ انگريزي لشڪر تي ڪاهيو. سرجان مالڪوم اُنهن کي پٽيءَ ماري مات ڪيو. لارڊ هيسٽنگس، جسونت راءِ هولڪر جي ملهار راءِ نالي هڪڙي پٽ کي جو ننڍو ٻار هو، اِندور جو راجا ٿاڦيو ۽ هن کي سنڀالڻ لاءِ هڪڙو انگريزي لشڪر سندس ملڪ ۾ کڻي رکيائون.

4- پنجن وڏن مرهٽن سردارن کان سندن ملڪن ۾ رکيل مددي لشڪر جي خرچ جي عيوض جو ملڪ انگريزن کي مليو، سو 1802ع ۾ بسين واري عهدنامي وقت باجي راءِ کان مليل ملڪ ۾ کڻي ملايائون ۽ اُنهن سڄي مان 1818ع ۾ لارڊ هيسٽنگس بمبئي کاتو بڻايو.

5- لارڊ هيسٽنگس 1823ع ۾ هندستان جي حڪومت جي واڳ ڇڏي. لارڊ ويلسليءَ جو ڪم شروع ڪيو هو، سو پنجن ورهين ۾ لارڊ هيسٽنگس پورو ڪيو ۽ هن هندستان ۾ انگريزن کي مکيه طاقت بڻايو. وارن هيسٽنگس جي ايامڪاريءَ کي چاليہ سال گذري ويا ها. اِنهيءَ ٿوري عرصي ۾ برٽش هندستان جنهن ۾ شروعات ۾ فقط هڪڙو پرڳڻو بينگال ۾ ۽ هڪڙو پرڳڻو مدراس ۾ اچي ٿي ويا، سو وڌي اڪبر توڙي اورنگزيب جي شهنشاهت کان به وڌيڪ وڏي ۽ وڌيڪ مضبوط شهنشاهت ٿي پيو.

برٽش انڊيا لارڊ هيسٽنگر جي هٿ هيٺ

1812

سڀيئي هندستان جا حاڪم انگريزن جا هاڻي پڪا هم رفيق ٿي ويا ها ۽ هڪ ٻئي کي نقصان رسائڻ ۾ توڙي ڪنهن به ويڙهه ڪرڻ لاءِ سندن ڪوبه وس هلي نه ٿي سگهيو. ساري هندستان ۾ جتي ڪٿي صلح سانت هو، ماڻهو خوش هوا ۽ ڳوٺاڻا بي اونا ٿي آباديءَ ۾ مشغول هوا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org