سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ سکر

باب؛ 4

صفحو ؛ 4

 

باب چوٿون

 

سکر غلام سلاطين جي دور ۾

 

غلام بادشاهن 1206ع کان 1290ع تائين حڪومت ڪئي، سکر سندن ماتحت هو. غزنوين کان غورين حڪومت هٿ ڪئي. غزني، پنجاب ۽ سنڌ سلطان محمد شهاب الدين سمنڊ تائين ملڪ فتح ڪيو. خسرو ملڪ پويون غزنوي تاجدار هو، جنهن کان 1186ع ۾ غوريءَ لاهور فتح ڪري غزنوين جو خاتمو ڪيو. دهلي ۽ اجمير  تي چوهاڻ راجا پرٿوي راج  جي حڪومت هئي، جنهن کان 1191ع ۾ تاتارين جي ٻيءَ جنگ ۾ پرٿوي راج کي شڪست ڏيئي دهلي ۽ اجمير تي قبضو ڪري هندستان ۾ اسلامي حڪومت جي بنياد وجهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.1194ع ۾ قنوج جي راجا جيچند کي شڪست ڏيئي قنوج فتح ڪيائين. 1206ع ۾ شهاب الدين کوکر هٿان مارجي ويو. هن کي اولاد   نرينو ڪو نه هو، تنهنڪري پنهنجي حڪومت پنهنجي غلامن کي ورهائي ڏيئي ويو: (1) تاج الدين ايلدوز کي غزنيءَ (2) ناصر الدين قباچه کي ملتان، اُچ ۽ سنڌ، (3) قطب الدين ايبڪ کي دهلي، قنوج ۽ اجمير سپرد ڪري ويو هو.

 

ناصر الدين قباچه جي حڪومت

”ناصر الدين قباچه شمس الدين التمش ٻئي سلطان قطب الدين ايبڪ جا نياڻا (ڄاٽا) هئا. هو ٻئي ملڪ جي جدا جدا خطِن جي حڪومت تي فائز هئا. قطب الدين جي وفات کان پوءِ التمش، دهليءَ جي تخت تي جلوه افروز ٿيو. سندس دور اقتدار ۾، ناصر الدين قباچه جي حڪومت ملتان کان وٺي ديبل بندر تائين قائم رکي ويئي، جنهن ۾ سيوستان (سيوهڻ) ۽ ڀٽنڊا ڪهرام ۽ سرمستي جا علائقا شامل هئا. سلطان قباچه انهن علائقن تي 22 سال حڪمراني ڪئي. هن پنهنجي دور اقتدار ۾ علم و ادب، شعر و شاعري جي سرپرستي ۽ وڏي خدمت ڪئي. سندس درٻار  گوهر  بار ۾ وڏا عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر موجود هوندا هئا. ملتان شهر تنهن سمي وقت جو هڪ وڏو مذهبي، علمي ۽ ثقافتي مرڪز بڻجي چڪو هو. هتي  سهروردي  ۽ چشتي سلسلي تصوف جي اڪابر صوفياءِ ڪرام۽ مشائخ عظام، شريعت ۽ طريقت جون خوبصورتون قنديلون روشن ڪيون. مقامي عالمن کان علاوه بيروني عالمن، شاعرن پڻ علم و ادب جون مجلسون ۽ محفلون سينگاري سنواري قائم رکيون. عرفان نوازي ۽ علم دوستيءَ کي حڪومت جي لوازم شاهيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. التمش، ناصر الدين قباچه جو مخالف بنجي پيو. سندس ڪوشش هئي ته علم ۽ فن جي معاملي ۾ ملتان جي حيثيت دهليءَ کان ممتاز رهي. سن 621 ۾ چنگيز خانين جي حملي وقت، قباچه وقت جي وڏن بزرگن خواجه قطب الدين بختيار ڪاڪي، حضرت شيخ بهاء الدين ذڪريا ۽ شيخ جلال الدين تبريزي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. کانئن روحاني امداد جي درخواست ڪئي. انهيءَ روحاني امداد جي ڪري، قباچه ٻئي ڏينهن تي فتح حاصل ڪئي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شيخ بهاوءالدين زڪريا دين جي فلاح ۽ بهبود ان ڳالهه ۾ محسوس ڪئي ته سلطان التمش کي قباچه جي معاندانه سازش کان مطلع ڪري. اهڙو خط واٽ تي پڪڙجي پيو ۽ قباچه کي پيش ڪري شيخ کي درٻار ۾ سڏايو ويو. پڇا ڪرڻ تي شيخ در ويشانه شان و عظمت کان بعد قباچه کي جواب ڏنو ته هائو منهنجو آهي ۽ منهنجي تحرير آهي. قباچه سوال ڪيو. جنهن جو جواب شيخ بي نيازي سان ڏنو ته:

