سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: هندستان جي تواريخ

باب؛ -

صفحو ؛ 20

10- هر هڪ علائقي کي قاعدن ۽ قانون ٺاهڻ واسطي پنهنجي پنهنجي ليجسليٽو (قاعدي ساز) ڪائونسل آهي، جنهن ۾ ميمبرن جو تعداد اڳئين وقت کان گهڻو وڌيل آهي، ۽ منجهس ڪي ميمبر علائقي جي ماڻهن جا چونڊيل آهن ۽ باقي ميمبر گورنر صاحب جا ٿاڦيل آهن. هر هڪ علائقي ۾ ميمبرن جو تعداد هڪجيترو ٺهرايل نه آهي، پر وڏن علائقن ۾ گهڻو ۽ ننڍن ۾ ٿورو. سڀ ڪنهن ڪائونسل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 70 سيڪڙو چونڊيل ميمبر هئڻ کپن ۽ ٿاڦيل ميمبرن جو عدد گهڻي ۾ گهڻو 20 في سيڪڙو رکيو ويو آهي. ٿاڦيلن ميمبرن مان ڪي عملداري آهن، ڪي غير عملداري. بمبئيءَ ڪائونسل ۾ هينئَر ڪل 111 ميمبر آهن. چار ڪاروباري ڪاميٽي جا ميمبر، پنهنجي عهدي جي آڌار تي، قاعدي ساز ڪائونسل جا ميمبر آهن. باقي 107 منجهان 86 چونڊيل ۽ 21 ٿاڦيل آهن. ڪائونسل جو مدو 3 سال آهي، پر خاص حالتن ۾ چارِ سال ٿي سگهي ٿو.

11- اِهي ڪائونسل جا ميمبر پرڳڻي جي ماڻهن جي ووٽن جي زور تي چونڊجن ٿا. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڪونهي پر رڳو اُنهن کي جن کي ڪي لياقتون هونديون، جن مان مکيه اِها آهي ته ووٽر اِها ماڻهو ٿيڻ کپي جو انڪم ٽئڪس، زمين جي ڍل يا “Local rate” يعني مڪاني محصول ڀريندڙ هجي، يا ڪنهن به ماڻهوءَ کي جي پنهنجي جاءِ هجي جا سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ 36 رپيا مسوار لهي يا ڪو مسواري اِها ساڳي رقم مسوار طور ڏيندو هجي، ته کيس ووٽ ڏيڻ جو حق آهي. حال في الحال رڳو مرد ۽ نه زالون ووٽ ڏيئي سگهن ٿيون، پر ڪوبه علائقو زالن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏئي ته اختيار ورد آهي. سڀڪو ماڻهو ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻڌل نه آهي، پر رڳو اُهي ماڻهو جي اِئين ڪرڻ لاءِ خواهشمند هجن. ڪنهن به ووٽ ڏيندڙ کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه به پئسو ڪونه ڏنو ويندو آهي. ووٽر کي ايمانداريءَ سان ووٽ ڏيڻ کپي اِنهيءَ ماڻهو لاءِ جنهن ۾ پڪو ڀروسو هجيس ته هو ڪائونسلر جو فرض پوريءَ طرح بجا آڻيندو. جيڪڏهين ڪو ميمبر فرض جي بجاوري نٿو ڪري ته ووٽ ڏيندڙ ڀلي ٻئي دفعي چونڊڻ وقت هن کي ووٽ نه ڏئي، پر اِنهيءَ کي ڏئي جنهن ۾ اعتقاد هجيس ته بهتر ڪم ڪندو.

12- مٿي چيو ويو آهي ته پرڳڻي جي سرڪار (ڪاروباري ڪائونسل توڙي وزيرن) جي حوالي اهي ڪم آهن جو رڳو علائقي سان تعلق رکندا هوندا. اِنهيءَ کان سواءِ ٻيا ڪيترا ڪم آهن جي نه رڳو پرڳڻي سان تعلق رکن ٿا، پر سڄي هندستان سان اِهي هند سرڪار يعني وائسراءِ ۽ سندس ڪائونسل جي حوالي آهن. هُن کي وري پنهنجي ڪاروباري ڪائونسل آهي جا پرائيم منسٽر جي ڪئبينيٽ سان مشابهت رکندڙ آهي؛ سندس قاعدي ساز ڪائونسل هائوس آف ڪامنس جهڙي آهي ۽ سندس ڪائونسل آف سٌٽيٽ اِهڙي طرح ڪم ڪري ٿي جهڙو اِنگلنڊ ۾ هائوس آف لارڊس. هن کي شهزادن جي ڪائونسل ۽ پروي ڪائونسل پڻ آهي.

