سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 16

صفحو ؛ 24

  

مدح

نرمل پرور پاڪ ذات آهي صفت سندس سبحاني، يار
شافي امت جو مير محمد شان سندن قرآني، يار
ابابڪر ۽ عمر عثمان ۽ حيدر شير رباني، يار
چئني يارن ڪفر کي ٽوڙي، دين وڌايو حقاني، يار
صدقي شاهه شهيدن تون جي قائم دين حقاني، يار
سچي واٽ خدائي جي تي ڪيائون سر قرباني، يار
گهوري وڃان ان پير پيران جو سرور شاهه جيلاني، يار
غوث حقاني قطب رباني صفت سندس لاثاني، يار
پير نظام الدين سونهارو ڏيئو هندستاني، يار
خواجه معين الدين اجميري حامي راجستاني، يار
شاهه جلال و فريد شڪر گنج بهاؤ الحق ملتاني، يار
سنڌ سونهاري جو وارث والي لعل شهباز سيواني، يار
طالب هردم گهرو انهي کان ثابت دين ايماني، يار
ملندي برڪت تنن جي دولت ڏوهين جهاني، يار
­

ڪافي

اٿي ڙي سياڻي، رات وهاڻي،
سعيو سمر ڪر ليئي، ٿيندي لڏاڻي.

 

چرخو نه چوري، پٺئي نه اُوري،
پڇنديئي سويري، ايندئي نه وائي.

 

ڪتيوئي نه ڪوڙي، ڌاريئي نه موڙي،
ويسر وسهوڙي، وٺنديءَ صباڻي.

 

سينڌون ٿي ساهيئي، سرمان ٿي پائي،
بت ٿي بنائي، نيٺيءَ لٿائي.

 

رکنديئي قبر ۾، ڌرينديئي ڌوڙ،
پڇنديئي قهر ۾، ايندئي نه وائي.

 

توريندا تورو، ڦوليندا ڦورو،
ماءُ پيءُ نه سهرو، پڇنديئي پرائي.

 

طالب تي پرور، موليٰ ڪرم ڪر،
برڪت پيغمبر، هي شئي نماڻي.

 

بچل شاهه

بچل شاهه مياڻي سکر وارو حضرت بيڪس جو همعصر هو. سکر جو بلند پايه شاعر ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. سندس ولادت 1807ع ۾ مانجهو ۾ ٿي ۽ 1901ع ۾ سکر ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس آخري آرامگاهه مهراڻ جي ڀڪ تي، سکر بئراج جو ٿورو هيٺان آهي. بيت ۽ ڪافيون چيون اٿس. ڪافيءَ جي هڪ مصرع:

برهه بازي ڪار سازي، حق حقيقي منهن مجازي،
ساهه ۾ سهڻي صلاح، ورهه ڪيئن آهي ويڳاڻو.

 

محمد اڪرم

ساڳي دور ۾ شڪارپور ۾ محمد اڪرم پٺاڻ نالي شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن 1905ع ۾ وفات ڪئي. ڪافيون چيون اٿس. هڪ مصرع:

درد حسن جي ڪيس ديواني،

چاڪن ڪئي مان چور،
ڪر ڪا يار ورڻ جي.

 

ايسر فقير

انهيءَ دور جي پوئين زماني ۾ درازه درگاهه تي سخي قبول محمد دوم 1842ع – 1924ع سجاده نشين هو. ايسر فقير روهڙائي سندس طالب هو. هن هندو فقير جي شعر جو مثال ڏجي ٿو:  

”جنهن کي رانول رمز چکائي،
سا دل ڪرندي ماهي ماهي.“

 

ڪريم ڏنو

سخي قبول محمد جو طالب، شڪارپوري، ڊي – پي – آءِ جو پي – اي هو.

هوت تنهنجي هنج ۾، پوءِ ڏونگر ڇو ڏورين،
و نحن اقرب اليه من حبل الوريد، منهن نا موڙين،
قل هو الله احد الله الصمد، چت اندر چورين،
الله هو اورين، ڪريم ڏنو قلوب ۾.

 

 

بهاول فقير

شڪارپور، جو ايڪسائيز انسپيڪٽر هو ۽ سخي قبول محمد جو طالب هو:

”جدا ٿيو جڏهن جاني، جوش جگر جلايو،
ڏيئي درد دل ۾ دلبر، رڻ ۾ تو رلايو.“

 

احمد علي

شڪارپور جو سنڌي ماستر به سخي قبول محمد جو طالب هو.