”مون اهو خط حق تعاليٰ جي رضا لاءِ لکيو آهي ۽ بلڪل سچ لکيو اٿم. توکي جيڪي دل ۾ اچي سو ڪر پر تون ڪري سگهندين؟ عوام جي شيخ بهاءالدين سان عقيدت جي ڪري ناصرالدين کيس درگذر ڪري ڇڏيو.“ (بزم مملو ڪيه، صباح الدين، اعظم ڳڙهه).

غزنيءَ جي علائقي ۾ شڪست کائڻ کان پوءِ يلدوز لاهور پهتو. جتي هن پنهنجي خود مختياري جو اعلان ڪري اتي پنهنجي متوازي حڪومت قائم ڪري ڇڏي. اها حالت ڏسي ”التمش فوج وٺي لاهور روانو ٿيو. ترائن جي مقام وٽ سنه 1216ع ۾ کيس شڪست ڏنائين ۽ يلدوز کي قيد ڪيائين. سلطان لاهور کان پوءِ دهليءَ روانو ٿيو. دهلي ۾ کيس خبر پئي ته قباچه لاهور پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آهي. سلطان کي ٻيو دفعو لاهور وڃڻو پيو. سلطان جي اچڻ جي خبر ٻڏي، قباچه ڀڄڻ  جي ڪوشش ڪئي. ليڪن سندس گهيرو ڪيو ويو، آخرڪار قباچه کي شڪست نصيب ٿي.

سلطان التمش جي نظر ۾ سنڌ جي فتح به راجپوتانه جي قلعن وانگر اهم هئي، قباچه به دهلي حڪومت جي منصوبن کان واقف هو. هن جنگ لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون. سلطان پاڻ اُچ جي قلعي ڏانهن روانو ٿيو ۽ لاهور جي حاڪم ملڪ نصير الدين کي هدايت ڪيائين ته هو ملتان تي حملو ڪري ڏي. اهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏي هن کي جڏهن معلوم ٿيو ته سلطان جي وڏي فوج ويجهو پهچڻ واري آهي ته هو هرات جي طرف ڀڄي ويو.

 

غلام سلاطين جي دور ۾ سکر جا علماء ڪرام قاضي اسماعيل ثقفي

غازي محمد بن قاسم تختگاه اروڙ فتح ڪري اتي جامع مسجد جوڙائي قاضي اسماعيل جي جدا اعليٰ موسيٰ بن طائي بن يعقوب ثقفيءَ کي شهر مٿان قاضي مقرر ڪيو هو. اروڙ جي ويراني کان پوءِ قاضي صاحب جي معزز خاندان بکر (سکر) ۾ سڪونت اختيار ڪئي. قاضي صاحب جي معزز خاندان بکر (سکر) ۾ سڪونت اختيار ڪئي. قاضي اسماعيل وقت جو  جيد عالم هو. سندس شجرو هي آهي: مولانا قاضي اسماعيل بن علي بن محمد بن موسيٰ بن طائي بن يعقوب بن طائي بن موسيٰ بن محمد بن شهاب الثقفي وٽ فتوحات سنڌ متعلق، سندس وڏن جو لکيل عربي قلمي نسخو ”تاريخ منهاج الدين“ نالي هو. سلطان ناصر الدين قباچه جي درٻار ۾ هڪ عرب شاعر علي بن حامد بن ابي بڪر الڪوفي رهندو هو، جنهن مولانا قاضي اسماعيل کان بيان ڪيل قلمي نسخو هٿ ڪري، اُچ جي درٻار ۾ 613 هه مطابق 1216ع ۾ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪري مٿس ”فتحنامه“ نالو رکيو جو اڄڪلهه ”چچنامه“ جي نالي سان سڏجي ٿو. سنڌي، پارسي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب جا ترجما شايع ٿي چڪا آهن[1]. سنڌ جي پهرين تاريخ آهي،  جنهن مان اسلام کان اڳ سنڌ جي تاريخ تي ٿوري روشني پيل آهي. چچنامه يا فتحنامه جو سطح تي اچڻ جو؛ شهر سکر شريف کي شرف حاصل ٿيو، جو بزرگان دين جي رهائش گاه بنجي چڪو هو ۽ اها اسلام جي برڪت هئي.