13- وائسراءِ ۽ سندس ڪاروباري ڪائونسل جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هينئَر ٽي هندستاني ميمبر آهن، (جنهن ۾ اڳي فقط هڪ هوندو هو) اِنهن کاتن جي جوڙجڪ جو ڪم ڪندا آهن، جيڪي سڄيءَ هند سلطنت سان لاڳاپو رکندڙ آهن. پهريون مکيه ڪم آهي، هن سلطنت جو بچاءُ، يعني لشڪر، اسان باب 57 ۾ ڏٺو آهي ته هندستان جهڙي وڏي ملڪ ۾ ماڻهو آسودگي ۽ اَمن اَمان ۾ تڏهين رهندا، جڏهين اُتي هڪڙي چڱي مضبوط ”سينٽرل“ يعني شاهي سرڪار هوندي جا ملڪ ۾ صلح سانت رکندي ۽ اُن کي دشمنن جي ڪاهن کان بچائيندي. اِهو بچاءُ فقط اِها سرڪار ڪري سگهندي، جنهن کي چڱي پگهار تي ۽ چڱن هٿيارن پنهوارن ۽ ٻئي ضروري جنگي سري سامان سان هڪ مضبوط لشڪر هوندو، جنهن جي مٿان قابل ۽ بهادر عملدار هوندا ۽ زيرڪ سپه سالارن جي عمل هيٺ هوندو. تنهن ڪري اِنهيءَ بچاءُ جو سمورو بندوبست هند سرڪار کي پنهنجي هٿ وس رکڻ گهرجي، جا سرڪار وائسراءِ هلائيندو آهي پاران شهنشاه جي جو برٽش هندستان جو راڄ ڌڻي ۽ هندستان جي شهزادن جو بالا حاڪم آهي.

14- تنهن ڪري وائسراءِ جي هٿ هيٺ هند سرڪار هيٺين ڳالهين جو بندوبست پنهنجي قبضي ۾ رکيو آهي:-

خشڪيءَ جو لشڪر، جنگي جهاز، هوائي جهاز، مکيه وڏا رستا ۽ مکيه ريلوايون، ٽپال آفيسون ۽ تار آفيسون، جي سڄي هندستان ۾ جاري آهن؛ سڪا ۽ نوٽ ڪڍڻ، واپار، جهاز راني، درياهي نول يعني آمدني ۽ روانگيءَ جي شين تي محصول، حفاظت هيٺ رياستن ۽ ٻين ڌارين ملڪن سان وهنوار.

15- اِنهيءَ مٿين ڪاروبار هلائڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ گورنر جنرل کي هڪ ڪائونسل مليل آهي جنهن کي اِمپيريل ايگزيڪيوٽو (شاهي ڪاروباري) ڪائونسل ڪري سڏبو آهي. اُنهيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اٺَ ميمبر ٿيندا آهن جن مان گهٽ ۾ گهٽ 3 هندواسي هئن کپن. سپه سالار هن ڪائونسل جو خاص ميمبر آهي. وائسراءِ سڄي ڪائونسل جو صدر نشين آهي. گورنر جنرل رواجي ڳالهين ۾ ڪاروباري ڪائونسلن جي غلبه راءِ پاس ٿيل رٿن سان ٻڌل آهي پر لاچاري حالتن ۾ مثلاً صلح، جنگ يا ملڪي امن اَمان جي ڳالهين ۾ هو هنن جي راءِ کي ريٽي ڪوبه حڪم ڪڍي سگهي ٿو.

16-قاعدي ٺاهڻ لاءِ وري ٻه ڪائونسلون آهن:-

(1) اِنڊين ليجسليٽو اسيمبلي. (2) ۽ ڪائونسل آف سٌٽيٽ.

(1) اِنڊين ليجسليٽو اسيمبلي:- هن منجهه 144 ميمبر آهن جن مان سو کان مٿي يعني 3/2 حصي کان وڌيڪ چونڊيل هوندا آهن ۽ باقي ٿاڦيل. اها ڪائونسل سڄي هندستان لاءِ ديواني توڙي فوجداري قاعدا ٺاهي ٿي. هن ڪائونسل جو مدو ٽي سال آهي پر لاچاري حالت ۾ گورنر جنرل وڌائي يا گهٽائي سگهي ٿو. هن وقت هن اسيمبلي جو صدر نشين پهريون دفعه هڪ هندستاني ”آنربل مسٽر پٽيل“ نالي مقرر ٿيو آهي. ۽ آئنده پڻ اِهو عهدو هندواسي ماڻيندا ايندا.

(2) ڪائونسل آف سٌٽيٽ:- هن ڪائونسل ۾ ڪُل ميمبر 60 کان وڌيڪ نٿا ٿي سگهن، اِنهن سٺ مان سرڪاري ميمبرن جو عدد ويهن جي اندر رکيو ويو آهي، اِنهيءَ مراد تي ته غير عملدارن جو تعداد وڌيڪ هجي. سڀ ليجسليٽو اسيمبلي جا پاس ٿيل ائڪٽ ملڪ جي قاعدن ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪائونسل آف سٌٽيٽ کي پاس ڪرڻا پوندا آهن ۽ تنهن کان پوءِ اُتن وائسراءِ کي قبوليت ڏيڻي پوندي آهي. هر ڪنهن پنجن سالن بعد نئين ڪائونسل ٺهندي آهي. قاعدن ٺاهڻ لاءِ ٻه مجلسون اِنهيءَ ڪري رکيون ويئون آهن، ته جيڪڏهين هڪڙي مجلس ڪا چوڪ ڪري وجهي، ته اِها ٻي مجلس درست ڪري سگهي. قاعدن ٺاهڻ ۾ ٻنهي مجلسن کي هڪ جهڙيون اختياريون آهن، ۽ ڪوبه قاعدو ٻنهي مجلسن جي قبوليت کان سواءِ پاس ٿي نٿو سگهي. سالياني اُپت ۽ کپت جو تفصيل به ٻنهي جي اڳيان پيش ٿيڻو آهي. ڪائونسل آف سٌٽيٽ جي ميمبرن جي چونڊ جو حق بلڪل محدود آهي. برٽش هندستان ۾ فقط 17000 ماڻهن کي اِهڙي ووٽ ڏيڻ جو حق مليل آهي. ليجسليٽو اسيمبلي ۽ ڪائونسل آف سٌٽيٽ کي گڏي ڪوٺبو آهي ”اِنڊين ليجسليچر“.