”باغ بهاريا وڻ ٽڻ موريا، سبز سڃن سنساري،
گل ڦل ٽڙيا خوب بسنتي، هر هنڌ ٿي هٻڪاري.“

 

واليڏنو فقير

واليڏنو فقير شاعر ٿي گذريو آهي، جو پي. ڊبليو. ڊي جو ٺيڪيدار هو. سنڌيءَ ۾ عروضي شعر چيو اٿس. وفات 1307 هه. هڪ غزل جي مصرح:

”وسن ٿا مينهن محبت جا، وهن ٿا نار نيڻن کئون،
اُٿاري هن اُڃايل کي پيالو پُر پياريندا“.

 

ٻڍڙو فقير

ٻڍل فقير عرف ٻڍڙو فقير ولد عبدالواسع ڳوٺ نجفي انڙ تعلقي شڪارپور ۾ 1865ع ڌاري تولد ٿيو ۽ 1939ع ۾ وفات ڪيائين. سندس حياتي مستي ۽ مجذوبي ۾ گذري. پير سائين حزب الله شاهه جو مريد هو، سٺو شاعر هو. سندس ڪلام، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي، جو ”رسالو ٻڍل فقير“ ۾ ڇپيل آهي، هڪ بيت ڏجي ٿو:     

”ڇنڊي ڇنڇر ڏينهن کي وينگس ڇوڙيا وار،
سڏي ۽ سڏڪا ڀري پر لئي ڪڍي پار،
پئي روئي پنڌ ۾، ڀوري لئي ڀتار،
سونهارا سردار! هن کي ڪاهي ڪيچ رسائين.“

 

لال محمد ”لال“

پني عاقل تعلقي، گهوٽڪيءَ جو برگزيده عالم ۽ سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو. بيت ۾ ڏوهيڙا چيا اٿس: 1890ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس هڪ ٽيهه اکريءَ جي ڊگهي بيت جون ٻه سٽون مثال طور ڏجن ٿيون:

 

”ٿي تون ثمر سڪ جو، ثابت رکي سپر،
هلي پئي هاڙهي، ڇڏي صاف سڌير.“

 

 

علي مراد ”عاصي“

ڳوٺ ٻڍي تعلقي ڳڙهي ياسين جو زميندار هو، چڱو شاعر هو. سندس هڪ نظم جو ڪتاب ”گلشن بهار“ مجموعي ۾ مدحيات ۽ مناجات ڇپيل آهي، جنهن ۾ ٽيهه اکريون، ڪافيون ۽ ٻيو نعتيه شعر آهي. سندس ٽيهه اکري جي هڪ بيت جون ٻه سٽون مثال طور ڏجن ٿيون:

 

”ٿي تڳان تو ريءَ اوهان جي، هوت هيڻن کي اڀل،
تون اڙين جو اوٽ آڌر، مصطفيٰ مختيار مل.“

 

ڪرم شاهه

ڳوٺ ٻرڙا، لڳ ڪرن تعلقي شڪارپور جو ويٺل هو. سندس ولادت 9 –1903ع ڌاري ۽ وفات 1953ع ۾ ٿي. سنڌيءَ جو چڱو شاعر هو. سندس هڪ ٽيهه اکري جي هڪ بيت جون ٻه سٽون مثال طور ڏجن ٿيون:

 

”خي ئون خان کڻي ويس، اهي کوٽا مٿئون کٽ،
ستل ڇڏي سيج تي، ٿيا ڄاڻي واڻي ڄٽ.“

 

علي نواز ”علوي“

19 صديءَ جي آخر ۾ ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾، شڪارپور جي مشهور اولياءَ حضرت فقير الله علويءَ جي خاندان مان، حاجي علي نواز ”علوي“ 1851ع – 1920ع سنڌ جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. علم عروض توڙي قديم نوع تي ڪافي سنڌي شعر چيو اٿس. هڪ ڪافي مثال طور ڏيون ٿا:

 

تنهنجي حسن سڄڻ حيران ڪيا،
انسان هزارين مان نه رڳو.