 

مخدوم بهاء الدين ذڪر يا ملتاني رحه

شيخ الا سلام مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني رحه سکر جي هڪ زنده روحاني يادگار آهي، شيخ عين الدين بيجاپوري، سندن شجرو هبار بن اسود بن مطلب بن اسد قريشي تائين پهچايو آهي[2]. شيخ عبدا لحق محدث دهلوي کين اسدي لکيو آهي[3] سنڌ ۾ هباري خاندان منصوره جي ڀر واري ڳوٺ بانيه ڳوٺ ۾ رهندا هئا ۽ عربي دور ۾ وڏن عهدن تي ممتاز هئا، هن منصوره تي حڪومت ڪئي هئي، شيخ لاسلام جي خانداني ذخيره ۾ هڪ جهونو ڪتاب ”خلاصته العارفين“ جو هڪ عربي اقتباس نقل ڪيل آهي، جو ملفوظات سيد جلال بخاري رحه کان منقول آهي، تاريخ طاهري ۾ ڄاڻايل آهي ته شيخ بهاءالدين سهروردي جو خاندان منصوره جي تباهي 1025ع کان پوءِ سومرن جي شهر محمد طور لاڙ ۾ رهڻ لڳو ۽ هن شهر جي ويراني کان پوءِ ”سڪور“ (سکر) ۾ رهڻ لڳو[4]. ان کان پوءِ غزنوي حڪومت جي پاڇي ۾ ملتان ۾ سڪونت پذير ٿيو، ٿيو، يا خوارزم کان ٿيندو پوءِ ملتان پهتو هوندو. والله اعلم بالصواب، مخدوم بهاء الدين ذڪريا 578 هه ۾ ملتان ۾ تولد ٿيا ۽ 666 هه ڌاري وفات ڪيائون، سکر شريف کي هي شرف حاصل ٿيو، جو سهرورد يه بزرگن ملتان شريف کان اڳ سکر کي وطن جوڙيو هئائين، اڄ به هڪ سهروردي بزرگ سکر ۾ ابدي ننڊ ۾ آرام فرمائي رهيو آهي.

 

شيخ نوح رحه

بکر جي قلعي ۾ لينسڊائون پل جي سکر واري شاخ جي منهن وٽ ريلوي پٽي جي لڳ سفيد گنبذ جي اندر شيخ نوح رحه جي قبر آهي، جو شيخ الشيوخ شهاب الدين سهروردي رحه جو خليفو هو. مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني، جڏهن شيخ شهاب الدين کان خرقو خلافت حاصل ڪري بغداد کان ملتان ڏانهن تڏهن حضرت شهاب الدين کيس چيو هو ته منهنجو هڪ مريد فرشته (بکر) ۾ رهي ٿو، تنهن سان ملاقات ڪجو. مخدوم بهاوءالدين ملتان پهچڻ کان پوءِ پنهنجي پير ڀائي سان گڏجڻ لاءِ بکر پهتو هو، پر سندس پهچڻ کان ٿورا ڏينهن اڳ مخدوم نوح وفات ڪئي هئي[5].

 

سيد محمد مڪي رحه

بر صغير جي رضوي ساداتن جو ڏاڏو، سيد محمد مڪي رحه جي قبر ڊپٽي ڪمشنر سکر جي بنگلي جي ڏکڻ طرف چوديواري اندر آهي. غلام سلطان ناصر الدين محمود جي ڏينهن ۾ 1260ع مشهد مقدس کان سکر ۾ قيام فرمايو. قبر جي دروازي جي پيشاني تي ڪاشيءَ جي سر تي جيڪو ڪتبو لڳل آهي، تنهن جي عبارت هن طرح آهي:

 