18- پروي ڪائونسل ۾ ميمبر شهنشاهه مقرر ڪندو آهي، جي سڄي حياتي اِهو عهدو ماڻيندا آهن. اِنهيءَ ڪائونسل ۾ اِهي ماڻهو هوندا جن برٽش هندستان ۾ ڪنهن پروٽيڪٽيڊ سٌٽيٽس ۾ بلڪل وڏا عهدا ڪمايا هوندا. اُهي سرڪاري ڪم ۾ وائسراءِ کي مدد ڪندا آهن. اِنهن سڀني کي حياتيءَ لاءِ ”آنربل“ جو خطاب مليل آهي. هڪڙو ميمبر هاڻي هندستاني آهي جو آهي ”رائيٽ آنربل سر سيد امير علي“.

19- شهزادن جي ڪائونسل:- سڀ نوان قاعدا جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي سي رڳو برٽش هندستان سان لاڳو آهن. اِنهن جو ”پروٽيڪٽيڊ سٌٽيٽ“ سان ڪوبه واسطو ڪونهي ڇو ته ڏيهي شهزادا اُتن پنهنجي نموني ۾ رواج هلائين ٿا. شهنشاهه سندن بالا حڪام آهي، پر ٻيءَ طرح خود مختيار آهن. اِنهن جي شان وڌائڻ لاءِ وائسراءِ شهزادن جي ڪائونسل جنهن کي ”نئرندر منڊل“ جو نالو ڏنل آهي، سال ۾ هڪ دفعو ڪوٺائي ٿو ۽ هندستان ۽ رياستن سان لاڳو ڳالهين مان ڪنهن به ڳالهين تي، ڪنهن تي ڏيهي راجائن جو ضرور سمجهي ٿو مشورت ڪري ٿو. اِهڙي صلاح مصلحت وائسراءِ لاءِ بيشڪ بلڪل ڪارائتي ٿيندي.

نوٽ- رفارم بل ۾ پڌرو ڪيو ويو هو ته هاڻوڪن سڌارن جي ڪاميابيءَ به نسبت ڏهن سالن بعد يعني سنه 1929ع ۾ هڪ پارليمنٽ جي ڪميشن جاچ ڪندي ۽ جيڪڏهين رايو ڏيندي ته هندستان جي ماڻهن سڌارن جو پورو فائدو وٺي، پاڻ کي اڳتي وک کڻڻ لاءِ لايق ڪيو آهي، ته هندستان کي پارليمنٽ کان خود حڪومت جي باري ۾ وڌيڪ قسط ملندي؛ مگر هندستان جي ماڻهن ڪيتري وقت لاڪر پي ڌنيو آهي ته هاڻوڪا سڌارا اڻ پورا آهن ۽ وڌيڪ سڌارن جي باري ۾ هينئَر ئي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ايتري ڍل وجهڻ نه گهرجي. اِنهيءَ جي جواب ۾ لارڊ ريڊنگ هند جي وائسراءِ توڙي لارڊ برڪنهيڊ هند سيڪريٽري تازو ڪي تقريرون ڏنيون آهن، جن موجب هنن صاحبن ڄاڻايو آهي ته خود حڪومت جي باري ۾ اڳتي وک کڻڻ خاص هندستان جي ماڻهن تي ئي منحصر آهي. جيئن جيئن هندستان جا اڳواڻ سرڪار سان ٻانهن ٻيلي ۽ هم صلاح ٿي بيهندا، تيئن تيئن هندواسين کي ملڪ جي حڪومت ۾ وڌيڪ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويندو. تازو لارڊ برڪنهيڊ هائوس آف لارڊس ۾ هندستان جي ملڪ جي حالت به نسبت ڳالهائيندي چيو ته ”اسين خيرخواهيءَ جا طالبو آهيون ۽ جنهن دوستيءَ جا اسين هر وقت خواهان آهيون، اِها جي اسان کي ڏيکاري ويئي ته اسين ڏي وٺ جي قصه ۾ تنگ دل ڪونه ٿينداسين.“

 

شاهي اعلان

هندستان جي حڪومت جي نئين سرشتي جو بل اڃا ٻنهي هائوسن ۾ پاس ٿيو ۽ اُتس شاهاڻي منظوري ملي ئي ڪين ته بادشاهه سلامت، هندستان جي وائسراءِ، راجائن ۽ هندستان جي رعيت، هندواسي توڙي برٽش، عملدار توڙي غير عملدارن ڏانهن بطور شفقت ۽ رحمت، هڪ شاهي اعلان ظاهر ڪيو. اِهو هيٺين دستور شروع ٿي ٿيو:-

جارج پنجون، خدا سائين جي فضل سان، گريٽ برٽن ۽ آئرلنڊ جي گڏيل حڪومتن ۽ سمنڊ جي آرپار انگريز سرڪار جي ملڪن جو بادشاهه، ۽ سندن دين ايمان جو بچاءُ ڪندڙ ۽ هندستان جو شهنشاهه.