 

تنهنجي شان برابر شاهه نه ڪو
تنهنجي سونهن سندو مٽ مان نه ڪو
تنهنجي خيال کان خالي ساهه نه ڪو

 

خواهان هزارين مان نه رڳو

 

قرآن سراسر شان سندءِ
آ واصف خود رحمان سندءِ
ٻيو ڪهڙو ڪري ڪو بيان سندءِ

 

حيران هزارين مان نه رڳو

 

ٻڌا جاني جن ڪلام تنهنجا
ڪن سهسين سڪ مان سلام تنهنجا
ٿيا حلقه بگوش غلام تنهنجا

 

سلطان هزارين مان نه رڳو

 

تنهنجا مادح ميڪائيل جهڙا
ڪئين عاشق اسرافيل جهڙا
تنهنجي در تي جبرائيل جهڙا

 

دربان هزارين مان نه رڳو

 

توتان جان فدا ڪن شاهه گدا
ري ناڻي ٻانها ٻيل ٻڌا
ٿيا خادم تنهنجي خلق سندا

 

خاقان هزارين مان نه رڳو

 

ناهي ”علوي“ هڪ مفتون تنهنجو
آهي عالم سڀ ممنون تنهنجو
ٿيو جاني جڳ مرهون تنهنجو

 

قربان هزارين مان نه رڳو

 

سرائڪي ڪلام

سڄڻ ساڏي ساهه وچ وسدا
جدا ڪيون ڪر ڪوئي ڏسدا

 

بره دا بار سر چاوڻ
اهين رستي اندر آوڻ
سڄڻ دي نال لنؤن لاوڻ

 

نهين وت ڪام هر حس دا

 

وجودون غير جو ٽالي
ڏکان وچ سک جيها جالي
هميشه پرت پيا پيالي

 

پرين دا پار سو پسدا

 

بره بيشڪ هي سر بازي
سوره سمجهي سرفرازي
رهي هر حال وچ راضي

 

نهين عاشق ڪڏان نسدا

 

خودي دا خون جو پيوي
جيندي جانون جدا ٿيوي
سوره سونت جڳان جيوي

 

سدا خوش حال ٿي هسدا

 

ٻهون ”علوي“ جو پيوس هي
نهين بيوس دا ڪو ڪس هي
علي فرياد رس بس هي

 

اوڪس هي مين بيڪس دا

 

هندي ڪلام

پيا عرض ميرا منيو که ناهين

ميرا حال دل سي سنيو که ناهين
مين روزِ ازل سي هون قربان تجهه پر
مجهي اپنا درسن ديکهيو که ناهين
نهين سنده مين چين آتا هي کهين
عرب مين مجهي اب بُليو که ناهين
تجهي بعد مانع نهين ديکهني سي
مجهي ملني کا ڊهب بتيو که ناهين

 

مين شاهي نهين چاهتا مجهه کو شاها

گدا اپني در کا بنيو که ناهين
 تيري درد فرقت مين روتا هون هردم
 بلا پاس اپني بڻهيو که ناهين
 مين هون نيک يا بد تيرا هو چکاهون
 هلاکته مجهکو بچيو که ناهين
قيامت مين جب لوگ پياسي پهرينگ
 

شرابِ شفاعت پليو که ناهين
جدهر انبيا نفسي نفسي پکارين
ادهر هاتهه ”علوي“ کاليو که ناهين

 

اردو ڪلام

مجهي ديدار تم اپنا دکهاؤ يا رسول الله
رخِ انور سي تم پردا اڻهاؤ يا رسول الله
کرو ديدار اپني سي ميري آنکهون کو نوراني
جدائي کي اندهيري سي چهڙاؤ يا رسول الله
تمهاري درد فرقت مين بهت مدت سي روتا هون
وصل اپني سي اب مجهکو هساؤ يا رسول الله
گناهون کا ميري سر پر پڙا هي بوجهه بس باري
شفاعت کا مجهي مڙده سناؤ يا رسول الله
ميري کشتي کي تم هو ناخدا بحر دو عالم مين
بس اب چاهو ڊباؤ يا بچاؤ يا رسول الله
هي ”علوي“ سندهه مين پابند دام درد مهجوري
کرم کر کي مدينه مين بلاؤ يا رسول الله

 

هادي ڏنو

حافظ هادي ڏنو ماڙي تعلقي سکر جو ويٺل هو. 1890ع – 1916ع – بلند پايه صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. هڪ مصرع:

”چشما چوري ڪن زوري، نئون لائي نينهڙو.“

 