”تعويذ قبر حضرت قطب الاقطاب سلطان العارفين اميرالمومنين سيد محمد مڪي بن سيد شجاع نور الله مفجعه بن سيد ابراهيم بن سيد قاسم بن سيد زين بن سيد حمزه بن سيد هارون بن سيد عقيل بن سيد اسماعيل بن امير المومنين سيدنا جعفر ثاني بن امام علي نقي بن امام محمد تقي بن امام شان علي بن موسيٰ رضا بن موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين بن حضرت امير المومنين امام المشارق المغارب اسد الله الغالب علي بن ابي طالب رضي الله تعاليٰ عنهم.“

هن ڪتبي مان اها خبر پئجي سگهي ٿي ته سيد محمد مڪي، شيخ الشيوخ شهاب الدين سهرورديءَ جو ڏوهٽو هو. ڪتبي جي عبارت جا ڪي اکر ڊٺل آهن. سندن اولاد  سکر روهڙيءَ کان علاوه ٺٽي ۽ نصرپور تائين پکڙجي ويو. چنانچه نصرپور جو مشهور شاعر شاهه عنايت رضوي سندن اولاد مان هو. سيد محمد مڪي سکر جي برڪت واري زمين کي وطن جوڙي هتي خاڪ پاڪ ۾ آرامي آهي. سندن وفات جي سال جي خبر نٿي پوي پر هر سال عرس جي موقعي تي ميلو لڳي ٿو. سکر جي مشهور زيارتگاهن مان آهي. تقسيم هند کان پوءِ سکر جي ميمڻ گرين شاپ جي سيٺ قبر مٿان هڪ سيمنٽ جي باره دري تعمير ڪرائي آهي.

 

شعبان الملت سيد شمس الدين

شعبان الملت سيد شمس الدين بن سيد محمد مڪي، شيخ الاسلام مخدوم بهاء الدين ذڪريا ملتاني رحه کان خلافت جو خرقو حاصل ڪري مرشد جي حڪم موجب ائوڌ جي ضلعي ڪڙه مانڪپور جي شهر جهانسي جي راجا هربونگ سان جهاد ڪرڻ جي ارادي سان اتي پهچي هڪ ٻهيڙي جي وڻ هيٺان منزل ڪئي. سندن ڪرامتن کي ڏسي هندو مرد ۽ زالون اولاد گهرڻ جي ارادي سان آستان بوسي ڪرڻ لڳا. جيڪا زال وڻ مان ٻهيڙو پٽي کائيندي هئي، تنهن کي پٽ ڄمندو هو. اهي خبرون راجا جي ڪنن تائين پهتيون، هن پنهنجي درباري پنڊت کي ماجرا معلوم ڪرڻ لاءِ مڪو ته ڏسي اچي ته نووارد شخص ڪير آهي. پنڊت اچي سيد کان پڇيو ته ”توهين ڪهڙي ارادي سان آيا آهيو ۽ هي ڪهڙو ڍونگ کڙو ڪيو اٿوَ؟“ سيد فرمايو ته، ”جيڪڏهن تون به ٻهيڙو پٽي کائيندين ته توکي به پيٽ ٿيندو.“ هن وڻ مان ٻهيڙو پٽي کاڌو ته واقع حامله ٿي ويو ۽ نون مهينن گذرڻ کان پوءِ هن جو پيٽ چيري ٻار ڪڍيائون ته واقعي پٽ هو. هن واقعي کي ڏسي راجا لشڪر وٺي جنگ ڪرڻ آيو پر اسلامي لشڪر کان شڪست کائي مارجي ويو. مسلمانن کي قلعي مان بيشمار دولت هٿ لڳي. هزارين هندو بيعت ڪري مسلمان ٿيا. سيد موصوف جي قبر به جهونسي ۾ آهي، جنهن مٿان سلطان فيروز شاهه تغلق قبو اڏايو[6].

 