اسان جي وائسراءِ، گورنر جنرل، ديسي رياستن جي راجائن ۽ هندستان جي سڀ ڪنهن نسل ۽ دين ڌرم جي اسان جي سڀني رعيتي ماڻهن ڏانهن سلامن بعد، هندستاني رعيت کي هن اعلان ۾ بادشاهه سلامت ڄاڻايو ته هندستان جي تواريخ ۾ هڪ نئون دؤر شروع ٿيو آهي. پارليمنٽ جو ائڪٽ هندستان لاءِ اِنهيءَ نئين دؤر جي نشاني آهي ۽ اِنهيءَ وقت کان گويا هڪ نئون زمانو شروع ٿيو آهي. هندستان بهتر انتظام هيٺ ايندو ۽ ماڻهو اڳي کان وڌيڪ سکي ۽ آسودا ٿيندا.

مانواري ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هٿ هيٺ هندستان ۾ چڱو انتظام، صلح سانت ۽ انصاف جاري ٿيو هو. وقت بوقت پارليمنٽ جي ائڪٽن موجب هندستان جي سرڪاري انتظام بهتر ڪرڻ لاءِ نوان قاعدا پي جوڙيا ويا. 1858ع کان جڏهانڪر حڪومت ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي هٿ کان نڪري بادشاهه سلامت جي حوالي ٿي تڏهانڪر هڪ ٻئي پٺيان ائڪٽ پاس ڪيا ويا. جن موجب خاص ڪري 1909ع جي ائڪٽ موجب هندستانين کي سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيڻ جو وڌيڪ حق مليو ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جي عيوضين جي جماعتن جو ٻج ڇٽيو ويو. 1919ع جي ائڪٽ قابل هندستانين کي، جي هم وطنين ووٽن جي زور تي چونڊجن ٿا، حڪومت جو ڳچ حصو مليو آهي ۽ هن کان پوءِ اِهو قاعدو سموري جوابدار حڪومت جو رستو بتائي ٿو.

بادشاهه سلامت تنهن کان پوءِ پنهنجي هندستاني رعيت کي هن اِشتهار نامي ۾ ڏيکاريو ته ڪيئن نه سندس ڏاڏي ملڪه معظم وڪٽوريا صاحبه ۽ سندس پياري والد ايڊورڊ ستين، هندستان جي حڪومت کي هڪ پاڪ فرض ڪري سمجهيو ٿي ۽ ڪيئن نه بار بار ظاهر ڪيو هئائون ته سندن هندستاني رعيت سان اهڙيائي هلت ڪئي ويندي جهڙي انگريزي رعيت سان ۽ کين سندن دين ۽ ڌرم ۽ رسمن ۽ رواجن جي هرڪا آزادگي ڏني ويندي؛ ۽ قاعدو هنن کي ظلم ۽ بي اِنصافيءَ کان اجهو ڏيندو.

بادشاهه سلامت پوءِ وڌيڪ هيئن فرمايو ته جڏهين پاڻ تخت نشين ٿيا هئا تڏهين هندستان جي راجائن ۽ ماڻهن کي جيڪو پيغام موڪليو هئائون، تنهن ۾ سندن وفاداريءَ لاءِ شڪر گذاري ڪئي هئائون ۽ پڪ ڏني هئائون ته هندستان جي بهبوديءَ جو کين هميشہ گهڻو اونو رهندو ۽ جيڪي سندن سک ۽ آسودگيءَ لاءِ کانئن پڄي سگهندو سو ڪندا. هتي پڻ ظاهر ڪيائون ته ٻئي سال جڏهين هندستان ۾ مهاراڻي صاحبه سان گڏ تشريف فرما ٿيا هئا اِنهيءَ لاءِ ته ساڻن ملاقات ڪري کين ٻڌائين ته سندن بهبوديءَ جو کين ڪيترو نه خيال آهي.

بادشاهه سلامت فرمايو ته برٽش سلطنت جي سرڪار، برٽش پارليمنٽ، ۽ سندس عملدار جيڪي هندستان ۾ آهن تن وقت بوقت، جيڪي سڀيتا جا سهنج ۽ نعمتون جي پاڻ پي ماڻيون اٿن، تن جي هندستان جي ماڻهن کي ڏيڻ ۾ وسون ڪين گهٽايو آهي. هاڻي آخرين ۽ وڏي نعمت اڃا رهيل آهي ۽ اِها آهي سڀني ملڪي امورات ۾ خود حڪومت جو حق، مگر ڌارين دشمنن کان بچاءَ جو ڪم شهنشاهه ۽ سندس لشڪر جي حوالي رهندو. اِها سموري سوراج جي طاقت، جيترو جلد ٿي سگهندو، اوترو جلد عطا ڪئي ويندي، تيسين قابل هندستاني عملدارن کي تعليم ڏني ويندي ته سرڪار جون جوابداريون ۽ انتظام جو ڳرو ڪم پاڻ تي هموار ڪرڻ سکن.