مولانا عبدالغفور

مولانا عبدالغفور همايوني ولد خليفو مولانا محمد يعقوب همايوني تعلقي شڪارپور ۾ 1261 هه ۾ تولد ٿيو، سندس والد اصل شهر ”جهٽ“ بلوچستان جو رهاڪو هو، پر همايوني جي هڪ زميندار وڏيري غازي خان سومري جي استدعا تي همايون ۾ اچي رهيو هو ۽ اتي ديني تعليم ڏيڻ لڳو. مولانا عبدالغفور گهڻو علم پنهنجي والد کان حاصل ڪيو، پر ان جي وفات 1273 هه کان پوءِ باقي علم مولوي سلطان محمد پنجابي کان حاصل ڪيائين ۽ پوءِ پنهنجي والد جو مدرسو هلائڻ لڳو. مولانا پنهنجي وقت جو جيد عالم هو، سنڌ، هند، بلوچستان وغيره جا ڪيترائي شاگرد وٽائنس فيضياب ٿيا. مولانا هڪ بهترين شاعر هو. سندس تخلص ”مفتون“ هو. سندس سنڌي غزلن ۽ ڪافين جو مجموعو به هو، جو في الحال گم ٿي ويو آهي. مولانا صاحب 1336 هه ۾ وفات ڪئي. مولوي صاحب هڪ اهل الله، صاحبِ دل، ظاهر ۽ باطن جو باعمل عالم هو. سندس ڪمالات ۽ فضائل جو ثبوت سندس تصنيف ”فتويٰ همايوني“ بس آهي. آخر گوشه نشين ٿي ويهي رهيو. مولوي صاحب وقت جي شاعرن ۾ هڪ نامور شاعر به هو. سندس ڪلام ۾ سوز ۽ درد نمايان آهي. مولوي صاحب جو حسب ذيل ”غزل“ مشهور ۽ مقبول عام آهي. ان جي تتبع تي ڪيترن ئي شاعرن ڪوشش ڪئي، پر مولوي صاحب جهڙي ڳالهه پيدا ڪري نه سگهيا، ملاحظه فرمايو:

 

تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو،
تنهنجي شاهه دسترخوان مٿي، مهمان هزارين مان نه رڳو.
 تنهنجي جلوه جمال جو عشوه گري، ڪيا ملڪ مطيع وسيع وري،
ڇا جن، ملائڪ، حور، پري، غلمان هزارين مان نه رڳو.
ڪئين ابرو تيغ شهيد ڪيا، ڪئين ناز مزيد مريد ڪيا،
ري ناڻي ديد خريد ڪيا، سلطان هزارين مان نه رڳو.
اي ماه لقا محبوب مِٺا، تنهنجي ناز ادا تان جان فدا،
ٿيا دامن گير، امير، گدا، حيران هزارين مان نه رڳو.

 

ڪئين گهايل تنهنجي گهور سندا، مخمور سرور سندا،
تنهنجي نور حضور سندا، نگران هزارين مان نه رڳو.[1]

 

آخوند عبدالقادر

تخلص ”بيدل“ شڪارپور ضلع سکر جو هزار ڪوشش بعد به مرحوم جي سوانح ۽ ڪلام دستياب نه ٿي سگهيو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ بذات خود شڪارپور وڃي ڪوشش ورتي، مگر خالي واپس ٿيڻو پيو. سنڌ جي انهيءَ بيقدري ۽ بي علمي تي جيترو ماتم ڪجي، اوترو ٿورو آهي، صرف ايترو به معلوم نه ٿي سگهيو ته مرحوم کي آخوند ڇو سڏيو ويندو هو، جن مرحوم کي ڏٺو هوندو، انهن کي خبر هوندي. ان زماني ۾ ثواب زياده، روحانيت عام، چڱائي جام، نيڪ نيتي گهڻي هئي.