شاه صدر الدين خطيب

شاهه صدرالدين خطيب جي تربت بکر جي قلعي اندر اوڀرندي طرف چوديواري اندر آهي. هن ڪامل ولي الله جي تربت عقيدت مندن لاءِ مشهور زيارت گاه آهي. سندن وعظ جي مٺي آواز ۾ اهڙو تاثير هو، جو گهڻن ئي گمراهن کي صراط المستقيم تي ڇڪي آندائون ان ڪري خطيب جي لقب سان مشهور آهن. مزار جي ٻاهر هڪ گدامڙيءَ جو وڻ آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته حضرت قلندر لعل شهباز رح، ملتان کان سيوهڻ ڏانهن ويندي، ڪجهه وقت هتي قيام فرمائي اهو وڻ هنيو هو. در گاه لڳ هڪ باؤلي (کوه) به آهي؛ جو گهڻو عرصو پوريل هو پوءِ قيام پاڪستان بعد هڪ درويش اهو هنڌ معلوم ڪري کوه ڳولي لڌو. سکر جي هڪ پنجابي مهاجر حلوائي درگاه اندر لوهه جي ڄاريءَ جو ڪٽهڙو هڻائي گلن ۽ ٻوٽين جو انتظام ڪيو آهي. راقم به هن بار گاه جو عقيدتمند آهي.

 

سيد بدرالدين

سيد بدر الدين بن سيد محمد مڪي رح به بکر ۾ رهندو هو. سيد جلال الدين سرخ بخاري رح بخاري ساداتن جو مورث اعليٰ بخارا کان ملتان پهچي شيخ الاسلام مخدوم بهاء الدين ملتاني رح کان خرقو خلافت حاصل ڪري  بکر ۾ اچي رضوي ساداتن جي ويڙهي ۾ قيام فرمايو پر بکر جي رضوي سيدن کين سيد مڃڻ کان انڪار ڪيو، حلانڪ سيد سرخ بخاري مادر زاد ولي الله هو. هڪ رات سيد بدر الدين کي حضرت رسول اڪرم عليه الصلوات والسلم ارشاد فرمايو ته پنهنجيءَ نياڻيءَ جو نڪاح سيد سرخ بخاريءَ سان ڪيو، جو هو منهنجي نسل مان آهي. صبح ٿيڻ سان سيد بدر الدين پنهنجيءَ نياڻي جي شادي سيد سرخ بخاري سان ڪرائي، جنهن جي بطن مان سيد بخاريءَ کي ٽي فرزند ٿيا: (1) سيد احمد ڪبير، (2) سيد بهاء الدين، (3) سيد محمد- سيد جلال الدين مهانيان جهان گشت سيد احمد ڪبير جو فرزند هو. سنڌ جا سومرا جيڪي اڳ اسماعيلي هئا ۽ سما سيد جلال الدين جهانيان جا مريد ٿيا. سيدجلال الدين سرخ بخاري ڪجهه وقت بکر ۾ رهڻ کان پوءِ اچ ۾ قيام فرمايو ۽ سندن مزار به اتي آهي[7].

 

مولانا ڪمال الدين

سکر جي قاضين جو چشم ۽ چراغ جيد عالم ٿي گذريو آهي، سندس بزرگيءَ جي تعريف موءرخ علي بن حامد ڪوفيءَ هن طرح ڪئي آهي:

 

”درفصاحت کان فضل است و د ر ملاحت جانِ عقل است و در فنون- فارسي بي نظير و و در بلاغت بي عدل شده بو ده“[8]

 

سيد حامد بخاري

بکر بخاري سيدن جو اوائلي وطن هو- سيد حامد به سيد بخاري جي اولاد مان هو، جنهن سيد قطب الدين مدني رح، شيخ عبدالقادر جيلاني غوث الاعظم رح جي ڀاڻيجي جا ملفوظات قلمبند ڪيا. سيد قطب الدين مدني مدينه منوره کان جهاد جي ارادي سان سلطان قطب الدين ايبڪ جي ڏينهن ۾ پنجاب مان لنگهندي هندوستان پهتو هو. سلطان موصوف سندس مريد ٿيو هو. سيد احمد بريلوي جنهن سيد اسماعيل شهيد سان گڏجي سکن خلاف صوبه سرحد ۾ جهاد جو جهنڊو بلند ڪيو هو، سيد قطب الدين مدني جي اولاد مان هو[9].

 

سيد سومار شاهه بخاري رح

بکر جي بخاري سيدن مان هو. سندن تربت سکر مشن زناني اسپتال جي سامهون ٽڪريءَ تي آهي. افسوس! گهڻي ڳولا ڪندي به حالات حاصل ٿي نه سگهيا. فقير جو مجاوري ڪري ٿو، تنهن چيو ته غازي محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ آيو، اهو بيان غلط آهي. بخاري سادات جو مورث اعليٰ غلام سلاطين جي ڏينهن ۾ آيا. بهر حال سکر جو جهونو بزرگ آهي.