بادشاهه سلامت چيو ته اسين اُميد ٿا ڪريون ته سموري هندستاني رعايا، وڏا توڙي ننڍا، حاڪم توڙي محڪوم سڀ يڪمشت تي ڪلهو ڪلهو ۾ ڏيئي ملڪ جي عام بهبوديءَ لاءِ ڪم ڪندا ۽ هرڪو اِها ڪوشش ڪندو ته ٻين کي خوش ۽ راضي رکان. سچي حب الوطني کي هِن قوم يا هُن قوم جو خيال نه ڪرڻو آهي، مگر عام بهبوديءَ جو.

هندستان ۾ پنهنجي برٽش عملدارن کي هن اِشتهار نامي ۾ جارج پنجين اِئين فرمايو ته عام مقصد، ملڪ جي عام بهبوديءَ ۽ پنهنجي رعيت جي عام فائدي لاءِ هو هندستاني هم رفيقن سان گڏ ميلاپ ۽ مٺ محبت ۾ ڪم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪن. بادشاهه سلامت ڏيکاريو ته کين پڪو ڀروسو آهي ته سندس عملدار اِئين ڪرڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڏيکاريندا جيئن، گذريل مهاڀاري لڙائي ۾، جا هاڻ ختم ٿي چڪي آهي، برٽش ۽ هندستاني آفيسر ۽ سولجر لڳو لڳ ۽ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي، شهنشاهت جي دشمنن سان وڙهيا هئا، تيئن اُميد ڪجي ٿي ته ملڪي ڳالهين ۾ به هو شهنشاهت جي ڀلي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.

هندستان جي شهزادن ڏانهن

بادشاهه سلامت پڌرو ڪيو ته هڪڙي ”چيمبر آف پرنسز“ يعني راجائن جي ڪائونسل برپا ڪئي ويئي آهي، اِنهيءَ مراد سان ته ملڪي انتظام ۾ اُهي شهزادا پنهنجي صلاح سان هندستان جي انتظام ۾ مدد ڪن. ملڪ معظم هنن کي تسليم ڏني ته ”اسان جو ارادو آهي ته سندن حقن حقوقن، شان ۽ مرتبي کي، ڪنهن به رخني وجهڻ کان سواءِ هميشہ قائم رکون“. ۽ هنن اِئين به فرمايو ته ”اسان جو ارادو آهي ته پنهنجو پيارو فرزند پرنس آف ويلس ورندي سياري هندستان ڏي  موڪليون هن لاءِ ته هو اسان جي طرفان برٽش اِنڊيا ۾ راجائن جي ڪائونسل ۾ نوَن بندوبستن جو آغاز ڪري“. پڇاڙيءَ ۾ ملڪ معظم نئين دور ملاهڻ لاءِ ۽ شاهي رحمت ۽ شفقت طور پنهنجي وائسراءِ صاحب کي فرمان ڏنو ته سندس نالي ۽ سندس پاران اِنهن ماڻهن جي سرڪار جي برخلاف ڏوهه ڪيا هجن ۽ جي اِنهيءَ ڪري نظربند هجن، تن مان جيترن کي ٿي سگهي اوترن کي معافي ڏي ۽ بادشاهه سلامت اُميد رکي ٿي ته اهڙا ماڻهو آئينده وفاداري ديش واسي ٿي چڱي طرح ۽ صلح سانت سان حياتي گذاريندا.

بچائج خدا تون سڳور شهنشاه

وڏي عمر قائم هجي شهنشاه

سلامت خداوند رکج شهنشاه

سوڀارو هجي سل سدا شهنشاه

هجي خوش ۽ خورم سدا شهنشاه

سلامت خداوند رکج شهنشاه

واقعن جي تاريخوار يادداشت

تواريخ کان اڳ جو زمانو، عيسوي سن کان 2000 ورهيه اڳ ۾

 

ويڌن جو زمانو عيسوي سن کان اڳ ۾

2000-1500

وڏن پستڪن (رامائڻ ۽ مهاڀارت) جو زمانو عيسوي سن کان اڳ ۾

1500-1000

جهونو هندن جو زمانو عيسوي سن کان اڳ ۾

1000-200

ٻڌ عيسوي سن کان اڳ ۾

567-587

سڪندر اعظم جي هندستان تي چڙهي عيسوي سنه کان اڳي

327 ورهيه

چندر گپت موريا عيسوي سنه کان اڳي

321-297

آسوڪا عيسوي سنه کان اڳي

332-272

ٻڌ جو زمانو، 200ع سن کان 600 عيسوي سن تائين انڊو گريڪ (هندستان وارا يوناني) بادشاهون، 250ع سن کان 100 عيسوي سن تائين

 

انڊو سٿين 150ع سن کان 100 عيسوي سن تائين

 

ساڪ

1ع کان 400 تائين

ڪشين بادشاهون

45ع – 225ع

گپت جي شاهنشاهت

300-600ع

سمندر گپت

326-375ع

چندر گپت وڪر مادتيه

375-413ع

هندستان ۾ هَنَ لوڪ

450-528ع

ڪهروڙ جي جنگ

528ع

نئون هندڪو زمانو

600-1200ع

هرشا

606-648ع

مسلماني مذهبي جو پايو پيو- هجرت

622ع

محمود غزنوي

997-1030

هن جي ٻارهين ڪاهه- سومناٿ جي لٽ

1024

محمد غوري

 