 

غلام علي خان

غلام علي خان ولد محمد آچر، تخلص ”جعفري“ شڪارپور ضلع سکر، انگريزيءَ ۾ مئٽرڪ پاس، پارسي، اردو ۾ به چڱي مهارت رکندڙ هو. ويهه ورهيه مختيارڪار رهيو. هڪ خليق انسان هو. 1882ع – 1951ع ۾ پنهنجي عشقيه ڪلام جو ديوان پنهنجي هٿن سان درياء داخل ڪيائين ۽ چيائين ته جڏهن الله کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجهه فنا آهي ته ڀلي هي ديوان به هاڻي فنا ٿي وڃي. هيٺ آيل ڪلام مان ٻه شعر ملاحظه لاءِ لکجن ٿا:

 

”پرين تو کان ٿي پرزه هڪ ته پيارا ”جعفري“ جي دل،
جدائي کان ٻيو جاني جگر پامال هو منهنجو.“

 

”نه هي ڪو شعر آ ديني، نه ڪا ان ۾ نصيحت آ،
مئس، گهوڙا ڦريس، سڀ ڪو چوي حال بتر پنهنجو.“

 

مولوي غلام رسول

مولوي غلام رسول عرف محمد هاشم ويٺل شڪارپور، وفات 1926ع.

 

محمد قاسم

ڳڙهي ياسينوي، وفات 1349ع ان دور جا سنڌي شاعر هئا.

 

امام بخش

شڪارپوري، تخلص ”خادم“. وفات 1918ع. علوي جو همعصر هو، سنڌيءَ جو سٺو شاعر هو، علم عروض توڙي قديم نوع تي شعر چيو اٿس:

”چند روز زندگيءَ تي ڀروسو خادم نه ڪر،
آه ماڻهو اڄ سڀان، الله بس، باقي هوس.“

 

ڪرم فقير

ذات سومرو، ويٺل شاهه آباد تعلقو ڳڙهي ياسين، وفات 1366 هه. سندس هڪ ڪافي جي مصرع:

”ٽوٽ ٽرڙا ڪري ورڙا، مکي تيل گهمن گهرڙا،
ڀاڙيا ائين نه ڀاءِ.“

 

مولوي بهاؤ الدين

ويٺل نصير ڪوٺي لڳ گهوٽڪي، ذات ڀاوناڻي پتافي وفات 1352 هه وڏو عالم ۽ سنڌيءَ جو سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس فرزندن مان مولوي محمد اعظم ”سراجي“ ۽ عبدالرحمان ”ضيائي“ به سنڌي شاعر آهن.

 

مولانا امروٽي رح

مولانا تاج محمد ولد عبدالقادر امروٽي وڏو عالم ۽ آزادي جي تحريڪ جو حامي به، سنڌيءَ ۾ مولود ۽ قومي نظم چيا آهن.

 

نبن فقير

ذات جيهو، ويٺل جيها تعقلو ڳڙهي ياسين وفات 1919ع. سنڌيءَ جو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪافي جي هڪ مصرع هي آهي:

”ديدن تنهنجن دونهان دکايا، اتي اڏيا سين اوتارا،
سڪندي سڪندي سال لنگهي ويا،
نيڻن مئون وهن نارا.“

 

ميهر شاهه

ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ اورنگ آباد جو ويٺل هو. وفات 1940ع سندس شعر بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. قدرتي نظارن کي چڱيءَ پر چئي سگهندو هو، مثلاً :

”ڀلي ڪري آئين منهنجا بسنت بهار،
ڪيسو ڪيوڙا انب انبوريا، کجين ڪيا ڳلڦار.“

 

علي نواز شاهه

حاجي علي نواز شاهه ولد ڏنل شاهه ڳوٺ الياس تعلقي ڳڙهي ياسين جو ويٺل ۽ ميهر شاهه جو همعصر هو، حرمين شريفين جي زيارت ڪري آيو هو. انهيءَ سفر جو سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ بند هت ڏجي ٿو:

”جيڪر واءُ سهاري، وڃ تون پيش آوين، ڏج تون خبر ساري،
گچيءَ پاند پاوين، پيرين دست لاوين.“

 

بنگل

ذات جو جوڻيجو ۽ بگڙا جوڻيجا تعقلي ڳڙهي ياسين جو ويٺل هو. اٽڪل 15 سال اڳ وفات ڪري ويو. چڱو شاعر هو. سندس ڪلام ڏور، ڪافين، معجزن ۽ مداحن تي مشتمل آهي. سندس هيٺين ڏور جي بيت ۾ حضرت ابراهيم جي آڙاه وارو واقعو آيل آهي:

”جڏهن سارنگ چڙهيو سيج،
تڏهن ڪڪر ئي ڪو نه هو.“

 

شاهه محمد

جوڻيجو بنگل جو همعصر ۽ ساڳئي ڳوٺ جو هو. هن به شعر کان سواءِ ڏور جا بيت چيا آهن. هيٺئين بيت ۾ حضور پاڪ جي نور ڏانهن اشارو آهي:

 

”نڪا هاءِ نه هوءِ هئي، نڪا صورت صفائي،
نڪو هو ماڳ ملڪ تي، نه آدم اصفائي،
اتي تنهن عجيب، لونءَ چڱي لائي،
جڏهن ظاهر ٿيو ذاتي، جاءِ انهيءَ جوڻيجو چئي.“

 

صاحب فقير

صاحبڏنو ولد محمد بخش ”رڪ“ تعقلي گهوٽڪيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. 90 ورهين جي عمر ۾ ڪافي وقت اڳ وفات ڪيائين. سندس وفات مرشد حضرت محسن شاهه جيلاني جي ڳوٺ ”سوئي“ تعلقي اوٻاوڙي ۾ ٿي ۽ اتي ئي مدفون ٿيو. سندس ڪلام مولودن، ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل آهي. محبوب کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

 

”يار سانول تنهنجون ڳڻي ڳڻي ڳالهيون،
پاڻ پنهنجو منجهه پور وڌوسي.“

 

 

بهاؤ الدين

بهاؤ الدين ولد ڦلڻ خان مهر، عزيز پور تعلقي پني عاقل جو ويٺل هو. ڪجهه وقت اڳ وفات ڪيائين. سندس ڪلام معجزن، مداحن، بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. هڪ مداح جو هڪ بند هيٺ ڏجي ٿو.

 

”جيڪي عناصر الله جا سي تو لئه سڪن سردار ٿا،
زيارت لئي لعلڻ تنهنجي هردم سڪن هزار ٿا،
سوالي اوهان کي سرورا، مرسل ڄاڻڻ مدار ٿا،
اوهان ريءَ يا احمدا نه عاصي ڀائن آڌار ٿا.“

 

محمد کٽي

تعلقي پني عاقل جو هڪ سگهڙ شاعر ٿي گذريو آهي. مختلف ڌنڌن ۽ ڪسبن تي ڪيترائي بيت چيا اٿس، سندس هڪ ڊگهي بيت مان ٻه سٽون ڏجن ٿيون، جنهن ۾ بازار جا سودا ڳڻيا اٿس:

 

”نظر ڪري نهاريان، جان پيهي منجهه بازار،
ڳڙ، گيهون، مکڻ، مصري مان پسان جال جوار.“

 

صابر موچي

هڪ بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي. هڪ روايت موجب ڳوٺ ڪاڪي پوٽا تعلقي ڳڙهي ياسين جو ويٺل هو. سندس وڌيڪ حالات معلوم ڪونهن. ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته، هن جلال کٽيءَ سان بيت بازي ڪئي جو تقريباً 12 صديءَ ٿي گذريو. هن قديم شاعريءَ جي قسم ”سينگار“ تي اعليٰ درجي جا بيت چيا آهن:

”مک پسي محبوب جو هي قمر ڪڇي ٿو ڪين،
ڪٽونب ڪيس قريب جا، وڏا تليهر کان تيز،
گت کڻن گنبير ڪرن، چيٽو پسي چيز،
اهڙا محب مهميز، مليا هن ”موچي“ چئي.“

 

حبيب الله

حبيب الله ولد صالح محمد شڪارپوري تخلص ”خادم“ ڪي سال اڳ وفات ڪيائين. آزاديءَ جي تحريڪ جي دور ۾ قومي نظم ۽ غزل چيا اٿس ۽ انگريزن جي ڏاڍي هجو ڪئي اٿس، هڪ هنڌ چوي ٿو:

”اڙي ڀولا! تنهنجون ڀوريون، ٿينديون بازار بيمانيون،
چوندي هر هڪ اسان کي هت، اوهان ئي اڄ رلايو آه.“

 

لطف علي

مولوي لطف علي ”مسڪين“ 1889ع ۾ ڳوٺ بهشتي ڪامل تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو، حاجي خان محمد جو پٽ ذات ڪولاچي بلوچ هو، پارسيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ چڱو شعر چيو اٿس ۽ ماستر هو:

 

”خد و خر خراب ٿيو، ڪمينو ڪيڏو،
ڏنگو ڏاڍو ڏيه جو، حرڪتي هڪڙو،
پر پڙهڻ ۾ تڪڙو، تيلان سونهين سڪول ۾.“

 