 

سيد نور شاه ۽ مراد شاه بخاري

ٻنهين بزرگن جون قبرون پاور هائوس جي ڀر واريءَ ٽڪري تي آهن. حالات معلوم نه ٿي سگهيا.

 

سيد حاجي شاه بخاري

هن بزرگ جي تربت سکر ڊسٽر ڪٽ جيل جي اوڀرندي ۾ آهي. حالات معلوم نه ٿي سگهيا. ڪي قبرون منگل باغ ۾ آهن پر نالن جي خبر پئجي نه ٿي سگهي. اهي اوائلي بخاري ساداتن جون آهن.

 

سيد بقا شاه ۽ لقا شاه بخاري

ٻنهين بخاري ڀائرن سيدن جون قبرون سکر واٽر ورڪس واري انجڻ جي اتر اولهندي واريءَ ٽڪريءَ تي ابدي ننڊ ۾ آهن. سکر جا جهونا بزرگ آهن. حالات معلوم نه ٿي سگهيا. انهيءَ ٽڪريءَ تي سيشن جج جي ڪورٽ آهي.

 

سيد امير شاه بخاري

سکر ۾ جنهن هنڌ تي ٿرمل پاور تعمير ٿي رهي آهي، اتي اڳ گهڻيون جهونيون قبرون هيون ۽ ڪي چبوترن مٿان  جڙيل هيون پر پوءِ زماني جي دست برد ڪري ڊهنديون ويون. فقط امير شاه بخاريءَ جي هينئر قبر موجود آهي.

 

شاه ڪمال الدين بخاري

سکر اسٽيشن جي سامهون اوڀرندي واري ٽڪريءَ تي سفيد گنبذ ۾ محو خواب آهن. اڳ هڪ خسته حال قبر موجود هئي. ٽڪريءَ هيٺان پاڻي نڪرڻ ڪري هن کي لاکو پير سڏڻ لڳا. ٽڪريءَ جي ڀر ۾ گڏاڻي ٻروچن  جون جهوپڙيون آهن، هندن جي لڏپلاڻ ڪري ڪن گڏاڻي ٻروچن کي هندن جي لوهه جا ڪارخانه هٿ لڳي ويا ۽ مالدار بنجي ويا. ڪجهه پنهنجي هڙان ڪجهه چندو ڪري قبو تيار ڪرايائون. هن بزرگ جا حالات به معلوم ٿي نه سگهيا پر ايترو تسليم ڪرڻو پوندو ته هي بزرگ اوائلي دور جو آهي. افسوس! جن ٽڪرين تي اڄ بنگلا آهن اتي اڳ قبرون هيون.

 

سيد محمد ثاني

سيد محمد ثاني بکري سيد محمد مڪي جي اولاد مان سير جي سانگي
جو نپور پهتو ۽ اتي شيخ منجي شطاريءَ جي دختر سان شادي ڪيائين. سندن مزار جونپور جي ڳوٺ ڪمال پور ۾ آهي.


[1] علامه عمر بن محمد دائود پوٽو شمس العلماء: چچنامه ص 234، 235 مطبع لطيفي، دهلي 1939ع. آهي 

[2] عين الدين بيجاپوري جو حوالو سيد سليمان ندوي جي ڪتاب ”عرب وهند کي تعلقات ۾ ڏنل آهي.

[3] عبدالحق محدث دهلوي: اخبار الاخيارص 26 مطبع هاشمي ميرٺ 

[4] ايڇ- ايلٽ: تاريخ هندوستان ج 1ص 256. روانو ٿيو.

[5] الوحيد اسپيشل نمبر جون 1936ع بيان مخدوم نوح رحه ڪراچي.

[6] سيد ابو الحسن: آئينه ائوڌ بيان سيد شمس الدين، ڪانپور 1305 هه. نوٽ- سنڌ جو گورنر جنرل مسٽر غلام محمد مرحوم به شاه صدرالدين جي زيارت ڪرڻ آيو هو.

[7] سيد صباح الدين عبدالرحمان: بزم- صوفيه 395 معارف اعظم ڳڙه. 

[8] ايضاً: بزم- مملوڪيه ص 57 – 58  اعظم ڳڙه.

[9] سيد عبدالحي ندوي: ياد-ايام (تاريخ گجرات) ديباچو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