افغان يا پٺاڻ بادشاهن جي 320 ورهيه

1190-1206

دهليءَ ۾ حڪومت

1206-1526

تيمور منڊي جي هندستان تي ڪاهه

1398

واسڪوڊيگاما هندستان ۾ پهتو

1498

پاڻي پٽ جي جنگ

1526

بابر پهريون مغل شهنشاهه

1826-1530

همايون ٻيو مغل شهنشاهه

1530-1556

هن کي شير شاهه افغان هندستان مان لودي ڪڍيو

1540

افغان بادشاهن دهليءَ جي حڪومت وري هٿ ڪئي

1540-1555

همايون هندستان ۾ موٽي آيو

1555

اَڪبر ٽيون مغل شهنشاهه

1556-1605

دکن جي مسلمانن بادشاهن هندن کي تاليڪوٽ وٽ شڪست ڏني

 

1565

وجيه نگر واري هندڪي راڄ جي ڦٽاڻي

1565

انگريزي ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ٺهي

1600

جهانگير چوٿون مغل شهنشاهه

1605-1627

سورت ۾ انگريزن جي ڪوٺي

1612

جيمس پهرئين سرٽامس روکي مغل درٻار ڏي موڪليو

1615

شاهه جهان پنجون مغل شهنشاهه

1627-1658

شواجي مرهٽن جي حڪومت جي پايه وجهندڙ جو جنم

1627

انگريزن کي مدراس مليو

1639

انگريزن کي ڪلڪتو مليو

1640

اورنگزيب ڇهون مغل شهنشاهه

1658-1707

انگريزن کي بمبئي ملي

1662

شواجي مرهٽن جي راجائپ جو ڇَٽُ پهريو

1674

شواجيءَ جو موت

1680

گڏيل ايسٽ اِنڊيا ڪمپني ٺهي

1700

بهادر شاهه ستون مغل شهنشاهه

1707-1712

بالاجي راءِ مرهٽن جو پهريون پيشوا

1714-1720

محمد شاهه (نالي جو) مغل شهنشاهه

1719-1748

باجي راءِ پهريون مرهٽن جو ٻيو پيشوا

1720-1740

سنڌيا، هولڪر، گائڪواڙ، ڀونسلا جا ٺاهيل مرهٽڪا راڄ

1720-1740

نادر شاهه ايرانيءَ جي هندستان تي ڪاهه

1739

بالاجي باجي راءِ مرهٽن جو ٽيون پيشوا

1740-1761

محمد شاهه مغل شهنشاهه جو موت

1748

نظام الملڪ حيدرآباد جي پهرئين نظام جو موت

1748

ساهو مرهٽن جي ٻئي راجا جو موت

1748

هندستان ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي پهرين ويڙهه

1744-1748

ڊيوپلي مدراس ورتو

1746

ارڪاٽ جو مشهور گهيرو

1752

ڪلڪتي جو بلئڪ هول

1756

پلاسيءَ جي جنگ

1757

هندستان ۾ انگريزن جو پهريون ملڪ 24 پرڳنا- ڪلائيو جي جاگير

 

1757

هندستان ۾ انگريزن ۽ فرينچن جي ٻي ويڙهه

1756-1763

ڪائونٽ لالي فورٽ سينٽ ڊيوڊ ورتو

1758

انگريزن اُتر سرڪار جا ضلعا ورتا

1759

وانڊيواش جي جنگ

1760

پانديچري انگريزن ورتي

1761

بنگالي ۾ مير جعفر جي حڪومت

1758-1761

ڪرنيل ڪلائيو ٻيو ڀيرو هندستان ڇڏي ويو

1760

شاهه عالم ۽ شجاع الدوله مير جعفر تي ڪاهه ڪئي- پاٽنا جي جنگ

 

1760

مير قاسم بنگالي جو نواب

1761

انگريزن کي بردوان، چٽگانگ ۽ مڊنا پور مليا

1761

حيدر علي ميسور جو سلطان ٿيو

1761

احمد شاهه ابداليءَ افغان مرهٽن کي پاڻي پٽ وٽ شڪست ڏني

 

1761

بالاجي باجي راءِ مرهٽن جي ٽئين پيشوا جو موت

1761

شاهه عالم ٿيو (نالي جو) مغل شنشاهه

1761

مير قاسم سان ويڙهه- پاٽنا جو ڪوس

1763

بڪسار جي جنگ

1764

لارڊ ڪلائيو ٽيون ڀيرو هندستان ۾ آيو- الہ آباد جو عهد نامو

1765

بنگالي، بهار، ۽ اوڙيسا جي ديواني انگريزن کي ملي

1765

لارڊ ڪلائيو پويون ڀيرو هندستان ڇڏي ويو

1767

ميسور سان پهرين ويڙهه

1766-1769

چندگام ۽ ٽرنڪو مليءَ جون جنگيون

1767

بنگالي ۾ وڏو ڏڪار

1769-1770

وارن هيسٽنگس بنگالي جو گورنر

1772-1774

ريگيوليٽنگ ائڪٽ

1773

وارن هيسٽنگس پهريون گورنر جنرل

1774-1785

راگهوبا پيشوا سان سورت جو عهدنامو

1775

نانا فرنويس سان پرنڌر جو عهدنامو

1776

مرهٽن سان پهرين ويڙهه

1778-1782

ميسور سان ٻي ويڙهه

1780-1784

پاليلور وٽ ڪرنيل بيليءَ جي هار ۽ ڪارنيل بريٿ ويٽ جي هار

 