آخوند آدم

حاجي آخوند آدم ڳڙهي ياسين جو ويٺل، ڪاتب ۽ سٺو شاعر هو. ڪلام مولودن ۽ مداحن تي مشتمل آهي:

”ڏيل منهنجو ڏڪي، ڏسي ڏوهن،
شاهه ڪيو شاد مون، ضعيف بدن،
مهر مسڪين ٿئي، معاف ڏاتر ڏکن.“

 

مولا بخش

مولا بخش ”مسڪين“ ولد عبدالحميد ڀٽو شڪارپوري 1907ع ۾ ڄائو ۽ 1953ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌي ماستر هو. سنڌي ڪلام کان سواءِ نثر ۾ تصنيفون به آهن، شڪارپور لاءِ چوي ٿو:

شاهي شڪارپور، جو آه ملڪن ۾ مشهور،
موچارا منجهس ماڻهو رهن، موجن ۾ مسرور،
دانهن وڏي دستور، ٿا رکن راضي روح کي.“

 

ڪريم بخش

ڪريم بخش مڱريو، ماستر ويٺل ڳوٺ ماڙي. پڇاڙيءَ واري وقت ۾، اسر جو اُٿي پنهنجي هڪ ڪافي ڳائيندو هو:

 

”اسر جو اٿي ڳايون ٿا،
ماڻهن جي ننڊ ڦٽايون ٿا،
پنهنجو پاڻ پٽايون ٿا.“

 

قادر بخش فقير

قادر بخش فقير ولد محمد ذات ميمڻ ويٺل ماڙي 1881ع ۾ ڄائو ۽ 1952ع ۾ وفات ڪيائين. ٿورو پڙهيل هو، ٿوري مذهبي ڄاڻ رکندڙ هو ۽ مسجد ۾ ٻانگ ڏيندو هو، شعر سادو سلوڻو اٿس:

 

”سرتيون سانگين لئي سڪان ويٺي ساريان،
عمر هي پنهنجي ڏکن ۾ گذاريان.“

 

غلام علي سومرو

سنڌ جو صوفي شاعر، ”بيدل“ جو معتقد 1893ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 1953ع ۾ وفات ڪيائين. ريوينيو ۾ سپروائيزنگ تپيدار هو. سڄي عمر فقيرانه گذاريائين. سندس ڪتاب ”هيرن جو هار“ عرف ”مسدس مسرور“ ڪيتري وقت کان ڪاليجي ڪورس تي آهي.

”اهو ته عجيب ديس ڏٺم، گهمي ته لقا لبيس ڏٺم،
نه ريس اتي سيص ڏٺم، نواب نڪو جناب ڏٺم.“

 

سنت پرمانند

شڪارپور جي يوگ آشرم جو سوامي هو. هنديءَ ۽ ويدانتي ڀڄن چيا اٿس:

”آهي نه ڪو اسرار، ڇا چئي مان ڇا ٻڌايان،
نظر نيڻن جي جاڏي کڻان ٿو، آهي صورت عجيب اپار.“

 

آغا صوفي

آغا غلام نبي ولد آغا گل حسن دراني پٺاڻ 1889ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 1928ع ۾ وفات ڪيائين. انگريزي تعليم سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان حاصل ڪري، خيرپور رياست جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. آغا صوفي درازي درگاهه جو وڏو معتقد هو. شعر کان سواءِ سنڌي نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾ ”سچل سرمست“ مشهور آهي. سندس هڪ غزل جي هيٺين شعر ۾ ڪهڙي نه نازڪ خيالي آهي: 

”تربت جي لاءِ ”آغا“ جي هڪ گل نه بچايئي،
اغيار کي عطا ته، سڄو هار ٿيو آه.“

 

دلاور علي

دلاور علي ”دلاور“ ولد رستم خان روهڙيءَ لڳ هڪ ڳوٺ ۾ 1854ع ۾ ڄائو، پوءِ ڳوٺ مان لڏي وڃي ڳوٺ تجل تعلقي ناري ۾ ويٺو، جتي 1884ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام بيتن، ڪافين ۽ مولودن تي مشتمل آهي:

”ساهه سيد کي منهنجو ساري، شال ڏاتر ڏيهه ڏيکاري،
وڄڙيون چمڪن بادل برسن، تاڙو مند کي تنواري.“

 