1780

پورٽو نووو، پاليلور ۽ شولنگر جون جنگيون

1781

آرنيءَ جي جنگ

1782

حيدر عليءَ جو موت- ٽيپو ميسور جو سلطان ٿيو

1782

سالبيءَ جو عهدنامو

1782

پٽ جو اِنڊيا بِلُ - بورڊ آو ڪنٽرول

1784

لارڊ ڪارنوالس ٻيو گورنر جنرل

1790-1792

ميسور سان ٽين ويڙهه

1790-1792

سيرنگاپٽم جو عهدنامو

1792

انگريزن کي ملبار، سليم ۽ مدورا مليا

1792

بنگالي جي زميندارن کي سندين زمينداريون مليون

1793

سرجان شور ٽيون گورنر جنرل

1793-1798

مرهٽن نظام کي ڪردلاوٽ شڪست ڏني

1795

مارڪئس ويلسلي چوٿون گورنر جنرل برٽش اِنڊيا جو ٻيو بنائيندڙ

 

1798-1803

ميسور سان چوٿين ويڙهه- ٽيپوءَ جي هار ۽ موت

1799

ڪانارا ۽ ڪوئمبٽور انگريزن کي مليو

1799

انگريزن تانجور ورتو

1800

انگريزن کي ڏنل علائقا مليا

1800

انگريزن ڪرناٽڪ ورتو

1801

مدراس کاتو ٺهي پورو ٿيو

1801

انگريزن کي دوآب مليو- اُتر الهندي جا علائقا ٺهڻ شروع ٿيا

1801

باجي راءِ ٻئي سان بسين جو عهدنامو

1802

مرهٽن جي ٻي ويڙهه (سنڌيا ۽ راهو جي ڀونسلي سان)

1803-1804

ايسي، آرگام ۽ لاسواريءَ جون جنگيون

1803

دهلي ۽ آگرهه ورتا ويا- شاهه عالم ڇٽو ۽ مواجب جڙي مليس

1803

آرجينگام جو عهدنامو (سنڌيا سان) ۽ ديوگام جو ڀونسلا سان

 

1803

مرهٽن جي ٽين ويڙهه (هولڪر سان)

1804

ڊيگ جي جنگ

1804

لارڊ ڪارنوالس پنجون گورنر جنرل هندستان ۾ مئو

1805

سرجارج بارلو ڪارروا گورنر جنرل

1805-1807

ويلور جو فساد

1806

لارڊ منٽو ڇهون گورنر جنرل

1807-1813

ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي نئين سند هندستان سان واپار کليو رهيو

 

1813

لارڊهيسٽنگس ستون گورنرجنرل، برٽش اِنڊيا جو ٽيون بنائيندڙ

1813-1823

پنڊاري مات ٿيا

1813

گورکن جي ويڙهه

1813-1816

سيگوَليءَ جو عهدنامو- انگريزن کي ڪمائون مليو

1816

چوٿين مرهٿن جي ويڙهه (پيشوا، هولڪر ۽ ڀونسلا سان)

1817

ناگپور جي لشڪر جي سيتا بلديءَ وٽ هار

1817

هولڪر جي سردارن جي مهيدپور وٽ هار

1817

ڪوريگام وٽ پيشوا هارايو ۽ مواجب ٺهي مليس

1818

بمبئي کاتو ٺهي پورو ٿيو

1818

لارڊ امهرسٽ اٺون گورنر جنرل

1823-1828

برما سان پهرين ويڙهه

1824-1826

يندابو جو عهدنامو

1826

آسام، آراڪان ۽ تناسيرم انگريز کي مليا

1826

لارڊ ڪومبر مير ڀرت پور ورتو

1826

لارڊ وليم بينٽنڪ نائون گورنر جنرل

1828-1835

ٺگ ۽ ڊاڪوُ مات ٿيا- انگريزي سڪولن ۾ سيکارڻ ۾ آئي

1828-1835

ڏيهي ماڻهو سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڻا مقرر ٿيا.

 

ميسور ۾ ڪميشن جي حڪومت ٿي- راجا گاديءَ تان لٿو

1838

سَتيءَ جي رسم بند ٿي

1832

اُتر اُلهندي وارا علائقا (هاڻي آگرهه ۽ اودهه جا گڏيل علائقا) ٺهي ويا

 

1833

ايسٽ اِنڊيا ڪمپنيءَ جي نئين سَنَدَ ڪمپنيءَ واپار ڪرڻ بند ڪيو

 