سيد خير شاهه

سيد خير شاهه ولد سيد علي شاهه ڳوٺ شاهپور تعلقي روهڙي ۾ 1882ع ۾ ڄائو، پوءِ اتان لڏي وڃي ٽنڊي مستي خان لڳ ڪچي ۾ ويٺو، جتي 1953ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪلام بيتن، مولودن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي:

”ابرو ڪالي، نين خماري، خاوند خلقي نقش ڪٽاري،
وچ ڪجل دي ڪار، ڀلو سيد سرما پايا.“

 

صوفي عبدالرحمان

گهوٽڪي جي پٺاڻن مان هو. جوانيءَ ۾ درازن جي درگاه مان اهڙو رنگ لڳي ويس، جو رچي ريٽو بنجي ويو. خواجه صدر الدين جي خانقاه بکر ۾ ديرو دمائي ويٺو ۽ وڏيون رياضتون ڪيائين. 1919ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ڪناسرن جي ڳوٺ رياست خيرپور ۾ مدفون آهي. مير علي نواز خان ٽالپر سندس معتقد هو ۽ مير صاحب ڀوپال کان فقير ڏانهن خط موڪليندو هو، جن جا جواب فقير صاحب راقم کان لکائيندو هو. سندس ڪلام تصوف جو نچوڙ آهي. نموني طور هڪ غزل ملاحظه فرمايو:

”عرش اتي آشيان اساڏا، ويکو جسم ڪنون پرواز،
آپ هون عاشق، آپ هون معشوق ناگه ٿيڙا ناز،
جهڙي ويلي موج سر آوندي، من خدا آواز،
اپڻا يارو سير ويکڻ آيس، صورت دا ڪر ساز،
”عبدالرحمانا“ رمز رندي دا، مرشد ڏتڙا راز.“

 

همت علي شاهه

همت علي شاهه رضوي روهڙيءَ جي ڪوٽائي سيدن مان هڪ سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. ائين معلوم ٿئي ٿو ته 13 صديءَ جي اوائل ۽ 14 صديءَ جي شروعات ۾ ٿي گذريو آهي. سندس هڪ مناجات ملي آهي:

 

”بهرِ خدا قائم بقا، بهرِ محمد مصطفيٰ،
بهرِ علي المرتضيٰ، توکان مڱان صدق صفا.“

 

مراد علي ڪاظم

شيخ مراد علي ڪاظم هڪ بلند پايه عروضي شاعر ٿي گذريو آهي. روهڙي ۾ 1901ع ۾ ڄائو ۽ 1954ع ۾ انتقال ڪيائين. سندس شعر جذبات ۽ غير معمولي احساسات جو مرقع آهي:

 

”دلچسپي عالم ٿو رکي شعر خدا داد،
خوبيءَ سخن آه نه جاگير ڪنهن جي.“

 

آغا تاج محمد خان

تعليم جو مشهور ماهر ۽ منتظم آغا تاج محمد مرحوم ڳوٺ باهڙجي ۾ 1904ع ۾ ڄائو. سکر جي ميونسپل هاءِ اسڪول، آغا حسن علي خان جسٽس، پيرزاده عبدالستار سابق وزير اعليٰ سنڌ، منشي رحيم بخش ۽ آغا تاج محمد جهڙا شاگرد پيدا ڪيا. آغا تاج محمد تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪئي ۽ خيرپور ۾ تعليم کاتي جو سربراهه هو، جتان يونيورسٽي قائم ٿيڻ تي يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار مقرر ٿيو. 1959ع ۾ وفات ڪيائين. شاهه جو وڏو ڄاڻو ۽ مداح هو. شاهه ڀٽائي رح جي مدح ڏسو ته ڪهڙي نه عقيدت سان پيو ڪري:

 

”ڇو نه سمجهان پاڻ کي، خوش بخت خوش قسمت مدام،
سنڌ ۾ سنڌين تي آهي، شاهه جو احسان تمام.“


[1] نوٽ:  ديوان مفتون ڇپجي چڪو آهي. ”فتويٰ همايوني“ پارسي ٻن جلدن ۾ آهي. طب تي سندس ڪتاب ”فرهنگ همايوني“ سنڌي ۾ ڇپيل آهي. فارسي ديوان ۾ 80 – 90 غزل آهن، سو سيد ابو محمد صالح شاهه خليفي جلال الدين کان وٺي ويو، وري ان جو پتو ڪو نه پيو. رسالو الدر المنشور ۽ ٻيا رسالا به موجود آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org