1833

ڪرگ فتح ٿيو ۽ برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ٿي ويو

1834

سرچارلس ميٽڪاف ڪارروا گورنر جنرل

1835-1836

ڇاپ خانن کي آزادگي ملي- اخبارن جو واڌارو

1835

لارڊ آڪلنڊ، ڏهون گورنر جنرل

1836-1842

افغانستان سان پهرين ويڙهه

1836-1842

خيبر جي دري وٽ انگريزن جي لشڪر جي ڀاڄ ۽ ڪوس

1842

لارڊ ايلنبرو يارهون گورنر جنرل

1842-1844

جنرل پالڪ افغانن کي شڪست ڏني ۽ ڪابل ورتائين

1842

سنڌ جي اميرن سان ويڙهه

1843

مياڻي ۽ دٻي جون جنگيون

1843

سنڌ برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ٿي

1843

گواليار سان ويڙهه

1843

مهاراجپور ۽ پنيار جون جنگيون

1843

لارڊ هارڊنج ٻارهون گورنر جنرل

1844-1848

سکن سان پهرين ويڙهه

1845-1846

مدڪي ۽ فيروز شاهه جون جنگيون

1845

عليوال ۽ سوبرائون جون جنگيون

1846

ستلج جي اوڀر وارو پنجاب جو ڀاڱو برٽش انِڊيا ۾ گڏيو

1846

لارڊ ڊلهوئوسي تيرهون گورنر جنرل، برٽش اِنڊيا جو چوٿون بنائيندڙ

1848-1856

ستارو برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ٿيو

1848

سکن سان ٻي ويڙهه

1848-1849

چليان والا ۽ گجرات جون جنگيون

1849

سارو پنجاب برٽش انڊيا سان گڏيو

1849

برما سان ٻي ويڙهه- رنگون ورتو ويو

1852

بيگو انگريزن جي شهنشاهت جو ڀاڱو ٿيو

1852

ناگپور برٽش انڊيا جو ڀاڱو ٿيو

1853

برار نظام انگريزن کي ڏنو

1853

بنگالو لفٽننٽ گورنر جي حڪومت هيٺ ٿيو

1853

اودهه برٽش اِنڊيا جو ڀاڱو ٿيو

1856

هندستان ۾ پهرين ريلوي کلي (1853) سول سروس ڏيهي ماڻهن لاءِ کلي (1853)- گنگا جي نهر ٺهي- برقي تار- اَڌ آني واري ٽپال ٽڪلي- واپار گهڻو وڌيو. گهڻا وڌيڪ سڪول کليا

1848-1856

لارڊ ڪئننگ چوڏهون گورنر جنرل

1856-1858

سپاهين وارو وڏو بلوو

1857

ايسٽ اِنڊيا ڪمپني بند ٿي

1858

هندستان اِنگلنڊ جي راڻيءَ جي حڪومت هيٺ- راڻيءَ جو پڌرنامو

1858

لارڊ ڪئننگ هندستان جو پهريون فرمان فرماءِ

1858-1862

ريلوي، برقي تار، واهه، دواخانه ۽ سڪول

1858-1862

لارڊ ايلگن ٻيو فرمان فرماءِ (هندستان ۾ مئو)

1863

دوست محمد مئو ۽ شير علي هن جي گاديءَ تي ويٺو

1863

سرجان لارينس ٽيون فرمان فرماءِ

1864-1869

ڀوتان سان ويڙهه

1865

اوڙيسا ۽ اولاهين هندستان ۾ وڏو ڏڪار

1866

لارڊ ميئو چوٿون فرمان فرماءِ

1869-1872

زراعتي کاتو ٺهيو- رستا، ريلوي ۽ واهه تمام گهڻو وڌيا

1869-1872

فرمان فرماءِ کي هڪڙي قيديءَ ماري وڌو

1872

لارد نارٿ بروڪ پنجون فرمان فرماءِ

1872-1876

بنگالي مان وڏو ڏڪار ٽاريو ويو

1874

جناب حضرت ويلس جو شاهزادو هندستان ۾ آيو

1875

لارڊ لٽن ڇهون فرمان فرماءِ

1876-1880

راڻي وڪٽوريا قيصريه هند- دهليءَ جي وڏي درٻار

1877

ڏکڻ هندستان ۾ وڏو ڏڪار

1877

افغانستان سان ويڙهه- يعقوب خان امير

1878-1879

لارڊ رپن ستون فرمان فرماءِ

1880-1884

جنرل (لارڊ) رابرٽس افغانستان ۾ ايوب خان کي شڪست ڏني

1880

عبدالرحمان خان افغانستان جو امير ٿيو

1881

مال جي آمدنيءَ تي محصول بند ٿيا

1882

هندستان جي وڏن شهرن ۾ ميونسپل حڪومت

1882-1883

گهڻا سڪول کليا

1882-1883

لارڊ ڊفرن اٺون فرمان فرماءِ

1884-1888

برما سان ٽين ويڙهه

1885

اُتريون برما انگريزن جي شهنشاهت جو ڀاڱو ٿيو

1886

لارڊ لئنسڊائون نائون فرمان فرماءِ

1888-1991

لارڊ ايلگن ڏهون فرمان فرماءِ

1891-1899

لارڊ ڪرزن يارهون فرمان فرماءِ

1899

ايڊورڊ ستون هندستان جو شهنشاهه

1901

اِنڊيا ڪائونسل ائڪٽ

1909

لارڊ منٽو

1905

جارج پنجون هندستان جو شهنشاهه

1910

لارڊ هارڊنج

1911

دهلي هندستان جي گاديءَ جو هنڌ بنجڻ

1911

لارڊ چيلمسفورڊ

1916

مهاڀاري لڙائي

1914-1918

هندستان جي حڪومت جون نئون سرشتو

1920

لارڊ ريڊنگ پنڌرهون وائسراءِ

1921-1926

لارڊ آرون- سورهون وائسراءِ

1926

     

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org